سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

ڌرتيءَ جي ماپ ۽ تورَ

اسان جيڪا “ ڌرتي” ٺاهي آهي، اها پنهنجي هٿ ۾ جھليو ۽ اتر طرف مُنهن ڪري ويهو. پر ويهڻ کام اڳ هڪُ سَوَڙِ سبڻ جو سُوئو يا سُرمو پائڻ واري سَرائِي ۽ نِيري ڌاڳي وارو هڪ رِيل پنهنجي ڀرسان رکو. اسان صوف جي مثال سان سمجھاڻي ڏني هئي ته ڌرتيءَ جو هر هڪ چوٽ، مٿيون ۽ هيٺيون، صوف جي بُونڊ ۽ ڦلڙيءَ وارن چَوٽن جيان ڪجھه جھڪيل آهي ۽ ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيَل. ان صوف يا ٺاهيل ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح جھليو جيئن بونڊ وارو چوٽُ اُڀ ڏي ۽ ڦلڙيءَ وارو چوٽ پَٽَ ڏي هجي. هاڻي سُوئو يا سَرائي کڻي ڦلڙيءَ واري پاسي کان چُڀائي، ٺيڪ ڀُووچ تان ٽپائي بونڊ وٽان ٻاهر ڪڍو. ڌرتيءَ ۾ اهڙي ڪا به سَرائي موجود ناهي پر ان کي سولائيءَ سان سمجھڻ لاءِ اسان کي هڪ خيالي سَرائيءَ جي گھرج آهي. اسين، جيڪڏهن سرائي ٽپائڻ کان پوءِ ٺهيل ڌرتيءَ (يا صوف) کي سرائيءَ جي ڦلڙيءَ پاسي چهنب تي بيهاري لاٽونءَ يا چَڪرِ جيان ڦيرو ڏيون ته اسان کي ڌرتيءَ جو پنهنجيءَ “سرائيءَ” تي ڦيرو سمجھه ۾ اچي ويندو.
ڇا توهان کي اها خبر آهي ته ڌرتي پنهنجي “سرائيءَ” تي ڦرندي آهي؟ جيڪڏهن توهان کي اها ڄاڻ آهي، ته پوءِ توهان ڪجھه وڌيڪ سُڌ رکندڙ آهيو، پر جي توهان کي اهو سماءُ ناهي ته ڳڻتي نه ڪيو، هاڻي ته توهان کي سَمڪ پئجي وئي! ڀلا، توهان کي پتو آهي ته ڌرتيءَ جي ان ڦيري سبب ڇا ٿيندو آهي؟ ــــــــــ “ڏينهن ۽ رات”، بلڪل ٺيڪ. ڌرتيءَ جي ان ڦيري سبب ڏينهن پٺيان رات ۽ رات پٺيان ڏينهن ٿئي ٿو. وڌيڪ تفصيل سان اها ڳالهه پوءِ سمجھنداسون.
ٺاهيل ڌرتيءَ جو اهو چوٽ جتان سَرائي ٻاهر نڪتي ۽ اُڀ ڏي مُنهن اٿس، ان کي ’اتر قطب‘ سڏجي ٿو، ڇو ته ’قطب تارو‘ اتان ٺيڪ سِڌائيءَ ۾ اڀ ۾ ڏسي سگھبو آهي. اسين سنڌ واسي اهو قطب تارو ٺيڪ اتر طرف ڏسي سگھندا آهيون. صوف واري مثال ۾ بونڊ وارو چوٽ ’اتر قطب‘ سڏبو. ظاهر آهي، توهين ايترا ڏاها ته آهيو جو اتر جي ابتي پاسي ڏکڻ هوندو يعني صوف جي ڦُلڙيءَ وارو پاسو ’ڏکڻ قطب‘ سڏبو. هتي هر ذهين ٻار پاڻمرادو سمجھي ويندو ته اسان جي ڌرتي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب وٽ ڪجھه هيٺ ڀري (دَٻيَل، جھڪيَل) آهي ۽ ان ڪري ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل (اڀريَل، ڦوڪيَل) آهي.
اتر قطب واري موڪِرِي جِهم (جھوڪ) پاڻيءَ سان ڀريل آهي ۽ ’آرڪٽڪ وڏو-سمنڊ‘ يا ’آرڪٽڪ مهاساگر‘ به سڏبي آهي. ڏکڻ قطب وارو علائقو ’اينٽاريڪٽيڪا‘ سڏجي ٿو. هنن ٻنهي قطبن تي ٿڌ تمام گھڻي آهي ۽ برف هر وقت موجود رهي ٿي. ٻنهي قطبن تي 6 مهينا ڏينهن هوندو آهي ۽ 6 مهينا رات، پر اتر قطب تي رات هوندي آهي ته ڏکڻ قطب تي ڏينهن ۽ ڏکڻ قطب تي رات هوندي آهي ته اتر قطب تي ڏينهن. ايئن ڇو آهي؟ ــــــــــ تفصيل اڳتي هلي سمجھنداسون.
هاڻي نيرو ڌاڳو کڻي سَرائيءَ جي ڏکڻ واري چوٽ ۾ (صوف جي حوالي سان ڦلڙيءَ تي) ڳنڍ ڏئي، ان کي “ڌرتيءَ” جي ڍِڍ تان اڀو آڻي سرائيءَ جي اتر واري چوٽ (صوف جي بونڊ) سان ٻڌي وري ابتي پاسي ڍڍ تان ٿيندي موٽي اچي (صوف جي ڦلڙيءَ) تي ڳنڍ ڏيو. هيءُ ڌاڳو “ڌرتيءَ” کي اوڀ ۾ ٻه اڌ ڪري ٿو. “ڌرتيءَ” تي هيءَ هڪ لِيڪ ٺهي پئي آهي. حقيقي ڌرتيءَ تي اهڙي ڪا به ليڪ ناهي، هيءَ خيالي ليڪ آهي. هن ليڪ کي ڌرتيءَ جي نقشن واري ماڊل تي ٽبڪن ۾ ظاهر ڪيل هوندو آهي ۽ ان کي ’ڏيهاڏيهي ڏِينهَمَٽ ليڪ‘ (انٽرنيشنل گِرِينوِچ لائين) سڏبو آهي. توهان اهو تجربو هن نموني ڪري سگھو ٿا. هن ميڻ بتي ٻاري ڪجھه پرڀرو رکي پنهنجي ٺاهيل ڌرتي کي ان جي سامهون جھليو ـــــــــ جنهن اڌ تي روشني پوي ٿي اتي ڏينهن ۽ جنهن اڌ تي اوندهه هجي اتي رات آهي. توهان “ڌرتيءَ” کي اهڙي طرح جھليو جيئن ڏيهاڏيهي ڏينهنمٽ ليڪ جي هڪ پاسي واري اڌ تي روشني پوي ۽ ٻي اڌ تي اوندهه هجي. هاڻي، هوري هوري “ڌرتيءَ” کي سرائيءَ تي ڦيرايو. ان ڦيري سبب ميڻ بتيءَ جي روشني “ڌرتيءَ” تي ليڪ کان اڳتي سُرندي نظر ايندي. جنهن پاسي روشني وڌي ان علائقي ۾ صبح (نئون ڏينهن) پيو ٿئي ۽ ان جي ابتي پاسي اوندهه وڌي ته ان علائقي ۾ سانجھي (رات) پئي ٿئي.
ڏکڻ قطب کان، ڀُووچ تان ٿيندي، اتر قطب تائين (“ڌرتيءَ” ۾ سرائيءَ جي لڪل حصي جي ڊيگھه) يعني اوڀر ۾ ڌرتيءَ جو قطر 7 هزار، 9 سَو ميل (12 هزار، 7 سَو، ساڍا 4 ڪلوميٽر) آهي. ٻين لفظن ۾، جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ڏکڻ قطب تان گُهتَ هڻي (ٽُٻِي ڏئي) ڌرتيءَ جي اندر پيهندا وڃون ۽ ڏهاڙي هڪ سَو ميل اڳتي سُرون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ 79 ڏينهن لڳي ويندا.
هاڻي اچو ته ڏيهاڏيهي ڏينهنمٽ ليڪ تي سفر ڪيون ۽ گول ڦري وري ساڳي هنڌ پهچون، جتان سفر شروع ڪيو هو. ڏهاڙي هڪ سَو ميل سفر ڪيون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ اسان کي 284 ڏينهن ۽ 6 ڪلاڪ لڳي ويندا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته اوڀ ۾ ڌرتيءَ جو گھيرو 24-هزار 8-سَو 60 ميل (40-هزار ۽ 9 ڪلوميٽر) آهي.
ٺيڪ ڏينهنمٽ ليڪ جيان، اسان کي “ڌرتيءَ” تي 12 وڪڙ ڏيَڻا آهن. هر وڪڙ ڏکڻ چوٽ کان هلي، سامهون پاسي ڍڍ تان ٿيندي، اتر چوٽ تي پهچي، وري ابتي پاسي ڍڍ تان ٿيندي، موٽي اچي ڏکڻ چوٽ تي پهچي. توهان ڏسندا ته توهان جي هٿ ۾ جھليل ڌرتي 24 اُڀيُن ڦاڪن ۾ ورهائجي ڄڻڪ گِدري يا ڇِليَل نارنگي جھڙي ڏِکَ پئي ڏي! ياد رکجو ته هر هڪ ’ڦاڪ‘ هڪ جيتري هجڻ گھرجي. حقيقي ڌرتيءَ تي اهي ڦاڪون موجود ناهن، اهي سڀ خيالي ليڪون آهن، ڌرتيءَ جي نقشن واري ماڊل تي اهي اسان کي ڏسڻ ۾ اينديون، ڇو ته ڌرتيءَ جي اڀياس ۾ اهي اسان جي مدد ڪن ٿيون. اهڙيءَ هر ’ڊگھائي ڦاڪ‘ کي نقشي ۾ هڪ کان چوويهن تائين مقرر انگ سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. (وڌيڪ درست ۽ سولو ٿيندو جيڪڏهن اسين ’ڊگهائي ڦاڪ‘ ٻن ليڪن جي وچ واريءَ وٿيءَ کي سڏيون ۽ هر هڪ لِيڪ کي ’ڊگھاڪ‘ يا ’اُڀاڪ‘ سڏيون.)
ڊگھائي ڦاڪون ٺاهڻ کان پوءِ هاڻي اسان کي ويڪرائي ڦاڪون لِيڪڻيون آهن.
توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ڌرتيءَ جو ڍڍ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل آهي. ڌرتيءَ جِي اِن پيٽوڙِي ڦُونڊ کي ’ڀُوٿار‘ چئجي ٿو. انهيءَ ڀوٿار جي ٺيڪ وچ تي، جتان ڏکڻ قطب ۽ اتر قطب تائين هڪ جيترو مفاصلو هجي، ڌاڳو اهڙيءَ طرح ويڙهيو جيئن هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ جي ٺيڪ وچ مٿان ڦري/گھمي اچي. ڌاڳي جي هن وڪڙ سبب “ڌرتي” ٻن هڪ جيترن اڌن ۾ ورهائجي پئي آهي ـــــــــ ڌرتيءَ جو اتر پاسي وارو اڌ گولو ۽ ڌرتيءَ جو ڏکڻ پاسي وارو اڌ گولو. اسين اتر اڌ گولي کي اترادي يا ’اُتر اڌولو‘ (North Hemisphere) ۽ ڌرتيءَ جي ڏکڻ اڌ گولي کي ڏاکڻو يا ’ڏکڻ اڌولو‘ (South Hemisphere) چونداسين. حقيقي ڌرتيءَ تي اهڙي، کيس ٻن اڌولن ۾ ورهائيندڙ ڪا به ليڪ ناهي، هيءَ به خيالي ليڪ آهي ۽ جيئن ته اها ليڪ ڌرتيءَ کي ٺيڪ ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿي تنهنڪري ان کي ’اڌوڙڪ‘ سڏبو. ’اڌوڙڪ‘ کي اردو ۾ ’خط استوا‘ ۽ انگريزي ۾ ’اِيقئيٽر‘ (equator) سڏجي ٿو. (’ايقئيٽر‘ معنا ٻن برابر حصن ۾ ورهائيندڙ، ۽ سنڌيءَ جو لفظ ’اڌوڙڪ‘ اها ئي صحيح ۽ جائز معنا ظاهر ڪري ٿو.) ڌرتيءَ جي اڌوڙڪ تي جيڪڏهن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ماڻهو بيهندا وڃن ته 11-ڪروڙ ماڻهي بيهي سگھندا. اچو ته اڌوڙڪ تي سفر ڪيون ۽ گول ڦري وري ساڳي هنڌ پهچون جتان سفر شروع ڪيو هو. ڏهاڙي هڪ سَو ميل هلون ته اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ اسان کي لڳ ڀڳ 249 ڏينهن لڳي ويندا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته اڌوڙڪ تي ڌرتيءَ جو گھيرو 24-هزار، 9-سَو ۽ 2 ميل (40-هزار، 2-سَو، اڍائي ڪلوميٽر) آهي. اسين جيڪڏهن اڌوڙڪ جي ڪنهن نقطي تان ڌرتيءَ اندر سِيڌَ ۾ ٽُٻِي هڻون ۽ ڀُووچ تان پيهندي پار وڃي ڌرتيءَ جي سطح تي اڀرون، ڏهاڙي هڪ سَو ميل هلون ته اهو پنڌ پورو ڪرڻ ۾ اسان کي 79 ڏينهن ۽ سوا 6 ڪلاڪ لڳي ويندا، يعني اڌوڙڪ وٽ ڌرتيءَ جو قطر 9-هزار، 7-سَو ۽ 26 ميل (12-هزار، 7-سَو، 46 ڪلوميٽر) آهي. ٻين لفظن ۾، ڌرتيءَ جي اڀي قطر کان اڌوڙڪ وارو (ويڪرو) قطر 26 ميل (42 ڪلوميٽر) وڌيڪ آهي.
اڌوڙڪ کان اتر قطب تائين اتر اڌولي کي نوَن برابر حصن ۾ ورهايو. بهتر طريقو هي آهي ته ڪنهن هڪ ڊگھائي ڦاڪ تي هڪ جيتري وٿيءَ سان اٺ نقطا نشان ڪيو ۽ اتي ڌاڳو ٻڌي اڌوڙڪ سان پُور وِڇوٽ رهندي گولائي ۾ ڦري اچو. اهڙيءَ طرح اتر اڌولي تي، اتر قطب ۽ اڌوڙڪ جي وچ ۾ اٺ گھيرا ٺهي پوندا ۽ اتر اڌولو نوَن برابر حصن يا ڦاڪن ۾ ورهائجي چڪو هوندو. اهڙيءَ هر هڪ ڦاڪ کي ’ويڪرائي ڦاڪ‘ سڏجي ٿو. اهڙيون 9 ڦاڪون ڏکڻ اڌولي تي به ظاهر ڪيو. (وڌيڪ سولو ٿيندو جيڪڏهن اسين هر هڪ ويڪرائي ڦاڪ کي ليٽيل هجڻ ڪري ’ليٽاڪ‘ چئون.)
هن مهل تائين اسان ڌرگولي تي 24 اڀيون ۽ 19 ليٽيل لِيڪون ڪڍيون آهن. ياد رکجو ته اهي ليڪون حقيقي ڌرتيءَ تي موجود ناهن، پر جڏهن اهي ليڪون ڪڍون ٿا تڏهن سڄي ڌرتيءَ جو مٿاڇرو اڻپور پاسن چَوڪُنڊَن ۾ ورهائجي پوي ٿو ۽ اسين سولائيءَ سان هر هڪ ٽڪري کي ڊگھائي ۽ ويڪرائي ڦاڪن جي انگن جي مدد سان هڪ گھڙيءَ ۾ ڳولي سگھون ٿا. 24 ڊگھائي ڦاڪون وجھي اسان ڌرگولي کي چوويهنِ برابر حصن ۾ ورهايو آهي. توهان کي سُڌ هوندي ته هڪ گول جي مرڪز تي سڀني ڪنڊن جي ماپ 360 پد (˚360) ٿئي ٿي. ڌرگولي جا به ˚360 ٿيندا. انهن کي جيڪڏهن چوويهنِ برابر حصن ۾ ورهائبو ته هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ ˚15 جي نشاندهي ڪندي. جيئن ته ڌرتي، ٿلهي ليکي، پنهنجي سرائيءَ تي هڪ چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿي ان ڪري سج جي ڪنهن هڪ سِڌي ڪِرڻي آڏو هڪ ڪلاڪ ۾ ڌرتيءَ جو ڦريل مفاصلو هڪ ڦاڪ جيترو ٿيندو يعني ڌرتي هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ هزار ۽ ساڍا ستٽيهه ميل ڦيرو ڪري ٿي.
ساڳيءَ طرح ڌرتيءَ کي 18 ويڪرين ڦاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ڌرتيءَ جي مرڪز (ڀووچ) وٽ ڌرتيءَ جي عمود (سڌي ليڪ يا قطر) تي ˚180 ٿين ٿا. 180 پدن کي جيڪڏهن 18 حصن ۾ ورهايو وڃي ته هر هڪ ويڪري ڦاڪ ˚10 جي ٿئي ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته اتر اڌولي تي سنڌ جي طبعي بيهڪ ˚66 ۽ 42 منٽن کان ˚71 ۽ 10 منٽن تائين ڊگھائي ڦاڪ ۽ ˚23 ۽ 35 مِنٽن کان ˚28 ۽ 30 منٽن تائين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، ته اسين ڌرگولي جو نقشن وارو ماڊل ڏسي سنڌ کي هڪدم نشانبر ڪري سگھنداسون. (جڏهن ته سنڌ جي ڪل پکيڙ 52-هزار 9-سَو 94 چورس ميل يا 85-هزار 3-سَو 20 چورس ڪلوميٽر آهي.)
هاڻي اڃا ٻيا به ٻه ليڪا ڪڍنداسون ۽ پوءِ اڳتي وڌبو.
اتر اڌولي تي اڌوڙڪ کان ٻه ويڪرائي ڦاڪون ڇڏي ٽين ويڪرائي ڦاڪ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. ان ڦاڪ ۾ هڪ جيتري وٿيءَ تي ٽي ٽبڪا ڪڍو. اڌوڙڪ کان ٻه ويڪرائي ڦاڪون ۽ ٽينءَ جو ٽيون حصو شامل ڪري ان نقطي کان اڌوڙڪ سان پور وڇوٽ رهندي، گولائي ۾ ٽبڪن وارو ليڪو ڪڍو. هيءُ ليڪو ڳڻپ موجب اتر اڌولي ۾ اڌوڙڪ کان 23 پدون ۽ 17 منٽَ پري آهي. ان ليڪ کي ’کيکڙي وارو تاپٽو‘ سڏجي ٿو. اڌوڙڪ کان بلڪل ساڳيءَ وٿيءَ تي ڏکڻ اڌولي مٿان به ساڳيءَ طرح گولائي ۾ ٽبڪا ڪڍو. ان ليڪ کي ’جَدي وارو تاپٽو‘ سڏجي ٿو. ’کيکڙي واري تاپٽي‘ کان اڌوڙڪ سميت ’جديءَ واري تاپٽي‘ ڌرتيءَ جي ڍڍ تي گولائيءَ ۾ هيءُ جيڪو ’تاپٽو‘ ظاهر ٿيو آهي ان تي سج جي اُس جا ڪرڻا بلڪل اُڀا ڪِرن ٿا، تنهنڪري هن تاپٽي ۾ باقي سڄيءَ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ تاءُ (تابش، گرمي، ڄَر) وڌيڪ آهي ــــــــ هيءَ تاپٽائي ايراضي سڀ کان وڌيڪ سج سامهون رهي ٿي. سنڌ اتر اڌولي ۾ کيکڙائي تاپٽي کان ڪجھه وڌيڪ مٿڀرو ۽ اتر ۾ آهي. تاپٽي جي ويجھڙ واري علائقي کي ’اپ-تاپٽو‘ چئجي ٿو، تنهنڪري چئبو ته سنڌ اتر اپ-تاپٽي ۾ آهي.
هيءَ “ڌرتي” جيڪا اسان جي هٿن ۾ آهي، ان جي تور گھڻي ٿيندي؟ هڪ سَو گرام ته ضرور ٿيندي! پر اها ڌرتي جيڪا سج جي چوڌاري ٽين نمبر گرهه جي حيثيت ۾ ڦري رهي آهي، جنهن ۾ لوهه، پٿر، پاڻي ۽ مٽيءَ سان گڏ ٻيا ڪيترائي ڌاتو هزارين ٽَنَن جي حساب سان لڀن ٿا، جنهن تي اربين وڻن ۽ جانورن سان گڏ پنج ارب کان وڌيڪ ماڻهو به رهن ٿا، ڇا ان جو ڪو به وزن نه هوندو؟
جي وزن آهي، ۽ ظاهر آهي ته ان جو هڪ وزن ضرور آهي، ته ان کي ڪيئن توري سگھجي ٿو، ۽ ان جو وزن ڪيترو آهي؟
ايڏي وڏي تارازي اڃا نه ٺهي سگھي آهي جنهن جي هڪ پُڙَ ۾ ڌرتي رکجي ۽ ٻي ۾ وَٽَ رکجن. وَٽُ به ظاهر آهي ته لڳ ڀڳ ڌرتيءَ جيڏو ئي هجڻ گھرجي! جيڪڏهن ايڏو وڏو وَٽُ ۽ ايڏي وڏي تارازي ٺاهي به سگھجي، ته به ڌرتيءَ کي تورڻ ناممڪن آهي، ڇو ته ڌرتي هر گھڙيءَ نه رڳو پنهنجيءَ سرائيءَ تي ڦرندي رهي ٿي پر سج جي چوڌاري به لاڳيتي چَڪَر ۾ آهي. تورڻ لاءِ ظاهر آهي ته ان کي ترسائڻو پوندو، ۽ ڌرتيءَ جِي هڪ سيڪنڊ جي ڪروڙين حصي جيتري پَل لاءِ به چرپر بند ڪبي، ته نه رڳو ڌرتي پر سج جو سرشتو به ڊانواڊول ٿي ويندو ۽ اسين سمورا ماڻهو ۽ ٻيا چُرندڙ ساهوارا ته ان پَل ۾ پَٽجي بي ترتيب اڏامندا پولار ۾ هليا وينداسون پر پاڻي، وڻ ۽ جبل به اکڙجي اڏامي ويندا.
توهان ڄاتو آهي ته هَلندڙ بَس يا ريل گاڏي اوچتو بيهندي ته ان ۾ ويٺل اڳتي ڌِڪجي ويندا آهن ۽ جي اوچتو تيز هلندي ته پوئتي ڌِڪو ايندو. ڌرتيءَ ته هڪ وقت ٻه-چرپرون پئي ڪري ــــــــــ پنهنجيءَ سَرائيءَ چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري. (ٽينءَ چرپر جو ذڪر اڳتي ايندو.)
ڌرتي پولار ۾ اڏامندڙ راڪيٽ-گولو آهي ۽ اسين ان جا سوار مسافر. جياپي جي جنم کان وٺي ڪو وڏو حادثو نه ٿيو آهي، باقي سَنها لرزا ٿيا آهن، جن کي زلزلو يا ڌوڏو سڏيون ٿا.
آرڪمڊيز (ارشميدس) نالي هڪ ناليارو عالم ٿي گذريو آهي، هن جا علمي ڪم ڏاڍا شاندار آهن. هڪ ڀيري هن چيو هو ته مون کي هڪ ڊگھي لَٺ ڏيو ۽ بيهڻ جي جاءِ، آءٌ توهان کي ڌرتي کڻي ڏيکاريندس.
ڇا ڌرتي واقعي کڻي سگھجي ٿي؟
زباني، نظرياتي طرح ته اهو ممڪن آهي، پر عملي طرح ناممڪن.
سائنسدانن جي ليکي موجب ڌرتيءَ جو وزن 1020x66 ٽَن (يا 1021x6.6 ٽَن) آهي يعني ڇاهٺ آڏو ويهه ٻڙيون ڏبيون ته هيءُ انگ ظاهر ٿي سگھندو ـــــــــــ 000,000,000,000,000,000,00,66 ٽَن. (سنڌيءَ ۾ انگن جي ڳڻپ هن طرح آهي: ايڪا، ڏهاڪا، سوَ، هزار، ڏهه هزار، لکَ، ڏهه لک، ڪروڙ، ڏهه ڪروڙ، ارب، ڏهه ارب، کرب، ڏهه کرب، ؟) جيڪڏهن اسان کي ڪنهن به شيءِ جي قدبت ۽ گھاٽائيءَ جي ڄاڻ هجي، ته ان جو وزن ڳولي لهڻ ڏکيو ناهي. ڌرتيءَ جِي تور ان قاعدي موجب ڪيل آهي.
هاڻي اسان کي اهو ڄاڻڻو آهي ته سج-سرشتي ۾ سج جي سامهون ڌرتيءَ جي بيهڪ ڪيئن آهي؟
اسان پنهنجيءَ ٺاهيل ڌرتيءَ ۾ هڪ سَرائي آرپار ٽپائي هئي، توهان کي ياد آهي؟ ڌرتيءَ سميت سَرائيءَ جِي ڏکڻ قطب واري چهنب فرش ۾ اڀي کوڙيو. سرائي هڪ عمود (اڀي ليڪ) جيان ڏيکاربي ۽ فرش سان ˚90 جي ڪنڊ ٺاهيندي. توهان اتر ڏي منهن ڪري ويٺا آهيو ۽ سرائي “ ڌرتيءَ” سميت توهان جي سامهون فرش ۾ کُتل آهي. سرائيءَ ۾ هٿ وجھي ان کي ڪنڊائتو ساڍا ˚23 ليٽايو. هاڻي سرائيءَ جي ساڄي پاسي کان فرش سان ٺهڪندڙ ڪنڊ ساڍا ˚66 آهي. سج جي چوڌاري چڪر پولار ۾ ڌرتيءَ جي بيهڪ اِجھو ايئن آهي.
ڪمري جي ڪنڊ ۾ ميڻ بتي ٻاري “ ڌرتيءَ” تي ان جي پوندڙ روشني جاچيو. ڌرتيءَ جو اڌ اونداهو هوندو ۽ اڌ روشن. سرائيءَ جي چوٽيءَ ۾ هٿ وجھي ان کي ايئن ڦيرايو ڄڻڪ گھڙيال يا واچ جي سُئي ابتي ڦرندي هجي. توهين ڏسندا ته توهان جي سامهون واري ڊگهائي ڦاڪ ساڄي پاسي ڦرندي روشن ٿيندي ويندي، ڌرتيءَ تي اهو صبح (ڏينهن) پيو ٿئي؛ جڏهن ته ابتي پاسي جنهن ڊگھائي ڦاڪ تي اوندهه ڇائجندي وڃي اتي سانجھي (رات) پئي ٿئي. ڏينهن ۽ رات ٿيڻ جو اهو سلسلو هر گھڙِيءَ جاري رهي ٿو. هن گھڙيءَ به، هر ڊگھائي ڦاڪ تي هڪ ڪلاڪ جي فرق سان ڏينهن-رات جا 24 ئي ڪلاڪ موجود آهن، ڪٿي صبح آهي ته ڪٿي منجھند، ڪٿي شام آهي ته ڪٿي سانجھي، سومهڻي، اڌرات يا فجر. سجُ نه ته “اڀرندو” آهي ۽ نه ئي وري “لهندو” آهي. اهي اڻڄاڻائيءَ جي زماني جا تصور آهن. ڌرتيءَ جي ڦيري سبب ڌرتيءَ جو هڪ حصو سج جي سامهون ايندو رهندو آهي ۽ ساڳي وقت ٻيو حصو اوندهه ۾ ويندو رهندو آهي.
هاڻي، فطري طرح اهو سوال اڀرندو ته مُندون ڪيئن ٿيون بدلجن؟ ڌرتي سج جي چوڌاري جيڪو چڪرُ هڻي ٿي ان جي ڪري مند بدلجي ٿي. ان تي تفصيل سان پوءِ ڳالهائبو.