خوبصورت احساسن جو شاعر
شاعريءَ جي دنيا ۾ هينئر ڪيترائي نالا آهن جن پنهنجي فڪر ۽ سوچ کي شاعريءَ ذريعي عوام آڏو پيش ڪيو آهي. علي محمد “درد” سولنگي به انهن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي قلم جي سگهه سان پنهنجي خوبصورت سوچ کي قلمبند ڪري مختلف قسمن جا خيال جنهن ۾ زندگيءَ جا عام تجربا شامل آهن، جن کي شاعر تمام اهم سمجهندو آهي ۽ انهن جي اندر زندگيءَ جو فلسفو ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪٿي هو عشق جي لڳل چوٽ کان تڙپي ٿو پوي ۽ چوي ٿو:
آئون اهو ديوداسُ آهيان
جنهن کان جڏهن
پاروتي
پري ڪئي وئي
تڏهن
چاههُ ڏيڻ لاءِ
ڪا به
چندر مُکي نهَ مِلي.
(نظم: ديو داس)
سندس تخلص “درد” مان اهو واضح آهي ته علي محمد جي زندگي ۾ “درد” جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن ڪري هن زندگيءَ جي ايترن احساسن مان “درد” کي چونڊي پنهنجي نالي سان سلهاڙي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو درد جي نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو. سندس گهڻي شاعري به درد جي ڪا ڪهاڻي ٿي لڳي. منهنجو پنهنجو خيال اهو آهي ته درد ۽ عشق اهي ٻه اهڙا اهم جز آهن جن کانسواءِ شاعريءَ ۾ چس نه ٿو اچي سگهي. شاعر ته دردن جو سودو ڪندو آهي، جهولي پکيڙي ويهندو آهي ته ڪو سندس جهوليءَ ۾ “درد” جي خيرات وجهي ته جيئن هو ان درد جي مالها ٺاهي پائي، پنهنجن دردن ۾ ٻين جا عڪس ۽ اولڙا واضح ڪندو رهي،سندس هي نظم درد جي انتها کي چٽي ٿو:
منهنجو مَنُ
مڪليءَ جيان آهي
جنهن ۾ رڳو
ارمانن جاآثار
خوابن جا کنڊر
ٽهڪن جا ٽٽل رستا
۽
يادن جون
قبرون آهن.
(نظم: منهنجو مَنُ مَڪلي)
ائين به ناهي ته هن جي احساسن ۾ خوشين ۽ خوشبوئن جي رنگا رنگي ناهي. هو محبوب جي مرڪ ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ کيس سندس لَبنِ تي مرڪ ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪنهن گل تي ڪنهن پوپٽ جو ويهڻ.
جيئن چوي ٿو:
تنهنجي
لبڙن جي
گلابن تان
جڏهن
مُرڪن جا پوپٽَ
اُڏرندا آهن
تڏهن
سارو ماحول
مهڪي پوندو آهي
۽ روحُ
رقص ڪرڻ
لڳندو آهي.
(نظم: مُرڪن جا پوپٽ)
هڪ نهايت ئي خوبصورت احساس سان هو تعزيت جي رسم کي نڀائڻ ٿو چاهي.
فرش تي وِکريل
گلن جي
پتين کي ڏسي
آئون
اُن ٽاريءَ کي
ڳولڻ جي ڪريان ٿو
جنهن تي هي
گُل ٽِڙيا هئا
جيئن اُن سان
تعزيت ڪري سگهان. (نظم: تعزيت)
هڪ سچي شاعر جي نشاني اها آهي ته هو پنهنجي اردگرد جي ماڻهن جي خوشين ۽ غمن کي پنهنجي اندر محسوس ڪري ۽ پوءِ ان احساس کي پنهنجو احساس بڻائي پيش ڪري. علي محمد “درد” جو نظم “خون بها ۾ ڏنل” هڪ خوبصورت احساس آهي، ان عورت جو جيڪا خون بها ۾ ڏني ٿي وڃي ۽ پوءِ هوءَ غم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي ٿي رهي. هو عام خيالن کي خاص بڻائي ٿو۽ انهن کي پنهنجي لفظن جو ويسُ پهرائي خوبصورتيءَ سان ٻين آڏو رکي ٿو، جيئن هڪ جاءِ تي چوي ٿو:
مون لئه
سُکَ به
پوپٽن جيان رهيا آهن
جيڪي گهڙي پل لاءِ
هٿن ۾اچي
پنهنجا رنگ ڇڏي
الائي ڪيڏانهن
اڏامي ويندا آهن
۽ اهي رنگ به
ڪجهه لمحن کان پوءِ
يادون بڻجي ويندا آهن
پوءِ
اُڏامي ويل پوپٽن
۽ وڃائجي ويل رنگن جو احساس
ڏاڍو ڏنگيندو آهي.
(نظم: وڃائجي ويل رنگن جو احساس)
هن خيال جي خوبصورتي ته اها آهي ته زندگيءَ ۾ گهڻو ڪري هر انسان پوپٽ کي جهلڻ ۽ ان جي رنگن جو هٿن تي چهٽڻ وارو تجربو ڪري ٿو ۽ شاعر هتي سکن کي پوپٽن سان ڀيٽي زندگيءَ جي سچائيءَ کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو. اميد ٿي ڪجي ته هي ڪتاب ادب جي دنيا ۾ خوبصورت اضافو ثابت ٿيندو.
زاهده ابڙو
حيدرآباد