سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

اچو ته “ڌرتي” ٺاهيون ۽ ان کي وڍيون

اسان کي نه رڳو “ڌرتي” ٺاهڻي آهي، پر ان کي وَڍي ڏسڻو به آهي. ڇا ايئن ڪري سگھجي ٿو.
اسين ڌرتيءَ تي رهون ٿا پر اسان مان گھڻا اهو نه ٿا ڄاڻن ته ڌرتي ڪيئن ٺهيل آهي. جيڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ڌرتيءَ جي بناوت ۽ اڏاوت ڪيئن آهي، انهن جو علمي فرض آهي ته جيڪي ڌرتيءَ جي جوڙجڪ بابت نه ٿا ڄاڻن، انهن کي سٺي نموني سمجھائن.
ڌرتي سج چوڌاري ڦرندڙ هڪ گرهه آهي. سج هڪ روشن ۽ چمڪندڙ تارو آهي جنهن جھڙا ڪيئي ان کان ننڍا ۽ وڏا تارا سنسار ۾ موجود آهن. سج جي چوڌاري ڦرندڙ نوَن گرهن مان ڌرتي ٽئين نمبر تي آهي. چانڊوڪي پکيڙيندڙ چنڊ ڌرتيءَ جو هڪ ۽ اڪيلو اپگرهه آهي جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو.
اڄ کان ڪي 5 ارب ورهه اڳ ڌرتي موجود نه هئي. جيڪو ڪجھه هو، اهو هڪ اَروپ ۽ نڪمو جُڳتي (يُونِيوَرسل Universal) ٻُورو هو، جيڪو هڪ ڏاڍي وڏي ۽ کنڊريل ڪڪر جي صورت ۾ سج جي هڪ ڳَڀي طور سج سان گڏ پولار منجھه رلندو پئي رهيو. ڌرتيءَ کي گھاٽو، ڪارائتو ۽ نهرو وجود، هاڻوڪو روپ وٺندي 5 ارب ورهه لڳي ويا آهن.
اسين ڌرتيءَ جي هرڌاري (هر پاسي) موجود هوا جي ڏاڍي وڏي سمنڊ جي تَري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا. ڌرتي هڪ ڏاڍو وڏو گولو (ڄڻڪ صوف) آهي جنهن جي وِچ (ڀُووِچ) تائين پهچڻ لاءِ اسان کي 3 هزار، 9 سَو ۽ 63 ميل (6 هزار، 3 سَو ۽ 73 ڪلوميٽر) اونهي گھت هڻڻي پوندي. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي مِٽي، وارِي، پٿر ۽ جبل، ٻُوٽا، گاهه وڻ، باغ، ٻيلا ۽ ٻنيون، تلاءَ ۽ ڍنڍون، نديون ۽ سمنڊ، جيت جناور، مڇيون، پکي ۽ ماڻهو وغيره هڪ ٿڌڪڙي ماحول ۾ رهن ٿا، پر ڌرتيءَ اندر اونهو ويندي هر گھڙيءَ وڌندڙ ڄَر، تاءُ، ڪوساڻ آهي ۽ ايڏي ڪوساڻ؛ جو ڇِپون ته ڇا، هر قسم جو ڌاتو به وڃي اُٻرڻ لڳي ٿو.
گھڻا ماڻهو، صدين کان وٺي، جڏهن کان ماڻهوءَ وٽ سمجھه نسرڻ لڳي، ان مٿاڇري کي ئي مڪمل ڌرتي سمجھندا رهيا، پر اڄ جڏهن اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته ڌرتيءَ کي گھڻو پري کان ۽ ويجھو رهي ان جي اونهاين ۾ ڏسي ۽ جاچي سگھجي، تڏهن پَڪن ثبوتن سان ڄاڻي سگھيا آهيون ته ڌرتي ڄڻڪ هڪ اهڙو اندر ۾ ڪوسو تَهن وارو ڦوڪڻو آهي جنهن جو ڪو تهه نهرو، ته ڪو تهه رجيل پاڻياٺو آهي. جيئن صوف جا ٻه، بونڊ ۽ ڦلڙيءَ وارا سرا ڪجھه جھڄيل هوندا آهن تيئن ڌرتيءَ جا ٻه سرا، اتر ۽ ڏکڻ قطب به ڪجھه جھڪيل، جھول ڪيل آهن، ۽ انهن جي ڪري ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪجھه وڌيڪ ڦونڊيل آهي.
ڌرتيءَ جي ڍِڍ تي جيڪڏهن ڌاڳو ويڙهيو وڃي ته هڪ چڪر پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي 24 هزار، 9 سَو ۽ 2 ميل ڊگهو ڌاڳو گھربو، جنهن تي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي 11 ڪروڙ ماڻهو بيهي سگھن ٿا. ايڏي وڏي ڌرتي ٺاهڻ ۽ ان کي وچ تان وڍي اڌ اڌ ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري ننڍڙي ڌرتي ٺاهينداسون. اها ڌرتي ٺاهڻ لاءِ اسان کي هيٺ ڄاڻايل شيون گھرجن:
1. ڪاري رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ هڪ ريل،
2. ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ ٻه ريل،
3. بادامي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ ٽي ريل،
4. پِيلي رنگ جو ڌاڳو ـــــــــ هڪ ريل،
5. ٿورِي ڪپهه.
ڪاري رنگ وارو ريل کڻو. ٿورو ڌاڳو وٽي ڳوڙهي يا ڏٽي ٺاهيو. اها ڌرتيءَ جي مرڪز (ڀُووچ) جو ڪم ڏيندي، ان تي ئي ساڳيو ڪارو ڌاڳو ويڙهيندا وڃو. جڏهن ريل کُٽي ويندو تڏهن توهان جي هٿ ۾ ڪاري ڌاڳي جو هڪ ننڍو کينهون (بال) هوندو. اهو کينهون “ڌرتيءَ” جو اونهي ۾ اونهو، اندريون مغز آهي. انهيءَ کي “ڀُوهڏ” (اندريون ڳَڀ، Inner Core) سڏينداسون. ڌرتيءَ ۾ هي حصو انتهائي چيڙهالو، گھاٽو، نهرو ۽ ٺوس آهي. هن ۾ گھڻو/ڳپل لوهه، ڪجھه ڳڀو قلعي (نِڪل) ۽ ڪجھه قدر ٻيا ڌاتو آهن. ڀووچ کان ڀوهڏ جي ٻاهرين سطح تائين ڪل مفاصلو ساڍا 6 سَو ميل کن آهي. هيءُ ڌرتيءَ جو سڀ کان وڌيڪ ڪوسو (تپيل) حصو آهي ۽ هتي تپماپ (ٽيمپريچر Temperature) 10 هزار ڊگريون فارنهائيٽ آهي، جيڪا سج جي مٿاڇري وٽ موجود تاءَ کان گھٽ ناهي.
ٺاهيل ڀُوهڏ (ڪاري کينهوڙي) مٿان ڳاڙهي رنگ وارن ٻنهي رِيلن جو ڌاڳو ويڙهيو. کينهون اڃا ڪجھه وڏو، لڳ ڀڳ ٽيڻو ٿي پيو آهي. هيءُ ڌرتيءَ جو رجيل مغز آهي، جنهن کي “ڀُوگڏ” (ٻاهريون ڳڀ، Outer Core) سڏينداسون. ڀوهڏ جي هرڌاري هن ڀوگڏ جي ٿولهه جت ڪٿ 15 سَو ميل آهي. هن جي بناوت به ڀوهڏ جي ڌاتن واري آهي پر هيءُ ٺوٺ ناهي، رجيل آهي. هيءُ جيتوڻيڪ هڪ پاڻياٺ جا گڻ رکي ٿو، پر اهو ڪنهن به اهڙي پاڻياٺ جيان ناهي، جيڪا اسان ڏٺي هجي ـــــــــ اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي موجود پٿرن کان به وڌيڪ گھاٽو ۽ سخت آهي. ڀوگڏ جي تپماپ ڀوهڏ کان ڪجھه گھٽ آهي.
هتي، هر هڪ ڄاڻو ماڻهو تپرس ۾ پئجي سگھي ٿو ته اندريون مغز (ڀوهڏ) نهرو ڇو آهي، جڏهن ته اهو ڀوگڏ کان به وڌيڪ ڪوسو آهي!
ٿيڻ ايئن گھربو هو ته جيڪو جيترو وڌيڪ ڪوسو (تتل) اهو اوترو وڌيڪ پٽڙو، رجيل، نرم (يا ٻاڦ ۾ بدليل) هجي!
جواب ان سچ ۾ لڪل آهي، ته ڀوهڏ جي وچ تي پوندڙ داٻ هر چورس انچ مٿان لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ، 50 لک پائونڊ (2 ڪروڙ ڪلوگرام) آهي، جنهن ڀوهڏ کي ڀيچي ٺوس ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي تائين ٺاهيل “ڌرتيءَ” کي رُڪ جي ٻير سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا، جنهن جو کوکڙو ڳوڙهو ڳتيل ۽ سخت نهرو آهي ۽ جنهن تي چڙهيل ماس (ڳر) به ڪو گھٽ نهرو ۽ ڳتيل ناهي. رڪ جي هن ٻير جو اڌ قطر (ڀووچ کان ڀوگڏ جي ٻاهرين سطح تائين) 2 هزار، 1 سَو ۽ 60 ميل آهي.
هاڻي، بادامي رنگ وارن ٽنهي ريلن جو ڌاڳو ٺاهيل “ڌرتي” تي ويڙهيو. ڌرتيءَ جو هيءُ تهه پٿر جو ٺهيل آهي جنهن کي “ڀُوويس” (ڌرتيءَ جو لباس) يا “ڀُوماس” (ڌرتيءَ جو ماس، Mantle) سڏجي ٿو. ڀوماس جي ٿولهه 18 سَو ميل آهي. ڀوماس تي جيڪڏهن ڏاڍو داٻ وجھبو ته ڪجھه دَٻبو، ٿورو جُهڪ ڪندو ۽ ڪجھه پاسي ڀيڙو ٿيندو، جيئن، مثال طور انب جي ڳر (ماس) کي آڱوٺي سان دٻائڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. ڀوماس جي مٿاڇري تي تپماپ 2 هزار ڊگري فارنهائيٽ آهي. اهو ايڏو تاءُ، اَوس آهي جو ڪجھه قسمن جا پٿر (ڇپون، ٽڪريون) رجائي رکي. پٿرن جي انهيءَ رجيل ڪوسي ڳار کي تتَيڳار (Magma) سڏجي ٿو، جيڪا ڀوماس جي مٿاڇري تي موجود کڏن ۽ کوٻن ۾ گڏ ٿيندي رهي ٿي. باهه اوڳاڇيندڙ جبلن جي وات مان جيڪو تتو ريج (لاوا Lava) نڪرندو آهي، اهو اها ئي تتيڳار هوندو آهي.
ٺهيل ڌرتيءَ تي هاڻي پِيلي رنگ جو ڌاڳو ويڙهيو ۽ مٿس ايترا وڪڙ چاڙهيو جيئن سڄو کينهون (ڀُوماس) ان ۾ لڪي وڃي. ڌرتيءَ تي هيءُ هڪ ڪڙڪ، ٺوٺ ۽ پٿريلو تهه آهي جنهن جي ٿولهه ڪٿي 10 ميل، ته ڪٿي 20 ميل ۽ ڪٿي ته 25 ۽ 30 ميل به آهي. هيءُ مٿاڇرو ڪيترن ئي هنڌن تي وسيع ايراضين ۾ مٽيءَ يا واريءَ سان ڍڪيل به آهي. هن تهه کي ڌرتيءَ جي کَل، ڪڙي يا ڇوڏو ــــــــ ڀُوچَم (Crust) ــــــــ سڏجي ٿو. هيءُ ڀوماس جو نهرو، پٿريلو ڍڪُ آهي. اسان جي جملي جيوَت هن تهه جي مٿاڇري سان ڳنڍيل آهي. ان مٿاڇري جي جھاڪن، کٻن، لِينگھن ۽ جھولن ۾ ڌرتيءَ جو پاڻي تلائن، ڍنڍن، ندين ۽ سمنڊن جي صورت ۾ موجود آهي. هن تهه تي ئي جبل، ٻيلا، ٻنيون، ٿر (رڻ)، پَٽ ۽ اسان جا گھر پڻ موجود آهن. هن ئي تهه جي مٿاڇري تي اسين گھمندا آهيون.
هاڻي، ڪپهه وڇائي ان تي ٺاهيل ڌرتيءَ کي ليٿڙايو، گول ڦيرايو، تان جو سڄي ڌرتي ڪپهه ۾ ڍڪجي وڃي. اها ڪپهه اسان جي ڌرتيءَ جي هرڌاري (هرڦير، هر پاسي) موجود هوا آهي. هوا جي ان لباس ــــــــ وايومنڊل (Atmosphere) ـــــــــ جي ٿولهه هڪ هزار ميلن تائين ڪَٿي وئي آهي جيڪا هيٺ، ڌرتيءَ جي مٿاڇري وٽ ڪجھه وڌيڪ گھاٽي ۽ مٿي ڏاڍي ڇڊي آهي.
اجھو، ڌرتي تيار ٿي وئي.
هاڻي ان کي بلڪل مٿان کان هيٺ (صوف جي مثال ۾ بونڊ کان ڦلڙيءَ تائين) ڪپيو. ڌرتيءَ جا ٻه اڌ اوهان جي آڏو آهن.