آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منھنجي شروعاتي زندگي

ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.

Title Cover of book منھنجي شروعاتي زندگي

باب اٺون: انڊيا India

اسان جو انڊيا جي سفر تي اُسهڻ جو وقت اچي ويو هو. اسين سائوٿيمپٽن کان فوجي جهاز تي روانا ٿياسين جنهن تي 1200 فوجي سوار هئا ۽ ٽيويهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ بمبئي جي بندر تي لنگر انداز ٿياسين. اتي جيڪو منظر اسان جي سامهون هو انهيءَ کي هڪ مختلف دنيا چئي سگهجي ٿو.
جهاز تي موجود آفيسرن ۽ سپاهين لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين جهاز جي ڪوٺڙين ۾ بند رهڻ کان پوءِ جڏهن بمبئي جي پام جي وڻن ۽ محلاتن کي پنهنجي سامهون هڪ وسيع چنڊ جي شڪل ۾ ڏٺو هوندو ته اهي ڪيترا نه خوش ٿيا هوندا! انهيءَ جو تصور ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. اسان سمنڊ جي جرڪندڙ ۽ موجدار پاڻي ۽ ڪناري تي ٺهيل پُشتي کان پرتي انهيءَ منظر تي اکيون کُپائي ڇڏيون. هر ماڻهو بنا دير ڪناري تي وڃي انڊيا کي ڏسڻ ٿي گهريو. جهاز مان لهڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جن ڪارواين ۽ ديرين کي عام مسافرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اهي شاهي خرچ تي سفر ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ هونديون آهن. بهرحال منجهند جو ٽين وڳي ڌاران اهڙا حڪم اچي ويا ته اسين رات جو اٺين وڳي جهاز مان لهنداسين جو انهيءَ وقت ٿڌڪار به ٿي ويندو. البت ڪجهه آفيسر پنهنجي مُنهن ڪناري تي وڃي سگهن ٿا. اسان جي جهاز جي چوڌاري سڄو ڏينهن ٻيڙين جو ميڙو لڳو پيو هو جيڪي وير سان گڏ هيٺ مٿي ٿي رهيون هيون. اسان وڏي بيتابيءَ سان انهن مان ڪجهه ٻيڙين کي پاڻ ڏانهن سڏائي ورتو. اسين تقريباً پندرنهن منٽن ۾ ”ساسون ڊاڪ“ (Sassoon Dock) جي گهاٽ تي پهچي وياسين. مون ۽ منهنجن ٻن دوستن کي ٻيڙي جي وڻندڙ لوڏن مان ڏاڍي فرحت پئي آئي ۽ آءٌ پاڻ کي اتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي رهيو هوس. اسين پٿر جي ٺهيل هڪ وڏي ڀت جي ڀرسان اچي بيٺاسين جنهن جا ڏاڪا به پاڻيءَ ۾ پسي رهيا هئا. انهيءَ تي هٿ وجهي مٿي چڙهڻ لاءِ لوهه جا ڇلا لڳل هئا. سمنڊ ۾ ايندڙ اڀام سان ٻيڙي به چار يا پنج فوٽ مٿي ٿي وري هيٺ ٿي رهي هئي. مون پنهنجو هٿ وڌايو ۽ هڪ ڇلي کي هٿ سان جهليو پر ڏاڪن تي پير رکڻ کان اڳ ئي ٻيڙي نڪري وئي ۽ منهنجي ساڄي ڪلهي ۾ ڏاڍي سخت سٽ اچي وئي. آءٌ ڦٿڪي سٿڪي مٿي ته چڙهي ويس ۽ الفابيٽ جي منڍ وارن اکرن سان شروع ٿيندڙ عام نوعيت جا ڪجهه لفظ چئي ٿوري دير ڪلهي کي هٿ ۾ جهلي ويهي رهيس. جلد ئي اها ڳالهه منهنجي ذهن مان نڪري وئي.
آءٌ هتي پنهنجي نوجوان پڙهندڙن کي اها صلاح ڏئي ڇڏيان ته اهي نڪتل ڪلهن کان خبردار رهن. ٻين ڪيترين ڳالهين وانگر هن مسئلي ۾ به پهريون قدم اهميت وارو هوندو آهي. ڪلهي کي جوڙي بيهندڙ جهلي يا سخت کل چڱي خاصي سٽ کان پوءِ ئي ڇڄي ڌار ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن اها هڪ دفعو ڌار ٿي وئي ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو اهنج هميشه لاءِ باقي رهجي ويندو آهي. منهنجو ڪلهو جيتوڻيڪ نڪري ته نه پيو هو پر مونکي اهڙي ضرب اچي وئي هئي جنهن جو اثر منهنجي سموري زندگي باقي رهڻو هو. اها مونکي پولو راند ۾ لاچار ڪندي رهي. انهيءَ جي سبب آءٌ ٽينس راند ڪڏهن به کيڏي نه سگهيس ۽ ڪنهن به خطري، ويڙهه، جهيڙي ۽ ڪنهن به قسم جي جسماني ڪوشش ڪرڻ وقت اها منهنجي لاءِ وڏي پريشاني جو سبب ٿيندي رهي. منهنجو ڪلهو تڏهن کان وٺي وقت بوقت تمام ٿورين ٿورين ڳالهين تي نڪرندو رهيو آهي. ٻانهن ويهاڻي هيٺان ڏئي سمهيو هوندس، لائبريريءَ ۾ شيلف تان ڪتاب پيو کڻندو هوندس يا ڪڏهن ترندي ته ڪڏهن ڏاڪڻ تان پير ٿڙندي ڪلهو نڪتو پيو هوندو. هڪ دفعو ته هائوس آف ڪامنز ۾ تقرير ڪندي ٻانهن کي ڪجهه وڌيڪ ئي لوڏو ڏنو هوم تڏهن به اهو بلڪل نڪرڻ تي هو ۽ منهنجي خيال ۾ ته ٻيا سڀ ميمبر به ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويا هوندا ته هنن جنهن مقرر جي تقرير پئي ٻڌي اهو الائي ڇو اوچتو پٽ تي ڪري پيو آهي. حقيقت اها آهي ته آءٌ ٻانهن جي هڏي ڏانهن وڌي ويل دٻاءَ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ غير ارادي طور هيٺ ڪري پيو هوس.
اهو هڪ حادثو هڪ وڏي بدقسمتي هو. انهيءَ هوندي به ڪنهن کي خبر نه ٿي پئجي سگهي ته ممڪن آهي ته اها بدقسمتي اڳتي هلي خوش قسمتي ٿي پوي. آءٌ اومدرمام (Omdurmam) جي حملي ۾ مائوزر پستول بجاءِ جيڪڏهن تلوار ڪم آڻي سگهان ها ته شايد منهنجي هيءَ ڪهاڻي هيستائين نه پهچي سگهي ها. جڏهن ڪو برو اتفاق پيش اچي ته ماڻهو کي اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته ممڪن آهي ته اها ڳالهه ڪنهن اڃان به خراب شي کان بچائي وجهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان پاران ٿيل ڪا عظيم غلطي به توهان جي ڪنهن سوچيل سمجهيل قدم کان توهانکي وڌيڪ فائدو ڏئي وجهي. زندگي ۽ ڀاڳ هڪ ڪُل (whole) جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن مان ڪنهن جي به هڪ جز کي باقي سموري حصي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي.
اچو ته دنيا جي انهيءَ حصي ۾ پنهنجي سفر جي روداد جو سلسلو شروع ڪريون جنهن کي ڪرنل بريبازن پنهنجي الوداعي تقرير ۾ ”تاج برطانيه جو مشهور ڀاڱو“ چيو هو. اسان کي پونا ۾ هڪ ريسٽ ڪيمپ ۾ موڪليو ويو. اتي اسين رات جو دير سان پهتاسين. اسان ٻي رات به هڪ وڏي ميدان تي ٻٽي تهه وارن خيمن ۾ گذاري. صبح ٿيندي ئي پٽڪا ٻڌل، ڏاڍا شائستا ۽ باتڪلف ڏسڻ ۾ ايندڙ ماڻهو اچي گڏ ٿيا جيڪي بٽلر، ڊريسنگ بئاء ۽ هيڊ گھُروم ٿيڻ لاءِ درخواستون کڻي آيا هئا. انهن سڀني وٽ هتان انگلينڊ رواني ٿيل رجمينٽ جي آفيسرن طرفان ڏنل تصديقي خط به هئا. اهي ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ڪيولري سبالٽرن جي گهر جو بنياد هوندا هئا ۽ مختصر رسمي ڪارواين ۽ ادبن آدابن کان پوءِ آفيسر جي سموري گهريلو زندگي جي مڪمل ذميوارين جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي ڇڏيندا هئا. توهان جيڪڏهن چاهيندا هجو ته ماڻهو توهانجي خدمت ۾ بيٺا هجن ۽ توهان گهريلو پريشانين کان آجا هجو ته انهيءَ سلسلي ۾ ٽيهه سال اڳ وارو انڊيا جو ملڪ هر لحاظ کان مڪمل هوندو هو. توهان کي ڪرڻو فقط اهو پوندو ته پنهنجا سڀ ڪپڙا ۽ ورديون ڊريسنگ بئاء جي حوالي ڪري ڇڏيو. پنهنجا سڀ گهوڙا سائيس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجا پئسا بٽلر کي ڏئي ڇڏيو پوءِ توهان کي ڪنهن به شي جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. اهڙي طرح توهانجي ڪابنيا مڪمل ٿي ويندي ۽ انهن مان هر هڪ وزير ڄاڻ، تجربي ۽ ديانتداريءَ سان پنهنجو عهدو سنڀاليندو. اهي پنهنجي ذميواريءَ کي پنهنجون حياتيون ارپي ڇڏيندا هئا ۽ پوري ساري پگهار، انصاف ڀري هلت ۽ ٻن ٽن مهرباني جي لفظن جي بدلي ۾ هرڪا خدمت بجا آڻيندا هئا. انهن جي ڪائنات توهان جي لٽي ڪپڙي ۽ ٻين ننڍڙين ننڍڙين شين جي دائري ۾ محدود ٿي ويندي هئي. انهن لاءِ ڪهڙو به ڪم ڏکيو نه هوندو هو. ڪيترو به ڪم وٺجين ٿڪبا نه هئا ۽ هر حالت ۾ پُرسڪون رهندا هئا. شهزادا به اسان کان بهتر حالت ۾ رهي نه ٿي سگهيا.
اسان جي خيمي وٽ آيل درخواست گذارن ۾ ٻه يا ٽي سائيس به هئا جن وٽ پولو جا گهوڙا ۽ اڳين مالڪن طرفان ڏنل تعارفي خط هئا. پوءِ وري ڳاڙهي ۽ سونهري فراڪ سان هڪ وڏي شان شوڪت وارو ماڻهو هڪ وڏي مهر لڳل لفافو کڻي آيو. اهو گورنر لارڊ سينڊهرسٽ جو قاصد هو ۽ مون ۽ منهنجي دوست هيوگو بيرنگ (Hugo Baring) لاءِ انهيءَ رات گورنمينٽ هائوس ۾ ڊنر جي دعوت کڻي آيو هو. اهو سمورو ڏينهن اسين مصروف رهياسين. مصروفيت وري گهڻي ڀاڱي اها هئي جو جن سپاهين کان ٽوپلا پائڻ وسري ٿي ويا انهن کي ڇڙٻون ڏيندا رهياسين ته اهي ٽوپلا نه پائي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رهيا آهن. شام جو اسين گورنمينٽ هائوس وياسين ۽ ڏاڍي جلويدار، شان و شوڪت ۽ ٿڌي شامپين واري ضيافت مان لطف اندوز ٿياسين. راڻي جو جام صحت نوش ٿي وڃڻ ۽ مانيءَ کان پوءِ هز ايڪسيلنسي مهرباني ڪري مون کان ڪيترين ئي ڳالهين بابت منهنجو رايو معلوم ڪيو. سندس مهمان نوازيءَ جو اهڙو شاهانه انداز ڏسڻ کان پوءِ مون سمجهيو ته سندس ڳالهين جو مڪمل جواب نه ڏيڻ مناسب نه ٿيندو. هاڻي برطانوي ۽ هندستاني معاملن جا اهي خاص نقطا ته مون کان وسري ويا آهن جن بابت هن مون کان صلاحون ۽ مشورا ورتا هئا. پر مون کي اها ڳالهه ياد آهي ته مون سندس سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا هئا. گفتگو دوران ڪجهه اهڙا لمحا به آيا جڏهن هو پنهنجا رايا پيش ڪرڻ لاءِ آماده نظر پئي آيو پر مون سوچيو پئي ته هن کي ايتري تڪليف ۾ وجهڻ سٺي ڳالهه نه آهي. تنهنڪري هن هر دفعي پاڻ کي روڪي پئي ورتو. هن مهرباني ڪري پنهنجو اي ڊي سي به اسان سان گڏ موڪلي ڏنو جيئن هو اها خاطري ڪري اچي ته اسين خيريت سان ڪيمپ واپس پهچي ويا آهيون. مجموعي طور چئجي ته مون اٺيتاليهن ڪلاڪن جي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ انڊيا بابت تمام سٺو رايو قائم ڪري ورتو. منهنجو خيال هو ته ماڻهو اهي شيون ڪڏهن ڪڏهن پهرئين نظر ۾ ئي مڪمل طور ڏسي وٺندو آهي. جيئن ڪنگ ليڪ (King Lake) چيو آهي: ”ڪنهن به شي تي هوائي نظر وجهڻ سان اها شي درست تناسب ۾ نظر اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو کي صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. انهيءَ جي ابتڙ ڪنهن به شيءِ جو بلڪل گهرائي سان جائزو وٺڻ سان اها نظر جي غلط زاويي ۾ اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو صحيح فيصلو نه ڪري سگهندو آهي.“ انهيءَ ڏينهن جڏهن اسين سمهياسين ته اسان جي ذهنن ۾ اهو احساس بلڪل صحيح نموني اجاگر ٿي ويو هو ته انگلينڊ انڊيا ۾ ڪيترو نه عظيم ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ اهو انهن پراچين پر وڻندڙ قومن تي حڪومت ڪري جيڪو انهن جي پنهنجي ۽ اسان جي ڀلائي جو اعلى مقصد هٿن ۾ کنيو هو انهيءَ بابت به اسان جي ذهنن ۾ پختو شعور قائم ٿي ويو هو. پر ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو جو شايد سمهڻ کان فوراً پوءِ بگلن ريويلي وڄائي ڇڏي[1]، جو اسان کي 5:10 وڳي واري ٽرين تي بنگلور لاءِ 36 ڪلاڪن جي سفر جي شروعات ڪرڻي هئي.
ڏکڻ انڊيا جي وسيع ٽڪنڊي پٽ تي دکن جي نظام ۽ ميسور جي مهاراجا جا علائقا اچي وڃن ٿا. انهن علائقن جي مجموعي ايراضي فرانس جي ملڪ جيتري ٿيندي. بنگلور ۽ سڪندرآباد ۾ فوجي ڇانوڻين جي ذريعي انهن علائقن ۾ امن امان قائم ٿيل آهي. انهن مان هر هڪ ڇانوڻي ته ٻن کان ٽن هزارن تائين فوجي رهن ٿا. هر هڪ تي وري انهن کان ٻيڻو انگ هندستاني فوجين جو به رهندو آهي. جيئن ڪنهن به قسم جي ٽريننگ ۽ مشقن لاءِ هر قسم جي هٿيارن سان ليس فوجي دستا هر وقت دستياب هجن. برطانوي ڇانوڻيون لازمي رواج مطابق ڳتيل آباديءَ وارن شهرن کان پنج يا ڇهه ميل پري ٺهيل آهن ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ وري هندستاني رجمينٽن جي رهائش جون جايون آهن. برطانوي سپاهي وڏين ٿڌين، دالانن وارين بيرڪن ۾ رهندا آهن. انهن جا نقشا ٺاهڻ ۾ سوچ ويچار ۽ ترتيب سان گڏوگڏ انهن جاين کي زمين ڏيڻ ۾ به فراخدليءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. گورن جي چڱي خاصي آباديءَ جي انهن مرڪزن جون خاص نشانيون وڏا ويڪرا روڊ، اڻ کٽ ٻٽا رستا جن جي ٻنهي پاسي کان گهاٽي ڇانو وارا وڻ ۽ ڪافي مقدار ۾ صاف پاڻي آهن. انهيءَ سان گڏوگڏ اتي بارعب آفيسون، اسپتالون ۽ وڏا پريڊ گرائونڊ ۽ رائيڊنگ اسڪول پڻ آهن.
بنگلور سطح سمنڊ کان ٽي هزار فوٽ مٿي آهي. انهي ڪري هتان جي آبهوا ڏاڍي سٺي آهي. ڏينهن جو جيتوڻيڪ سج جي تپش ڏاڍي تيز هوندي آهي پر تمام گرم مهينن کان سواءِ راتيون ڏاڍيون ٺري پونديون آهن. تمام وڏين ڪونڊين ۾ لڳل يورپي گلابن جا مختلف قسم خوشبوء ۽ رنگ جي لحاظ کان تمام بهترين ٿي ويندا آهن. ٻيا مختلف گل، گلن وارا ٻوٽا ۽ وليون به تمام ڪثرت سان ٿين ٿيون. ڍورن ۽ پوسل وارن علائقن جي آسپاس نانگ گهڻا ٿين ٿا. سج جي روشنيءَ ۾ سهڻن رنگن وارا پوپٽ پيا اڏامندا آهن ۽ چنڊ جي روشني ۾ ناچو ڇوڪريون ناچ ڪنديون آهن.
آفيسرن لاءِ ڪي به جايون ٺهيل نه آهن. انهن کي پگهار ۽ ٻين فائدن سان گڏوگڏ مهينيوار لاجنگ الائونس ملندو آهي. اها جملي رقم ايتري هوندي جنهن سان هڪ وڏي گوگڙي جيتري ڳوٿري چاندي جي رپين سان ڀرجي ويندي آهي. ڪيولري ميس جي چوڌاري ڪشادا هڪ ماڙ بنگال ٺهيل آهن جن مان هر هڪ جي چوديواري جي اندر ميدان ۽ باغ پڻ آهن. سبالترن کي هر مهيني جي آخر ۾ پنهنجي چانديءَ جي ڳوٿري ملندي آهي جيڪا کڻي هو لڏندو لمندو پنهنجي بنگلي تي پهچندو آهي ۽ خوشيءَ مان ٽڙندڙ پنهنجي بٽلر کي اڇلائي ڏيندو آهي. انهيءَ کان پوءِ اصولي طور کيس ڪنهن به دنياوي ضرورت جو فڪر ڪرڻو نه پوندو آهي. پر انهن ڏينهن جي ڪيولري رجمينٽ ۾ اها ڳالهه بهتر ليکي ويندي هئي ته راڻي طرفان کُليءَ دل سان ملندڙ معاوضن کان ٽيڻو يا چوڻو الائونس گهر مان به اچڻ گهرجي. اسان کي پنهنجين خدمتن عيوض مجموعي طور تقريباً چوڏهن شلنگ في ڏينهن جي حساب سان پگهار ملندي هئي جنهن سان گڏ ٻن گهوڙن جي سار سنڀال لاءِ لڳ ڀڳ ٽي پائونڊ في مهينو جدا ملندا هئا. منهنجي مجموعي آمدني اها پگهار ۽ 500 پائونڊ ساليانو ملندڙ رقم هوندي هئي جنهن مان هر ٽئين مهيني قسط ملندي هئي. اڃان وڌيڪ گهربل رقم تمام ڳري وياج تي مقامي ساهوڪارن کان اوڌر وٺڻي پوندي هئي. اهي ساهوڪار پنهنجي گراهڪن کي اوڌر بابت هر ڪا سهوليت ڏيندا هئا. هر آفيسر کي انهن کان هوشيار رهڻ جو تاڪيد ڪيو ويندو هو. مون کي ته اهي هميشه ڏاڍي وڻندڙ طبيعت جا مالڪ ڏسڻ ۾ آيا: تمام ٿلها، تمام بااخلاق، بلڪل ايماندار ۽ بيرحميءَ جي حد تائين ڦورو. توهان کي فقط ڪاغذ جي ننڍڙن ٽُڪڙن تي صحيحون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ پوءِ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي لٺ جي ذريعي پولو جو گهوڙو موجود ٿي ويندو هو. حساب ڪتاب ٿي وڃڻ کان پوءِ هو مسڪرائيندو اُٿندو هو، هٿن سان پنهنجو منهن ڍڪيندو هو ۽ پنهنجا جوتا پائي گهوڙي تي چڙهي اطمينان سان روانو ٿي ويندو هو ۽ ساڳئي تاريخ تي ٽن مهينن کان پوءِ ظاهر ٿيندو هو. اهي فقط ٻه سيڪڙو في مهينو وٺندا هئا ۽ انهيءَ مان به انهن جو گذر سفر ڏاڍو سٺو ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته انهن جا سڀ قرض واپس ٿي ملندا هئا.
اسان ٽنهي ريجينالڊ بارنيس، هيوگو بيرنگ ۽ مون ڦوڙي ڪري هڪ محل جهڙو بنگلو ورتو. انهيءَ تي گلابي ۽ سفيد رنگ ڏنل هو ۽ ڇت ۾ ڳريون سرون پيل هئس. ڪمرن جي سامهون سفيد پلستر ٿيل ٿنڀن تي بيٺل وڏا ويرانڊا هئس ۽ چوطرف بوگن ويلا جي ولين ۾ ڍڪيو پيو هو. انهيءَ جي وڏن گرائونڊن سميت ايراضي ٻه کن ايڪڙ هوندي. هن بنگلي ۾ اڳئين رهندڙ کان اسان کي ڏيڍ سو کن شاندار گلاب جا ٻوٽا پڻ مليا جن ۾ (Marechal Niel, La france) ۽ (Gloria de Dijon) جهڙا قسم به شامل هئا. اسان انهيءَ ۾ ٽيهن گهوڙن جي بيهڻ لاءِ ڪچين ڀتين سان هڪ طنبيلو به ٺاهي ڇڏيو. اسان جي ٽنهي بٽلرن گڏجي هڪ اهڙي ٽمورتي ٺاهي ورتي جنهن ۾ ڪڏهن به ڪي اندروني اختلاف پيدا نه ٿيا. اسين ڦوڙيءَ ۾ برابر رقم ڏئي دنياوي مسئلن کان آزاد ٿي پاڻ کي زندگيءَ جي سنجيده مسئلي لاءِ ارپي ڇڏيندا هئاسين.
اهو سنجيده مسئلو فقط هڪ لفظ پولو ۾ سمايل هوندو هو. ڊيوٽي کان پوءِ اهوئي اسانجين دلچسپين جو مرڪز هوندو هو. پر پولو کيڏڻ کان اڳ توهان وٽ گهوڙن جو هئڻ لازمي هو. اسان انگلينڊ کان ايندي سامونڊي سفر دوران ئي رجمينٽل پولو ڪلب ٺاهي ورتو هو جنهن ۾ پولو کيڏندڙ توڙي نه کيڏندڙ سڀني آفيسرن کي پوري ساري رقم باقاعدگيءَ سان چندي طور جمع ڪرائڻي هئي جنهن مان وري اهي لازمي اتحادي حاصل ڪرڻ لاءِ رقم اوڌر ملڻي هئي. انگلينڊ کان ايندڙ رجمينٽ بابت اهو سمجهيو ويندو هو ته اها هندستاني پولو جي دنيا ۾ هڪ ٻن سالن تائين ڪنهن ليکي ۾ ئي نه ايندي. اها رجمينٽ انهيءَ عرصي ۾ مناسب تعداد ۾ گهوڙا گڏ ڪري وٺندي هئي. پر اسان جي پولو ڪلب جي صدر ۽ سينئر آفيسرن تمام ڊگهي ۽ ڳوڙهي بحث مباحثي کان پوءِ اهو طي ڪري ورتو ته هڪ دليراڻو ۽ نئين قسم جو قدم کڻڻو آهي.
هندستان ۾ عربي نسل جي گهوڙن جي درآمد جو مکيه واپاري مرڪز بمبئي جا اصطبل (Bycullah) آهن. پُونا لائيٽ هارس هڪ مقامي رجمينٽ آهي. جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي برطانوي آفيسر آهن. اها جيئن ته مستقل طور انڊيا ۾ رهندي آهي تنهنڪري اها عربي نسل جي گهوڙن جي خريداريءَ ۾ ٻين رجمينٽن کان وڏي فائدي ۾ رهندي آهي. اسان پونا مان گذرندي انهن جي گهوڙن کي آزمائي ڏٺو هو ۽ انهن سان تمام اهم ڳالهيون ٻولهيون ڪيون هيون ۽ آخرڪار اهو طي ٿيو هو ته رجمينٽل پولو ڪلب پولو لاءِ ڪم ايندڙ پنجويهه ئي گهوڙا پونا لائيٽ هارس کان خريد ڪندو. جئين اهي گهوڙا اڳتي هلي انٽر رجمينٽل ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ بنياد جو ڪم ڏين. آءُ صحيح نموني بيان ئي نه ٿو ڪري سگهان ته انهيءَ عظيم الشان ڪم ۾ اسان ڪيتري نه گهري دلچسپي ۽ انهماڪ سان حصو ورتو هو. هندستاني پولو جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڏکڻ هندستان جي ڪنهن ڪيولري رجمينٽ انٽر رجمينمٽل ڪپ نه کٽيو هو. اسانکي خبر هئي ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن، تدبيرن ۽ تڪليفن جا ٻه يا ٽي سال لڳي ويندا. پر اسان کي يقين هو ته جيڪڏهن ٻيون سڀ دلچسپيون هڪ پاسي ڪري ڇڏجن ته ڪاميابي ناممڪن نه آهي. اهڙيءَ طرح اسين پوري انهماڪ سان اهو مقصد حاصل ڪرڻ لڳي وياسون.
مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ به وسارڻ نه گهرجي ته اسان کي ڪيتريون ئي فوجي ڊيوٽيون به سرانجام ڏيڻيون پونديون هيون. هر روز باک ڦٽي کان اڳ هڪ ڌُنڌلو وجود اچي اسان کي ننڊ مان اٿاريندو هو ۽ چيڙهالي هٿ سان کاڏيءَ کي ڏاڍي مهارت سان مٿي ڪري گجي لڳل ڳچي تي چمڪندڙ پاڪي هڻڻ شروع ڪندو هو. رجمينٽ ڇهين وڳي پريڊ تي پهچي ويندي هئي ۽ اسين گهوڙن تي چڙهي هڪ وڏي ميدان تي پهچندا هئاسين جتي ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڊرل ۽ فوجي مشقون ڪندا هئاسين. پوءِ موٽي اچي بنگلي تي وهنجندا هئاسين ۽ ميس ۾ نيرن ڪندا هئاسين. پوءِ نائين وڳي کان تقريباً ساڍي ڏهين وڳي تائين اردلي روم (Orderly room) ٿيندو هو. پوءِ سج ۾ تپش اچڻ کان اڳ اسين بنگلي تي موٽي ايندا هئاسين. وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ڪينٽونمينٽ ۾ فاصلا ايترا ته وڏا هوندا هئا جو پنڌ هلڻ ناممڪن هوندو هو. اسين هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين گهوڙن تي چڙهيا پيا هلندا هئاسين پر ٻارهين وڳي وارو سج پنهنجي پوري آپيشاهي طاقت ڏيکاريندو هو ۽ سڀئي گورا يارهين وڳي کان اڳ اندر هليا ويندا هئا. اسين ڏيڍ وڳي ساڙيندڙ اُس ۾ مانيءَ لاءِ ٿوري دير ٻاهر نڪرندا هئاسين ۽ موٽي اچي پنجين وڳي تائين سمهي رهندا هئاسين. هاڻي ڇانوڻيءَ ۾ وري زندگي ۽ رونق اچڻ شروع ٿي ويندي هئي اهو پولو جو وقت هوندو هو. اسين سمورو ڏينهن انهيءَ وقت جي انتظار ۾ ئي گذاريندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ منهنجي عادت هوندي هئي ته راند ۾ مونکي جيڪو به چڪو (Chukka) واري ملندي هئي انهيءَ ۾ شامل ٿي ويندو هوس. راند جي ترتيب صبح جو ئي ڏاڍي ڌيان سان ٺهي تيار ٿي ويندي هئي ۽ هڪ ننڍڙو ٺاهوڪڙو پٽيوالو وڃي پني تي لکي ايندو هو ته ڪهڙا ڪهڙا آفيسر ڪيترا چڪا کيڏڻ گهرن ٿا. پوءِ وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي راند جو وڌ ۾ وڌ موقعو ڏيڻ لاءِ سراسري حساب ڪيو ويندو هو. آءُ ورلي ئي ڪڏهن اٺن کان گهٽ يا ڏهن يا ٻارهن کان وڌيڪ چڪا کيڏي سگهيو هوندس.
پولو گرائونڊ تي شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا هئا ته اسين به ٿڪي ٽٽي ۽ پگهرجي واپس موٽندا هئاسين ۽ آرام ڪري وهنجي سهنجي ساڍي اٺين وڳي رجمينٽل بينڊ جي ڌنن ۾ ڀريل گلاسن ۾ برف جي کڙڪن تي اچي ڊنر تي وهندا هئاسين. مانيءَ کان پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀلو هوندو هو ۽ ان کي ڪو سينئر آفيسر انهن ڏينهن جي مروج پتي راند Whist لاءِ پڪڙي نه ويهاريندو هو ته هو اچي چانڊوڪيءَ ۾ ساڍي ڏهين يا وڌ ۾ وڌ يارهين تائين ويهي سگريٽ پيئندو هو ۽ پوءِ سمهي رهندو هو. جيڪا مونکي خبر آهي ۽ مون جيڪو ٽن ورهين جو وقت گذاريو آهي اُنهيءَ موجب هندستان جو ڊگهو ڏينهن اهڙو هوندو آهي.