مهاڳ: وڃائجي ويل رنگن کي ڳوليندڙ شاعر
واقعي ڪنهن شاعر تي به شاعري ڪرڻ جي موسم ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو مهينن جا مهينا نه لکي سگهندو آهي ۽ ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه نظم لکندو آهي ۽ واقعي به سندس مٿان نظمن جو مينهن وسندو آهي. اسان جي دوست علي محمد“درد” سولنگي جي مٿان به نثري نظمن جي موسم لٿي آهي. نثري نظم لکي رهيو آهي. ائين ته سندس تازو آيل ڪتاب “ڪاش” ۾ٿورن نثري نظمن کان سواءِ سموري پابند شاعري آهي، پر سندس هن ڪتاب “وڃائجي ويل رنگن جو احساس” ۾ صرف نثري نظم آهن. نثري نظمن جي صنف نوجوان شاعرن جي پسنديده صنف ٿيندي پئي وڃي. هي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ لکي وئي ۽ آهستي آهستي هن نثري نظم جي صنف پنهنجن رَنگَن ۽ رُوپَن سان سنڌي شاعري کي نکاري ڇڏيو. ان صنف ۾ لکڻ جي ڪا به پابندي نه آهي. سوئي ڌاڳي کان وٺي ايٽم بم جي مامرن تائين لکي سگهون ٿا. موضوعن جي وسعت ڪري هي شاعريءَ جي صنف ڏينهون ڏينهن مقبول ٿيندي پئي وڃي اها بلڪل حقيقت آهي ته شاعري به آرٽ آهي، ان آرٽ جي ڪري شاعري وڌيڪ حسين محسوس ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ شاعريءَ جي حُسن کي محسوس ڪندي انهن لفظن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولي ٿو. نثري نظم وزن ۽ بحر جي قيد تان آزاد آهي. نثري نظم فرانس ۾ لکيو ويو، بودليئر کي نثري نظم جو پهريون شاعر مڃيو وڃي ٿو. نثري نظم جي ابتدا فرانس ۾ ارڙهين صدي ۾ ٿي. بودليئر عورت جي جسم، جنس ۽ عريانيت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو ۽ هن جي ڪيترن نظمن ۾ اهي شيون ڏسي سگهجن ٿيون. سندس پهريون شعري مجموعو Flowers of Evil 1857ع ۾ شايع ٿيو. بودليئر کان پوءِ رانبو، جنهن جي شاعري ۾ ڪيترائي عڪس هئا. ملارمي جنهن جو تعلق به فرانس سان هيو جنهن پنهنجي شاعري علامتي انداز ۾ لِکي اُن کان پوءِ ڪيترائي يورپ جا وڏا ننڍا شاعر جن ۾ اندرا پائونڊ، سينٽ جان پرس، پبلو نرودا ۽ ٻين ڪيترن ئي نثري نظم لکيا ۽ دنيا کي هن صنف ڏانهن راغب ڪيو. اڃان به اڳتي وڃجي ته رابندر ناٿ ٽيگور جو ڪتاب گيتانجلي به نثري نظم ۾ آهي. هتي پاڪستان ۾ احمد هميش کي نثري نظم جو باني شاعر چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ مبارڪ احمد به اهڙي دعوي ڪري ٿو. سنڌي ۾نثري نظم باقاعده 1970ع جي ڏهاڪي ۾لکيو ويو. هتي سنڌ ۾ ڊاڪٽرنعيم در شياڻي جو نثري نظم جو ڪتاب به ستر جي ڏهاڪي ۾ آيو. ان دور ۾ نثري نظم جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ هندوستان جا سنڌي شاعرَ ته هتان جي شاعرن کان پهريان شروعات ڪري چڪا هئا. ان کي هندوستان جي سنڌي شاعرن پاران نئين ڪويتا جي نالي سان سڏيو ويو. اهڙي ريت هتي به ڪجهه سال پهريان بحث ٿي چڪو آهي پر مان هن کي نثري نظم ئي چوان ٿو. ڪيترائي شاعر نئين ڪويتا جي نالي سان لکن ٿا.
نثري نظم ائين نه آهي ته سِٽُن کي گهٽ وَڌِ ڪجي ته نثري نظم ٿي وڃي، ان لاءِ به ڪجهه گهرجون آهن، نثري نظم لاءِ هڪ خاص ڪيفيت سان گڏُ خيال جو هجڻ به ضروري آهي، جيستائين خيال نه هوندو رڳو لفاظي هوندي ته اهو نثري نظم اثرائتو نه ٿيندو جو پڙهندڙ کي پنهنجي ڪيفيت سان متاثر ڪري سگهي. اسان جي دوست علي محمد “درد سولنگيءَ” جي نظمن ۾ اها ڪيفيت ۽ انداز موجود آهي جو هر پڙهندڙ کي پنهنجي نظمن جو Thought پهچائي ٿو. اچو ته سندس نظمن کي ان ڪسوٽي تي پرکيون.
تون پنهنجي مٿان
نڇاور ٿيل
گُلن کي لتاڙيندي
اڳتي وڌندي ٿي وڃين
۽ آئون
تنهنجي پيرن هيٺان چِيڀاٽيلَ
گُلن، پتِينُ
۽ پوءِ
پنهنجي دل ڏانهن ڏِسان ٿو
۽ سوچيان ٿو
ڇا..!
نڇاور ٿيڻ وارن جو
اهو ئي مقدرُ آهي.
(نظم: مقدر)
هن نظم ۾ درد پنهنجو پيغام پڙهندڙ تائين چڱي ريت پهچائي سگهيو آهي. جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مٿان نڇاور ٿيندا آهن، پنهنجو پاڻ گهوري ڇڏيندا آهن. انهن جو مقدر به ڪنهن تي نڇاور ٿيل گلن جي پتين جيان هوندو آهي، جيڪي رستي تي چيڀاٽجي ماڻهن جي پيرن جي لتاڙ هيٺان اچي ويندا آهن.
هن نظم جو مرڪزي خيال پڙهندڙ تائين چڱي ريت پهچائڻ ۾ شاعري ڪامياب ويو آهي. نثري نظم ۾ خيال کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. اهو شاعر تي به منحصر آهي ته هو ڪهڙي طرح پڙهندڙ کي خيال جي گهرائيءَ سان متاثر ڪري ٿو. جيڪڏهن شاعر جو خيالُ پُختو نه هوندو ته هڪ پڙهندڙ تائين پنهنجو پيغام پهچائي نه سگهندو. علي محمد درد جو هڪ اهڙو ئي خيال سان ڀرپور/ نظم هيٺ ڏجي ٿو.
فرش تي وِکريل
گلن جي
پتين کي ڏسي
آئون
اُن ٽاريءَ کي
ڳولڻ جي ڪريان ٿو
جنهن تي هي
گُل ٽِڙيا هئا
جيئن
تعزيت ڪري سگهان.
(نظم : تعزيت)
نثري نظم جو اهم جُز آهنگ هوندو آهي، جيڪو نظم کي لکڻ وقت لفظن کي ترتيب ۾ آڻيندو آهي. اها لفظن جي جَڙاوَتَ ئي نثري نظم کي مڪمل ڪندي آهي، مٿين نظم جو آهنگ ڪجهه اهڙو آهي جو نظم جا اهي لفظ هڪ ٻئي ۾ جڙي بيٺا آهن ۽ پنهنجي ترتيب ۾ وڌيڪ موزون لڳن ٿا. هن نظم ۾ ڪٿي به ڪو سجايل لفظ نه ٿو لڳي. اهڙي نموني سان علي محمد “درد” سولنگي جا ڪيترائي نثري نظم اهڙي ترتيب سان لکيا ويا آهن جو هو نثري نظم جون گهرجون پوريون ڪن ٿا. ڪيترن سالن تائين نثري نظم پنهنجي مخالفت جي زَد ۾ رهيو. ڪيترن ئي وڏن شاعرن نثري نظم جي مخالفت ۾ لکيو پر پوءِ به اهي نثري نظم جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آڻي نه سگهيا. هاڻي شاعرن جي اڪثريت نثري نظم لکي رهي آهي. اهو ئي هن صنف جي قبوليت جو جواز آهي. نثري نظم ۾ به شاعريءَ جي ٻين صنفن جيان علامتن ۽ استعارن کي ڪتب ته آڻي سگهجي ٿو پَر، ايتري مقدار ۾ به نه ان جو خيال ئي انهن استعارن ۽ علامتن ۾ گُم ٿي وڃي وري به هتي اهو ئي چوڻو پوندو ته خيال ئي نثري نظم جو اهم جُز آهي.
آهنگ، ڪيفيت انداز ۽ ڪلائمڪس اچي وڃن ٿا. هيٺ سندس هڪ مختصر نظم جنهن جو ڪلائمڪس تي ماڻهو ڪجهه دير لاءِ سوچي سگهي ٿو:
مون لئه
سُکَ به
پوپٽن جيان رهيا آهن
جيڪي گهڙي پل لاءِ
هٿن ۾اچي
پنهنجا رنگ ڇڏي
الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندا آهن
۽ اهي رنگ به
ڪجهه لمحن کان پوءِ
يادون بڻجي ويندا آهن
پوءِ
اُڏامي ويل پوپٽن
۽ وڃائجي ويل رنگن جو احساس
ڏاڍو ڏنگيندو آهي.
(نظم: وڃائجي ويل رنگن جو احساس)
علي محمد “درد” سولنگي جا گهڻا نثري نظم داخلي ڪيفيتن جا نثري نظم آهن، هُن پنهنجي نثري نظم جي ڪينواس تي پنهنجن احساسن جون محروميون، وڇوڙا، انتظار جي ڪيفيت لڙڪن ۽ ٽهڪن جا گڏيل رنگ ڏنا آهن اهو چئي سگهجي ٿو ته، هي داخلي ڪيفيت جو شاعر آهي پر خارجي ڪيفيت جو رجحان به ضروري آهي ڇو ته دنيا ڏکن سان ٽمٽار آهي ۽ انهن ڏکن ڏانهن ڏسڻ به شاعر جو ڪم آهي. پنهنجي ڏکن کي ڏسڻ کان سواءِ ٻين جي ڏکن کي ليئو پائي ڏسجي. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم تجرباتي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اهو هڪ نئين فنامنا (Phenomena) مان گذري رهيو آهي. هن تجرباتي دور ۾ ڊگهن نظمن کان سواءِ مختصر نثري نظم به لکجن پيا. هڪ اهڙو مختصر نثري نظم پيش ڪجي ٿو:
مون جڏهن به
تو ۾
ڪا
اميد رکي آهي
ته
تنهنجو رويو
گائني ڪوسڊ جيان
ٿي وڃي ٿو
۽ ائين
منهنجنِ سارين اميدن جو
ايبارشن
ٿيو وڃي.
(نظم: ايبارشن)
هي نظم آهي ته مختصر پر پنهنجي اندر مڪمل آهي. شاعر جيڪا پنهنجي وارتا بيان ڪرڻ چاهي ٿو انهيءَ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو آهي. توڙي جي هي نظم چند سٽن تي مشتمل آهي پر پنهنجي خود وضاحت (Self-Explainatory) آهي. اسان جي دوست علي محمد “درد” سولنگي کي نثري نظم لکڻ جو ڏانءُ آهي. هو نثري نظم جي فارميٽ کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو پر جيئن هو پنهنجو مطالعو وڌائيندو ويندو تيئن سندس نثري نظمن ۾ نکار ايندو ويندو. هونئن ته علي محمد “درد” سولنگي شاعريءَ جي سڀني مروج صنفن تي لکيو آهي، پر هن ڪهاڻيون به لکيون آهن، اهو چئي سگهجي ٿو ته هو اهڙو تخليقڪار آهي جيڪو پنهنجي تخيلقي صلاحيتن کي هر فارم ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پارس حميد
حيدرآباد