باب يارهون: ماموند وادي The Mamund Valley
اوڻيهين صديءَ انهيءَ خوش گذاريندڙ دنيا ۾ ٻن نين شين جو اضافو ڪيو. انهن مان هڪ هئي برطانوي حڪومت ٻي هئي بريچ لوڊر رائيفل[3] انهن مان پهرئين هڪ مڪمل آزار هو ۽ ٻي هڪ تمام وڏي سهوليت ۽ نعمت هئي. بريچ لوڊنگ ۽ اڃان به ميگزين واري رائيفل جو هندستان جي جابلو علائقن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به جاءِ تي ايترو قدر نه ٿيو. پندرهن سو والن جي فاصلي تي به درستگيءَ سان مار ڪري سگهندڙ هٿيار هر انهيءَ خاندان لاءِ خوشين جون نيون راهون کولي ڇڏيون جيڪي اهو حاصل ڪري سگهيا ٿي. هاڻي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ هوندي به ڪنهن پاڙيسريءَ تي لڳ ڀڳ هڪ ميل کان به فائر ڪري سگهيو ٿي. ماڻهو ڪنهن مٿاهينءَ ٽڪري تي لڪي ويهي تمام گهڻو هيٺان گذرندڙ گهوڙيسوار کي به گولي هڻي سگهيو ٿي. ويندي ڳوٺن جا ڳوٺ به گهرن کان گهڻو پري نڪرڻ جي تڪليف ڪرڻ کان سواءِ هڪٻئي تي فائر ڪري سگهيا ٿي. اهڙن فائدن هوندي سائنس جي اهڙي حيران ڪندڙ پيداوار لاءِ تمام وڏين قيمتن جي آڇ ٿيڻ لڳي. تنهنڪري سمگلرن جي ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رائيفل چور به سموري هندستان ۾ نوس نوس ڪرڻ لڳا. اهي وڏي طلب وارا هٿيار روانيءَ سان پهچڻ لڳا ته انهن جو خوشگوار اثر به سمورن سرحدي علائقن ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ پٺاڻ قبائلي عيسائي تهذيب لاءِ جيڪا عزت رکندا هئا انهيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو.
ٻئي طرف برطانوي حڪومت جي ڪارگذاري وري بلڪل غير اطمينان بخش هئي. اها عظيم طاقت جيڪا ڏکڻ طرف وڌندي، تنظيم پيدا ڪندي ۽ مختلف شيون پاڻ ۾ جذب ڪندي ٿي وئي انهي کي فقط ٻين جي راند بگاڙيندڙ سمجهيو ٿي ويو. هاڻي پٺاڻ جيڪڏهن جبلن تان لهي ميدانن تي ڪي حملا ڪري ڏيندا هئا (انهيءَ ۾ اهڙي ڪا خرابي ته نه هئي.) ته انهن کي نه فقط ڌڪي پٺتي ڪيو ويندو هو پر انهيءَ کان پوءِ انهن جي علائقن ۾ مداخلتن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو هو جنهن کان پوءِ وقفي وقفي سان فوجي ڪاروائي ڪندڙ مهموم موڪليون وينديون هيون جيڪي وادين ۾ وڏا ڪشالا ڪاٽي قبائلين کي دڙڪا دهمان ڏيندا هئا ۽ انهن پاران ڪيل ڪنهن به نقصان جا ڏنڊ به ڀرائي وٺندا هئا. اهي جيڪڏهن اچي لڙائي ڪري واپس هليا وڃن ها ته جيڪر انهن مهمن کي ڪير خاطر ۾ ئي نه آڻي ها. اڪثر موقعن تي ته انهن جي اها ئي روش هوندي هئي ۽ گورنمينٽ آف انڊيا به گهڻو وقت انهيءَ Butcher and bolt Policy تي ڪار بند رهي. پر انهن ٻاهران گهڙي ايندڙن اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاران ڪيترين ئي وادين جي وچ مان ۽ خاص طور چترال ڏانهن ويندڙ وڏو روڊ ٺاهڻ شروع ڪيو. اهي ڌمڪين، قلعن ۽ روڪ رقمن ذريعي انهن روڊن جي تحفظ جي خاطريءَ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. جيستائين آخري طريقي جو تعلق آهي ته انهيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو. پر پٺاڻ انهي روڊ ٺاهڻ واري لاڙي کي سخت ناپسند ڪندا هئا. روڊ ٺهڻ کان پوءِ ماڻهن کان اها توقع ڪئي ويندي هئي ته اهي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماٺ ميٺ ۾ رهن ۽ هڪٻئي تي فائر نه ڪن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته روڊ تي هلندڙ مسافرن تي فائر نه ڪن. اها هڪ تمام وڏي طلب هئي ۽ اهائي ڳالهه لڙاين جي ڪيترن سلسلن جو سبب بڻي.
* * * *
اسين مهمند قبيلي جي علائقي ڏانهن مارچ ڪندي ماموند واديءَ جي مُنهن وٽان لانگهائو ٿياسين. اها وادي ڪنهن برتن جي شڪل جهڙو پٽ آهي جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه ميل ويڪري ٿيندي. اسان ۽ ماموندن جي وچ ۾ ڪو تنازعو نه هو. انهن بابت مشهور هو ته اهي تمام خطرناڪ ماڻهو آهن تنهنڪري وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو. پر ڪيمپ جون اُس کان بچاء لاءِ سهڻن سڌن ڇپرن جون قطارون، اسپتال جي خيمن جو جهڳٽو ۽ ڪيترائي اٺ، گهوڙا، گڏهه ۽ خچر ڏسي ڳالهه ماموندن جي ضبط کان ٻاهر نڪري وئي. رات جي پهر ۾ هڪ وڏي چوڪنڊي ۾ اسان جون ٽمڪندڙ باهيون ڏسي هندستاني سرحد تي پروان چڙهيل انساني طبيعت لاءِ انهن جو نشانو وٺڻ کان پاڻ پلي سگهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. مختلف ماڻهن طرفان نشاني بازي اڻٽر هئي ۽ اها اسان جي سڀ کان اڳ واري برگيڊ جي ڪيمپ تي اوندهه ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي وئي. ڪو گهڻو نقصان نه ٿيو. ٿورا ماڻهو زخمي ٿي پيا. سربائينڊن بلڊ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به اثر وٺڻ کان سواءِ پنهنجو ڊنر جاري رکيو جيتوڻيڪ هڪ موقعي تي اسان کي ميڻ بتيون وسائڻيون پئجي ويون. اسان صبح جو ماموندن جي گستاخيءَ کي نظرانداز ڪندا نواگئي ڏانهن مارچ ڪري وياسين. پر قبائلي هاڻي جوش ۾ اچي ويا هئا ۽ جڏهن ٻن ڏينهن جي وقفي تي رهندڙ اسان جي ٻين برگيڊ اچي پهتي ته سوين ماڻهو پراڻي ۾ پراڻي بندوق کان جديد ترين رائيفل تائين هر قسم جي هٿيار سان ليس ٿي اچي پهتا ۽ ماڻهن ۽ جانورن جي قطارن تي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو فائر ڪندا رهيا. فوجين جي وڏي حصي پنهنجي لاءِ اڳي ئي تانگهيون کڏون کوٽي ڇڏيون هيون ۽ سموري ڪيمپ جي چوگرد به حفاظتي کاهي کوٽجي چڪي هئي. تنهن هوندي به رات جي انهيءَ ٺڪا ٺوڪيءَ ۾ انهن کي چاليهن آفيسرن ۽ سپاهين تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا ۽ ڪيترن ئي لاڏو وهٽن ۽ گهوڙن جو نقصان تنهن کانسواءِ ٿيو. اها رپورٽ سربائينڊن بلڊ تائين پهتي ته هن جوابي حملي جا حڪم موڪليا. ٻين برگيڊ جي ڪمان ڪندڙ جنرل جيفريز کي چيو ويو ته هو ايندڙ ڏينهن تي ماموند واديءَ ۾ داخل ٿي وحشي حملي آورن کي سيکت ڏئي. انهيءَ سيکت جي صورت اها ٿيڻي هئي ته مارچ ڪندو انهن جي وادي (جيڪا هڪ گهٽيءَ وانگر آهي) جي آخري ڇيڙي تائين وڃجي ۽ رستي ۾ ايندڙ سڀني فصلن کي تباه ڪندو، پاڻيءَ جي ذخيرن کي ڀڃندو ۽ وقت کي ذهن ۾ رکندي وڌ کان وڌ قلعن کي ڌماڪي سان اُڏائيندو وڃجي ۽ انهيءَ عمل ۾ جيڪو به رڪاوٽ بڻجي انهيءَ کي گولي سان اڏائيندو وڃجي. سربائينڊن مون کي چيو ته: ”تون جيڪڏهن لڙائي ڏسڻ چاهين ٿو ته پٺتي وڃي جيفريز جي برگيڊ ۾ شامل ٿيءُ“. اسان جي ۽ جيفريز جي ڪيمپ جي وچ ۾ ڏهن ميلن جو فاصلو هو ۽ انهيءَ رستي تي گهڻي اچ وڃ پئي ٿيندي هئي. انهيءَ وقت به بنگال لانسرز وارا ٻين برگيڊ ڏانهن واپس پئي ويا سو آءُ انهن کي پنهنجو ايسڪارٽ ڪري ڏاڍي احتياط سان روانو ٿي ويس ۽ رات جي اونداهي پکڙجڻ کان اڳ جيفريز جي هيڊ ڪوارٽر پهچي ويس.
ڪيمپ جي مٿان سڄي رات گوليون اُڏامنديون رهيون پر هاڻي سڀني پنهنجي لاءِ سٺا کُڏڙا ٺاهي ورتا هئا ۽ گهوڙن ۽ خچرن جو به وڏي حد تائين بچاءُ ڪيو ويو هو. اسان جي سموري برگيڊ 16 سيپٽمبر تي صبح جو سوير جنگي ترتيب ۾ ماموند واديءَ ڏانهن مارچ شروع ڪيو ۽ جلد ئي واديءَ جي وسيع ايراضي ۾ ٽڙي پکڙي وئي. اسان کان اڳ ۾ بنگال لانسرز جي هڪ اسڪواڊرن به رواني ٿي چڪي هئي. اسان جي برگيڊ جا ٽي جدا جدا دستا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي مقرر ٿيل تادِيبي ڪاروائي سرانجام ڏيڻي هئي. اسان جو جملي انگ ٻارنهن سو لڙائي جي قابل ماڻهن کان وڌيڪ نه هو. هاڻي اهي جڏهن مختلف طرفن ۾ ٽڙندا پکڙندا ويا ته اسين جلد ئي بلڪل ننڍڙين ننڍڙين ٽولين جي صورت ۾ ورهائجي وياسين. مون پاڻ کي مرڪزي ڪالم ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن جي ذميواري اها هئي ته اهو واديءَ جي بلڪل آخري ڇيڙي تائين هليو وڃي. اهڙيءَ طرح مون ڪيولريءَ سان گڏ هلڻ شروع ڪيو.
اسين هڪ به فائر ڪرڻ کان سواءِ واديءَ جي مُنڍ تائين پهچي وياسين. ڳوٺ توڙي ميدان بلڪل ويران لڳا پيا هئا. اسين جيئن جبل جي وٽ جي ويجهو اچي پهتاسين ته دوربين جي ذريعي هڪ گول ٽڪريءَ تي ننڍڙين ننڍڙين شڪلين جا ميڙ نظر اچڻ لڳا. انهن گول نشانن تان وقفي وقفي سان سج جي روشنيءَ ذريعي اسٽيل جا چمڪاٽ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا جو قبائلي پنهنجون تلوارون لوڏائي رهيا هئا. اهو منظر ڏسي هر ڪو تمام خوش پئي ٿيو ۽ اسان جو سڀ کان اڳيون دستو پنهنجن گهوڙن کي ڪڏهن ڊُگ ته ڪڏهن رلي ۾ هلائيندو اڳتي وڻن جي هڪ ننڍڙي جهڳٽي وٽ پهچي ويو. اها جاءِ گول ٽڪريءَ تان رائيفل جي گوليءَ جي پهچ ۾ هئي. اسين اتي لهي پياسون ۽ ست سو والن جي فاصلي تي فائر جي شروعات ڪري ڏني. اسان وٽ جملي شايد پندرهن ڪاربائينون هيون. اوچتو سموري ٽڪري تي دونهين جا اڇا گولا ظاهر ٿي ويا ۽ اسان جي ننڍڙي جهڳٽي مٿان گوليون سوساٽ ڪرڻ لڳيون. اها مزي جهڙي جهڙپ تقريباً هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ انهيءَ دوران انفنٽريءَ وارا به لُڇندا ڪڇندا پٽ لتاڙي اسان جي ويجهو اچي پهتا. انهن جي پهچڻ کان پوءِ اها ڳالهه طي ٿي ته 35هين سک ڪمپني گول ٽڪريءَ تي حملو ڪري ڏي ۽ ٻه وڌيڪ ڪمپنيون انهيءَ ٽڪري جي کاٻي پاسي کان جبل جي اڳتي وڌيل حصي تان ٿينديون ڳوٺ ڏانهن هليون وڃن. انهيءَ ڳوٺ جون ڇتيون وڏين ڇپن ۽ جبل جي ڪڇ ۾ بيٺل فصل جي لڏندڙ تيلن منجهان ظاهر ٿي رهيون هيون. انهيءَ دوران ڪيولري کليل ميدان واري پاسي کان چوڪي ڏيندي ۽ اسان جي فوج جي رزرو (Reserve) واري حصي سان رابطو رکندي جيڪو هاڻي گهڻو تڻو بفز (Buffs East Kent Regiment) تي مشتمل هو.
مون به ٻين ٽوليءَ سان گڏجي جبلن جي اڳتي وڌيل حصي تي چڙهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مون پنهنجو گهوڙو هڪ مقامي سپاهي جي حوالي ڪيو ۽ انفنٽري سان گڏ جبل تي چڙهڻ شروع ڪيو. اسين وک وک ۾ کڻندا ڪِرندا ڊهندا ڪڏهن زمين جي اتاهن ٽڪرن تي بيٺل فصل مان ته ڪڏهن جابلو ڇپن تان، ڪڏهن پٿريلن پيچرن تان ته ڪڏهن لسين چاڙهين تان ٿيندا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ هلندا رهياسين. پر اهو سمورو وقت اسين وياسين ٿي مٿي چڙهندا. مٿان جبل تان ڪجهه فائر ٿيا باقي نه ته لڳو پئي بلڪل ٺاپر ٿي وئي هئي. اسين مٿي چڙهندا پئي وياسين ته اسان جي پٺيان ماموند واديءَ جو سمورو بيضوي برتن پکڙيل پئي نظر آيو. آءُ اُتي ٿوري دير ساهي پٽڻ ۽ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهڻ لاءِ هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيس ته واديءَ جو جائزو به وٺڻ لڳس. انهيءَ وقت ڏينهن جا يارنهن ٿي چڪا هئا. پهرئين ڳالهه جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو اها هئي ته واديءَ ۾ ڪو به سپاهي نظر نه پئي آيو. جبل جي انهيءَ اڳتي وڌيل حصي جي پاڙ کان تقريباً اڌ ميل تي لانسرز جا ڪجهه سپاهي گهوڙن تان لٿا بيٺا هئا. گهڻو اڳتي جبل جي هڪ ڏورانهين اُڀڪپري وٽان هڪ سڙندڙ قلعي مان دونهين جي سنهي ليڪ مٿي وڃي رهي هئي. اسان جي فوج ڪٿي هئي؟ انهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيمپ مان ٻارهن سون جي تعداد ۾ مارچ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي وادي انهن سڀني کي ڳهي وئي هئي. مون پنهنجي دوربين ڪڍي ميدان جو غور سان جائزو ورتو. هِتي هُتي مٽي جا ٺهيل ڳوٺ ۽ قلعا نظر اچي رهيا هئا. گڏوگڏ اونها کوٽيل واٽر ڪورس، پاڻيءَ جي ذخيرن جا ترورا ۽ وڻن جا الڳ ٿلڳ بيٺل جهڳٽا ۽ ڪٿي ڪٿي پوک جا ٽڪرا به ڏسڻ ۾ پئي آيا. پر برطانوي – هندستاني برگيڊ جو ڪو نالو نشان ئي نظر نه ٿي آيو.
تڏهن مونکي اها ڳالهه پهريون دفعو ذهن ۾ آئي ته اسان جي ٽولي ته تمام ننڍڙي آهي جنهن ۾ مون سميت پنج برطانوي آفيسر ۽ شايد ته پنجاسي سک آهن. اسان جي سموري فوج اها هئي ۽ اسين تمام خطرناڪ ماموند واديءَ جي مُنڍ وٽ بيٺا انهي جي بلڪل ڏورانهين ڳوٺ کي سيکت ڏيڻ پئي وياسين. آءُ سينڊهرسٽ مان بلڪل تازو نڪتو هوس ۽ فوج کي پکيڙي ڇڏڻ بابت چتاء اڃان منهنجي ذهن ۾ تازا هئا. اسان جي مضبوط فوج صبح جو ڪيمپ مان نڪرڻ وقت جيترا حفاظتي اپاء ورتا هئا هاڻي موجوده صورتحال ۾ اسان چند ماڻهن جي صورت ۾ انهن جي بلڪل ناڪار ٿي رهي هئي. انهيءَ جي باوجود به اڪثر نوجوان بيوقوفن وانگر آءُ به ڪنهن مشڪل جي ڳولها ۾ هئس. دل ۾ اها ئي اميد هئي ته ڪا دلچسپ ڳالهه ٿيڻ گهرجي.
اسين آخرڪار ڳوٺ جي ڪجهه ڪچن گهرن وٽ پهچي وياسين. ٻين سڀني ڳوٺن وانگر اهو به ويران لڳو پيو هو. اهو ڳوٺ وڏي جبل مان نڪري اڳتي وڌيڪ حصي جي مُنڍ تي واقع هو ۽ هڪ ويڪري ڳچيءَ جي ذريعي ٻين جبلن سان ڳنڍيل هو. آءُ هڪ آفيسر ۽ اٺن سکن سان گڏ ڳوٺ جي جبل واري پاسي کان ٿي ويهي رهيس. جڏهن ته ڪمپنيءَ جو باقي حصو ڪچن گهرن جي تلاشي وٺندو يا انهن جي پاڇي ۾ ويهي آرام ڪندو رهيو. پندرهن منٽ ٻيا ته گذري ويا پر ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ ڪمپني جو ڪيپٽن اچي ويو.
’اسين هي علائقو خالي پيا ڪريون‘. هن سبالٽرن کي چيو، ”اسين جيستائين ڳوٺ کان هيٺان انهيءَ ٽڪريءَ تي نئين پوزيشن وٺون تيستائين تون اسان کي ڪور (cover) ڏي. بفز (Buffs) ته ايندا ڪو نه پيا ڏسجن ۽ ڪرنل جي خيال ۾ اسين هتي فائر جي زد ۾ آهيون.“
منهنجي ذهن ۾ به اها ڳالهه آئي ته اها بلڪل درست راءِ آهي. اسان ٻيا ڏهه منٽ انتظار ڪيو. انهيءَ دوران مون ذهن جي اک سان ڪمپني جي مک حصي کي ڳوٺ خالي ڪري ٽڪري ڏانهن ويندي ڏٺو. ذهن جي اک سان انهيءَ ڪري جو آءُ انهن کي سڌو سنئون نه پئي ڏسي سگهيس. اوچتو جبل جي پاسي ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي. وڏن پٿرن جي پٺيان تلوارون چمڪڻ لڳيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهنڊا ڦڙڪڻ لڳا. اسان جي سامهون ٻارنهن مختلف جاين تان سفيد دونهين جا گولا اٿڻ لڳا ۽ بلڪل ويجهو ڪنهن جاءِ تان ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. اسان کان هڪ ٻه يا ٽي هزار فوٽ مٿي هڪ وڏي پٿر جي چوٽيءَ تي سفيد يا نيري رنگ جون شڪليون ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ پٿرن جي وچ ۾ هموار سطحن تي ائين لهڻ لڳيون جئين ڀولڙا ڪنهن ڊگهي وڻ جي ٽارين تان لهندا آهن. ڪيترين جاين تان سنها تيز ڪيڪاٽ به ٿيڻ لڳا. يي! يي! يي! سڄي جبل تان دونهون اٿڻ لڳو ۽ هر گهڙيءَ ننڍڙيون شڪليون مٿان کان هيٺ لهنديون اسان جي ويجهو اچڻ لڳيون. اسان جي اٺن سک سپاهين فائر شروع ڪري ڏنو جيڪو جلد ئي وڌ کان وڌ تيز ٿيندو ويو. دشمن جا ماڻهو جبل کان هيٺ لهندا آيا ۽ اسان کان لڳ ڀڳ هڪ سو وال مٿي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. ايترا سولا ۽ ظاهر ٽارگيٽ ڏسي پاڻ تي ضبط ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. مون پنهنجي ڀرسان ويٺل سک کان مارٽيني رائيفل وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. هو مونکي ڪارتوس ڏيندو وڃڻ تي بلڪل راضي هو. مون پهڻن ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهن تي ڏاڍي ڌيان سان فائر ڪرڻ شروع ڪيا. اسان جي آسپاس به ڪيتريون ئي گوليون سوساٽ ڪنديون ويون. پر اسين پٽ تي بلڪل سڌا پيا هئاسين تنهنڪري ڪو به نقصان نه ٿيو. ٻنهي طرفن کان اها لڳاتار ڇتي فائرنگ پنجن منٽن تائين هلندي رهي. اسين جنهن مهم جوئي جي ڳولها ۾ هئاسين اها اسان کي ملي وئي هئي. پوءِ ويجهو ئي ڪنهن انگريز جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو بٽالين ايڊجوٽنٽ هو.
”هاڻي هليا اچو. اسان کي وڌيڪ وقت ڪونهي. اسين ننڍڙي ٽڪري تان توهان کي ڪور ڏئي سگهون ٿا.“
مون جنهن سک کان رائيفل ورتي هئي انهيءَ منهنجي ڀرسان پٽ تي اٺ يا ڏهه ڪارتوس رکي ڇڏيا هئا. فوج جو اهو اصول هو ته ڪنهن به قسم جو بارود قبائلين جي هٿن ۾ وڃڻ ناهي ڏيڻو. سک ڪافي پُرجوش پئي لڳو تنهن ڪري مون هڪ هڪ ڪري سڀ ڪارتوس هن کي ڏئي ڇڏيا جئين اهي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ رکي ڇڏي. اها به قسمت جي ڀلائي هئي جو اها ڳالهه ذهن ۾ اچي وئي. اسان جي ٽوليءَ جا ٻيا سڀ ماڻهو اٿي واپس روانا ٿي ويا هئا. اوچتو جبل مان گولين جو ڇتو وسڪارو ٿي ويو ۽ هڪلون ۽ هوڪرا ٿي ويا ۽ هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. انهيءَ وقت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اسان جا پنج يا ڇهه ماڻهو وري ڪريا آهن. ائين ئي ٿيو هو. ٻه مئا هئا ۽ ٽي زخمي ٿيا هئا. هڪ ماڻهو کي سيني ۾ گولي لڳي هئي ۽ انهيءَ مان رت ناليون ڪري وهي رهيو هو. ٻيو ماڻهو پُٺي ڀر پيو وٽجي سٽجي ۽ کرڙيون هڻي رهيو هئو. برطانوي آفيسر منهنجي بلڪل پٺيان ڦرڻيءَ وانگر ڦيراٽيون پائي رهيو هو. سندس منهن رت جو دڳ ٿي ويو هو ۽ سندس ساڄي اک کوپي مان ٻاهر نڪتي پئي هئي. هائو! بلاشڪ ته اها مهم جوئي هئي.
هندستاني سرحد تي اهو عزت جو معاملو ليکيو ويندو آهي ته زخمي ماڻهن کي پٺتي نه ڇڏيو وڃي. جنگ ۾ جيڪي به ماڻهو زخمي ٿي پٺاڻ قبائلين جي هٿن ۾ ايندا آهن انهن جا لازمي طور عضوا ڪپيا ويندا آهن ۽ اهي آخرڪار چُڻي چُڻي مري ويندا آهن. هاڻي ايڊجوٽنٽ به واپس اچي ويو. هن سان هڪ برطانوي سبالٽرن، هڪ سِک سارجنٽ ميجر ۽ ٻه يا ٽي سپاهي گڏ هئا. اسان سڀني زخمين کي هٿ وڌا ۽ انهن کي ٽڪري تان هيٺ کڻڻ ۽ گهلڻ شروع ڪيو. اسان ڏهن يا ٻارنهن ماڻهن جي هٿن ۾ چار زخمي ماڻهو هئا ۽ ڳوٺ جي ڪجهه گهرن مان نڪري ٻاهر ٿي زمين جي هڪ خالي پٽيءَ تي ظاهر ٿي بيٺاسين. اتي ڪيپٽن ڇهن ماڻهن تي ٻڌل ڪمپني جي ڪمان سنڀاليون بيٺو هو. هوڏانهن هيٺ ڏيڍ سو وال پري هڪ ننڍڙي ٽڪري هئي هڪ مددي پارٽيءَ کي اتي مقرر هئڻ گهربو هو. انهن جا ڪي آثار نظر نه ٿي آيا. شايد اها ٽڪري اڃان هيٺ هئي. اسان زخمين جي احتجاجن کي نظرانداز ڪندا انهن کي کنڀيندا وياسين. اسان کي ڪنهن به قسم جو ريئر گارڊ نه هو. سڀئي زخمي کنيو پئي آيا تنهنڪري مون کي پڪ هئي ته اسان کي اڃان بدترين صورتحال کي منهن ڏيڻو هو. اسان کليل علائقي ۾ اڌ پنڌ به نه ڪيو هو ته گهرن جي پٺيان ويهه يا ٽيهه غضبناڪ ماڻهو جوش ۾ فائرنگ ڪندا يا پنهنجون تلوارون لوڏيندا ظاهر ٿيا.
انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو انهيءَ جا مون کي فقط ٽڪرا ٽڪرا ياد آهن. ٻه سک جيڪي مون سان پنهنجو زخمي کڻائي رهيا هئا انهن مان هڪ کي پٺيءَ ۾ گولي لڳي وئي. هو سور ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس پڳڙي هيٺ ڪري پئي ۽ ڊگها ڪارا وار ڪُلهن تي پکڙجي ويس. هو ڏک ۽ کل جو گڏيل منظر پيش ڪري رهيو هو. هيٺان ٻه وڌيڪ ماڻهو آيا ۽ اسانجي ماڻهو کي قابو ڪيائون. نئين سبالٽرن ۽ مون انهيءَ سک کي ڪالر مان ورتو ۽ کيس زمين تي گهليندا وياسين. چڱو ٿيو جو هاڻي سمورو پنڌ ٽڪريءَ تان هيٺ لهڻ جو هو. ظاهري ڳالهه آهي ته اسان کيس تکن پٿرن تي گهليندي ايترو ته ڦٽي وڌو هو جو هن عرض ڪيو ته کيس اڪيلو ڇڏيو وڃي. هو منڊڪائيندو، گهلبو، ٿيڙ کائيندو ۽ ٿاٻڙبو پر چڱي رفتار سان اڳتي وڌندو آيو. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي جان بچائي ورتي. مون ڪنڌ ورائي پنهنجي کاٻي طرف ڏٺو. ايڊجوٽنٽ کي به گولي لڳي وئي هئي. سندس چار سپاهي کيس کنيو پئي آيا. هو ڳرو مڙس هو تنهنڪري هنن سڀني جا هٿ هن ۾ مضبوطي سان پيل هئا. اوچتو گهرن جي ڪنارن وٽان اڌ ڊزن پٺاڻ تلوار باز ظاهر ٿيا. انهن جي ويجهو اچڻ تي ويچاري ايڊجوٽنٽ جا ڪانڌي کيس اڇلائي پاڻ ڀڄي ويا. سڀ کان اڳئين تلوار باز ڊوڙي اچي منهن ڀر ڪريل ماڻهو مٿان اچي بيٺو ۽ کيس پنهنجي تلوار سان ٽي يا چار دفعا ڌڪ هنيائين. انهيءَ وقت ٻيون سڀ ڳالهيون منهنجي ذهن مان نڪري ويون ۽ اها تمنا دل ۾ اڀري بيهي رهي ته انهيءَ شخص کي قتل ڪريان. پبلڪ اسڪول جو تلوار بازيءَ جو تمغو ته منهنجو اڳ ۾ ئي کٽيل هو. مون دوبدو مقابلي جو فيصلو ڪري ورتو. وحشيءَ مون کي ايندو ڏسي ورتو. آءُ ويهن والن کان وڌيڪ پري نه هوس. هن هڪ وڏو پٿر کڻي کاٻي هٿ سان مون ڏانهن اڇلايو ۽ پوءِ تلوار جهلي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳو. هن جي پٺيان ٻيا ماڻهو به بيٺل هئا جيڪي هن کان گهڻو پري نه هئا. مون تلوار ڪم آڻڻ بابت پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. مون پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ پنهنجي اندازي مطابق تمام ڌيان سان نشانو وٺي فائر ڪري ڇڏيو. ڪو به نتيجو نه نڪتو. مون ٻيهر فائر ڪيو. وري به نتيجو نه نڪتو، مون وري فائر ڪيو. آءُ چئي نه ٿو سگهان ته هن کي ڌڪ لڳو يا نه پر هو ٻه يا ٽي وال پوئتي ڀڄي ويو ۽ هڪ پٿر جي پٺيان پئجي رهيو. گولين جو وسڪارو مسلسل ٿي رهيو هو مون چوطرف نظر وڌي پر ڪو به ساٿي نظر نه ٿي آيو. آءُ دشمنن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو هوس. آءُ پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙڻ لڳس. هر طرف گوليون ئي گوليون هيون. منهنجي سامهون جيڪا پهرئين ٽڪري آئي آءُ انهيءَ تي چڙهي ويس. سک هيٺين ٽڪريءَ تي پوزيشن سنڀاليون بيٺا هئا. انهن هٿن سان ڏاڍي پُرجوش نموني اشارا ڪيا ۽ آءُ ڪجهه گهڙين ۾ ئي انهن وٽ پهچي ويس.
ميدان تي پهچڻ کان اڳ اڃان جبل جي وڌيل حصي تي مني ميل جيترو پنڌ ڪرڻو هو ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان جبل جا ٻيا وڌيل حصا هيٺ وڃي رهيا هئا. اسان جو تعاقب ڪندڙ انهن ٻنهي تان ڊوڙندا ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان فائر ڪندا پئي آيا. انهن جي ڪوشش هئي ته اسان کي پنهنجن ساٿين کان ڪٽي ڇڏين. مون کي ياد نه آهي ته اسان کي هيٺ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو پر اسان اهو سمورو فاصلو بلڪل آهستگي ۽ مضبوطي سان طي ڪيو. اسان ٻه آفيسر ۽ ڇهه سک زخمي به پاڻ سان کنيو پئي آياسين. انهن کي کڻڻ لاءِ ئي ويهه ماڻهو درڪار هئا. اسان هڪ آفيسر ۽ ٻارنهن زخمي ۽ مئل سپاهين کي وڍجي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي ڏنو.
انهيءَ دوران مون هڪ مئل ماڻهو جي مارٽيني رائيفل ۽ بارود کڻي ورتو ۽ کاٻي پاسي تي اسي کان هڪ سو ويهن والن جي فاصلي تي بيٺل قبائلين تي وڌ ۾ وڌ احتياط سان ٽيهه يا چاليهه فائر ڪيا. انهن موقعن تي مشڪل اها هوندي آهي ته وڏي هڻ وٺ جي سبب ماڻهو جا عضوا پيا ٿڙڪندا آهن ۽ ڏاڍو پيو سهڪندو آهي. بهرحال مونکي پڪ آهي ته مون فائر نشانو وٺي ڪيو.
اسين هيٺ پهتاسين ته اسان جي حالت ماڻهن جي ڪنهن بي ترتيب ميڙ کان بهتر نه هئي پر انهيءَ هوندي به اسان پنهنجا زخمي گڏ آندا هئا. ڪمپني جو رزرو (Reserve) حصو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل به بيٺا هئا. هو بٽالين ڪمانڊر هو پر حالت اها هئي جو فقد چند اردلي سندس ڪمان هيٺ بيٺا هئا. زخمين کي هيٺ سمهاريو ويو ۽ سموري ڪمپني جي باقي بچيل ماڻهن کي ٻن قطارن ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهاريو ويو. قبائلي جن جو انگ هاڻي لازماً ٻه يا ٽي سو ٿيندو اهي هڪ اڌ چنڊ جي شڪل ۾ اسان جي ٻنهي پاسن کان گڏجي بيهي رهيا. مون ڏٺو پئي ته گورا آفيسر سکن کي نظم ضبط ۾ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا. اها ترتيب جيتوڻيڪ دشمن کي وڏو نشانو مهيا ڪري رهي هئي پر ٽڙيل پکڙيل هئڻ کان ڪهڙي به ترتيب ۾ هئڻ بهتر هو. سڀئي قبائلي به ننڍڙن ميڙن جي صورت ۾ گڏيا بيٺا هئا ۽ اهي به جوش ۽ جذبي ۾ آپي کان ٻاهر ٿي نظر آيا.
ڪرنل مونکي چيو ته: ”بفز اڌ ميل کان وڌيڪ پري نه آهن. وڃ ۽ انهن کي چئه ته جلدي ڪريو نه ته اسين سڀ ختم ٿي وينداسين.“
مون انهيءَ ڪم تي روانو ٿيڻ لاءِ منهن ئي مس ڦيرايو ته منهنجي ذهن ۾ هڪ چڱي ڳالهه اچي وئي. مون تصور جي اک سان ڪمپني کي زير ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺو ۽ پاڻ ڊويزن جي جنرل سان مقرر اردلي آفيسر کي اڪيلو بچيل، پوري رفتار سان ڊوڙندي ۽ سهڪندي اچي تباهي جي خبر ٻڌائيندي ۽ مدد لاءِ اپيل ڪندي ڏٺم.
”مون کي اهو حڪم لکت ۾ گهرجي سر!“ مون چيو.
ڪرنل حيران ڏسڻ ۾ آيو پر پنهنجي ڪوٽيءَ جي کيسي ۾ کوٽهڙا هڻي پنهنجو پاڪيٽ بڪ ڪڍيائين ۽ لکڻ لڳو.
انهيءَ دوران پيدا ٿيل وڏي گوڙ گهمسان ۽ بدنظميءَ ۾ ڪيپٽن ڪمپنيءَ کي پنهنجو حڪم ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن زور زبردستي ڪرائي ڪمپني کان گولين جي وسڪاري جي شدت گهٽ ڪرائي ورتي. هڪ حڪم جو آواز منهنجن ڪنن تي پيو. ”والي فائرنگ، ريڊي. پريزنٽ“ ڦهڪا ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊزن قبائلي هيٺ ڪري پيا. گولين جو وري ٻيو وسڪارو ٿيو ۽ اهي ڍرا ٿي ويا. ٽئين وسڪاري تي اهي پٺيان پير ڪري جبل ڏانهن وڌڻ لڳا. بگل وڄائيندڙ ”چارج“ جي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي ۽ هر ڪو ماڻهو هڪلون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. بحران پڄاڻي تي پهچي چڪو هو ۽ واکاڻ تنهن واحد جي جو سامهون بفز جي مُنڍ وارين قطارن به منهن ڪڍيو.
پوءِ اسان خوشي ملهائي لنچ کاڌي پر پوءِ اها صورتحال سامهون آئي ته اسان کي رات کان اڳ تمام گهڻو پنڌ ڪرڻو هو.
* * * *
هاڻي بفز جي اچي وڃڻ کانپوءِ اهو اٽل فيصلو ٿيو ته اسان کي جبل جي جنهن وڌيل حصي تان ڀڄايو ويو هو انهيءَ تي وري قبضو ڪجي جيئن وڃايل عزت ۽ ايڊجوٽنٽ جو لاش حاصل ڪيا وڃن. اهو ڪم سراجام ڏيندي شام جا پنج ٿي ويا.
انهيءَ دوران 35 سک واري ڪمپني به اچي وئي جيڪا اسان جي ساڄي پاسي واري جبل تي چڙهي وئي هئي ۽ اسان کان به بدتر تجربن مان گذري هئي. اهي به آخرڪار ميدان تي لهي آيا هئا ۽ پاڻ سان گڏ شايد هڪ ڊزن زخمي آندا هئائون ۽ ڪيترائي آفيسر ۽ پندرهن سپاهي بگهڙن هٿان هڙپ ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي آيا هئا. واديءَ تي اڳ ۾ ئي شام جا پاڇا پوڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ جن دستن کي صبح جو ڏاڍي غير دانشمنديءَ سان ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو ويو هو اهي به ڪيمپ واپس موٽڻ لڳا. ڪيمپ به آهستي آهستي رات جي اونداهيءَ سان گڏوگڏ هوا جي طوفان ۾ ويڙهبي وئي ۽ جنهن کان پوءِ خوشيءَ ۾ ٽڙندڙ دشمن ۽ وحشي به پهچڻ لڳا. آءُ به بفز ۽ ڏاڍي ڏتڙيل 35هين سک ڪمپني سان گڏ ڪيمپ موٽيس. اسين جڏهن ڪيمپ جي چوطرف ٺاهيل مورچن ۾ داخل ٿياسين ته اوندهه ٿي چڪي هئي. ٻيون سڀئي ٽوليون به شديد پر غير تسلي بخش ويڙهه کان پوءِ ڪيمپ واپس پهچي ويون هيون. پر جنرل ڪٿي هو؟ سندس اسٽاف ڪٿي هو؟ ۽ خچر بيٽري ڪٿي هئي؟
ڪيمپ جي سڀني پاسن کان ڏاڍي سخت چوڪي هئي ۽ اسان ماني به معمول وارين گولين جي سنهي مينهن هلندي کاڌي. ٻه ڪلاڪ ٻيا به گذري ويا جنرل آخر ويو ڪيڏانهن؟ هاڻي اسان کي خبر پئي ته خچر بيٽري سان گڏوگڏ انجنيئرن ۽ سرنگهون وڇائيندڙن جي اڌ ڪمپني ۽ ڏهه گورا آفيسر به هن سان گڏ هئا. اوچتو وادي مان توپ جي گولي جي گونج ٿي جيڪو اندازي مطابق ٽي ميل پري هو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري وقفي سان شايد ويهه ٻيا به ڌڌڪا ٿيا. پوءِ ماٺ ٿي وئي. ڇا ٿي رهيو هو؟ جنرل رات جي اونداهيءَ ۾ ڇا تي توپون هلائي رهيو هو؟ اها ڳالهه ضرور آهي ته سندس مدمقابل به سندس بلڪل ويجهو ئي موجود هوندو. اهي يا ته هڪٻئي ۾ گڏجي ويا آهن يا ائين ته ڪونهي ته اهي توپن جا ٺڪاء مدد جا سگنل آهن؟ ڇا اسان کي سندس مدد لاءِ نڪرڻ گهرجي؟ رضاڪارن جي ڪابه کوٽ نه هئي؟ سينئر آفيسر گڏجي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. جيئن اڪثر موقعن تي ٿيندو آهي ته حالتون خراب ٿي وينديون آهن ته رسمي ڳالهين تي ڪير به عمل نه ڪندو آهي سو آءُ به وڃي ڳالهين ۾ شريڪ ٿي ويس. اها ڳالهه طي ٿي ته رات جو ڪو به سپاهي ڪيمپ مان ٻاهر نه نڪرندو. گگهه اونداهيءَ ۾ واديءَ جي بيشمار کڏن کوٻن ۽ رڪاوٽن جي موجودگيءَ ۾ ريسڪيو فورس موڪلڻ وڌيڪ ڪنهن آفت جو سبب ٿيندو ۽ ائين ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪيمپ تي حملو ٿي ويو، جنهن جو چڱو خاصو امڪان آهي، ته ڪيمپ موتمار حد تائين ڪمزور ٿي ويندي. جنرل ۽ بيٽري جتي به آهن ڀلي وڙهي ڏينهن ڪن. واديءَ ۾ وري توپن جا فائر ٿيا. انهيءَ جو مطلب ته اهي اڃان تائين زير نه ٿيا هئا. مون تڏهن پهريون دفعو جنگ جون ڳڻتيون، پريشانيون ۽ دٻاء اکين سان ڏٺا. بظاهر ته اها ڪا کِل خوشي واري مهم نه ٿي لڳي. اسين اڳي ئي خطري جي حالت ۾ هئاسين. ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي. اهو فيصلو ٿيو ته پرهه ڦٽڻ سان ئي بنگال لانسرز جو هڪ اسڪوارڊن، انفنٽري جي ڪالم جي مدد سان جنرل جي امداد لاءِ روانو ٿي وڃي. هاڻي اڌ رات ته گذري وئي هئي سو مون به جنگي لباس ۽ بوٽن سميت ٻه ٽي ڪلاڪ سٺي ننڊ ڪري ورتي.
ڏينهن جي روشني ۾ واديءَ جي کليل ميدان ۾ اسان جي لاءِ ڪي به خطرا نه هئا. اسان جنرل ۽ سندس بيٽريءَ کي ڪچن گهرن واري هڪ ڳوٺ ۾ مُچي ٿي ويٺل ڏٺو. هن ڏاڍو خراب وقت گذاريو هو. کيس مٿي ۾ زخم رسيو هو پر اهو ايترو شديد نه هو. اوندهه ٿي وڃڻ سان هن پنهنجي فوج کي ڪجهه گهرن ۾ آڻي هڪ قسم جو قلعو ٺاهي ورتو . ساڳئي وقت ماموند به پهچي ويا ۽ سموري رات مٽي جي انهيءَ ڳجهه ڳهيڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ شديد ترين جنگ ٿيندي رهي. حملي آور علائقي جي هڪ هڪ انچ کان پوريءَ طرح واقف هئا. اهي ته پنهنجي گهرن جي صُفن ۽ رڌڻن ۾ وڙهي رهيا هئا. جڏهن ته دفاع ڪندڙن کي علائقي يا عمارتن بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي اهي ته بس گگهه اونداهيءَ ۾ جيڪو جتي هو اتي ئي بيهجي ويو. قبائلي ته ڀتيون ٽپندا، ڇتين تان لڙڪندا، گوليون هلائيندا ۽ پنهنجا وڏا خنجر هڻندا ويا. ماڻهن جا هڪٻئي ۾ هٿ هئا ۽ هر ڪنهن دڦ تي بندوقون پئي ڇوڙيون. توپ جا گولا ائين هلايا ويا جيئن ٻن يا ٽن والن تي بيٺل دشمن تي پستول سان فائر ڪجي. ڏهن مان چار برطانوي آفيسر زخمي لڳا پيا هئا. انجنيئرن ۽ توپچين جو ٽيون حصو زخمي هو ۽ لڳ ڀڳ سڀئي خچر مئا يا زخمي لڳا پيا هئا. باقي بچي ويل آفيسرن جا لٿل منهن صبح جي انهيءَ خوفناڪ منظر جي ڄڻ ته تڪميل ڪري رهيا هئا. اسان اڳتي وڌي زخمي خچرن کي گوليون هنيون ۽ پوءِ نيرن ڪرڻ ويٺاسين.
جڏهن اسين سڀ ڪيمپ واپس موٽي آياسين ته اسان جي جنرل هڪ ڏورانهين جبل جي چوٽيءَ تي بيهي آئيني جي اولڙن ذريعي نواگئي ۾ سربائينڊن بلڊ سان رابطو ڪيو. سربائينڊن بلڊ ۽ اسان جي مهڙ واري برگيڊ تي پاڻ گذريل رات شديد حملو ٿيو هو. انهن جو به سوين وهٽن ۽ ويهن يا ٽيهن ماڻهن جو نقصان ٿيو هو. باقي ٻي ڪا به اهڙي خراب صورتحال پيش نه آئي هئن. سربائينڊن بلڊ حڪم موڪليا ته اسان مامود واديءَ ۾ رهي باهه ۽ تلوار سان بدلو وٺي انهيءَ کي اجاڙي برباد ڪري ڇڏيون. اسان اهوئي ڪم ڪيو. پر انهيءَ دوران وڏا حفاظتي اپاء پڻ ورتا. اسين هڪ طريقه ڪار تحت هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ويندا، گهر تباهه ڪندا، کوهه لٽيندا ۽ قلعن جي مينارن کي ڌماڪن سان اڏائيندا وياسين. ساڳئي طرح تاديبي تباهيءَ طور وڏن ڇانو وارن وڻن کي ڪٽي، بيٺل فصلن کي باهيون ڏئي پاڻي جي ذخيرن جا بند ڀڃي ڇڏياسين. ميداني ڳوٺن تي ته اهي ڪاروايون سرانجام ڏيڻ تمام سولو ڪم هو. قبائلي جبلن تي ويٺا ڏاڍي افسوس سان پنهنجن گهرن ۽ گذر سفر جي ذريعن جي تباهي ڏسندا رهيا. پر اسين جڏهن جبلن جي پاسن تي واقع ڳوٺن تي حملا ڪرڻ وياسين ته انهن ڏاڍي مزاحمت ڪئي ۽ هر ڳوٺ جي بدلي ۾ اسان جو ٻن يا ٽن برطانوي آفيسرن ۽ پندرهن يا ويهن مقامي سپاهين جو نقصان ٿيو. ڳوٺن جي تباهي ايترو جاني نقصان لهڻو ٿي يا نه؛ انهيءَ بابت آءُ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان. بهرحال پندرهن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي وادي اجڙي ويران ٿي وئي ۽ اسان جي عزت جي احساس به تسڪين حاصل ڪري ورتي.
_______________________
[3] اڳ ۾ مزل لوڊ يعني ناليءَ جي مُنهن ۾ بارود ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون هونديون هيون پوءِ بريچ لوڊ يعني ڪنداق وٽان کولي ڪارتوس يا گولي ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون ٺهيون. (سنڌيڪار)