سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

ڌرتيءَ جو وايومنڊل

ڌرتيءَ جا مکيه عضوا/لِڱ ٽن قسمن جا آهن ــــــــــ نهرا، پَٽڙا ۽ گئسي. گئسن جي ان ميڙ کي هوا سڏجي ٿو جيڪو ڌرتيءَ جي هرڌاري لباس جيان اوڍيل آهي. اسين ڌرتيءَ جي نهري حصي تي، پاڻياٺي جي پاسي ۾ ۽ هوا منجھه رهون ٿا. هوا/فضا جيئن ته ڌرگولي جي هر پاسي موجود آهي ۽ گولائين ڏِک ڏئي ٿي، ان ڪري ان کي وايو (هوا جو) منڊل به سڏجي ٿو.
مڇيون لاڳيتو پاڻيءَ هيٺ رهن ٿيون، پر ٽوٻر ماڻهو جيڪڏهن ٽٻي هڻي ڪجھه اونهو/هيٺ ويندو ته کيس پاڻيءَ جو ايڏو ته بار محسوس ٿيندو جو ساهه مُنجھائي رکڻ ان لاءِ مصيبت بنجي پوندو. اونهائي جيتري وڌيڪ اوڏو گھڻو داٻ، پر مڇي (اونهائيءَ جي هڪ حد تائين) مزي سان ترندي/کائيندي رهي ٿي.
هڪ پَنو کڻي ٻنهي آڱوٺن جي وچ ۾ جھلي ان تي زور لڳايو. پنو نه ڦاٽندو. هڪ ڦوڪڻي جي اندر ۽ ٻاهر هوا جو داٻ هڪ جيترو آهي ان ڪري نه ٿو ڦاٽي. سڀني جاندارن منجھه به هوا موجود ٿئي ٿي جنهنڪري داٻ اندر ٻاهر هڪ جيترو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ/جاندار کي محسوس ئي نه ٿو ٿئي.
ڌرتيءَ جي هر پاسي ويڙهيل هن غلاف/لباس جي ٿولهه لڳ ڀڳ هڪ هزار ميل ڪَٿِي وئي آهي.
اسين جيڪڏهن ڪپهه جو ايڏو، هڪ هزار ميل اُوچو ۽ ٿُلهو سَٿو ٺاهيون ته ڪپهه جو هيٺيون تهه وڌيڪ گھاٽو، ان کان مٿيون ڪجھه گھٽ گھاٽو ۽ جيئن مٿي تيئن ڇِڊو هوندو. ڌرتيءَ جي هوا به ايئن آهي، ان جا هيٺيان تهه وڌيڪ ڳَورا ۽ گھاٽا ۽ جيئن مٿي تيئن هلڪا ۽ ڇڊا آهن.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان لڳندڙ، هوا جو هيٺيون، وزنائتو ۽ گھاٽي ۾ گھاٽو تهه “تائمنڊل” سڏجي ٿو.
تائمنڊل جي ٿولهه ڌرتيءَ جي هر هنڌ تي هڪ ڪَري ناهي، ڪٿي گھٽ ته ڪِٿي وڌ آهي. مثال طور، سمنڊ جي سطح ويجھو قطبي علائقن ۾ تائمنڊل جي ٿولهه/اوچائي 6 يا 7 ميل مس ٿيندي، جڏهن ته اڌوڙڪ ڀرسان اها 10 ميل کن ۽ گ.ا.ر (گڏيل اميريڪي رياستن)، ڪئناڊا، يورپ يا ايشيا کنڊ جي اترين علائقن ۾ ان جي ٿولهه ستن کان اٺ ميل آهي. ان ڪري چئبو ته تائمنڊل 6-10 ميل ٿلهو آهي. هوا ۾ موجود ڪُل ماليڪيولي ۽ گئسي مايي (mass) جو 75-سيڪڙو ۽ لڳ ڀڳ سڀ ٻاڦ، دونهون، بُوءِ، دَز، وڻن ٽِڻن جو ٻُور وغيره هن ئي تهه ۾ موجود آهن. هن تهه ۾ نائٽروجن گئس جو مقدار، گھربل ۽ مناسب آهي، جڏهن ته آڪسيجن گئس جو مقدار 25.94 سيڪڙو آهي جيڪو سڀني “ساهوارن” لاءِ ڏاڍو مناسب آهي. گھڻي کان گھڻا ڪڪر ۽ گِهم به هن ئي تهه ۾ موجود آهن جن جي ڪري موسمي تبديليون ٿين ٿيون.
جاچ ۽ پرک ڪندي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن تهه (تائمنڊل) جو مٿيون پرت (جنهن جي ٿولهه ڏيڍ ميل مَس ٿيندي) جھڙوڪر سڄي تهه مٿان ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿو، ڇو ته ان ۾ ماٺار وڌيڪ آهي. ان پرت کي “تائڍاڪ” سڏجي ٿو. تائڍاڪ تائمنڊل ۽ ان کان مٿين تهه سنگمنڊل جي وچ ۾ ڄڻڪ هوا جو پردو آهي.
تائمنڊل جي ڍڪ (تائڍاڪ) جي مٿان هوا جو ٻيو تهه سنگمنڊل سڏجي ٿو جنهن جي اوچائي/ٿولهه 30 ميل سمجھي وڃي ٿي. هن منڊل ۾ هوا جي هيٺ-مٿي چرپر/وهڪ ايڏي تيز ناهي جيڏي تائمنڊل ۾، ان ڪري هوا منجھه اڏام لاءِ بهتر ۽ محفوظ سمجھيو وڃي ٿو. 15 ميل اوچائي تائين سموري هوا جي ڪل اوزون گئس جو سڀ کان گھڻو مقدار ملي ٿو. هن تهه جو مٿيون پرت پڻ هڪ ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿو، جنهن کي “سنگڍاڪ” سڏجي ٿو. سنگڍاڪ ۾ سج کان ايندڙ تُز-واڱڻائي (ultraviolet) ڪرڻا جَهٽجي جذب ٿين ٿا. سنگمنڊل ڏاڍو ٿڌو آهي، منجھس تائُماپ ٻڙي کان ڪاٽُو اَسِي (-80) پد تائين گھٽ وڌ ٿئي ٿي. ان سان گڏ هي تهه هڪ ايئرڪنڊيشنر جو ڪم پڻ ڪري ٿو. سِياري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هوا ڏاڍي ٿڌي ٿي وڃي ٿي تڏهن هن منڊل ۾ تائپد وڌڻ لڳي ٿو ۽ “-80” کان مٿي چڙهي ٻن ڏينهنِ ۾ “-40” تائين پهچي سگھي ٿو.
هوا جو ٽيون ۽ مٿيون تهه اڃا سُوڌو عالمي طرح صحيح درجيبند نه ڪيو ويو آهي. ڪي سڄاڻڪ ان کي هڪ تهه سمجھن ٿا، ته ڪي وري ان جا ٽي تهه ڳڻن ٿا. اهي تفصيل ٻڌائن ٿا ته:
1. “وچيرمنڊل” سنگڍاڪ کان مٿي 14-50 ميل ٿلهو آهي. هيءُ ڏاڍو ٿڌو آهي ۽ هن ۾ تائماپ “-90” (ڪاٽُو نوي) پد تائين گھٽجي سگھي ٿو. هن تهه ۾ هوا جو داٻ به ڏاڍو گھٽ آهي. هن تهه کي پڻ پنهنجو ڍڪڻ آهي جنهن کي وچيرڍاڪ سڏجي ٿو.
2. “ڄَرمنڊل” (يا ايٽمي روپ منڊل) پوڻا ٻه سَو ميل کن ٿلهو آهي جنهن ۾ هوا جي گھاٽائي ۽ داٻ مورڳو گھٽجيو وڃي جنهنڪري هوا ڏاڍي ڇڊي آهي. ان جي هيٺين حصي ۾ ماليڪيولي نائٽروجن، ماليڪيولي آڪسيجن ۽ ايٽمي آڪسيجن موجود آهن ۽ جيترو اُوچو وڃبو ماليڪيولي آڪسيجن جو مقدار اوترو ئي وڌندو ويندو. هن تهه ۾ 70 ميل کن اوچائيءَ تي سج جا ايڪس-ڪرڻا ۽ تز-واڱڻائي ترورائپ (الٽراوايوليٽ ريڊِيئيشن) آڪسيجن جي ايٽمن جا اڻوڪَ (آيَنس Ions) ٺاهي يا انهن کي وِڄار وهڪ (اليڪٽريڪل چارج) ڏئي ٿي. وڄار وهڪ سبب ئي آڪسيجن جو ايٽم ۽ نائٽروجن جو ماليڪيول اڻوڪُ (Ion) ٿي پوي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ به، اتر پاسي، روشنيءَ جون ڊگھيون ڊگھيون لاٽون اڀرندي نظر اينديون آهن جن کي وِڄسار (آرورا Aurora) سڏيو وڃي ٿو. روشنيءَ جون اهي ڊگھيون لاٽون اڻوڪ ذرڙن جي ڪري ڄرمنڊل ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن ته 65 ميل اوچيون/ڊگھيون به هونديون آهن.
3. ٻَهرمنڊل، پَرمنڊل يا ماقيمنڊل: هن تهه کي 300 کان 500 ميل ٿلهو سمجھيو وڃي ٿو. هن تهه ۾ هوا ايڏي ته ڇڊي ٿي وڃي ٿي جو هن تهه جي پراهين سطح جي نشاندهي ڪرڻ ممڪن ناهي. چيو وڃي ٿو ته هوا ڏاڍي ڇڊي ۽ اڻوڪي (Ionic) ٿي وڃي ٿي تان جو وڃي سج جي اڻوڪي سرحد سان ملي وڃي. هن تهه جي پيڙهه آڪسيجن، هئڊروجن ۽ هِيليَم گئسن جي ايٽمن سان ڀريل آهي، جن جو هڪ سيڪڙو اڻوڪن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. هن تهه جي پيڙهه کان سَوا سَو ميل مٿي اهي اڻوڪَ چقمق جو ڪم ڪن ٿا جنهنڪري ان ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان وڌيڪ آهن. هن تهه ۾ ٻه ڍڪڻ موجود سمجھيا وڃن ٿا جن مان هڪُ 2-هزار ميل اوچائي تي ۽ ٻيو 4-هزار ميل اوچائي تي سمجھيو وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح هڪ هزار ميل ٿلهو سمجھيو ويندڙ وايومنڊل جوڙيندڙ گئسون ڌرتيءَ جي مٿاڇري وٽ گھاٽيون، ڳُوڙهيون ۽ جيئن مٿي تيئن ڇڊيون ٿي ايٽمي، ماليڪيولي ۽ اڻوڪيون ۽ ان کان پوءِ پروٽانِي ۽ اليڪٽرانِي صورت ۾ 50-هزار ميلن جي اوچائي تائين پهچي وڃن ٿيون.
وايومنڊل جو هيءَ اڀياس هوائي جهازن، اڏام-ڦوڪڻن، راڪيٽن ۽ هٿراڌو گرهن جي مدد سان ڪيو وڃي ٿو.
هونئن ته ڌرتيءَ (۽ سج ۽ سنسار) جو هر ذرو ڌرتيءَ تي جيوَت (Life) جي جنم جو ڪارڻ آهي، پر پاڻي ۽ خاص ڪري هوا کان سواءِ جيوت ممڪن نه هو. وايومنڊل ۾ به، جيڪڏهن، هيٺ گھاٽا ۽ مٿي ڇڊا تهه (ڪجھه هڪجھڙا ۽ ڪجھه بدليل، ڪجھه وڌيڪ چرپر رکندڙ ۽ ڪجھه نسبتن ماٺاريل/سانتيڪا) نه هجن ها ته به جيئڻ جنجال يا محال ٿي پوي ها. وايومنڊل ڪيترن ئي اهم ڪمن سان گڏ اسان کي سج جي تيز ڪِرڻن ۽ تاءَ کان بچائي ٿو، خاص ڪري تُز واڱڻائي ڪرڻن ۽ ترورن کان (جيڪي جيوت لاءِ موتمار آهن). ان سان گڏ سج-سرشتي اندر “ڀٽڪندڙ” اماڙين (ميٽيئورس) ۽ اماڙَن (ميٽيئورائيٽس) جي گولِي جھڙي ڌَڪ کان ڌرتيءَ جي رهاڪن کي بچائڻ به وايومنڊل جو ئي ڪارنامو آهي. اماڙيون ۽ اماڙا مٽر جي داڻي جيتري قد کان سوين مڻ وزني پٿراوان ۽ لوهي گولا آهن ۽ انهن جي ڪِرڻ جِي رفتار 43-هزار کان ويندي 2-لک ميل فِي ڪلاڪ جيتري تيز آهي. وايومنڊل ۾ ايندي ئي هوا جي ذرڙن سان انهن جي گاٺ ڄَرڪو، ڀَڙڪو ۽ لاٽ پيدا ڪري ڪروڙن اماڙن کي ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پهچڻ کان اڳ ئي ڳاريو ڇڏي. ڪجھه وڏا اماڙا گاٺ باوجود ٺوس شڪل ۾ ٺوٺ ڌرتيءَ تي ڪِرن ٿا. انهن کي ميوزمن ۾ رکيو ويو آهي.
تهن وارو وايومنڊل اهڙو لباس آهي جيڪو سياري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي سَڄر ۽ ساوَڻ ۾ ٿڌڪرو رکي ايئرڪنڊيشنر جو ڪم ڪري ٿو.