انتساب
جي مان ٻيھر ڄمندس تہ وري تنھنجي واريءَ ڏانھن موٽي ايندس،
مون کي ٻي ڌرتيءَ تي ننڊ نہ ايندي.
شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر آھي. ھي ڪتاب سندس شاعريءَ جي صنف ”ڏيڍ سِٽن“ تي مشتمل آھي. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ” هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن، جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن. آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس تہ شاعري منھنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، “
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو