سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book ڌرتي منهنجو گهر

هڪ وڏو چقمق

وارن کي ڦڻيءَ سان سنواري يا ڦڻي وارن سان گَسائي، اها ڪنهن وارَ، ڪَکَ يا ڌاڳي جي ڀرسان جھليو. ڦڻي وار، ڪک يا ڌاڳي کي ڇِڪي/ڊُوهي پاڻ سان چنبڙائي ڇڏيندي ـــــــــــ ايئن ڪرڻ سان ڦڻيءَ ۾ هلڪين شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺڻ جو گڻ پيدا ٿي پيو آهي. جنهن به شيءِ ۾ ٻيءَ ڪنهن به شي کي پاڻ ڏانهن ڊُوهي/ڇِڪي وٺڻ جو گڻ هجي، ان کي چقمق يا مقناطيس چئجي ٿو. مقناطيسي/مقنائي گڻ رکندڙ شيءِ ڪو پٿر به ٿي سگھي ٿو، ته ڪو ڌاتو به، ۽ ڌرتي به، ته چنڊ، سج ۽ ڪو ٻيو تارو به.
ٻه چقمق جڏهن هڪ ٻئي جي ويجھو آڻبا ته اهي هڪ ٻئي کي ڇڪ ڪندا، پر وڏو ننڍي کي ڊُوهي وٺندو ۽ پاڻ سان چنبڙائي رکندو، تان جو ڪجھ زور لڳائي انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو وڃي. چقمق جي ان مقنائي گڻ کي بنياد بنائي، ڪيترن ئي قسمن جون رانديون/کيڏُون ٺاهيون ويون آهن ۽ ڪي کيڏون ته “جادُوءَ” جي ڏِک پيون ڏينديون.
پکين کي اها سُڌ ته آهي ئي ڪو نه، ته اهي جڏهن پَر هڻڻ بند ڪن ٿا، تڏهن ڌرتيءَ ڏانهن ڇو ٿا ڇڪجي اچن ۽ نه ئي وري جانورن کي سَمڪ آهي ته اهي جڏهن وڏو ٺينگ ڏين ٿا تڏهن موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڇو ٿا ڪِرن، پر ماڻهوءَ کي به گھڻي عرصي کان اها ڄاڻ هجڻ باوجود، ته مٿي اڇلايل هر شيءِ موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿي، اها ڄاڻ نه هئي ته ايئن ڇو ٿو ٿئي.
ميويدار وڻ کي ڌوڻڻ کان پوءِ ان جا ميوا ۽ ڪي پَنَ به ڇڻي اچي پَٽ تي ڇو ڪرندا آهن؟ زور سان مٿي اڇلايل کينهون/هُودڙي/بالُ يا ڀِتر يا پٿر ڇو موٽي اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو؟ ماڻهو يا ڪو به جانور ڪيڏو به زور سان ٽپو ڏي، پر ڌرتيءَ تي ئي ڇو ٿو اچي بيهي؟
ماڻهو جڏهن ڪو کينهون، پٿر يا ڀتر مٿي اڇلائي ٿو تڏهن ان تي زور لڳائي ٿو. زور جيڪڏهن گھڻو هوندو ته کينهون تيزيءَ سان ۽ گھڻو مٿي ويندو، پر ان تي هَنيَل زور گھٽ هوندو ته هوريان ۽ ٿورو مٿي چڙهندو. اڇلائيندڙ جي هٿ مان نڪرندي ئي کينهون نسبتاً تيزيءَ سان مٿي ويندو پر جيئن ويندو اوچو ٿيندو تيئن ان جي رفتار ويندي گَھٽبي، تان جو هڪ اوچائيءَ تي ان جي رفتار ٻُڙي ٿي ويندي ۽ پوئتي موٽڻ شروع ڪندو، پهريائين نسبتاً ڍرو هوندو ۽ جيئن ويندو ڌرتيءَ جي ويجھو ٿيندو تيئن منجھس تيزي ايندي ويندي، تان جو ڌُو اچي ڌرتيءَ تي ڪِري ـــــــــــ ڌرتيءَ جي ڇڪ/ڊُوهه کينهونءَ تي لاڳيتو (اسان جي هٿ ۾ آهي تڏهن به) اثر ڪندي رهي ٿي.
ڌرتي هر شيءِ کي، ڌاتو هجي يا نه، پاڻي، مٽي يا هوا ئي ڇو نه هجي، جبل هجي يا ڪپهه، يا کڻي ڪنهن به قسم جو “ساهوارو” هجي ــــــــــ هر شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، ۽ ايڏو زور لڳائي ٿي جو چنڊ تي 5 “سير/ڪلوگرام” وزن رکندڙ شيءِ ڌرتيءَ تي 30 “سير/ڪلوگرام” ٿي پوي ٿي. پکي اڏامڻ مهل ڌرتيءَ جي ڇڪ خلاف زور لائيندو آهي. اڏامندي اهو ساڳيءَ گھڙيءَ پرن کي هيٺ ۽ پوئتي جھٽڪو ڏيندو، هوا هيٺ ۽ پوئتي ڌڪبِي ۽ اهڙيءَ طرح پکي ڌرتيءَ جي ڇڪ جي ابتڙ زور/سگھ ڪم آڻيندي، اڳتي ۽ مٿي اڏامندو ويندو. (سنوَت ۾ اڏامڻ لاءِ پکي هوا کي رڳو پوئتي ڌِڪيندو.) پکي ڪهڙو به هجي، ڪنهن خاص اوچائيءَ تائين ئي مٿي وڃي سگھندو ۽ ان پنهنجيءَ خاص اوچائيءَ تي پهچڻ کان پوءِ ان جي اڏامڻ جي سگھ ڌرتيءَ جي ڇڪ آڏو بيوس ٿي پوندي. پکي جيڪڏهن پنهنجا پَر ڦڙڪائڻ بند ڪري (ڌرتيءَ جي ڇڪ خلاف زور نه لائي) ته ڀتر جيان ڌُو اچي ڌرتيءَ تي ڪرندو.
پکيءَ جي اڏامڻ واري مَتي (قاعدي) موجب هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٺهيل آهن. ڪَل (مشين) تي هلندڙ پَکن وسيلي هوا کي پٺتي ۽ هيٺ زور سان اڇلائي هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر اڳتي ۽ مٿي اڏامي ٿو. راڪيٽ پڻ ساڳي مَتي پٽاندر اڏائي ٿو.
ڪو چقمق کڻي، لوهه جي ڪنهن ذري جي ويجھو ڪندا وڃو. هڪ خاص وٿيءَ تي پهچڻ کان پوءِ اهو لوهَه-ذري کي پاڻ ڏانهن ڊوهڻ لڳندو. هر چقمق جو پنهنجيءَ مقنائي سگھ آهر هڪ مقنائي ميدان (تَر، حد، دنگُ) هوندو آهي جنهن کان ٻاهر واري شيءِ کي ڇڪي نه سگھندو پر اها شيءِ جيڪڏهن مقنائي ميدان اندر هوندِي ته ڇڪجي ايندي. ڌرتيءَ جو به هڪ مقنائي ميدان آهي ۽ ان جي به هڪ حد/دنگ آهي. ڌرتي پنهنجي ان مقنائي ميدان اندر موجود هر شيءِ کي ڇڪ ڪري سگھندي ۽ جيڪا شيءِ ڇڪ-دنگ کان ٻاهر هوندي، ان تي ڌرتيءَ جي ڇڪ جو اثر نه ٿيندو.
جن راڪيٽن کي پولار (خلا، اسپيس، Space) ۾ موڪلڻو هوندو آهي ان ۾ راڪيٽ جي جُسي تي اثر وجھندڙ ڌرتي-ڇڪ جي ڪُل سگھ کان به وڌيڪ زور (اُڇل-سگھ) پيدا ڪري سگھندڙ ڪَلون لڳل هونديون آهن جيڪي 25-هزار ميل فِي ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار پيدا ڪري راڪيٽ کي ڌرتيءَ جي مقنائي ميدان (۽ دنگ) کان ٻاهر ڪڍي وينديون آهن. (ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھ واري دنگ کان ٻاهر اهي ڪَلون بيڪار بار هونديون آهن ۽ انهن کي پولار ۾ ڦِٽو ڪيو ويندو آهي.)
جيئن ننڍو چقمق ڇڪجي وڃي وڏي چقمق سان چنبڙي ٿو تيئن ڌرتيءَ تي موجود سموريون شيون ڌرتيءَ سان چنبڙيل رهن ٿيون. واسمنڊن جي کربين ٽَن پاڻيءَ کي به ڌرتيءَ جي اها ئي ڇڪ-سگھ پاڻ سان، پنهنجي مٿاڇري سان چنبڙائي رکي ٿي.
رات جي وقت، ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ لاٽ ڪندڙ يا کِڙندڙ “تارو” نظر ايندو آهي (ان کي “تارو” چوڻ درست ناهي، اماڙو يا اماڙِي چوڻ ٺيڪ آهي). اماڙو حقيقت ۾ پٿر يا ڌاتوءَ جو ڳنڍو ٿئي ٿو ۽ ان جو قدبت مٽر جي داڻي کان وٺي ڪنهن وڏيءَ ڇِپ جيڏو ٿي سگھي ٿو ۽ اهي رڳو رات ۾ نه “کِڙندا” آهن، ڏينهن ۾ به “کِڙندا” آهن، پر ڏينهن جو سج جي روشنيءَ سبب نظر نه ٿا اچن. اماڙو ڌرتيءَ جي مٿاڇري ڏانهن ڇڪجي اچڻ مهل هوا ۾ گاٺ سبب چڻنگون، لاٽ ڇڏيندي نظر اچي ٿو. ننڍا اماڙا هوا ۾ ئي گَسِي ختم ٿي وڃن ٿا پر وڏا اماڙا ڌُو اچيو ڌرتيءَ تي ڪِرن. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته هر اها شيءِ جيڪا وزن جي ڳوراڻ ۽ ڇڪ جي سگھ ۾ ڌرتيءَ کان گھٽ آهي ان کي ڌرتي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي پر جيڪڏهن ڪا اهڙي شيءِ هجي جيڪا تور ۽ ڇڪ-سگھ ۾ ڌرتيءَ کان وڌيڪ هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
سج ڌرتيءَ کان وڏو به آهي ته ڇڪ-سگھ ۾ وڌيڪ به. اهي ٻئي جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ايترو ويجھو اچي وڃن جو هڪ ٻئي جي مقنائي ميدان ۾ اچي وڃن ته ڌرتي ڇڪجي وڃي سج سان چُهٽندي. سج جي ڇڪ-سگھ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي وڌيڪ آهي.
ان جو مطلب اهو ناهي ته ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھه ڪا ٿورڙي آهي! پاڻيءَ کي جيڪڏهن ڪنهن ٿانوَ ۾ وجھي، ٿانوَ کي پاسيرو يا اونڌو ڪبو ته پاڻي وهي وڃي ڌرتيءَ تي ڪرندو. پر هي جو کربين ٽن پاڻي کڏن، ڍنڍن، سمنڊن ۽ واسمنڊن ۾ ڇلندو رهي ٿو، ڇو ڌرتيءَ کان ڇڄِي پرتي نه ٿو هليو وڃي؟ اِها ڌرتيءَ جِي پنهنجي مٿاڇري تي موجود ڪُل پاڻيءَ کان وڌيڪ وزنائتي، سگھاري ۽ ڇڪيندڙ سگھه ئي آهي جيڪا پاڻيءَ جي ايڏي وڏي ذخيري کي پاڻ سان چُهٽيل رکي ٿي.
ڌرتي مادو آهي. پٿر، پاڻي، هوا مطلب ته هر شيءِ مادو آهي. مادو وزن رکي ٿو، جڳهه والاري ٿو ۽ (هر ٻيءَ شيءِ کي) رنڊڪ ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ اهو انساني سمجھه (شعور) کان آزاد وجود رکي ٿو ــــــــ ماڻهو ڀلي سوچي ته سج، چنڊ، تارا، ڌرتي وغيره موجود ناهن، پر اهي انهيءَ سوچ جا محتاج ناهن. مادي جي هر ٻين شين (ننڍڙيون هجن يا وڏيون) جي وچ ۾ وٿي، خال، پولار (Space) آهي ـــــــــ ٻن فلڪِي جَسن جي وچ ۾ پولار آهي، سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾، هر ٻن ڪيميائي مرڪبن جي وچ ۾، هر ماليڪيول جي هر ٻن ايٽمن جي وچ ۾، هر ايٽم جي هر ٻن ننڍڙن ذرڙن جي وچ ۾ پولار آهي. مادو پولار ۾ وجود رکي ٿو ۽ پولار مادي جي وجود رکڻ جِي هڪ صورت آهي.
مادو وزن رکي ٿو. پر ايئن ڇو آهي ته ماڻهوءَ جو وزن ڌرتيءَ تي جيڪڏهن 60-”ڪلوگرام” آهي ته انهيءَ ساڳي ئي ماڻهوءَ جو چنڊ جي مٿاڇري تي وزن رڳو 10-ڪلوگرام ٿيندو، پر جي اهو ممڪن هجي، ان ساڳي ماڻهوءَ جو سج جي مٿاڇري تي وزن ڌرتيءَ واري وزن کان گھڻو وڌيڪ هوندو، ڇو؟ هر هڪ شيءِ وزن رکي ٿي، پر سوال هي آهي ته منجھس اهو وزن/بار/ڳَوراڻ ڇو آهي ۽ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جيڪو وزن آهي اهو ڌرتيءَ جي گَهِراڻ (اونهائيءَ، پاتال) ۾ ڇو گھٽجي وڃي ٿو، چنڊ جي مٿاڇري تي ڇو ٿو گھٽجي ۽ سج يا ڪنهن ٻئي تاري تي گھڻو وڌيڪ ڇو ٿو ٿئي؟
مادي جي هر شيءِ ۾ ٻيءَ شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ/ڊُوهڻ جي سگھه آهي. ڪنهن به شيءِ جي ڳوراڻ ان ڪري بدلجي ٿي جو اها جنهن هنڌ/مٿاڇري تي تورِي وڃي ٿي، اهو بدلجي وڃي ٿو. چنڊ جي مٿاڇري تي ماڻهوءَ جو وزن ان ڪري گھٽ آهي جو چنڊ جي ڇڪ-سگھه گھٽ آهي ۽ ان ئي ماڻهوءَ جو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي وزن ان ڪري وڌيڪ آهي جو ڌرتيءَ جي ڇڪ-سگھه (چنڊ جي ڀيٽ ۾) وڌيڪ آهي. ساڳي ئي ماڻهوءَ جو سج جي مٿاڇري تي وزن ان ڪري (اڃا به) وڌي ويندو جو سج جي ڇڪ-سگھه (ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾) وڌيڪ آهي.
ڳَوراڻ پيدا ڪندڙ (وڌائيندڙ) انهيءَ “ڇڪ-سگھه” يا “ڳوراڻ-سگھه” کي ڳَوراٺِي سگھه يا ڳوراٺو زور (Gravitational force، گِرئوِيٽيشنل فورس) چئجي ٿو. ڌرتيءَ جي ڳَوراٺ (Gravity، گرئوِٽي) چنڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ سج جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي.
اسان وٽ ڪنهن به شيءِ جو جيڪو معياري وزن آهي، اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ڪيل وزن آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ڳوراٺي سگھه سبب آهي. اها ڳوراٺي سگھه هر شيءِ کي ڇِڪي/ڊُوهي ٿي ۽ پاڻ سان چنبڙائي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ جيڪا به شيءِ ڪنهن به ٻيءَ شي کي پاڻ ڏانهن ڇڪ ڪري، ان کي عام طرح چقمق يا مقناطيس چيو وڃي ٿو. ڌرتي (به) جيئن ته ڇڪ-سگھه، ڳوراڻڪ سگھه، ڳوراٺي سگھه يا ڳوراٺو زور رکي ٿي ان ڪري ڌرتي هڪ چقمق آهي ۽ جيڏي وڏي آهي تيڏو وڏو مقناطيس آهي.