سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

ڌرتيءَ جي ڄمار

ڪُڄاڻن (ڪِني ڄاڻ رکندڙ، ڄاڻ کي ڪِني مقصد لاءِ ڪم آڻيندڙ) يا ٺَڳ “عالمن” پنهنجن خود غرض وهمي ڀرمن جي بنياد تي، اهو پئي ٻڌايو آهي ته سنسار، پنهنجي سڀ ڪجھه سميت، پنجن ڇهن ڏينهن ۾، ڪي ست-اٺ هزار ورهه اڳ ٺاهيو ويو ۽ ان کي ٺاهيندڙَ سندن ٻڌايل ديويُون ديوتا هئا يا ديوتائن جو ديوتا هو. (“ديوتا” ماڻهوءَ جھڙو پر وڏي سگھه رکندڙ خيالي وهم ئي آهي.) انهن جهالت ڀرين، ڄَٽاڻين، ڪُوڙين ۽ وهمِي ڳالهين کي غلط ثابت ڪندڙ رڳو اها هڪ شاهدي ئي ڪافي آهي ته ماڻهوءَ جي وجود جي ثابتي ڏهنِ کان ٽيهنِ لکن سالن تائين پراڻِي آهي. ٻيا “ساهوارا” ماڻهوءَ کان به لکين ۽ ڪروڙين ورهه اڳ موجود هئا. ڌرتيءَ جي ڄمار لڳ ڀڳ 4-ارب، 60-ڪروڙ ورهه ٿيندي. ۽ ان کان به اربين ورهه اڳ سج جو چُنڌاڙ موجود هو... (ان کان به اڳي اها ڪهڪشان/ کيرپٽو/گَس وجود ۾ اچي چڪو جنهن جو، اسان وارو سج-سرشتو ته هڪ معمولي ذرو آهي. اهو گس اڃا به هڪ وڏي گس جو حصو آهي... ۽ اهڙا ڪروڙين مهاگسَ ته جديد پرويکن وسيلي ڏسجي چڪا آهن. ايئن ٿو ڀانئجي ته اسان جو سنسار سدائين، موجود رهيو آهي.)
پر اسين ڌرتيءَ جي ڄمار جو ڪاٿو ڪيئن ڪري سگھيا آهيون؟
ڪي ماڻهو جانور جا ڏند ڳڻي ان جي ڄمار ٻڌائي سگھندا آهن. ٻار جا ڏند ڳڻي ان جي ڄمار ٻڌائي سگھجي ٿي ــــــــــ کيرولي ڏند عام طرح ڇهين مهيني کان ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ عام طرح ڇهين سال ڇڻي پوندا. چووِيهنِ ورهن جي ڄمار واري نوجوان جا ڏند گھڻو ڪري 28 ملندا.
هڏي ۾ ڪئلشم نالي هڪ عنصر هوندو آهي. ڪنهن به جانور جي ڪا به هڏِي ڪيتري پراڻي آهي، (سا ڳالهه) ڪئلشم جي اڀياس وسيلي ٻڌائي سگھبي... ۽ اهڙيءَ طرح مختلف شين جي اڀياس لاءِ ڌار ڌار طريقا هوندا آهن. هر شيءِ جي حقيقت تائين پهچ جو ڪو نه ڪو طريقو ٿئي ٿو. ڪو به عقلمند ماڻهو نَهَن/چَنبن سان کوهه نه کوٽيندو، ڪوڏر سان لَپا هڻي اونهو وڃڻو پوندو. اهڙيءَ طرح، ڄَٽاڻن ڌُڪن ۽ وهمن تي ڀاڙڻ بدران ڌرتيءَ جي ڄمار لاءِ به ڪو نه ڪو صحيح طريقو ڳولڻو پوندو. پر ڌرتيءَ جي ڄمار ڪَٿڻ جو ڪو به ڀروسي جوڳو ماڻ/ماپو/ڪاڇو ويجھڙ ماضيءَ تائين ميَسر ڪو نه هو. ڌرتيءَ جي اڀياس ڪندڙ (ڀُوڀياسڪ/ ڌَرڀياسڪ/ڀُوڄاڻڪ/ڌَرڄاڻڪ) سرواڻ سُڄاڻُن ڪي ڏيڍ سَو ورهه کن اڳ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پٿر/ڇِپ/ٽڪريءَ جي ٺهڻ جي تپاس جو ڪم پاڻ تي کنيو. انهن ڏٺو ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري واريون اهي ٽَڪريون هڪ ٻي مٿان تَهن جيان سَٿيَل هيون، ۽ هنن اهو به ڏٺو ته هر تهه/سطح تي مختلف قسمن جي جيئاڪ/جيئرن وجودن (جانورن، وڻن، ٻُوٽن وغيره) جا پاهڻيَل (پٿر ٿي ويَل)جسم موجود هئا. مثال طور، هنن اڄوڪن ڪيترن ئي اوچن جبلن جي ٺوس ڇِپن ۾ اهڙن جانورن جا پاهڻ/پنڊ پاهڻ (فاسلز، fossils) ڳولي ڪڍيا جيڪي حقيقت ۾ سمنڊ جا رهاڪو هئا ۽ کين اڄوڪن برف سان ڍڪيل قطبي علائقن ۾ دفن ٿيل انهن جانورن جا هڏا/جَسا مليا جيڪي ڪوسن علائقن (تاپيَر/تائپتي/”ڪوسي ڪمربند” جي هيٺاهن ميدانن) جا رهاڪو هوندا آهن.
ڌرتيءَ جو مٿاڇرو اڄ به هوري هوري بدلبو رهي ٿو. نديون خشڪ ٿين، ويڪريون ٿين يا وهڪرا بدلائن ٿيون، جبلن جا ڳپل ڇِپن ۽ پٿرن جي صورت ۾ ڇڄِي هيٺ ڪِرن ۽ نوان ٽَڪر ٺاهن ٿا. باٺوها (آتش فِشان، باهه اوڳاڇيندڙ جبل) هِڪڙا جبل رجائي ٻيا ٺاهن يا اڳلن کي نئون روپ ڏين ٿا، تنهنڪري ڪي اڳوڻا ٻيٽ ٻڏي ٿا وڃن ته ڪي نوان ظاهر ٿين ٿا ۽ اهڙو ٻيو گھڻو ڪجھه ٿيندو رهي ٿو. اڳ به ايئن لاڳيتي ۽ هوري هوري ۽ ڪڏهن ته تيز تيز تبديلي (جيئن زلزلو تبديلي آڻي ٿو) ٿيندي رهي هوندي. هيءُ جو سمنڊن کان سوين ميل پري، اوچن جبلن جي تهن ۾، سامونڊي جانور پُوريا پيا آهن ۽ ڪوسن علائقن جي ٻيلن جا وڻ ۽ جانور اڄوڪن ٿڌن علائقن ۽ برفاني اونهاين ۾ لڪل آهن، سو ڇو؟ اڄ کان رڳو 50-هزار ورهه اڳ سنڌي سمنڊ ملتان تائين پکڙيل هو ۽ اڄوڪيءَ سنڌ جو سڄو ميداني علائقو پاڻيءَ هيٺ هو. سمنڊن جي تري کان جبلن جي چوٽ تائين، ۽ تاپيَر (ڪوسي ڪمر-بند وارن) ٻيلن کان قطبن جي رُڃ تائين اها تبديلي لکين ورهن ۾ ٿي هوندي.
ويهِين صديءَ جي ابتدا تائين مس وڃي اهو طريقو/وسيلو ٺهيو جيڪو ٻڌائي سگھي ته ڌرتيءَ جي ڄمار ڪيتري آهي. ان طريقي/وسيلي جو نالو آهي تِرورائي ڦڙتي (ريڊيو-ايڪٽِوِٽِي، radio-activity) ۽ جڏهن اهو لڀِي پيو تڏهن ڌرتيءَ جي ڄمارَ جو ليکو هزارَ ته ڇڏ، لکن ۾ به نه، ڪروڙن کان به ٽپي، اربن ورهن ۾ وڃي بيٺو. (“ترورائي ڦڙتي” بدران “ڪِرڻا ڦڙتائپ” اصطلاح به ڪم آڻي سگھجي ٿو.)
هِڪڙا ماڻهو، جن کي مجوسي سڏجي ٿو، پاري يا شِيهي کي سونَ ۾ بدلائڻ جو جتن ڪندي پنهنجون ڄمارون ۽ ملڪيتون اجايو وڃائي ويٺا. انهن جو ڪم ۽ طريقو ڄٽڪو هو، پر اها حقيقت آهي ته ڪيترائي عنصر ڪِن خاص طريقن موجب ۽ ڪِن خاص مُدتن ۾ هڪ مان بدلجي ٻيو ٿي پوَن ٿا، جيئن يورينِيَم نالي عنصر مناسب حالتن ۾ وقت جي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ بدلجي شيهو ٿي پوي ٿو. اهڙيءَ تبديليءَ جو سبب ڇا آهي؟
ان جو ڪارڻ ترورائي-ڦڙتي (ڪرڻا ڦڙتائپ) آهي. اها ڪجھه عنصرن (جيئن يورينيم) کي هوري هوري ڳاري، ڀوري، سادي عنصر (جيئن شيهي) ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. ڳرڻ/ڀُرڻ/بدلجڻ جو اهو مدو ورهن ۾ ڪَٿي سگھجي ٿو.
ان ترورائي ڦڙتيءَ واري طريقي پٽاندر جڏهن ڪجھه ٽڪرين/ ڇِپن/پٿرن جي ڄمار ڪئي وئي تڏهن انهن جي ڄمار 300-ڪروڙ (3-ارب) ورهه بيٺي. سڄاڻڪ سمجھن ٿا ته اڃا به جُھونيون ٽَڪريون موجود هونديون. ان ڪري سڄاڻڪ هاڻي سڌو سادو ڀروسو رکن ٿا ته ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب 60-ڪروڙ ورهن تائين بيهي ٿي.
ڪجھه اُماڙا ڪرڻا-ڦڙت چڪاس هيٺ آندا ويا آهن. رات جي وقت ڪنهن ڪنهن مهل، اُڀ ۾ اوچتو هڪ ڊگھي لاٽ ڪندڙ “تارو” نظر ايندو آهي جنهن کي سنڌيءَ ۾ عام طرح “اُماڙِي” سڏيو وڃي ٿو. اماڙو (“ڪِرندڙ يا کِڙندڙ تارو”، ميٽئور، Meteor) لوهه يا پٿر جو، مَٽر جي داڻي جيتري ڳوڙهي کان ويندي ٽَنن ۾ وزن رکندڙ ڳَنڍو آهي جيڪو سج-سرشتي ۾ گھمندو/ڦرندو/ڀٽڪندو رهندو آهي. جڏهن ڌرتيءَ جي فضا ۾ داخل ٿئي ٿو ته ڌرتيءَ جي ڳوراٺ سبب هوا سان گسندو/رهڙجندو لاٽ يا اماڙِي پيدا ڪندو آهي. ننڍو اماڙو ته هوا ۾ ئي گَسِي ڳري وڃي ٿو پر وڏو اماڙو گسي وڃڻ باوجود ڌرتيءَ تي اچي ڪِري ٿو. اماڙن جا ڌرتيءَ تائين سلامت پهچي ويل ڪيترائي ڳنڍا دنيا جي ڪيترن ئي مِيوزمن ۾ سنڀالي رکيا ويا آهن. سڄاڻڪ سمجھن ٿا ته اماڙا به ڌرتيءَ سان گڏ ئي ڄاوا آهن. انهن جي ڪِرڻا ڦڙت پرک/موک ٻڌائي ٿي ته انهن جي ڄمار ساڍا ٽي يا 3 ارب ورهه ٿيندي.
ڇِپون/پٿر/اماڙا نهرا جسم آهن، انهن کي نهرو ٿيڻ ۾ به ڪو وقت لڳو هوندو. اها ڪَٿ ڪرڻ کان پوءِ سمجھيو وڃي ٿو ته ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب 60-ڪروڙ ورهه آهي.