سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

ڌرتي گولو/ ڇا ڌرتي گول آهي؟

ڌرتي جيڪڏهن گولو آهي، ته اسين تِرڪي ڇو نه ٿا ڪِرون؟
اهو سوال عام طرح ٽوڪ منجھان، ڏند ٽيڙي، پڇيو ويندو آهي ۽ سوال ڪندڙ سمجھندو آهي ته هن وڏِي ڪا کيپ کٽي آهي. اهو سوال هر ان ماڻهوءَ کان پڇيو ويو آهي جيڪو چوي ته ڌرتي ڪنهن ڏاڍي وڏي صوف جيان گولو آهي. (ڦيٿو ۽ مُنڊِي “گول” ۽ چِدو ۽ بال “گولو” سڏڻ گھرجن.) اهو سوال ڪيڏِي نه وڏي اڻڄاڻائي، جهالت، بيوقوفي، مورکپائي ۽ ڇَسائي رکي ٿو! ان جو اندازو هر ان ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح هوندو، جنهن کان اهو سوال پڇيو پئي ويو آهي.
پاڻ کان هزارين کرب ڀيرا وڏي چقمق تي جيڪڏهن لوهه جو ذرو رکيو وڃي ته ڇا ڪو به عقلمند ماڻهو اهو سوال پڇندو ته اهو ڇو تِرڪِي نه ٿو ڪِري؟ ڌرتي هڪ ڏاڍو وڏو چقمق آهي، ان تي تفصيل سان پوءِ ڳالهائبو.
ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته هڪ ماڻهو ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيترڙو آهي؟ اچو ته ڀنجُو کڻي، ڳوهي، ماڻهوءَ جيترو پُتلو ٺاهيون. هڪ ڪمري جيتري مٽيءَ جي چَڪيءَ مان گھڻا پتلا ٺهندا؟ سڄي ڌرتيءَ تي جيتريون جايون آهن انهن مان گھڻا ماڻهوءَ-پتلا ٺاهي سگھبا؟ ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ مان ڪيترا پتلا ٺهي سگھندا؟
ڌرتيءَ جو وزن (مايو) 000,000,000,000,000,000,000,000,6 ڪلوگرام (يعني 1024x6 ڪلوگرام) آهي. هڪ نوجوان جو وزن عام طرح 50 ڪلوگرام ٿئي ٿو، جيڪڏهن هر ننڍي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي جو وزن 50 ڪلوگرام به سمجھيو وڃي ته به گھٽ ۾ گھٽ 000,000,000,000,000,000,000,2112 پتلا ٺهندا!
جيڪڏهن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن جو وزن (جيڪو ڌرتيءَ جو حصو آهي) ڌار ڪيو وڃي، ته به انهن جي ڪل وزن کان ڌرتي لڳ ڀڳ 000,000,000,42240 ڀيرا وڏي آهي يعني سڄي ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو جيڪڏهن هڪُ وَٽُ هجن ته به اهڙا 4224 ارب وَٽَ گھربا تڏهن وڃي ڌرتيءَ سان برميچي سگھبا! ايڏو وڏو گولو هجي ۽ وري زبري چقمق جا گڻ به رکندو هجي، ته ان تان ماڻهو ته ڇا سمنڊن جي پاڻيءَ جي ترڪڻ جو به سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڌرتي جيڪڏهن ڏاڍو وڏو گولو ناهي، ته ڪيئن آهي؟
هن ئي ڌرتيءَ جي اربين رهاڪن کي، جيڪي ڪجھه نه ڪجھه عقل، ڄاڻ، سمجھه رکن ٿا، اها سُڌ ئي ناهي ته ڌرتي گولو آهي، ته ڪيئن آهي؟ ۽ جي گولو ناهي، ته پوءِ ان جي بناوت ڪيئن آهي؟
ڪي ماڻهو بنا دليل جي، انڌَ تي چون ٿا ته ڌرتي صوف جيان گولو (Sphere) ناهي، پر مانيءَ جيان گول (Circle) آهي، ۽ ڪي اهڙا به آهن جي ڌرتيءَ کي چَوڪنڊو (Square) فرش سمجھن ٿا!
پُراڻي زماني جا مصرِي اهو ويساهه رکندا هئا ته چَوڪنڊِي ڌرتيءَ مٿان چئني پاسن وارن جبلن (جي ٿوڻين) تي ڌاتوءَ جي ٽوپي (اُڀ، “آسمان”) بيٺل آهي. جڏهن سج لهي وڃي ٿو ۽ رات ٿئي ٿي تڏهن سندن وهمي ڀروسي موجب سندن ويساهيل خدا (ديوتا) تارن کي ڏوريُن ۾ لڙڪائي سڄي رات جھلي بيهن ٿا.
جُھونا هندو اهو ڀروسو رکندا هئا ته ڌرتي انتهائي ويڪرِي ٿالهيءَ جيان آهي جنهن کي چئني پاسن کان بيٺل چار سگھارا هاٿي پنهنجن پُٺَن تي کڻي بيٺا آهن. (شايد کانئن اهو سوال ڪيو ويو هوندو ته اهي هاٿي ڇا تي بيٺا آهن؟ تنهنڪري هنن چيو ته) اهي چارئي هاٿي پهاڙن کان وڏي ڪَڇُونءَ جي کوپي تي بيٺل آهن. (شايد وري پڇيو ويو هوندو ته اهو ڪڇون ڇا تي بيٺل آهي؟) ڪڇون وري جابلو قطارن کان ڊگھي ڊمڻ بلا جي مٿان ويٺو آهي ۽ اها ڊمڻ هڪ پراسرار سمنڊ ۾ تري رهي آهي (۽ اهو سمنڊ ڇا تي آهي؟ اهو سوال شايد نه پڇيو ويو، يا ان جو جواب نه هو!؟)
جُهونا چِيني وري اهو ٻڌائيندا هئا ته هڪ ويڪري تغاريءَ (تئِيءَ، ڪڻڇِيءَ) جھڙي ڌرتي ڏاڍي وڏي ڏيڏر جي پُٺيءَ تي رکيل آهي ۽ ڏيڏر جي گھمڻ ڪري ڌرتي ڌُڏي ٿي. (۽ ڏيڏر ڇا تي ويٺو آهي ۽ گھمي ٿو!؟)
پراڻي زماني جا سنڌي ايئن وسهندا هئا ته ڌرتي ڍڳي جي سِڱ تي بيٺل آهي ۽ ڍڳو ٿڪجِي جڏهن ڌرتيءَ کي ٻي سڱ تي آڻي ٿو تڏهن ڌرتي ڌڏي ٿي. (اهو ڍڳو ڇا تي بيٺو هو!؟)
آڳاٽن ڏينهنِ ۾ اهڙين سوچن جو وڏو سبب ڄاڻ جي کوٽ ۽ پرک ۽ پروڙ جي اڻهوند هو. اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ جھڙوڪ بند/قيد هئا، خاص طور انهن ڪڏهن سمنڊ جو ڊگھو سفر نه ڪيو هو. اميريڪي کَنڊن (اتر اميريڪا ۽ ڏکڻ اميريڪا) جي ته پندرهين صديءَ کان اڳ ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ۽ کين اها به سُڌ نه هئي ته وٽن جيڪڏهن ڏينهن هو، ته هن ئي ڌرتيءَ تي ساڳيءَ مهل ڪنهن ٻي هنڌ رات هئي، ۽ هِنن جي مٿان به “آسمان” هو ته هُنن جي مٿان به!
توهان جيڪڏهن اُوچيءَ جاءِ تي بيهي، هر پاسي نظر وجھندا ته ڌرتي توهان کي کَڏن، کوٻن ۽ دڙن وارِي پر سنوت ۾ “وڇايل” ڏيکاربي، تان جو ڪجھه پري اوهان کي ڪجھه به ڏسڻ ۾ نه ايندو ۽ اوهين ايئن وسهندا ته ڌرتي ۽ “آسمان” پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. (شايد ان ڪري ئي پراڻي زماني وارا چِيني اهو ڀروسو رکندا هئا ته ڌرتي ۽ “آسمان” پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا ۽ پوءِ هڪ ٻي کان ڌار ڪيا ويا!) جيڪڏهن توهين نديءَ ڪناري يا سمنڊ جي ڪنڌيءَ ڀَرِ بيهي پاڻيءَ کي ڏسندا ته ڪجھه پرڀرو “آسمان” توهان کي پاڻيءَ سان ملندي ڏيکاربو. ڇا ڌرتي ڪٿي به “آسمان” سان ملي ٿي؟ عام اک سان ڏسبو ته ڌرتي ۽ “آسمان” ملندي ڏيکاربو. عام اک سان معمولي مشاهدو اسان کي گھڻي ڀاڱي غلط ڄاڻ ڏيندو آهي. ان ڪري پرک ۽ پروڙ، تجربو ۽ تدبر به ڏاڍا اهم آهن.
جُهوني جڳ جا ڪجھه ماڻهو ٻين جي ڀيٽ ۾ (اڄ جيان) وڌيڪ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ هئا، انهن جي سمجھه عام رواجي سمجھه کان مٿڀري هئي. انهن سج، چنڊ، تارن، گرهن ۽ نِکَٽن کي ڪجھه وڌيڪ ڌيان سان ڏٺو، انهن سج-گرهڻ ۽ چنڊ-گرهڻ تي ڌيان ڌريو، انهن سانجھيءَ ۽ فجر جو، سياري ۽ اونهاري توڙي سرءُ ۽ بهار ۾ اڀ جي تارن کي ويچار هيٺ آندو. انهن نه رڳو پري پري تائين سير ڪيا پر سامونڊين ۽ ٻيڙياتن سان به ڪچهريون ڪيون ۽ ظاهر آهي ته وٽن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڄاڻ ججھي ٿي. پراڻي سنڌي، هندي، مصري، بابلي، نينوائي، سميري ۽ چيني، ۽ ڪجھه پوءِ يوناني سڀيتائن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ملن ٿيون جيڪي ان وقت جي ڏاهن رواجي سوچن کان نرالي ۽ سڌريل نموني بيان ڪيون.
عيسوي سن جي ابتدا کان به پوڻا ڇهه سَو ورهه اڳ يونان جي ڪجھه ڏاهن ڌرتيءَ کي سمنڊ مٿان پَـٿاريل ٻيٽ کان ٻي نموني پئي سمجھيو. انهن سمجھيو پئي ته ڌرتي ڏاڍو وڏو گولو هئي ۽ سج پڻ خدا نه، پر باهه جو گولو هو. انهن ۽ سنڌ-هندُ، مصر ۽ عراق جي ڏاهن، پنجن گرهن ــــــــــ عطارد (مرڪيورِي، ٻُڌ)، زهره (وينس، شَڪر/وِهائُو)، مريخ (مارس، اڱارو)، جُوپِيٽر (مشترِي) ۽ سَئِٽرن (ڇنڇر) بابت به ڄاڻي ورتو هو. پر هنن ايئن پئي سمجھيو ته ڌرتي ڪائنات جو وِچُ هئي ۽ سج، چنڊ ۽ ڄاڻايل پنج گرهه ان جي چوڌاري پئي ڦريا. انهن ڄاتو پئي ته اهي ست ئي ساڳيءَ سطح تي نه، پر هڪ ٻي کان هيٺ مٿي هئا جنهنڪري ست تهه پئي ٺهيا ۽ ان ڪري ئي هنن سمجھيو ته “آسمان” ست هئا ۽ انهن کان مٿان “عرش”، جنهن ۾ باقي تارا ٽنبيل هئا.
هوري هوري پرک، پروڙ، ڄاڻ ۽ سمجھه سڌرندي، وڌندي ۽ وِيجھندي وئي. اڄوڪي سلجھيل ماڻهوءَ ڌرتيءَ بابت گھڻو ڪجھه ڄاڻي ورتو آهي. هاڻي ته ماڻهوءَ ڌرتيءَ کان گھڻو پري پولار ۾ وڃي ڌرتيءَ جا فوٽو ڪڍيا آهن (جن ۾ ڌرتي هڪ گولو نظر اچي ٿي) ۽ ان گولي کي ڦرندي ڏٺو آهي.
توهان ڪڏهن “آسمان” تي ڌيان ڏنو آهي؟ جيڪي تارا سانجھيءَ جو اوڀر ۾ ڏيکاربا آهن، اهي آڌيءَ رات ٺيڪ وچ تي ۽ فجر مهل اولهه ۾ هوندا آهن. ڇا “آسمان” سُرندو، رڙهندو رهي ٿو؟ جيڪي تارا اونهاري ۾ ڏسي سگھبا آهن، اهي سياري ۾ نظر نه ايندا. اونهاري ۾ “گَسُ”، وڏي کٽ ۽ وِڇون/ڀَــٽون “جوڙيندڙ” تارا ڏيکاربا ته سياري ۾ وري تارن جو سٽاءُ ئي ٻيو هوندو... ڇا هر مند ۾ “آسمان” بدلجي ٿو؟
توهان بِي.بِي.سِي. لنڊن تان خبرون ٻڌيون هونديون. خبرون ٻڌائيندڙ چوندو ته هن وقت پاڪستان ۾ رات جا سوا اَٺ، ڀارت ۾ پوڻا نَـــوَ، بنگلاديش ۾ سوا نوَ ۽ هتي لنڊن جي واچن ۾ ڏينهن جا سوا ٽي ٿيا آهن! ٺيڪ ان مهل گڏيل امريڪي رياستن (گ.ا.ر. يعني يُو.ايس.اي) جي هڪ وڏي شهر نيويارڪ ۾ صبح جا لڳ ڀڳ ست ٿيا هوندا. ايئن ڇو آهي؟
ٿورو عرصو اڳ تائين سنڌ جي اتر ۾ افغانستان کان پريان هڪ وڏو ڏيهه “سُويت يونين” (يونين آف سُويت سوشلسٽ ريپبلڪس) نالي موجود هو جيڪو هاڻي ٽوڙيو ويو آهي. اهو ايڏو ته “ڊگھو” هو جو ان جي اڀرندي سرحد وٽ سج اڀرندي نظر ايندو هو ته اُلهندي سرحد وٽ سانجھي هوندي هئي! ۽ اهو اوهين ڄاڻندا هوندا ته اتر قطب وٽ ڇهه-ماهو ڏينهن هوندو آهي ته ڏکڻ قطب تي ڇهه-ماهي رات، اڄ ڪلهه (جُون-جولاءِ 1993ع) اتر قطب تي ڏينهن آهي ۽ ڏکڻ قطب تي رات. ايئن ڇو؟
سمجھو ڪري ته ڌرتيءَ جي سڀني ڏيهَن ۾ ۽ چئني ساگرن (وڏن سمنڊن) ۾ (مختلف هنڌن تي بيٺل پاڻي-جهازن ۾) اسان جو ڪو نه ڪو سنگتي موجود آهي. اسان وٽ هڪ اهڙي پَرٻولڪ/پَرواڪڻو (ٽيليفون) آهي جنهن وسيلي انهن سڀني سان هڪ ئي وقت ڳالهائي ۽ جواب ٻڌي سگھجي. انهن کان جيڪڏهن سوال پڇبو ته هن مهل وٽن ڪيترو وقت ٿيو آهي، ته خبر اٿوَ، جواب ڪهڙو هوندو؟
سڀ سنگتي جيڪو وقت ٻڌائيندا، ڇا اهو ساڳيو هوندو؟
نه، هر سنگتيءَ جو ٻڌايل وقت ڌار ڌار، صبح جي ستين وڳي کان وٺي رات جي ستين وڳي تائين ۽ وري صبح جي ستين وڳي تائين هوندو. ڪٿي صبح هوندو ته ڪٿي منجھند، سانجھي ۽ اڌ رات. ايئن ڇو آهي؟
ڇا توهان چنڊ-گرهڻ مهل چنڊ تي ڌرتيءَ جو پوندڙ پاڇو ڏٺو آهي؟ مڪمل چنڊ-گرهڻ مهل چنڊ تي پهريائين ڪمان جهڙو پاڇو ظاهر ٿيندو، هوري هوري وڌندو ۽ چنڊ کي ڍڪيندو ويندو، تان جو پورو چنڊ پاڇي هيٺ اچي اونداهو ٿي ويندو، ۽ پاڇو ويندو هٽندو. اهو به ڪمان جيان هوندو تان جو وري چنڊ اڳ جيان چانڊوڪي پکيڙيندي نظر ايندو. چنڊ تي ڌرتيءَ جو پاڇو گول ڇو؟
ڇا توهان کي سيرَ سفر جو شوق آهي؟ آءٌ هڪ “ڊگھي” سَير تي وڃي رهيو آهيان. ڇا توهين به مون سان هلندا؟ هي سير اولهه طرف نَڪ جي سِيڌ ۾ ڪنداسون پر نتيجو؟ مون جڏهن پهريون ڀيرو اهو سفر ڪيو، تڏهن آخر ۾ پاڻ به تپرس ۾ پئجي ويو هوس. ڇا اوهين تيار آهيو؟ اچو ته هلون.
ٺهي سنبري سَير لاءِ نڪري پيا آهيون، حيدرآباد کان ٺيڪ اولهه طرف نڪ جي سيڌ ۾. اسين مزي سان سير ڪندا، لقاءَ ۽ نظارا ڏسندا، جبل لتاڙيندا بلوچستان ۾ اچي پهتا آهيون. ڇا توهان کي سُڌ آهي ته اڃا اولهه ۾ هلنداسون ته ڪهڙي ڏيهَه ۾ هلي رَسنداسون؟ ٺيڪ، ايران ۾. ايران جي لڳ ڀڳ سڄي ايراضي اسان جي اُتر ۾ پکڙيل آهي ۽ رڳو 3 سَو ميل پنڌ ڪري سڄو ايران اتر ۾ ڇڏي اسان کي عباس بندرگاهه وٽان ايراني يا عربي نار ۾ لهڻو پوي ٿو. هتان ڪجھه پرڀرو ڏکڻ ۾ گڏيل عرب امارتن (گ.ع.ا. يعني يُو.اي.اِي) جو سامونڊي ڪنارو آهي. هاڻي 4-سَو ميل ٻيا به پنڌ ڪري بحرين جي گادِي مناما ۾ پهتا آهيون جيڪو اُڪري سعودي عرب جي گادِي رياض اسان جي ڏکڻ ۾ ڏيڍ سَو ميلن کان پوءِ ايندي. پريان ڏکڻ ۾ مدينو ۽ ان جي ڏکڻ ۾ 300 ميل پري مَڪو آهي. ڏيڍ سَو ميل ٻيا اڪري سعوديءَ جي هڪ سرحد، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا آهيون. هِتي ڳاڙهي سمنڊ جي ويڪر 300 ميل آهي جنهن کان پوءِ مصر جي سامونڊي ڪنڌي اسان جي پيرن هيٺ آهي. اهڙيءَ طرح ايشيا کنڊ مان نڪري، اچي افريڪا کنڊ ۾ پهتا آهيون. هاڻي مصر جي اسنا شهر ۾ پهتا آهيون. مصر جي گادِي قاهره اسان جي اتر ۾ 300 ميل پري ٿيندي. هاڻي اسان جو اڳيون پنڌ مصر جي رِڻ جي اتر ۾ ٿيندو تان جو اسين اچي لبيا پهچون، جتي اهو ئي رڻ اسان جي کاٻي پاسي، ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. جڏهن ان رڻ جا 1100 ميل لتاڙينداسون تڏهن لبيا جو 300 ميل ميداني علائقو اسان جي اڳيان هوندو جنهن کان پوءِ الجيريا اسان جي سامهون آهي. الجيريا جو هڪ رڻ ته اسان جي اتر ۾ آهي جنهن جي ڏاکڻي ڪِناري سان سفر ڪندي “گرِينوِچ مِين ٽائيم ليڪ” ٽپي الجيريا جو ٻيو رڻ آرپار اُڪرڻو پوندو. هاڻي اسين ماريطانيا جي چهنب جهڙي اترادِي سرحد اڪري اولهه صحرا ۾ پهتا آهيون، ۽ هتي ئي موراڪو جي ڏاکڻي سرحد به آهي جا اسان جي اتر ۾ 10 ميل کن پري ٿيندي. مصر، لبيا، الجيريا ۽ موراڪو وارا رڻ ڄڻڪ هِن رڻ-ڏيهه ـــــــــــ اولهه صحرا ــــــــــــ جي سامهون ڪالهوڪا ٻار آهن ۽ سنڌ جو ٿر ڄڻڪ اڃا ڄائو ئي ناهي، ماءُ جي پيٽ ۾ آهي! هِتي واريءَ جي جبل جيڏين ڀِٽن ۾ ڀٽڪندي، رڃ جا “واڪا” ٻڌندي ماڻهو جيڪر رُلي مري وڃي. اڳي دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي ٿر کي اڻکُٽ، اَپار سمجھيو ويندو هو. اڄ ماڻهوءَ جي ذهني ۽ جسماني ڪشالن ۽ سائنسي ڪارنامن جو ڪمال آهي جو هتي به کيکڙا (لاريون) هلن ٿا ۽ موٽر گاڏين جي ڊوڙ جا مقابلا ٿين ٿا. اولهه صحرا کان پوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ساگر ائٽلانٽڪ اسان جي آڏو آهي جنهن جي آئيُن بندرگاهه ۾ ڪجھه آرام ڪرڻو اٿئون. اهڙيءَ طرح افريڪا کنڊ پُورو ٿيو ۽ اسين ان جي اتر واري حصي ۾ سير ڪري هتي اچي رَسيا آهيون. ائٽلانٽڪ جِي اسان جي سامهون ويڪر 24-سَو ميل آهي. سوين فوٽ اوچيون ساگري ڇوليون اسان جي آجيان ڪنديون ۽ اسان کي هيٺ پاڻيءَ ۽ مٿي اُڀ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نظر نه ايندو. اهو پار ڪري “اولهه پام بِيچ ٻيٽ” اڪري اتر اميريڪا کنڊ جي هڪ وڏي ڏيهه گ.ا.ر. جي سمنڊ ۾ وڌيل آڱر جهڙي اهم سامونڊي بندرگاهه ميامي ۾ پهتا آهيون. ساگر جو سير ۽ سفر ڪيئن رهيو؟ ڇا توهان کي وڻيو؟
هن “آڱر” جي ڊيگھه 250 ميل ۽ ويڪر 60 ميل کن ٿيندي، جنهن تان اُڪرڻ کان پوءِ وري به سمنڊ اسان جي آڏو آهي جنهن جي هِتي ويڪر 800 ميل ٿيندي. هاڻي اسين اتر ۽ ڏکڻ-اميريڪي کنڊن جي وچ ــــــــــ لاطيني اميريڪا ـــــــــــــ ۾ ميڪسيڪو جي اوڀرائين ڪنڌيءَ تي پهتا آهيون. اسان جي آڏو ميڪسيڪو جو پيٽ 600 ميل آهي جنهن کان پوءِ ان جي بندرگاهه ڪُلياڪن وٽان ميڪسيڪو نار ۾ لهي، 50 ميل ترِي ڪيليفورنيا باجا جي سنهڙي سوڙهي خشڪيءَ تي پهچنداسون جيڪا ويڪر ۾ 30 ميل به نه ٿيندي. توهان کي سُڌ آهي ته هاڻي اسان جي سامهون ڇا آهي؟ ڌرتيءَ جي چئني ساگرن جو سرموڙ پَئسفِڪ (سانتيڪو) ساگر، بلڪل ٺيڪ. جتان اسان کي اڪرڻو آهي اتان اهو لڳ ڀڳ 7-هزار ميل ويڪرو آهي!
300 ميل ترڻ کان پوءِ هڪ ٻيٽ “الِيجاس ٽَڪري” آيو، ۽ 42-سَو ميل ٻيا ترڻ کان پوءِ “مِڊ وي (وچراهه) ٻيٽ”. هاڻي اسان ڏيهان ڏيهي ڏينهنمَٽ ليڪ جي مٿان اڪرنداسون جيڪا هن وقت اسان کان 75 ميل پري آهي. اتان 3-هزار ميل وري به سانتيڪي ساگر جو سير ڪندي “وولڪانو ٻيٽ” تي پهتا آهيون جتان 12-سَو ميل اتر ۾ جپان آهي. جپان کي “اڀرندڙ سج جو ديس” ۽ “ڌرتيءَ جو در” به سڏبو آهي (اڀرندڙ سج جو ديس حقيقي طرح آسٽريليا آهي جنهن تي سج جا ڪرڻا جپان کان اڳ پوَن ٿا ۽ لهندڙ سج جو ديس “ايقئيڊر” کي سڏڻ گھرجي)، پر جپان! جپان ته ايشيا کنڊ ۾ آهي! ۽ سانتيڪو ساگر پار ڪري آياسين. اوڀر چيني سمنڊ کان ٿيندي چين جي هڪ سامونڊي بندرگاهه فوچو تي پهتا آهيون. هاڻي چين جو 16-سَو ميل ويڪرو پيٽ لتاڙڻو آهي، جنهن کان پوءِ برما آهي. برما جا 400 ميل پنڌ ڪري اچي آسام (ڀارت) ۾ پهچنداسون، جنهن جي اسان جي سامهون ويڪر 300 ميل ٿيندي، ۽ ان کان پوءِ آهي بنگلاديش، سونار بنگلاديش. (ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته بنگلاديش ڪڏهن ٺهيو ۽ ڇو ٺهيو؟) بنگلاديش کان پوءِ اسين ڀارت جي اڀرندِي بنگلاديش-ڀارت سرحد تي پهتا آهيون جتان ڪلڪتو شهر ڏکڻ ۾ ۽ نيپال ڏيهه اتر ۾ اسان کان ڏيڍ سَو ميل پري آهن. 600 ميل ٻيا سَير ڪري اچي گنگا نديءَ مٿان الهه آباد جي ڏکڻ ۾ رَسيا آهيون ۽ هاڻي؛ جي هڪ هزار ميل ٻيا به سفر ڪنداسون ته ڪٿي هونداسون؟ سنڌ جي ڀارت سان ملندڙ سرحد تي! ڏيڍ سَو ميل پري، هوءَ آهي حيدرآباد!
حيدرآباد کان اولهه طرف نڪ جي سِيڌ ۾ سفر ڪيو اٿئون، مٿان “آسمان” ئي رهيو، ميداني پَٽَ، جابلو قطارون، وڏا رِڻ، ٻه ساگر، ڪيترائي سمنڊ ۽ بندرگاهه ۽ ٽي کنڊ لتاڙي وري به اچي حيدرآباد ڀِيڙا ٿياسون. ايئن ڇو ٿيو؟
اهڙو سفر ڌرتيءَ جي ڪنهن به شهر مان، ڪنهن به هڪ مقرر طرف ۾ ڪنداسون ته نيٺ ڦري اچي ان ئي شهر ۾ پهچنداسون. سفر ته اسان پنهنجيءَ سمجھه موجب سِيڌ ۾ ڪيو، پر جيئن ته ڌرتي گولو آهي، ان ڪري اسان کي احساس ئي نه ٿيو ته ڪيئن ڦري اچي ساڳي شهر ۾ پهتاسون.
ڇا توهان ڪنهن ڏينهن سنئين سنواٽي روڊ تي بيهي پري کان ايندڙ بس/ٽرڪ کي ڌيان سان ڏٺو/جاچيو آهي؟ روڊ جيستائين سنوت ۾ آهي تيستائين ڇا توهان ڏسي سگھندا؟ ڇا بس/ٽرڪ روڊ تي ايندي ئي سڄي ڏيکاربي يا پهريائين ان جو مٿيون حصو ۽ پوءِ، چڱو ويجھو پهچڻ کان پوءِ ان جا ڦيٿا ڏسڻ ۾ ايندا؟
توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته پاڻي “سدائين” سنوت ۾ بيهندو آهي. اچو ته سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي بيهي پريان ايندڙ پاڻيءَ-جهاز کي جاچيون. ڇا سڄو جهاز هڪ ئي وقت نظر ايندو؟ نه، پهريائين ان جو بُرج (يا سڙهه) ڏسي سگھبو ۽ چڱو ويجھو پهچڻ کان پوءِ ان جو هيٺيون ڀانڊو (ڪَٺِڻو) نظر ايندو. ايڏو وڏو، جبل جيڏو جهاز توهان کي رڳو 25 ميل پري هوندو ته مورڳو نظر ئي نه ايندو. ڇو؟
ڌرتي سنئين ڇو ٿي نظر اچي؟
ڇا توهان کي خبر آهي ته اسان جون اکيون ڏسڻ جي معاملي ۾ غلطي ڪنديون ئي رهنديون آهن؟ هوائي جهاز جڏهن اڏامندو وڃي تڏهن ان جو قدبُت، جيترو حقيقت ۾ هوندو آهي، ڇا اوترو ئي نظر ايندو يا ان کان ننڍو؟ جيڪا شيءِ جيتري پري، اها اوتري ننڍي نظر ايندي. رات جو سفر ڪندي ڪنهن شهر ۾ جرڪندڙ روشنيون ڪمانَ/وَنگ جيان نظر اينديون، ڇو؟ ڌرتيءَ ۽ سمنڊ جو پاڻي به بظاهر سنوت ۾ ڏيکارجن ٿا، پر حقيقت ايئن ناهي.
هڪ صوف يا کينهون کڻو ۽ ان جي ابتڙ پاسن تي ٻه سنها ڪوڪا کوڙيو. جيڪڏهن صوف يا کينهونءَ کي ڌرتي ۽ ڪوڪن کي جبل سمجھيو وڃي، ته ڇا انهن “جبلن” جي چوٽين تي بيٺل ماڻهو هڪ ٻي کي ڏسي سگھندا؟ هماليا ۽ قراقرم جابلو قطارون اسان جي اتر ۾ ڪجهه سَو ميل پري آهن. انهن ۾ نانگا پربت جي اوچائي 28-سَو فوٽن کان گھٽ ناهي. اها اسان کي ڇو نظر نه ٿي اچي؟ اهو سڀ ڪجھه ڌرتيءَ جي گولائيءَ جي ڪري آهي. ڌرتي سنوَت ۾ هجي ها، ته ڪنهن به اوچيءَ جاءِ تان سڄي ڌرتيءَ جون سموريون اوچيون جايون نظر اچن ها.
اسين جيڪڏهن، مثال طور، ايئن وِسهون ته ڌرتي گولو نه، پر سنوَت ۾ آهي، ته پوءِ، مٿي ڏنل سوالن جي جوابن سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا.
ڌرتي سنوَت ۾ آهي، ته ڪيئن؟ مانيءَ جيان گول، چَوڪنڊِي يا اڃا به ڪنهن ٻِي شڪل ۾؟ ڪيتري ٿُلهي آهي؟ ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي ڇا آهي؟ ڇا اها پولار ۾ آهي يا ڪنهن شيءِ تي بيٺل؟ جي بيٺل، ته ڇا تي؟... وري اها شيءِ ڇا تي؟... ۽ اها شيءِ ڇا تي؟ سج ۽ چنڊُ اولهه ۾ “لهڻ” کان پوءِ ڪاڏي وڃن ٿا؟ جي اهي “آسمان” ۾ آهن، ته ڇا ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي به “آسمان” آهي ۽ اهي ان ۾ اسان کان اوترو ئي پري آهن جيترو اسان کان مٿي ڏيکارجن ٿا؟ ڇا اهي ڪنهن اونداهي غار يا سمنڊ ۾ وڃي لِڪن ٿا؟ جي ها، ته پوءِ، اها غار ۽ اهو سمنڊ ڪِٿي/ڇا تي آهن؟ پوءِ اهي اوڀر پاسي ڪيئن ٿا پهچن؟ ۽ اڀرڻ کان اڳ ڪٿي هوندا آهن؟ ڇا سج سچ پچ اڀرندو ۽ لهندو آهي؟ ــــــــــ يا ڌرتيءَ جي گولو هجڻ ڪري ۽ ڦيري سبب ڌرتيءَ جو هڪ پاسو ان جي سامهون ايندو ۽ ٻيو پاسو ان جي سامهون هٽندو رهي ٿو جيڪو حصو سج جي سامهون ايندو وڃي ان تي پهريائين صبح ۽ پوءِ منجھند ۽ جڏهن اهو پاسو سج سامهون ڦري وڃي ته رات ٿئي ٿي؟ ڇا ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي ڪنهن به طرح پهچي سگھجي ٿو؟ ڌرتيءَ جي “ڪنارن” کان پوءِ پرتي ڇا آهي؟ ڌرتيءَ جي “ڪنارن” تي ڪهڙا ڏيهه آباد آهن ۽ وچ ۾ ڪهڙا؟ ساگر ۽ سمنڊ ڇا ڌرتيءَ جي وچ تي آهن؟ جي “ڪنارن” تي آهن ته انهن جو پاڻي ڇَڻِي ڪرندو آهي يا نه؟ جي نه، ته ڇو؟ ۽ جي ڇڻندو آهي ته ڪاڏي ويندو آهي؟
ڌرتي جيڪڏهن سنوَت ۾ هجي ها ته ان جي هر ڏيهه ۽ ساگر تي هڪ ئي مهل ڏينهن ٿئي ها ۽ هڪ ئي مهل رات، پر هن وقت سنڌ ۾ منجھند آهي، ته اميريڪي کنڊن تي اڌ رات، ۽ لنڊن ۾ صبح. ڇو؟
اهي سڀ شاهديون ٻڌائن ٿيون ته ڌرتي گولو آهي.