شاعري

ننڊ وليون

شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر آھي. ھي ڪتاب سندس شاعريءَ جي صنف ”ڏيڍ سِٽن“ تي مشتمل آھي. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ” هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجاپي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن، جي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڪجهه مفعول مفاعيلن، ڪجهه فاعلن مفاعيلن، ڪجهه مفعول فاعلاتن جي وزن تي آهن ۽ ٿورا ماترائن جي حساب سان لکيا ويا آهن.  آخر ۾ مان رڳو اهو لکندس تہ شاعري منھنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي، “

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ننڊ وليون

بيڪار نه ڪَرڻِي آ،

بيڪار نه ڪَرڻِي آ،
اوندهه ته نه آ هر شيءِ، ڪا جوتِ نه مرڻي آ.

*

تولاءِ ته پارَت آ،
جنهن لاءِ به آيو آ، هي موتُ ڳجهارَت آ!

*

* ڇا تون ته سَڌارت نانهه؟
ڇو پيار سَوا تُنهنجو ڪوئي به پدارٿ نانهه!

*

تون ڪونه مَرِي مَرندين،
ڪجهه ڏينهن رَهِي پاسي، ڀانيان ته وَرِي ورندين!

*

هي موتُ اکر آهي،
ڏِسُ هِيءُ به ساڃاهي، هر چيز اَمر آهي.

*

اي موت جڏهن اِيندَين،
تون گيتَ ٻُڏي مُنهنجا، ڪجهه وقتُ ته سوچِيندين!

*

ڪيڏانهن وَٺِي ويندين؟
هر طرف ته مان آهيان جيڏانهن وَٺِي ويندين!

*

ٻِيهارَ جِياري ٿي،
هي کوهَه اڳيان نيسَر ڪا ياد ڏياري ٿي!

*

هي چانهِه مَرِي وَئي آ
هوڏانهن ڪَنڊِي ڪائي، جئن هيٺ ڪِري پَئي آ!

*

سوگهو ته هيو ڏاڍو،
هي ڏار هوائن کان، پر ڪَيرُ چَوي؟ واڍو!

*

ٿا پاڻ رَکُون خبرُون،
هڪ طرف سَٽون تُنهنجون ٻي طرف سَوين قبرون!

*

ٿي لاٽَ ڪَري سانجِهي،
ڪو ٿاهه نه ساگر جو، هو هيکلِڙو مانجهي!

*

اڄ رات خُدا ايندو،
تون آڻ ٻه تازا گل، جو موتُ جُدا ايندو!

*

ڇا زَهر پِيارندين؟
سقراط جيان مونکي ٻيهار جِياريندين؟

*

بَس! آنءُ رُڳو آهيان،
آ سمنڊ اڳيان ڪيڏو، ڪيڏانهُن پُڳو آهيان!

*

اي موت! ڀَلِي اَچ، ويهُه!
تون لاهه جُتِي ٻاهر ۽ پوءِ اسان وٽ پيهُه!

*

ڄڻ هيلَ ته آڻِ آهي!
هي روز تِکا چاقو، ڪيڏي نه سَراڻِ آهي!

*

ٿو جاڳَ نه چاهين تون؟
ڪا ننڊَ انوکي آن، ڇا موتُ نه آهين تون؟

*

تون ڪيرُ؟ نه ٿو ڄاڻان
ڇا لاءِ ڀَڳو آهيان مان هِيئَن ڪڏهن پاڻان!

*

تون ڪيرُ؟ اَجل آهيان
مون ڏانهن اَچين ٿو تون؟ پر مان ته اَزل آهيان؟

*

توتي ته رَکِي آهي!
سُقراط ته ناهيان مان پر زهر چَکي آهي.

*

گهوڙو نه جَهليو، ويندس!
بَس هاڻ گَهڻو پِيتو، بس هاڻِ هَليو ويندس!

*

ڄڻ چنڊ به ڀيلو آ!
ميهار ويو ڪاڏي؟ اڄ روحُ اَڪيلو آ!

*

آ موتُ وڏو ڌوڏو،
هر ڳالهه وساري ٿو، اُن جو ته رڳو لوڏو،

*

اي! موتَ نه ماريندين،
تون آنهه رڳو ڏيِئو، بَس راتِ اُجاريندين!

*

اي موتَ ڪَڪَرَ آهين،
گهنگهور گهٽا وانگر ڪيڏا نه چَڪَرَ آهين!

*

مون کان به پَراهون ٿِي،
ٿو موتَ مَري هَرڪو تُون موتَ مَٿاهون ٿِي!

*

ڀاڻو ته اِهوئي آ!
تون آءُ پَکِي، دل جو داڻو ته اِهو ئي آ!

*

سنسارُ مَڇيري جو،
ٿو روز مَڇيُون ماري، هِي ڄارُ مَڇيري جو!

*

هِي سمنڊ اَجهاڳُ آهي،
جنهن لهر مٿان آهين سا لهر ته ماڳُ آهي!

*

ڪنهن کي به پَرو ناهي!
ٿو سمنڊ هڻي ڇوليُون ڪوئي به تَرو ناهي!

*

ڪيڏانهن اڳي نِيندين؟
اي موت! مسافر آن ڪِٿ راتِ گذاريندين؟

*

تون موتَ – گهڙي آهين؟
ڇا لاءِ ڊڄان توکان ايڏي ته ڪَڙي ناهين!

*

اي موت مِٺو آهين،
جئن آنءُ ڏٺو توکي ٻي ڪنهن به ڏٺو آهين؟

*

تو ڪجهه ته چَيو آهي!
هئن وَڏ ڦڙو مون تي ڇا لاءِ پَيو آهي؟

*

اَڄُ رات رَتَل آهي،
اڄ رات هتان هلجي ميڙو ته مَتل آهي؟

*

تون ڪيرُ مُگَر آهين؟
درياهه وهي ٿو پيو، ڇا نِنڊَ ڪَپَر آهين؟

*

سنسارُ به مايا آ،
جو چنڊ وڇايو آ سو ڄارُ به مايا آ!

*

ڇا ڏيههُ ڇَڏين ٿو تون؟
جي هَيلَ پُنِي آهي، ڪيڏانهن لَڏين ٿو تون؟

*

تون مان ته مڇيون آهيون!
ٿو موت جڏهن ماري ڪيڏيون نه اَڇيون آهيون!

*

جي موتَ ڏِنو ڀِيڙو،
خود چُهنب منجهان ڪرندو، اي ڪاٺ ڪُٺا ڪِيڙو!

*

وَڻ کي به ته پَر آهن!
تون چانهِه ڏٺا ڪونَهن اُڻ لئه به سفر آهن!

*

ٻيهار ڪڏهن ملندو؟
اي راهگذارو هو ڪيڏانهن ويو کِلندو؟

*

ڪيڏانهن وقئينءَ کِلڻِي؟
تون نانهه وري، مُونکي ٻيهارِ ڪڏهن مِلڻي؟

*

ڇا آنءُ اِڪيلو هان؟
’تون‘ ساٿُ ڇڏي ويندين، ’هو‘ آهه سدا مون سان.

_________
* سِڌارٿ:گوتم ٻُڌ جو نالو.