ڌرتيءَ جي چرپر
ڏينهن رات جو اهڙو ڦيرو ڪيئن ٿو ٿئي؟ ڌرتي ٿي ڦري يا “آسمان”؟ (جڏهن ته، اها ڳالهه ضرور ياد رکجو ته هر ڏيهه جي رهاڪن مٿان، ڏينهن هجي يا رات هر گهڙيءَ “آسمان” موجود رهي ٿو)، ڪو نه ڪو ڦري ضرور ٿو، “آسمان” ڦرندو هوندو يا وري ڌرتي!
چڱيءَ طرح سوچ ويچار کان پوءِ توهان اوَس ان نتيجي تي پهچندا ته ڏينهن جي تبديليءَ جو ڪارڻ ڌرتيءَ جو ڦيرو آهي.
ڌرتي ڦري ٿي، ته اسين ڪِرون ڇو نه ٿا؟
هن سوال ۾ ڪا به عقلمندي ڪو نه آهي. ڌرتي ڪو پتڪڙو بال ته ڪونهي جو ان جي ڦيري سبب ڪري پئون. ڌرتي نه رڳو ڦري ٿي پر سج جي چوڌاري چڪر به هڻي ٿي، ته سج سان گڏ “ڊوڙندي” به رهي ٿي.
ڌرتي اسان کان ڪروڙين ڀيرا وڏي آهي. اسين ان سان چهٽيل آهيون ۽ ان جي ڇِڪ اسان تي لاڳيتو اثر ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي “ڦيري”، چڪر ۽ ڊوڙ دوران ڪو به جهاڪو ڪو نه ٿي کائي، ان ڪري ان جي چرپر جو عام طرح اسان کي احساس ڪو نه ٿو ٿئي.
ڇا توهان ڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو آهي؟ ضرور ڪيو هوندو. گاڏيءَ جا در دريون سڀ بند هجن، يا توهان ڪجهه دير اکيون بند ڪريو ۽ ريل گاڏيءَ جي ڦيٿن جو ٺَڙڪو، لوڏو، جهاڪو ۽ گاٺ جو آواز بند ڪيو، توهان کي احساس ئي ڪو نه ٿيندو، ته ڪو ريل گاڏي هلي رهي آهي. ريل گاڏي ننڍڙي شيءِ آهي، اوهان ان جي ڊوڙڻ بابت ڄاڻو ٿا ۽ ان سان گڏ ريلوي جي آس پاس “پوئتي ويندڙ” وڻ ۽ زمين پڻ سولائيءَ سان ريل گاڏيءَ جي ڊوڙڻ جو چٽو احساس ڏين ٿا.
ڪنهن ڏينهن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي، ٽيڪ ڏيئي آرام سان ڍرڪي ويهو، جيئن زمين توهان کي نظر نه اچي. اسٽيشن تي بيٺل جيڪڏهن ڪا ٻي گاڏي هلندي، ته توهان پڪ سان چئي سگهندؤ ته ڪهڙي ريل گاڏي هلي پئي. پڪ توهان کي تڏهن پوندي جڏهن زمين ڏسندؤ يا وري گاڏيءَ جي جهٽڪي وارو لوڏو اچي. ساڳي حالت ۾ رهندي اوهين ٻاهر ڏيکارجندڙ وڻن تي نگاهه وجهو. اوهان کي ائين محسوس ٿيندو ڄڻڪ وڻ ڊوڙي رهيا هجن. ڊوڙي ته ريل گاڏي ٿي پوءِ وڻن جي ڊوڙڻ جو احساس ڇو ٿو ٿئي؟
توهان پنهنجي گهر جي ڇت تي رات جو اوڀر ڏي پير ڊگهيري ليٽي پئو ۽ تارن کي ڏيان سان جاچيو. مختلف تارا ڪنهن نه ڪنهن ٽڪنڊي چوڪنڊي يا جهڳٽيدار شڪل ۾ توهان کي نظر ايندا. ڪنهن وڏي (ماڻهوءَ) کان قطب تاري جو ڏس پڇي، ان کي سڃاڻي ڇڏيو. هاڻي توهان ٺيڪ اوڀر ۾، اوڀر- اتر ۽ اوڀر-ڏکڻ ڪنڊن تي ڪي چمڪندڙ تارا يا جُهڳٽا تاڙي ياد ڪيو. توهان کي اٺ-ڏهه ڪلاڪ جاچ جاري رکڻي پوندي. توهان سولائيءَ سان ڏسي سگهندا ته قطب تارو ساڳيو ئي اتر ۾ ٺيڪ ساڳي جاءِ تي موجود هوندو، اوڀر ۾ تاڙيل تارو اولهه ۾، اوڀر-اتر ڪنڊ وارو اتر-اولهه ڪنڊ ۾، اوڀر-ڏکڻ ڪنڊ وارو تارو ڏکڻ-اولهه ڪنڊ ۾ پهچي چڪا هوندا. قطب تارو ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هيو پر ٻيا تارا بدليل جڳهن تي نظر ڇو ٿا اچن؟
قطب تارو ڏسڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اوهين ڪنهن به مسجد جي ڏکڻ-اولهه ڪنڊ وٽ بيهي ڀت جي سِيڌ ۾ اتر طرف ڏسو. ڌرتيءَ جي سطح کان لڳ ڀڳ “پنج ماڙ” جيترو مٿي، وچٿرو چمڪندڙ تارو توهان کي سولائيءَ سان نظر اچي ويندو.
اچو ته هاڻي ٿورو ڌرتي جي ڦيري واري چرپر تي نظر وجهون. توهان کي خبر آهي ته ڌرتي ڪنڊائتي پوزيشن ۾ آهي. سَرائيءَ جي سيڌ ۾ اتر طرف قطب تارو آهي. اتر کان وٺي ڏکڻ تائين ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪَمان جيان رهي ٿو. ان جي وچ (اوڀر) پريان تارو ٺيڪ اوڀر کان هلندي اولهه طرف ويندي لڳندو، جڏهن ته ڪُنڊن وارا تارا ڪُنڊن تي ئي هلندي نظر ايندا. ڌرتي پنهنجي سرائي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ڦرندي رهي ٿي. جيئن اسان کي ريل گاڏيءَ مان ٻاهريون لقاءُ هلندي (ڊوڙندي) نظر اچي ٿو، پر پنهنجيءَ ريل گاڏيءَ جي هلڻ جو احساس گهٽ (يا نه) ٿئي ٿو. هيءُ، “تارن وارو ڦيرو” به بلڪل ان جيان آهي. ڦري ته ڌرتي ٿي پر لڳي ايئن ٿو ته ڄڻڪ تارا ڦريا هجن. سرائيءَ تي ڌرتي جو ڦيرو “اوڀر” طرف آهي ۽ ان ڪري هر تارو “اولهه” طرف ويندي نظر اچي ٿو.
ڌرتي پنهنجي سرائي تي ڦرندي رهي ٿي جنهنڪري ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهندڙ سڀ شيون پڻ لاڳيتي ڦيري جي حالت ۾ آهن. مثال طور سمجهو ته اڌوڙڪ جي ڪنهن به نقطي وٽ هڪ وڻ بيٺل آهي. سج جي حوالي سان ان جي رفتار ڪيتري تيز آهي؟ اها رفتار هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ آهي! يعني، جيڪڏهن سمجھو ته سج جي رڳو هڪ لاٽ هجي ۽ اها لاڳيتو وڻ تي رهي ته ان کي هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻو پوندو.
جيڪڏهن اسان ڪو اهڙو هيليڪاپٽر ٺاهي سگهون جيڪو ڌرتيءَ مٿاڇري کان ڪجهه مٿي اهڙيءَ طرح ٽڪ هڻي ڄمي بيهي رهي جو ڌرتيءَ جي ڇڪ ان تي اثر ڪري، هوا سميت، پاڻ سان گڏ ڦيرائي نه سگهي، ته توهان هڪ شاندار ۽ وڻندڙ لقاءَ ڏسي سگهندا. اڳ به اسان جڏهن پيرين-پنڌ سير ڪيو هو تڏهن اسان جي هلڻ جي رفتار ڏاڍي ڍري هئي. پر هاڻي جڏهن ته اڌوڙڪ مٿان، ڌرتيءَ جي ڇڪ کان آجو ٿي ٽِڪ هڻي بيٺا آهيون، تڏهن ڌرتيءَ جو مٿاڇرو هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦرندو پيو وڃي ۽ رڳو 24 ڪلاڪن ۾ ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو پنهنجا رنگ روپ ۽ خشڪيون تَريون ڏيکاريندو، وري اچي ان نقطي تي پهچندو، جتان اسان ان کي ڏسڻ شروع ڪيو هو. جيڪڏهن ڌرتيءَ مٿان ڪڪر نه هجن، ته ٺيڪ اهو ساڳيو لقاءَ سج تان ڌرتي ڏسڻ مهل نظر ايندو. اڃا به جيڪڏهن ائين ڪيون جو سنڌ جي ڏکڻ طرف سِيڌ ۾ وڃي اڌوڙڪ تي بيهون ۽ جيئن ئي صبح ٿئي ته هڪ هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻ شروع ڪيون ته اڌوڙڪ تي 24 ڪلاڪن ۾ ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو لتاڙي (اڪري) ٺيڪ ساڳي هنڌ پهچنداسون ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ان سڄي سفر ۾ (منجهند، سانجهي، ۽ رات نه، پر) رڳو صبح ئي صبح ڏسنداسون! اچو ته هاڻي ذڪر ڪيل وڻ هيٺ ويهي سج تي نظر ڄمايون. سج جا ڪرڻا صبح ويل سڌو اسان مٿان نه ڪِرندا (۽ ان ڪري پاڇو اولهه طرف ٺهندو) پر جيئن جيئن ڌرتي ڦرندي ويندي تيئن تيئن سج جا سڌا ڪرڻا سڌو اسان مٿان ايندا ويندا تان جو ٽاڪ منجهند (12 وڳي) اهي اسان مٿان اڀا ڪِري رهيا هوندا (۽ پاڇو اسان جي پيرن ۾ هوندو). لاڳيتي ڦيري سبب اسين وينداسون سج کي پُٺيرو ٿيندا (۽ پاڇو اوڀر طرف ويندو ڊگهو ٿيندو) تان جو سج جا سڌا ڪرڻا اسان کان ايترو پري ڪِري رهيا هوندا، جو اسين انهن کي ڏسي نه سگهنداسون (اها رات آهي ۽ ان وقت ڪو به پاڇو ڪونهي). نيٺ ڌرتيءَ جو ڦيرو وري اسان کي سج جي سامهون آڻي بيهاريندو. اسان جيڪو ڌرتيءَ جو بال جهڙو سرائي وِڌل ماڊل ٺاهيو هو، اهو هٿ ۾ جهلي اتر طرف مُنهن ڪري بيهو ۽ پنهنجي ساڄي پاسي هڪ ميز رکي، ان تي ميڻ بتي روشن ڪريو. ٺيڪ توهان جي نڪ سامهون، بال تي روشن ۽ اونداهو پاسو گاڏڙيل نظر ايندو. جتي اوندهه ۽ روشني ملندي هجي اتي اڌوڙڪ مٿان هڪ ٽبڪو ٺاهبو (هي اهو وڻ آهي جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪيو آهي). ٽبڪي وٽ صبح ٿيو آهي. هاڻي سرائيءَ کي هوري هوري ان رخ ۾ ڦيرو ڏيندا رهو جنهن رخ ۾ ميڻ بتي ٻرِي رکي آهي. هوري هوري اهو ٽبڪو چِٽي ۽ روشن حصي ۾ پهچي ويندو. ٽبڪي وٽ منجهند ٿي وئي. ڦيرو جاري رکو، تان جو اهو ٽبڪو پَرين پاسي ان هنڌ تي پهچي جتي روشني ۽ اوندهه ملي رهيا آهن. هاڻي ٽبڪي وٽ سانجهي آهي. ڦيرو جاري رکو. ٽبڪو اونداهي حصي مان ٿيندو (رات گذاريندو) وري اچي اوهان جي نڪ جي سامهون روشن-اونداهي حصي ۾ پهچندو. هيءُ ٻيو سج آهي، ڌرتيءَ جو هڪ ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويو.
ڌرتيءَ جو پنهنجيءَ سرائيءَ تي لاٽون جيان ڦيرو ڏينهن-رات ٺاهڻ جو ڪارڻ آهي. ڪو به سج ڪو نه ٿو اڀري ۽ نه ئي لهي ٿو. رڳو ڌرتيءَ جو هر نقطو ڦرندي سج سامهون اچي ٿو ۽ ڦِــرِي هٽِي وڃي ٿو. جڏهن اسين سج سامهون ٿيندا وڃون ٿا تڏهن سڀ ڀانيون ٿا ته سج اڀرندو مٿي ٿيندو پيو وڃي ۽ جڏهن سج سامهون ڦري وڃون ٿا تڏهن ڀايون ٿا ته سج لهندو هيٺ ٿي ويو. “ريل گاڏيءَ” ۾ سفر اسين ڪيون ٿا پر هلندڙُ (ڊوڙندڙُ) وري وڻن کي ٿا محسوس ڪيون. اهو ساڳيو ڦيرو تارن جي “اڀرڻ ۽ لهڻ” جو به ذميوار آهي. جڏهن ته ڪا به شيءِ (تارا، سج) ڪا نه ٿي اُڀري ۽ نه ئي وري لهي ٿي. سچ رڳو اهو آهي ته ڌرتي پنهنجي سرائيءَ تي لاٽون جيان ڦري ٿي، ڦرندي رهي آهي ۽ ڦرندي رهندي.
مُندون ڪيئن ٿيون ٿين، ۽ بدلجن ڇو ٿيون ۽ رڳو چار مندون ئي ڇو ٿيون ٿين؟ هاڻي اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڏسڻو آهي. پنهنجيءَ سرائي تي ڦرندو رهندي، ساڳيءَ مهل اسان جي ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر به هڻي ٿي.
۽ سج جي چوڌاريءَ ڌرتيءَ جو اهو چڪر ئي چئن مندن ۽ هڪ کان ٻي مند ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ آهي. ڪيئن، اچو ته ڏسون.
ذڪر ڪيل بال جي اڌوڙڪ تي هڪ ڌاڳو ٻڌو ۽ ڌاڳي جو ٻيو ڇيڙو پنهنجيءَ آڱر ۾ ٻڌو، هاڻي پنهنجي آڱر کي پنهنجي منڍيءَ کان مٿڀرو جهلي بال کي آڱر جي چوڌاري ڦيرايو. ڌاڳي جي ڪري، ڌاڳي جيتري ڊيگهه جي فاصلي تي، آڱر جي چوڌاري چڪر هڻندو رهندو. آڱر کي سج سمجهو ۽ بال کي ڌرتي... ۽ ڌاڳو سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ڪشش جو ميدان ــــــــــ سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ عملي طرح ڪو به ڌاڳو ڪونهي. نمبر ٻِي ڳالهه اها، ته ڌرتي سج جي چوڌاري پوري گولائيءَ ۾ ڪو نه ٿي ڦري، پر ان جو چڪر آني-جيان آهي.
ڪمري جي وچ ۾ ميز رکي ان جي چوڌاري، پر ان کان ممڪن حد تائين پرڀرو، هڪ گول ليڪو فرش تي چاڪ سان ليڪيو. ميز تي ميڻ بتي روشن ڪيو (هي سج آهي) ۽ بال (ڌرتي) هٿ ۾ کڻي چاڪ جي ليڪي تي هڪ چڪر هڻو. هن سڄي چڪر ۾ بال اهڙِيءَ طرح جهليو جيئن ميڻ بتيءَ (سج) جي روشني (اس) لاڳيتو بال (ڌرتي) تي پوندي رهي. جڏهن چڪر پورو ٿئي تيستائين ڌرتيءَ کي پنهنجيءَ سرائي تي لاٽون جيان، 365 ڦيرا ۽ ذرو وڌيڪ پُورا ڪرڻا آهن. يعني ڌرتي جڏهن سج جي چوڌاري هڪ چڪر پورو ڪري ٿي ان وچ ۾ پنهنجي سرائي تي 365 ۽ چوٿائي ڦيرا (365 ڏينهن ۽ ذري گهٽ ڇهه ڪلاڪ) پورا ڪري چڪندي آهي.
هاڻي ڪمري جي فرش تي چاڪ سان ليڪيل گول جي ٺيڪ ڏکڻ ۾ هڪ نشان ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ٺيڪ اوڀر ۾، ٺيڪ اتر ۾، ۽ ٺيڪ اولهه ۾ نشان ڏيو. ڏاکڻي نشان تي 21-جُونِ، اوڀرائين نشان تي 23-سيپٽمبر، اترائين نشان تي 22-ڊسمبر ۽ اولهائين نشان تي 21-مارچ لکو. سج چوڌاري چڪر ڏيندي ڌرتي جڏهن انهن نشانن تي پهچندي آهي تڏهن اسان وٽ جنتريءَ (ڪئلينڊر) موجب ذڪر ڪيل تاريخون هونديون آهن. (هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اتر، اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر نالي طرف رڳو ڌرتيءَ جي حوالي سان ۽ پراڻي گهٽ ڄاڻ موجب چالو نالن جي ڪري سڏيا وڃن ٿا، نه ته حقيقي اڻکٽ سنسار ۾ هر شيءِ “ڏکڻ” ۾ به آهي ته “اتر” ۾ به، “اوڀر” ۾ به آهي ته “اولهه” ۾ به، “اڳيان” به آهي ته “پٺيان” به، “هيٺ” به آهي ته “مٿي” به، ۽ اهو فرق به رڳو ان ڪري آهي ته ڏسندڙ ڪهڙي شيءِ جي ڀيٽ ۾ ۽ ڪٿي بيهي اهي لفظ ڪم آڻي رهيو آهي.)
مٿي ڄاڻايل تاريخن ۾ سج جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جي “بيهڪ” (پوزيشن) کي ڏسي مُندن جو ڦيرو سمجهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي. مثال طور اسان وٽ سنڌ ۾، عام طرح اپريل جي ابتدا کان آگسٽ جي انتها تائين تاءُ (ساوڻ، اونهارو) هوندو آهي ۽ نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري ۾ سيءُ (سِيئارو، سِيارو) هوندو آهي. هاڻي توهان فرش تي ليڪيل ليڪي مٿان هر تاريخ يا هر مهيني جو نشان وجهي ان ڏينهن يا مهيني ۾ سج جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جي هنڌ (“بيهڪ”) ڳولهي سگهو ٿا.
پر هتي اسان جي گهرج آهي ته ڌرتيءَ بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻون. اچو ته ڌرتي-بال تي ٻه ليڪا ٻيا ڪڍون. بال (ڌرتيءَ) کي پنهنجي سامهون جهليو (اتر، سرو-مٿي ۽ ڏکڻ، پيرو-هيٺ). اتر کان ڏکڻ تائين بال جي مٿان هڪ خيالي اڀي ليڪ جو سوچي ان کي لڳ ڀڳ ٽن برابر حصن ۾ ورهائي، پين سان نقطي جو نشان ڏيو. توهان ڏسندا ته اڌوڙڪ کان ڪجهه مٿي ۽ ڪجهه هيٺ هڪ هڪ نقطو هوندو. هر نقطي کان گولائيءَ ۾ ليڪ وجهو جيئن اڌوڙڪ کان پوروڇوٽ رهي. اتر اڌ ۾ ظاهر ٿيل ليڪ جو نالو کيکڙو تاپَٽو ۽ ڏکڻ اڌ تي ظاهر ٿيل ليڪ جو نالو جَدي تاپٽو آهي. توهان کي اها ڳالهه ياد هوندي ته ڌرتي پنهنجيءَ سرائي تي ڪنڊائتي جُهڪيل آهي ۽ لاڳيتو ان حالت (“بيهڪ”) ۾ پنهنجي سرائيءَ تي ڦرندي ۽ سج چوڌاري چڪر هڻندي رهي ٿي.
هاڻي هڪ ڀيرو وري سج جي چوڌاري چڪر هڻندي ڌرتي تي پوندڙ اُس جو ڌيانَ سان جائزو وٺو. توهان کي چڱيءَ طرح خبر پئجي ويندي ته سج جي حوالي سان ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل: 1. ڌرتي جڏهن 21- جُونِ واري “بيهڪ” ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ کيکڙو تاپَٽو آهي، اتر قطب تي هر گهڙي روشني رهي ٿي، جڏهن ته ڏکڻ قطب تي روشني پهچي ئي ڪو نه ٿي. اهو اسان جو اونهارو (سانوڻ) آهي، 2. ڌرتي جڏهن 23-سيپٽمبر واري بيهڪ ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ اڌوڙڪ آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب، ٻنهي تي، روشني پهچي ٿي. هيءَ سرءَ جي مند آهي، 3. ڌرتي جڏهن 22-ڊسمبر واري “بيهڪ” ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ جدي تاپَٽو آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل ڏکڻ قطب تي هر گهڙيءَ روشني رهي ٿي جڏهن ته اتر قطب تي روشني پهچي ئي ڪو نه ٿي، ۽ 4. ڌرتي جڏهن 21-مارچ واري “بيهڪ” ۾ آهي تڏهن سج کي ڌرتيءَ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ هڪ ڀيرو وري اڌوڙڪ آهي ۽ ڌرتيءَ جي مڪمل ڦيري مهل اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب، ٻنهي تي، روشني پهچي ٿي. اهو بهار (بسنت) آهي. توهان اهو به سمجهي سگهو ٿا ته 21-جُون تي ڏينهن وڏي ۾ وڏو (۽ رات ننڍي ۾ ننڍي)، 23-سيپٽمبر ۽ 21-مارچ تي ڏينهن-رات هڪ جيترا ۽ 22- ڊسمبر تي ڏينهن ننڍي ۾ ننڍو ۽ رات وڏي ۾ وڏي هوندي.
توهان ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجن وڏڙن جي زباني ٻڌو هوندو ته پاڇا لڙيا آهن، ان جو مطلب ڇا آهي؟
سج ڏي ڌيان ڏيو. ساوڻ ۾ هو اوهان کي ٺيڪ اوڀر ۾، سياري ۾ اهو اوهان کي اوڀر-ڏکڻ ڪنڊ تان “اڀرندي” نظر ايندو، جڏهن ته بهار ۽ سرءُ ۾ اهو انهن ٻنهن هنڌن جي وچ تي هوندو. جيڪڏهن اسين اهو عمل هڪ سڄو سال اڌوڙڪ تي بيهي جاچينداسون ته وچ-اونهاري ۾ (22-جُون تي) سج اسان کي ڪجهه اتر طرف (کيکڙي تاپٽي مٿان) نظر ايندو. پاڇن لڙڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو سجُ پنهنجي جاءِ بدلائي ٿو ۽ نه وري ڌرتي پنهنجي ڦيري ۽ چڪر ۾ گهٽ وڌائي ڪري ٿي، پر ان جو سبب ڌرتيءَ جِي سج سامهون “بيهڪ” ۽ ڌرتيءَ جو سرائيءَ تي ڪنڊائتو ليٽيل هجڻ آهي، ۽ اسين سنڌ واسي اڌوڙڪ ۽ کيکڙي تاپَٽي کان ڪجهه مٿڀرو اتر طرف آباد آهيون. اهو ئي سبب آهي جو منجهند مهل اسان جو پاڇو ڪجهه اتر-ڀرو ٺهندو آهي ۽ ڏکڻ طرف ڪڏهن به نه، پر جيڪڏهن اسين جدي تاپَٽي کان اڃا به ڪجهه ڏکڻ طرف هجون ها ته منجهند مهل اسان جو پاڇو ڏکڻ-ڀرو هجي ها ۽ اتر طرف ڪڏهن به نه ٺهي ها.
هاڻي اها ڳالهه پڌري ٿي پئي آهي ته (ڌرتيءَ جي حوالي سان) سج چوڌاري چڪر هڻندي ڌرتي جڏهن سج جي، نمبر-1 اوڀر ۾ آهي تڏهن اسان کي گرمي لڳي ٿي، نمبر-2 ڏکڻ ۾ آهي ته اسان کي سرءُ ڀانئجي ٿي، نمبر-3 اولهه ۾ آهي ته سيءُ محسوس ڪيون ٿا، ۽ جڏهن، نمبر-4 اتر ۾ آهي ته بهار (بسنت) جي رُت جو مزو وٺون ٿا.
سَرائيءَ تي ڦيري ۽ سج جي چوڌاري چڪر سان گڏ ڌرتيءَ جي اڃا ٽِين چرپر به آهي جنهن کي ڌرتيءَ جو ڊوڙڻ سڏينداسون. ڌرتيءَ جي ڊوڙ سمجهڻ لاءِ اسان کي وري به ٻه چار ڳالهيون ڄاڻڻيون پونديون ـــــــــ سجُ، گَسُ (گِيهو)، کيرپَٽو (ڪهڪشان، گئليڪسي)، نُورِي سال ۽ ڪجهه سنسار (ڪائنات، يُونِيوَرس).
13-لک ڌرتيون گڏبيون ته اسان جي سج جيڏو گولو ٺهندو پر سج ۾ اسان جي ڌرتيءَ جيان نهراڻ ۽ پاڻياٺ ڪانهي، سج رڳو گئسن جو مجموعو آهي. سج چوڌاري ننڍا وڏا نَــــوَ گرهه چَڪر هڻن ٿا. ڌرتيءَ جيان سج به پنهنجيءَ سَرائيءَ تي (جيڪا ڌرتيءَ جي سَرائيءَ جيان خيالي آهي) ڦرندو رهي ٿو ته پنهنجي کير-پَٽي جي وِچَ-چوڌاري چڪر به هڻي ٿو.
سنسار اڻکٽ آهي. ڄاتل سنسار ۾ کربين کير-پٽا (تارن جا جهڳٽا) آهن. هر کير-پٽي جو قدبت ۽ “بيهڪ” پنهنجي قسم جي آهي. هر کير-پٽي ۾ کربين تارا آهن. اسان جو سج به هڪ تارو آهي جيڪو اسان جي کير-پٽي ۾ موجود آهي.
اسان جي کير-پٽي جي شڪل ڪيئن آهي؟ اچو ته سمجهون.
ڦٽاڪا ته شايد اسان سڀني ٻاريا/ٻرندي ڏٺا هوندا. انهن ۾ ٻارن کي وڌيڪ وڻندڙ ڦٽاڪي جو نالو آهي چڻگائي-تيلي ۽ ٻي جو نالو وِڇون (ڀَٽون). کائڻ وارين مِٺايُن ۾ وري ڪيترن ئي ماڻهن کي جِليبِي ڏاڍي وڻندي آهي. اسان جي کير-پٽي جي شڪل جليبي-جيان آهي، جليبي ۾ مٺاڻ جا ذرا آهن پر کير-پٽي ۾ تارا آهن، ڪي سج کان ننڍا ته ڪي ان کان به وڏا. وڇون (ڀٽون) کڻي ان جي وچ ۾ تيلي (سرائي) ڏئي، کيس باهه ڏيو، توهان ڏسندا ته هزارين چڻنگون ڇڏيندو، ٻرندو ۽ سرائي جي چوڌاري ڦرندو ويندو. اسان جو کير-پٽو ايئن آهي پر منجهس چڻگن بدران تارا آهن. چڻگائي-تيلي ٻاري ان جي سِيخ (تارَ، ڏانڊِيءَ، سرائيءَ) کي ٻن آڱرين ۾ جهلي اهڙيءَ طرح مَهٽو ڏيو جيئن اها ڦِري. ان جون چڻگون به ڦيري مهل جليبيءَ جهڙي شڪل ٺاهينديون. پر اسان جو کير-پٽو هوبهو چڻگن واري جليبيءَ جيان ناهي.
ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج-منڊل وري کير-پٽي جي وچ (مرڪز، سَرائيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير-پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200-لک سال لڳي وڃن ٿا.
سڄي کير-پٽي ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس سڏينداسون. جنهن گس ۾ اسان جو سج-سرشتو آهي اهو اونهاري جي رات جو “اڀ” ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا.
اسين جيڪڏهن کير-پٽي کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي ته 1. “مٿان” يا “هيٺان” کان ڏسڻ مهل اهو جرڪيدار جليبي-جهڙي ٿالهيءَ ۽ 2. پاسي کان ڏسڻ مهل چُهنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندو. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کير-پٽي جي ڊيگهه هڪ لک نُوري سال آهي.
ڇا توهان کي نُورِي سال جي سڌ آهي؟
اڻڄاتل سنسار ڪيئن ۽ ڪيڏو آهي، ان جي خبر ڪنهن کي به ناهي، پر ڄاتل سنسار به ايڏو وڏو آهي جو ان کي لک، ڪروڙ، ارب، کرب يا پدم ميل جهڙن انگن ۽ ماپن جي مدد سان ماپي نه سگهنداسون. وڏا مفاصلا ماپڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي ڊگهي ڪاڇي (ڪڇيندڙ) جي گهرج آهي... ۽ اهو آهي نوري سال.
اسان جي عام پرک موجب بلب روشن ٿيندي ئي روشني جتي ڪٿي پهچيو وڃي، پر حقيقت ۾ روشنيءَ جي به هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل (لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر) آهي. اها روشني هڪ منٽ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي... ۽ هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي، ان کي چئبو هڪ نوري سال پنڌ. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪندي اها آهي اسان جي کير-پٽي جي ڊيگهه.
اسان جو سج-سرشتو اسان جي کير-پٽي جي وچ (سرائي) کان 30- لک نوري سالن جي مفاصلي تي آهي ۽ ان جي چوڌاري 170-ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊوڙي (چڪر هڻي) رهيو آهي، تڏهن وڃي 2200- لک سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو.
هاڻي توهان سولائيءَ سان سمجهي سگهو ٿا ته سج چوڌاري اسان جي ڌرتيءَ جو چڪر جنهن به هنڌ تان شروع سمجهيو ويندو، چڪر پورو ڪرڻ مهل ڌرتي ٺيڪ ان هنڌ تي نه پهچندي ڇو ته ان وچ ۾ سج پنهنجي سرشتي (گرهن يا انهن جي اپگرهن، پُڇڙ تارن ۽ اماڙن/ڪِرندڙ تارن) سميت کير-پٽي جي مرڪز چوڌاري چڪر هڻندي ڪروڙين ميل اڳتي وڌي چڪو هوندو. اها آهي ڌرتيءَ جي ڊوڙ.
هاڻي اسين ڌرتيءَ جِي ٽن قسمن جي چرپر ڄاڻي چڪا آهيون؛
1. سَرائيءَ تي لاٽُونءَ جيان ڦيرو (1 هزار ۽ لڳ ڀڳ 41 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان).
2. سج چوڌاري چڪر (76000 ميل في ڪلاڪ رفتار سان).
3. سج سان گڏ کير-پٽي جي مرڪز جي چوڌاري ڊوڙ (170 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان).
ڌرتيءَ سان گڏ ڌرتيءَ جي هر شيءِ، ماڻهو به ان رفتار سان ڦيري، چڪر ۽ ڊوڙ ۾ شامل آهي. چوَن ٿا ته اسان جو کير-پٽو اڃا به ڪنهن مَها کير-پٽي جو حصو آهي ۽ ان جي مرڪز چوڌاري چڪر هڻي ٿو (تفصيل ڄاڻڻ کان پوءِ اها چوٿين قسم جي چرپر هوندي). ان سان گڏ هر ماڻهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي گهمڻ ڦرڻ، سير سپاٽو ڪرڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ، پاڻيءَ ۾ تَرڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ جهڙيون چرپرون به ڪندو رهي ٿو. اڃا به، جي ماڻهوءَ جي من ۾ خيالن (سوچن) جي “چرپر” ۽ تَن اندر ماهه-گهرڙن، تنت-گهرڙن، هڏ-گهرڙن، رت-گهرڙن وغيره جي چرپر، ٻي هر جيئري توڙي اجيو وجود سميت ڌرتيءَ ۽ ٻي هر فلڪي جسم جي ايٽمن (اڻن)، ماليڪيولن (پراڻن) ۽ مرڪبن جي چرپر تي سوچيون، ته پوءِ اسان کي چڱيءَ طرح سڌ پئجي ويندي ته سڄو سنسار ڪيترين ئي قسمن جي چرپر جو ڳٽڪو آهي ۽ ڪو به ذرو/وجود آرام جي حالت ۾ ناهي. چرپر دائمي آهي ۽ آرام نسبتي (يعني ڪنهن ٻي شيءِ جي ڀيٽ ۾، جيئن، ڌرتيءَ تي سُمهي اسين ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون، ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي اسين ريل گاڏيءَ جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون ۽ هوائي جهاز ۾ اڏامندي اسين هوائي جهاز جي ڀيٽ ۾ آرام ۾ آهيون، وغيره ).