سائنس، علم ۽ رسالا

ڌرتي منهنجو گهر

هي ڪتاب “ڌرتي منهنجو گهر” سائنسي حوالي سان اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ مدلل انداز ۾ شين کي سولو ڪري سمجهايو ويو آهي. هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي. 
اسين ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.

Title Cover of book Dharti Munhinjo Ghar

ڌرتيءَ جو اندر ڪيئن “ڏٺو” ويو؟

ڪيترائي اڳُوڻا ۽ اڄوڪا ماڻهو، سائنس کان اڻواقف هوندي به، چڱيءَ طرح سمجھن ٿا ته مٿاڇري جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جو اندر بلڪل ٻي قسم جو آهي. انهن ڄاتو پئي ته باٺوها (باهه اوڳاڇيندڙ/ٻرندڙ جبل، Volcano) ڌرتيءَ جي ڪنهن اونهي هنڌ سان ڳنڍيل آهن، جتان رجيل پٿر ۽ اُلا ۽ دونهون/ٻاڦ هلي اچي، باٺوهه جي “وات” مان اوڳاڇجن ٿا. هنن اهو به ڄاتو پئي ته تَتاسَرَ (ڪوسا چَشما، گِيزرس) پنهنجو ڪڙهندڙ پاڻي ۽ زهريليون گئسون به ڪنهن اونهي هنڌ تان آڻي اوڳاڇن ٿا. اهو ئي سبب هو جو قديم يوناني ۽ ڪجھه ٻين ڌرمن ۾ گناهگارن ۽ ڏوهارين کي سزا ملڻ جو هنڌ ڌرتيءَ جي “هيٺين” تهه/پاتال ۾ موجود هجڻ جو ڏس پئي ڏنو ويو.
ڌرتيءَ جي کهري، سخت ۽ ٿڌي ڇوڏي/ڀُوچم هيٺان ڇا آهي، اهو ڦولڻ لاءِ ماڻهن کي صديون لڳي ويون. ڌرتيءَ جي اندرين جوڙجڪ جو صحيح ڪاٿو اِجھو ڄڻڪ ڪالهه ٿيو آهي.
ڌرتيءَ ۾ اونهي کان اونهو ڪيل سوراخ تيل جي هڪ کوهه لاءِ هو، جيڪو لڳ ڀڳ 4-ميل اندر پيهي ويو. اها اونهائي ڀوچم جو ٿلهي ليکي ستون حصو ۽ ڌرتيءَ جي اڌ قطر جي هزارين پَتي مس ٿيندي. پوءِ سڄاڻڪ ڪيئن “ڏسي” سگھيا، ته اسان جي ڌرتيءَ جي اندر منجھه ’هيءُ-ڪجھه‘ آهي؟
سڄاڻڪن لاءِ ڌرتيءَ جا ڳجھه کوليندڙ ڪُنجي زلزلا/ڌرتيءَ-ڌوڏا آهن. لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ڌوڏا هر سال اسان جي ڌرتيءَ تي ظاهر ٿين ٿا. اهو ڌوڏو سڄي ڌرتيءَ اندر، تان جو اونهي کان اونهي حصي اندر به جَهٽڪيندڙ/جھٽڪو ڏيندڙ/ڌوڻيندڙ ڇوليون موڪلي ٿو. جڏهن اهي ڇوليون وري، لڙِي، موٽي مٿاڇري ڏانهن موٽن ٿيون، تڏهن انهن کي ڌوڻيسُڌن (سيسموگرافس) نالي انتهائي حساس اوزارن وسيلي جَهٽيو، سنڀاليو ۽ هٿيڪو (ريڪارڊ ڪيو) وڃي ٿو. اهي ڌوڻيسُڌا اوزار ڌرول مٿان سوين هنڌن تي رکيل آهن.
ڌرتي ڌوڏيندڙ ڇوليون بنيادي طرح ٻن قسمن جون آهن:
پ ڇوليون، ۽
ٻ ڇوليون.
پ ڇوليون ٻ ڇولين جي ڀيٽ ۾ تيز آهن. پ ڇوليون پاڻياٺن منجهان آرپار لنگھي سگھن ٿيون، پر ٻ ڇوليون نه. پ ۽ ٻ ڇولين جي رفتار ڌرتيءَ اندر جيترو اونهو وينديون اوترو گھٽ/ڌريون ٿينديون وينديون ۽ جيئن ئي اهي مختلف بناوت/جوڙجڪ وارن پٿرن/ڌاتن منجھان لنگھن ٿيون تڏهن ٻنهي قسم جي ڇولين جو رويو هڪ ٻي کان ڌار نموني جو ظاهر ٿئي ٿو.
ان ڪري پ ۽ ٻ ڇولين جي رويي جو اڀياس ڪندي، اهي گھرايون جتي اهي موڙ/لاڙو يا موٽ کائن ٿيون، پيدا ٿيڻ واري هنڌ کان انهن جو مفاصلو ۽ سفر ڪندي انهن جيڪو وقت ورتو، انهن ٽنهي عملن کي تپاسيندي سڄاڻڪ ان لائق ٿي سگھيا آهن جو ڌرتيءَ جي اندر جي ڄاڻ سوجھي سگھن ــــــــــــ ٺيڪ ان ساڳي نموني جيئن ڊاڪٽرَ ايڪس-ڪِرڻن جي مدد سان ماڻهوءَ جو اندر جاچيندا آهن.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي سج جو هلڪو تاءُ ڪيڏو نه وڻندڙ، زندگي ڏيندڙ ۽ سيبائيندڙ آهي! گُهت هڻي جيئن جيئن ڌرتيءَ اندڙ لهندا وينداسون تيئن تيئن تائُپد ويندو وڌندو. پر تائپد جي اها واڌ گھرائيءَ جي واڌ سان نسبتي طرح مقرر نموني لاڳاپيل ناهي، يعني ائين ناهي ته هر هڪ ميل اونهائي وڌڻ سان تاءُ به وڌي سگھي ٿو. بهرحال، هڪ ڳالهه سڌِي آهي ته جيتري اونهائي اوتري وڌيڪ ڪوساڻ. ساڳيءَ طرح جيتري وڌيڪ اونهائي اوتري وڌيڪ گَهِراڻ. جيئن جيئن ڀُووچ جي ويجھو ٿيندو وڃبو تيئن تيئن ڪوساڻ ۽ گَهِراڻ وينديون وڌنديون. اها ساڳي ڳالهه داٻ سان به لاڳو ٿئي ٿي. جيتري وڌيڪ اونهائي، اوترو وڌيڪ داٻ. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هڪ چورس انچ ايراضيءَ تي هوا جو داٻ 14-پائونڊ آهي، پاڻيءَ جي گهرائي اندر اهو داٻ اڃا به وڌي وڃي ٿو، پر ڌرتيءَ جي مرڪز ۾ اهو داٻ هڪ چورس انچ تي 4-ڪروڙ 50-لک پائونڊ ٿيو وڃي.