ڌرتيءَ جو مٿاڇرو/ ٻاهَرُ
اڄ کان ڪي 5-ارب ورهه اڳ ڌرتي موجود نه هئي ۽ نه ئي وري سج ان روپ ۾ هو جنهن ۾ اڄ ڏيکارجي ٿو. جيڪو ڪجھه موجود هو اهو هڪ اَروپ ۽ نِڪمو سنساري (Cosmic) ٻُورو/پائوڊر هو جيڪو هڪ ڏاڍي وڏي ۽ کِنڊريل ڪڪر جي صورت ۾ سج جي هڪ ڳڀي طور (سج جي لِڱ جي حيثيت ۾) سج سان گڏ پولار منجھه رُلندو پئي رهيو. ڌرتيءَ کي گھاٽو، ڪارائتو ۽ نهرو وجود ــــــــــــــ هاڻوڪو روپ ـــــــــــــ وٺندي 5-ارب ورهه لڳي ويا آهن.
ڌرتي جڏهن ڄائي تڏهن نه ته منجھس ڪا نهري شيءِ هئي ۽ نه ئي پاڻياٺي شيءِ ـــــــــــ ٻرندڙ گئسن جو جھڳٽو هئي جنهن ۾ هر قسم جو ڌاتو ايٽمي (Atomic) ۽/يا ماليڪيولي (Molecular) شڪل ۾ موجود هو. پولار ۾ گھڻي گرمي ذيان ڪري ڇڏڻ سبب هوري هوري ڌرتي ٿڌي ٿيندي وئي ۽ جيئن پئي ٿڌي ٿي تيئن منجھس مختلف پَٽڙيون/ پاڻياٺيون شيون وجود ۾ اينديون پئي ويون.
ڌرتيءَ تي اڄ جيڪا هوا موجود آهي ان کي ٺاربو ته پاڻياٺ ٺهي پوندي ۽ ان پاڻياٺ کي اڃا به ٺاربو ته نهري ٿي برف ٿي پوندي.
ٻالڪ ڌرتيءَ جو پاڻياٺو ٿيل مادو جيئن جيئن ٿڌو ۽ نهرو ٿيندو ويو تيئن ڳرا عنصر/ڌاتو ڌرگولي جي مرڪز/ڀُووچ ڏانهن ٻڏڻ/لهڻ لڳا ۽ هلڪا عنصر مٿاڇري ڏي تري ٿي آيا (جيئن لوهه ۽ ڪاٺ جو ٻُورو پاڻيءَ ۾ وجھبو ته لوهه جا ذرا ٻڏي ويندا ۽ ڪاٺيءَ جا ذرا ترڻ لڳندا) ۽ وچٿري تور وارن عنصرن پنهنجو مناسب هنڌ هلڪن (مٿاڇري وارن) ۽ ڳَورن (مرڪز وارن) عنصرن جي وچ تي ڳولي لڌو.
وقت گذرڻ سان گڏ هلڪي هوا مٿي/مٿاڇري تي رهجي وئي ۽ باقي شيون لوهه ۽ ٻين ڌاتن جي صورت ۾ ڌرتيءَ جي اندر موجود آهن جن جي هرپاسي کان پٿر جھڙو سخت ڇوڏو/ڪَڙِي/کَل ٺهي بيٺي. ڌرتيءَ جي ان کَل کي ڀُوچَم (Crust، ڪَڙِي) سڏجي ٿو ۽ ان تي ئي اسين گھمون، رهون ۽ کيڏون ٿا. جيئن صوف جو ماس ان جي کل هيٺان لڪل آهي تيئن ڌرتيءَ جو ماس به ڀوچم ۾ ويڙهيل آهي. اهو گھڻي ڀاڱي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ ان جي گھڻي ايراضي مٽيءَ جي تهه سان ڍڪيل آهي. اسان جو جُملي جيوت ڌرتيءَ جي هن نهري-پٿرائين ڍڪ جي مٿاڇري سان ڳنڍيل آهي. ان مٿاڇري جي لاهيُن، جھاڪن، کُٻن ۽ لِينگھن ۾ ڌرتيءَ جو پاڻي ندين، ڍنڍن ۽ سمنڊن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ ان تي ئي جبل، ٻيلا، ٿر، پَٽ، ٻنيون، باغ ۽ اسان جا گھر ۽ اسين موجود آهيون.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي پکيڙ 19-ڪروڙ 69-لک 40-هزار چورس ميل آهي جنهن مان ذري گھٽ ٽي حصا (71-سيڪڙو) پاڻي ۽ ذري وڌ هڪ حصو (29-سيڪڙو) سُڪي/خشڪي آهي. سُڪيءَ جي وڏن وڏن ٽُڪرن کي کَنڊ چئجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن:
1. ايشيا (Asia) (جنهن ۾ اسان جي سنڌ به آهي.)
2. افريڪا (Africa)
3. يورپ (Europe)
4. اتر اميريڪا (North America)
5. ڏکڻ اميريڪا (South America)
6. آسٽريليا (Australia)
7. اينٽاريڪٽيڪا (Antarctica) (ڌرتيءَ جو ڏکڻ قطبي علائقو)
هر هڪ کنڊ جي ايراضي هڪ ٻي کان گھٽ يا وڌ ۽ شڪل ۾ بيڊولي آهي. اڇي پَني جا هڪ ٻي کان ننڍا وڏا ۽ بيڊولا ست ٽُڪر ڪَٽي صوف تي چنبڙائڻا ته اهي ڌرتيءَ تي خشڪ ايراضيءَ جو ڏَس ڏيندا. ايشيا ۽ يورپ هڪ ٻي جي ويجھو اتر اڌول تي موجود آهن ۽ افريڪا انهن جي ويجھو پر اڌوڙڪ مٿان آهي جو ان جو هڪ اڌ اتر اڌول تي آهي ته ٻيو ڏکڻ اڌول تي. ايشيا کان اتر-اوڀر ۾ چڱو پري ڏکڻ اڌول تي آسٽريليا کنڊ آهي ۽ يورپُ، افريڪا جي اوڀر ۾، چڱو پري اتر اڌول تي. اتر اميريڪا ۽ ان جي ڏکڻ ۾، ڏکڻ اڌول تي، ڏکڻ اميريڪا آهي. اينٽاريڪٽيڪا ٺيڪ ڏکڻ قطب تي آهي. اهي سڀ ڌرتيءَ جي ذري-وڌ چوٿين پتي (29-سيڪڙو) والارن ٿا. ان ۾ هزارين ننڍيون وڏيون نديون ۽ ڍنڍون پڻ موجود آهن.
باقي سڀ ايراضي (71-سيڪڙو) پاڻيءَ هيٺ ڍڪيل آهي.
سمنڊ پاڻيءَ جي اها ايراضي آهي جيڪا خشڪيءَ سان لڳي ٿي ۽ ٻي پاسي وڏي سمنڊ/ساگر جي خيالي سرحد سان مليل آهي. گھڻن سمنڊن جا نالا انهن ڏيهَن پٺيان رکيل آهن جن جي خشڪ زمين سان اهي لڳل آهن. “سنڌي سمنڊ” کي “عربي سمنڊ” سڏيو وڃي ٿو ڇو ته عربن اسان تي قبضو ڪري حڪمراني ڪئي.
ساگر پاڻيءَ جو اهو ڀنڊار جنهن جو سڪيءَ سان ڪو به ڪنارو نه ٿو لڳي. هر ساگر جي هر “سرحد” خيالي آهي ـــــــــــ حاڪمن ڌرتيءَ تي ته سرحدي ليڪا وجھي ڇڏيا آهن پر ساگرن تي به ليڪا وجھڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائون ــــــــــــ (پاڻيءَ تي لِيڪو نه وجھي سگھبو آهي.) اسان جي ڌرتيءَ تي چار ساگر (Oceans) آهن:
1. سانتيڪو (پَئسفِڪ Pacific)
2. سُست (ائٽلانٽِڪ Atlantic)
3. هِندي (انڊين Indian)
4. آرڪٽڪ (Arctic)
سانتيڪو ساگر ٻنهي اميريڪي کنڊن جي اولهه کان شروع ٿي، ڌرتيءَ جو ذري-گھٽ اڌ والاري، آسٽريليا، ايشيا ۽ يورپ کنڊن جي اوڀر تائين پهچي ٿو. هن ۾ ڪِٿي ڪِٿي پاڻيءَ جي اونهائي 35-هزار فوٽن کان به وڌيڪ آهي.
سست ساگر يورپ ۽ آفريڪا کنڊن جي اولهه کان شروع ٿي ٻنهي اميريڪي کنڊن جي اوڀر تائين پهچي ٿو.
هندِي ساگر افريڪا جي اوڀر-ڏکڻ، ايشيا جي ڏکڻ ۽ آسٽريليا جي اولهه ۾ سڄي ڏکڻ اڌول تي پکڙيل آهي.
آرڪٽڪ ساگر اتر قطب والاري ٿو.
انهن سڀني ساگرن جو پاڻي هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهي.
ڌرتيءَ جو اصولي طرح وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آسٽريليا آهي، پر جيئن ته اهو کنڊ آهي، تنهنڪري گرِين لئنڊ کي وڏو ٻيٽ ڳڻيو ويندو آهي.
“ڪئسپين سمنڊ” ڌرتيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. ان کي ڪنهن زماني ۾ سمنڊ سمجھيو ويندو هو.
ڌرتيءَ جو وڏو جابلو سلسلو “هماليا” آهي.
صوف تي چنبڙايل پَني ٽُڪرن (کنڊن) تي جيڪڏهن سوا پنج ارب سنهڙا ڪوڪا کوڙي سگھون ته اهي ڌرتيءَ تي ماڻهن جي بيهڪ جو ڏس ڏيندا. وڻ ۽ جبل به ايئن بيٺل آهن.
ايشيا، افريڪا، يورپ ۽ اتر- ۽ ڏکڻ-اميريڪا جا ماڻهو/وڻ/جبل هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ ايئن آهن جيئن ڪنهن وڏي آئيني تي بيهي پنهنجو عڪس ڏسجي. سڀني جا پير/پاڙون ڌرتيءَ تي آهن ۽ سڀني جي مٿان اُڀ آهي. اهو ڌرتيءَ جي وسيع ايراضيءَ ۽ ڳرڇِڪ جو ڪمال آهي جو سمورا جيئرا توڙي اَجيو وجود (ماڻهو، وڻ، پاڻي، جبل وغيره) ڌرتيءَ تي هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ پاسيرا ۽ ابتا هئڻ باوجود ايئن آهن ڄڻڪ ڪنهن سَنئين پَٽ تي بيٺل هجن.