باب نائون: بنگلور ۾ تعليم Education in Bangalore
اهو ته فقط هڪ مثال آهي پر اهڙيون ڊزن کن ٻيون به ذهني ضرورتون هيون جيڪي مون کي شدت سان تنگ ڪري رهيون هيون. مون کي اها ته خبر هئي ته يونيورسٽين جا نوجوان ته اوڻيهن يا ويهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي انهي گيڙپ گيڙي سان ڀريل هوندا آهن ۽ منجهائيندڙ سوال پُڇي سگهندا آهن ۽ وايون بتال ڪندڙ جواب ڏئي سگهندا آهن. اسين خود انهن کي يا هو جنهن برتري جو اظهار ڪندا هئا انهيءَ کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته اسان کي اها ڳالهه ذهنن ۾ هوندي هئي ته اهي ته فقط پنهنجن ڪتابن جا ماهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي ڪمان اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسين سلطنت جي دفاع جو ڪم ڪري رهيا آهيون. انهيءَ هوندي به انهن مان ڪجهه ڇوڪرن جي تمام گهڻي ۽ هر صورتحال جي موافق معلومات ڏسي منهنجي دل ننڍي پئي ٿيندي هئي. هاڻي منهنجي خواهش هئي ته مونکي ڪو اهڙو قابل استاد ملي وڃي جنهن جون آءُ هر روز ڪلاڪ کن ڳالهيون ٻُڌان ۽ هن کان سوال جواب ڪريان.
پوءِ مون ڪنهن کي ”سقراطي طريقو“ (Socratic method) جا لفظ ڪم آڻيندي ٻڌو. انهيءَ جو مطلب ڇا هو؟ ڀلا سقراط ڪير هو؟ هو بحث جو وڏو شوقين هڪ يوناني هو جنهن جي زال کيس تنگ پئي ڪندي هئي ۽ کيس آخر ڪار خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته کيس آبادي جي لاءِ نقصانڪار سمجهيو ٿي ويو. انهيءَ هوندي به هو بلاشڪ ته ڏاڍي اهميت وارو شخص هو. هو پڙهيل لکيل ماڻهن جي نظرن ۾ ڏاڍو وزن رکندو هو. مون سقراط جي ڪهاڻيءَ کان واقف ٿيڻ ٿي گهريو. ايترا زمانا گذرڻ کانپوءِ به سندس شهرت برقرار رهڻ جو سبب ڪهڙو هو؟ آخر اهي ڪهڙا مسئلا هئا جو هن جي چيل ڳالهين جي سبب هڪ حڪومت کي کيس مارڻو پئجي ويو. اهي ضرور ڪي ڳنڀير مسئلا هوندا جو اٿيني حاڪم ۽ هن باتوني پروفيسر ٻنهي مان هڪ جي زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ لازمي ٿي پيو هو. اهڙين دشمنين جو سبب ڪي ننڍڙيون ڳالهيون نه هونديون آهن. ظاهر آهي ته سقراط گهڻو وقت اڳ هڪ فڪري ڊائنامائيٽ (Intellectual Dynamite) ۽ اخلاقي بم (Moral Bomb) وجود ۾ آڻي چڪو هو جيڪي تمام گهڻا ڌماڪا خيز هئا. پر ڪئينز ريگيوليشنز ۾ ته انهيءَ بابت ڪا ڳالهه درج ٿيل نه هئي.
انهيءَ کان پوءِ وري تاريخ جو مضمون هو. اسڪول ۾ تاريخ سدائين منهنجو پسنديده مضمون رهيو هو پر تڏهن اسان کي بلڪل بي جان، خشڪ ۽ تلخيصون ٿيل (The Student’s Hume) جهڙا ڪتاب ڏنا ويندا هئا. هڪ دفعو ته مونکي انهي ڪتاب جا هڪ سو صفحا موڪلن جي ڪم طور مليا هئا. منهنجي اسڪول وڃڻ کان اڳ بلڪل غير متوقع طور منهنجو پيءُ انهيءَ مان منهنجو امتحان وٺڻ اچي ويٺو. هن جيڪي صفحا کوليا انهن ۾ چارلس پهرئين جو ذڪر هو. هن مون کان (Grand Remonstrance) بابت پڇيو. مون چيو ته آخر ۾ پارليامينٽ بادشاه کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ سندس سر قلم ڪري ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ کان وڏي ٻي ڪنهن (Grand Remonstrance) جو تصور ئي نه پيو ڪري سگهجي. اها ڳالهه صحيح نه هئي. منهنجي پيءُ چيو ته اهو هڪ تمام ڳنڀير مسئلو آهي جنهن جا اثر اسان جي آئيني تاريخ جي سموري جوڙجڪ تي پون ٿا. اهي ڳالهيون تنهنجي اسڪولي ڪم جي بلڪل وچ تي پيون آهن ۽ توکي ڪنهن به لحاظ کان خبر ئي نه آهي ته انهيءَ سان ڪيترا وڏا معاملا لاڳاپيل آهن. سندس ڳڻتي ڏسي آءُ ته پريشان ٿي ويس. مونکي تنهن وقت اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته انهيءَ ڳالهه کي ايتري اهميت ڇو ٿي ڏني وڃي. هاڻي مون انهي بابت به وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي گُهري.
تنهنڪري مون تاريخ، فلسفي، اقتصاديات ۽ اهڙين شين بابت ڪتاب پڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ انهن مضمونن بابت مون جن ڪتابن جا نالا ٻڌا هئا اهي پنهنجي ماءُ ڏانهن خط ۾ لکي اهي موڪلڻ لاءِ چيو. هن تمام ڦڙتائي سان جواب ڏنو ۽ پوءِ مون وٽ هر مهيني ٽپال ذريعي معياري ڪتابن جي چڱي ڀلي هڙ ايندي رهي. تاريخ ۾ مون گبن کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مونکي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو هو ته منهنجو پيءُ گبن کي شوق سان پڙهندو هو ۽ هن کي انهيءَ جا صفحن جا صفحا ياد هوندا هئا ۽ انهيءَ ڪتاب سندس تقرير ۽ تحرير جي انداز تي وڏو اثر وڌو هو. تنهنڪري آءُ بنا دير ڊين مل مين واري ايڊيشن ۾ گبن جي ”روسي شهنشاهيت جو عروج ۽ زوال“ (The Decline and Fall of Roman Empire) جي اٺن جلدن کي لڳي ويس. آءُ فوراً ڪتاب جي سلسله بيان ۽ اسلوب جي اثر هيٺ اچي ويس. اصطبلن مان واندو ٿيڻ کان وٺي شام جي پاڇن پاران پولو جو وقت ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ تائين هندستاني ڏينهن جي وچ وارن ڊگهن روشن ڪلاڪن ۾ آءُ گبن کي ڳڙڪائيندو ويس. آءُ انهيءَ ۾ شروع کان آخر تائين فاتحانه انداز ۾ ڪونتل ڪُڏائيندو ويس ۽ انهيءَ سموري مان لطف اندوز ٿيس. آءُ پنهنجا رايا صفحن جي حاشين تي لکندو ويندو هوس ۽ مون جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته منهنجي راءِ سندس بارعب ۽ پاڪباز ايڊيٽر پاران ڪيل گلائن جي ڀيٽ ۾ اصل ليکڪ ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکي ٿي. سندس شرارت آميز حاشيا منهنجو توجهه هن ڏانهن ڇڪي نه سگهيا. ٻئي طرف ڊين پاران ڪيل دستبردارين ۽ معافين به مونکي چيڙائي وڌو. آءُ ”روسي شهنشاهيت جو عروج ۽ زوال“ (The decline and fall of the Roman Empire) مان ايترو ته خوش ٿيس جو مون فوراً گبن جي آتم ڪهاڻي به پڙهڻ شروع ڪئي جيڪا خوشقسمتيءَ سان ساڳئي ايڊيشن ۾ آيل هئي. مون جڏهن سندس پوڙهي نرس بابت سندس هي لفظ پڙهيا ته: ”منهنجي حياتيءَ هجڻ تي جيڪڏهن ڪي ماڻهو خوش آهن ۽ مون کي پڪ آهي ته اهڙا ڪجهه ماڻهو ضرور هوندا ته سندن شڪريي جي مستحق به اها بهترين ۽ پياري عورت آهي.“ ته مون کي مسز ايوريسٽ ذهن ۾ اچي وئي. سندس لوح مزار اهائي ٿيندي.
آءُ گبن کانپوءِ ميڪالي ڏانهن متوجه ٿيس. سندس شاعريءَ جو مجموعو (The Lays of the Ancient Rome) مون بر زبان ياد ڪيو هو ۽ اهو مون کي ڏاڍو پسند هو. مون کي اها به خبر هئي ته هن تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو هو پر مون انهيءَ جو هڪ صفحو به نه پڙهيو هو. مون هاڻي انهيءَ شاندار رومانس تي قدم رکيو ۽ انهيءَ ۾ سڙهه کولي تيز هوا ۾ سفر ڪيو. مونکي ياد آهي ته مسز ايوريسٽ جي ڀيڻيوي پوڙهي جيل وارڊن وٽ ميڪالي جي تاريخ جي هڪ ڪاپي هوندي هئي. هن اها حصن ۾ خريد ڪري اهي گڏ جلد ڪرايا هئا. مون کي اهو به ياد آهي ته هو ان بابت ڏاڍي عزت ڀرئي انداز ۾ ڳالهائيندو هو. مون ميڪالي جي سموري تحرير کي مقدس ڪتاب قبول ڪيو پر هن ڊيوڪ آف مارلبورو بابت جيڪي سخت فيصلا ڏنا آهن اهي پڙهي مون کي ڏک به ٿيو. تڏهن منهنجي آسپاس اهڙو ڪو به ماڻهو نه هو جيڪو مونکي ٻڌائي ها ته جادوئي اسلوب ۽ زبردست خوداعتمادي رکندڙ اهو مورخ ادبي بدمعاشن جو شهزادو آهي جيڪو صداقت کي ڇڏي داستان کي اختيار ڪندو آهي ۽ عظيم ماڻهن مان جنهن کي وڻيو اٿس ان جي ثنا خواني ڪئي اٿائين ته ڪنهن جي شهرت کي داغدار ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ تاريخي دستاويزن ۾ پنهنجي ڪهاڻي مطابق تحريفون ڪيون اٿائين. هن منهنجي اعتماد ۽ منهنجي پوڙهي دوست وارڊن جي سادي يقين کي دوکو ڏنو تنهن ڪري آءُ کيس معاف نٿو ڪري سگهان. انهيءَ هوندي به آءُ اها ڳالهه تسليم ٿو ڪريان ته آءُ ٻئي لحاظ کان سندس تمام گهڻو زيربار به آهيان. آءُ سندس Essays مان به سندس تاريخ جيترو ئي لطف اندوز ٿيس.
آءُ نومبر کان مئي مهيني تائين هر روز چار يا پنج ڪلاڪ تاريخ ۽ فلسفي تي ڪتاب پڙهندو رهيس. افلاطون جو ريپبلڪ - مونکي هو عملي طور هر لحاظ کان سقراط جهڙو لڳو؛ مسٽر ويلڊن جو ايڊٽ ٿيل ارسطو جو پاليٽڪس، شوپنهارجي (Pessimism) ۽ مالٿوس جي (Population) تي تحرير ۽ ڊارون جو ڪتاب اَنواع جي منڍ (Origin of Species)، ٻين ڪجهه گهٽ اهم ڪتابن سان گڏوگڏ اهي ڪتاب به منهنجي مطالعي ۾ رهيا. اهو هڪ پُرتجسس تعليمي سلسلو هو. انهيءَ جو هڪ سبب اهو هو ته مون اهو ڪم بلڪل خالي ذهن سان شروع ڪيو هو ۽ مونکي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هو. مون جيڪو ڪجهه پڙهيو ٿي انهيءَ کي هضم به ڪندو ٿي ويس. ٻيو ته منهنجي آسپاس اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو مونکي ٻڌائيندو رهي ته: ’اُهو ڪتاب ايترو مستند نه آهي، تون انهن ڳالهين جي جوابن لاءِ فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهه انهن ٻنهي کي گڏ پڙهڻ سان توکي بحث جو خلاصو ملي ويندو. انهيءَ موضوع تي ٻيو اڃا سٺو ڪتاب اٿئي.‘ هاڻي آءُ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو يونيورسٽين جي انهن ڇيڳرن ڇوڪرن تي ريسون کائڻ لڳس جن وٽ هر شي کان واقف ڪرائڻ لاءِ بهترين اسڪالر موجود هوندا آهن. اهڙا پروفيسر جيڪي علم جي هر شاخ جي نظرين تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون حياتيون وقف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي جو ڏيئو وسامجي وڃڻ کان اڳ پنهنجا گڏ ڪيل خزانا ورهائڻ لاءِ آتا هوندا آهن. پر هاڻي آءُ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪندڙن کي پنهنجي زندگيءَ جو اهو سڀ کان قيمتي دور راند روند ۾ گذاريندي ڏسندو آهيان ته مونکي انهن تي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي. ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو فڪر (Thought) يا عمل (Action) ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي صليب تي ٽنگيل هئڻ لازمي آهي. ڪو به ڪم ڪرڻ کان سواءِ ڪا به تفريح يا راند روند نه هئڻ گهرجي.
آءُ جڏهن سقراطي موڊ ۾ هوندو آهيان ۽ پنهنجي ريپبلڪ جون رٿائون پيو رٿيندو آهيان ته خوشحال شهرين جي پٽن جي تعليم ۾ تمام وڏيون تبديليون ڪري ڇڏيندو آهيان. آءُ سوچيندو آهيان ته اهي جڏهن سورنهن يا سترهن ورهين جا ٿين ته اهي ڪو هنر سکڻ شروع ڪن ۽ صحت بخش جسماني ڪم ڪن ۽ پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ شاعري ۽ گيت پڙهن، ناچ، ڊرل ۽ جمناسٽڪ ڪن. اهڙي طرح انهن کي ڪنهن ڪارائتي ڪم تي پنهنجي ٻاڦ ڪڍڻ جو موقعو ملندو رهندو. آءُ انهن کي يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت تڏهن ئي ڏيندس جڏهن انهن ۾ علم جي حقيقي تڙپ پيدا ٿيندي ۽ اهي مختلف شين بابت نيون ڳالهيون ٻڌڻ جي تمنا ڪندا. يونيورسٽي وڃڻ به هڪ عنايت ۽ نوازش هوندي ۽ اهڙي رعايت هوندي جنهن لاءِ ڪيترائي ماڻهو سڌون پيا ڪندا پر اها فقط انهن کي ئي ڏني ويندي جيڪي ڪارخاني يا زمين تي ڪم ڪري پنهنجي قابليت مڃرائيندا يا جن جون صلاحيتون ۽ شوق سڀ کان نمايان هوندا. پر اهي رٿائون عمل ۾ اچڻ سان ٻيون ڪيتريون ئي شيون درهم برهم ٿي وينديون ۽ هڪ وڏو مانڌاڻ مچي ويندو ۽ شايد آخرڪار مونکي زهر جو پيالو پيئڻو پئجي ويندو.
* * * * *
ايندڙ ٻن سالن دوران مون جيڪي ڪتاب پڙهيا انهن مون ۾ اها تحريڪ پيدا ڪئي جو مون پاڻ کان مذهب بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا. هيستائين مونکي جيڪا به ڳالهه ٻڌائي ويندي هئي آءُ انهيءَ کي تسليم ڪري ويهي رهندو هوس. ايستائين جو مون کي موڪلن ۾ به هفتي ۾ هڪ دفعو گرجا گهر وڃڻو پوندو هو ۽ هيرو ۾ ته روزاني صبح شام جي عبادت کان سواءِ آچر ڏينهن ته ٽي دفعا گرجا گهر ويندا هئاسين. اهي سڀ ڏاڍا چڱا ڪم هئا. مون انهن ورهين ۾ مذهبي حڪمن جي پوئيواريءَ جي بينڪ ۾ ايتري چڱي خاصي پونجي جمع ڪرائي ڇڏي هئي جو تڏهن کان وٺي آءُ وڏي اعتماد سان انهيءَ مان ڪڍرائيندو رهيو آهيان، شادين، ڇٺين، فوتين جي موقعن تي به مستقل سالياني آمدني ٿيندي رهي ٿي. مون پنهنجي کاتي بابت بلڪل تفصيلي پڇائون به نه ڪرايون آهن. اهو به ممڪن آهي ته آءُ پيش وصولي (اوور ڊرافٽ) ڪري ويو هجان. پر هاڻي جواني جي انهن روشن ڏينهن ۾ به گرجا گهر ۾ منهنجون حاضريون آچر جي ڏينهن کان وڌيڪ هونديون هيون. آرميءَ ۾ به باقاعدگيءَ سان چرچ پريڊون ٿينديون هيون ۽ آءُ ڪڏهن رومن ڪيٿوليڪ ته ڪڏهن پروٽيسٽنٽ چرچ هليو ويندو هوس. برطانوي آرميءَ ۾ مذهبي رواداري وڌندي وڌندي لاتعلقيءَ جي حدن تائين وڃي پهتي هئي. ڪنهن به ماڻهو سان سندس مذهب جي بنياد تي ڪڏهن به ڪو تعصبي برتاء نه ٿيندو هو نه ئي انهيءَ بنياد تي سندس راهه ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي ويندي هئي. هر ماڻهوءَ کي مذهبي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ ريگيوليشنز مطابق سهوليتون موجود هونديون هيون. انڊيا ۾ ڪل ديوتائي شهنشاهي مندر ۾ ته هڪ سو مسلڪن جي ديوين ديوتائن جا بت به ڏاڍي احترام سان رکيا ويندا هئا. اسين رجمينٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هنن ڳالهين بابت بحث مباحثا ڪندا هئاسين ته: ”ڇا اسين هن دنيا جي خاتمي کان پوءِ وري ڪا حياتي گذارينداسين؟ ڇا اسان اڳ ۾ به ڪا حياتي گذاري آيا آهيون؟ ڇا اسين موت کان پوءِ هڪٻئي کي ياد رکندا آهيون، ۽ هڪٻئي سان ملندا آهيون يا ٻوڌين وانگر نئين سر شروعات ڪندا آهيون؟ ڇا ڪا ارفع ذهانت دنيا جي معاملن تي اک رکيون ويٺي آهي يا شيون ڪنهن نه ڪنهن نموني پيون ٿيون هلن؟“ بهرحال انهيءَ ڳالهه تي سڀ ماڻهو متفق ٿي ويندا هئا ته توهان جيڪڏهن باعزت زندگي گذارڻ جي پنهنجي سر پوري ڪوشش ڪريو ٿا، پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيو ٿا، دوستن سان وفادار آهيو ۽ ڪمزورن ۽ غريبن سان ناروا سلوڪ نه ٿا ڪريو ته اها ڳالهه گهڻي اهميت نه ٿي رکي ته توهان جو ڪنهن عقيدي ۾ ايمان آهي يا نه. هر ڳالهه صحيح ٿي ويندي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ سوچ کي اڄڪلهه `The Religion of Healthy Mindedness` جو نالو ڏيڻ گهرجي.
ڪجهه سينئر آفيسر عورتن ۽ هيٺين طبقن لاءِ عيسائي مذهب جي اهميت تي به ڳالهائيندا رهندا هئا ته اهو عورتن کي سڌو رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ جيئن ته هيٺين طبقن جي هتي گذر اوقات بهتر ٿيڻ جو ڪو به وسيلو نه آهي تنهنڪري اهو انهن کي اها سوچ ڏياري وڌيڪ مطمئن ٿو رکي ته آخرت ۾ انهن جو وقت سٺو گذرندو. لڳندو هو ته عيسائي مذهب – خاص طور جڏهن انهي کي چرچ آف انگلينڊ جي ذريعي پيش ڪيو وڃي – جي نظم و ضبط قائم رکڻ جي لحاظ کان به اهميت هئي. اهو ماڻهن ۾ اها چاهت پيدا ڪندو هو ته اهي باعزت نموني زندگي گذارين ۽ ٻاهريون پنو رکندا اچن. اهڙي طرح اهو ڪيترن ئي اسڪينڊلن کان بچائي وجهندو هو. انهيءَ نقطئه نظر سان ڏسڻ سان مذهبي ڏڻ ۽ ريتون رسمون اهميت وڃائي ويهنديون هيون. انهن جي حيثيت ساڳئي نظريي واري وڃي بيهندي هئي جنهن کي مختلف نسلن ۽ مزاجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو هجي. پر ڪهڙي به قسم جي مذهب جي تمام گهڻي عملداري به چڱي ڳالهه نه هئي. خاص طور مقامي ماڻهن ۾ ته مذهبي شدت پسندي تمام خطرناڪ ليکي ويندي هئي ۽ انهن کي قتل ۽ بغاوت تي اڀاريندي هئي. آءُ جهڙي قسم جي نظرياتي آبهوا ۾ رهندو هوس اهي ڳالهيون منهنجي خيال ۾ ته انهي جو ڪافي چٽو عڪس پيش ڪن ٿيون.
هاڻي مون ڪيترائي اهڙا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا جيڪي انهيءَ سموري مذهبي تعليم کي ئي للڪاري رهيا هئا جيڪا مون هيرو ۾ حاصل ڪئي هئي. انهن مان پهريون ڪتاب ون ووڊ ريڊ جو (The Martyrdom of Man) هو. اهو ڪرنل بريبازون جو عظيم ڪتاب هو. هن اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا پڙهيو هو ۽ ان کي هڪ قسم جي بائيبل سمجهندو هو. حقيقت ۾ اها انسانذات جي هڪ مختصر ۽ سٺي انداز ۾ لکيل عالمگير تاريخ آهي جنهن ۾ سڀني مذهبن جي اسرارن تي سخت لفظن ۾ بحث ڪيو ويو آهي. انهيءَ بحث مان انهيءَ مايوس ڪن نتيجي تي پهچجي ٿو ته اسين بس ميڻ بتيءَ وانگر وسامي وڃون ٿا. انهيءَ ڪتاب ۾ پڙهيل ڳالهين مون کي ڇرڪائي ۽ منهنجن جذبن کي مجروح ڪري وڌو هو. پوءِ مون کي خبر پئي ته گبن به ساڳيو نظريو رکندو هو. آخري سال سياري جي موسم ۾ مون ليڪي جا ٻه ڪتاب (Rise and influence of Rationalism) ۽ (History of European Morals) پڙهيا. انهن ٻنهي منهنجي ذهن ۾ هڪ بلڪل لاديني نقطئه نظر قائم ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت ته مونکي انهيءَ ڳالهه تي به ڏاڍي ڪاوڙ رهي ته اسڪول جي استادن ۽ پادرين مونکي ايترا ڪوڙ ڇو ٻڌايا. آءُ تڏهن ته انهن کي ڪوڙ ئي سمجهندو هوس. پر آءُ ڪنهن يونيورسٽي ۾ هجان ها ته ممڪن آهي ته اتي گڏ ٿيل ناميارا پروفيسر ۽ دينيات جا عالم منهنجيون ڏکيائون حل ڪري ڇڏين ها. ٻيو ڪجهه نه ته اهي مونکي اهڙن ڪتابن بابت ضرور ٻڌائي ڇڏين ها جن ۾ ٻئي ڌر جو نقطئه نظر به معقول نموني بيان ٿيل هجي ها. اهڙي طرح آءٌ انهيءَ شديد ۽ جھارحانه مذهب بيزار دور مان گذريس جيڪو جيڪڏهن گهڻو عرصو قائم رهي ها ته آءٌ شايد ماڻهن لاءِ ڏاڍي تڪليف جو باعث ٿيان ها. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ آءٌ بار بار خطرن جي منهن ۾ پيس ته منهنجي طبيعت ۾ اعتدال اچي ويو. انهن حالتن مان گذرندي مون تي اها ڳالهه واضح ٿي ته منهنجون سوچون ۽ دليل ڪهڙا به هجن پر آءٌ جڏهن دشمن جي فائر جي زد ۾ اچڻ وارو هوندو آهيان ته مون خاص تحفظ لاءِ دعا گهرندي ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي ۽ جڏهن حفاظت سان گهر پهچي چانهن جو ڪوپ کڻي ويهندو آهيان ته منهنجي دل جي گهراين ۾ احسانمندي جا جذبا ضرور پيدا ٿيندا آهن. جلدي مارجي وڃڻ کان بچڻ جي دعا ته وڏي ڳالهه آهي پر مون انهيءَ کان ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين لاءِ به دعائون گهريون ۽ انهن ورهين ۾ ته تقريباً دفعي ۽ پوءِ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ مون جيڪو به گهريو آهي اهو مون کي مليو آهي. اهو عمل بلڪل فطري ۽ ايترو ئي مضبوط ۽ حقيقي لڳندو هو جيترو منطقي دليلن وارو انداز انهيءَ جي بلڪل ٽڪراءَ ۾ هوندو هو. اڃان وڏي ڳالهه اها ته انهيءَ عمل مان سڪون ملندو هو ۽ منطقي دليل بازيءَ مان ڪجهه به نه ملندو هو. تنهنڪري آءٌ اهڙي روش کي فڪري نتيجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ پنهنجن احساسن مطابق عمل ڪندو هوس.
جنهن ماڻهوء باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هجي انهيءَ لاءِ اقتباسن جا ڪتاب پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي. بارٽليٽ جو (Familiar Quotations) ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. ۽ اهو مون شوق سان پڙهيو هو. اقتباس جڏهن حافظي ۾ نقش ٿي وڃن ٿا ته توهان کي سٺا خيال ڏين ٿا ۽ انهن جي ذريعي توهان ۾ اصل ليکڪن ۽ اڃان وڌيڪ ڳالهين پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ يا اهڙي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ مونکي هڪ فرانسي چوڻي نظر اچي وئي هئي. انهيءَ ۾ خيال ڏاڍن مناسب ۽ تُز لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي: ”دل جون ڳالهيون عقل کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن“ (The Heart has its reasons which the reason dos dose know) مون اها راءِ قائم ڪئي ته دماغ جي دليلن جي پٺيان لڳي دل جي دليلن کي ٿڏي ڇڏڻ ڏاڍي بيوقوفيءَ واري ڳالهه ٿيندي. پر آءُ ته سوچيندو هوس ته آءٌ انهن ٻنهي مان فائدو ڇو نه وٺان. سوچ ۽ عقيدي ۾ عدم مطابقت به منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه هوندي هئي. مون کي اها ڳالهه صحيح لڳندي هئي ته ذهن کي ڇڏي ڏجي ته جيترو ٿي سگهيس فڪر ۽ منطق جي پيچرن تي کوجنائون ڪندو وتي ۽ اها ڳالهه به غلط نه لڳندي هئي ته ماڻهو مدد ۽ دستگيريءَ لاءِ دعائون به گهرندو رهي ۽ جڏهن اهي حاصل ٿي وڃن ته پاڻ ۾ احسان منديءَ جو احساس به پيدا ڪري. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته جنهن برتر خالق اسان کي ذهنن سان گڏوگڏ روح به ڏنا آهن اهو انهيءَ ڳالهه تي ڇو ڪاوڙجي پوندو ته اهي هر وقت هڪ ئي پاڃاريءَ ۾ رواني سان گڏجي ڇو نه ٿا هلن. اها ڳالهه ته لازمي آهي ته انهيءَ جو هن شروع کان ئي اندازو ڪري ورتو هوندو ۽ انهيءَ سموري معاملي کي سمجهندو به هوندو.
ساڳئي طرح آءٌ جڏهن پادرين کي بائيبل جي قصن کي جديد سائنسي ۽ تاريخي علم سان مطابقت ڏيڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪندي ڏسندو آهيان ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي. اهي آخر انهن ٻنهي ۾ مطابقت ڇو ٿا چاهين؟ توهان کي جيڪڏهن اهڙو ڪو پيغام ملي ٿو جنهن سان اوهان جي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ توهان جي روح کي تقويت پهچي ٿي ۽ اهو پيغام توهان ۾ اها اميد پيدا ڪري ٿو ته توهان وڏن موقعن ۽ وڏين همدردين واري هڪ دنيا ۾ پنهنجن پيارن سان وڃي ملندو ته توهان هن لفاظي رنگ ۽ شڪل بابت ڳڻتي ڇو ٿا ڪريو ته انهيءَ تي صحيح ٽڪليون لڳل آهن يا نه ۽ پوسٽ آفيس جو ٺپو ۽ تاريخ صحيح لڳل اٿس يا نه؟ اهي ڳالهيون مونجهارا ته پيدا ڪري سگهن ٿيون پر اها ڳالهه يقيني آهي ته اهي ڪا اهميت نه ٿيون رکن. اهميت پيغام ۽ انهيءَ جي ذريعي توهان کي ملندڙ فائدن کي آهي. تمام ڳوڙهي دليل بازيءَ مان انهيءَ خالص نتيجي تي پهچبو ته معجزا ناممڪن آهن ۽ اهو ته قدرت جي قانونن جي خلاف ورزي ٿيڻ بجاءِ انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته انسانن طرفان ملندڙ شاهديءَ ۾ ڪا غلطي هوندي ۽ ساڳئي وقت ماڻهو اهي ڳالهيون پڙهي خوش به ٿي سگهي ٿو ته يسوع مسيح گليلي جي پاڻيءَ کي شراب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو يا هو ڍنڍ جي پاڻيءَ مٿان هلندو هو ۽ مرڻ کانپوءِ زنده ٿي ويو هو. انساني ذهن لامحدود (Infinity) کي سمجهي نه ٿو سگهي پر رياضيءَ جي ايجاد انهيءَ کي انهيءَ قابل بڻائي ڇڏيو آهي جو هو انهيءَ تصور کي بلڪل سولائيءَ سان ڪم آڻي سگهي ٿو. اهو نظريو ڏاڍو احمقاڻو آهي ته سچ فقط اهو آهي جنهن جو اسين ذهن جي ذريعي ادراڪ ڪري سگهون ۽ اها ڳالهه ته اڃان وڌيڪ احمقاڻي آهي ته جن خيالن کي اسانجو ذهن دليل ذريعي ثابت نه ٿو ڪري سگهي اهي تباهه ڪار آهن. حقيقت اها آهي ته ذهنن ۽ احساسن لاءِ انهي کان وڌيڪ ڪو اڻوڻندڙ منظر ٿي ئي نه ٿو سگهي ته هنن جي چواڻي ته لکين ڪائناتون هميشه لاءِ هلنديون رهن ٿيون ۽ انهيءَ جو ڪو به عقلي يا فائديمند سبب به نه آهي. تنهنڪري مون زندگيءَ ۾ ڪافي اڳ ئي هڪ نظام ٺاهي ڇڏيو هو جنهن تحت مونکي جنهن شي تي يقين ڪرڻو هوندو هو انهيءَ تي يقين ڪري ڇڏيندو هوس. ساڳئي وقت عقل کي ڇيڪ ڇڏي ڏيندو هوس ته هو جن به رستن پيچرن تي هلي سگهي ٿو ڀلي انهن تي پيو هلي.
منهنجا ڪي سوٽ ماسات جن کي يونيورسٽيءَ جي تعليم جو فائدو مليو هو اهي دليلن سان اها ڳالهه ثابت ڪري مون کي چيڙائيندا هئا ته ڪا به شي بذات خود ڪو به وجود نه ٿي رکي. اسين ان بابت جيڪو ڪجهه سوچون ٿا اهو ئي ان جو وجود آهي. سموري تخليق هڪ خواب آهي ۽ سڀ مظهر تصوراتي آهن. توهان پنهنجي زندگيءَ جي سفر سان پنهنجي ڪائنات پاڻ تخليق ڪندا وڃو ٿا. توهان جڏهن خواب جي جهان مان ٻاهر اچو ٿا ته ڪائنات به پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿي. اهي دل خوش ڪندڙ ذهني بازيگريون پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ته بلڪل صحيح آهن ۽ انهن مان ڪو به نقصان پهچڻ جو انديشو ڪونهي پر اهي بلڪل بي ڪار به آهن. آءُ پنهنجي ننڍي عمر وارن پڙهندڙن کي خبردار ٿو ڪريان ته اهي انهن کي فقط راند سمجهن. آخري ڳالهه وڃي ما بعد الطبعيات دانن جي ٿيندي ۽ اهي توهان کي للڪاريندا ته سندن واهيات مفروضن جو رد پيش ڪري ڏيکاريو.
مون ڪيترا سال اڳ پنهنجي سر هيءَ هڪ دليل ٺاهيو هو ۽ سدائين انهيءَ جو سهارو وٺندو هوس. اسين آسمان ڏانهن ڏسون ٿا ۽ اسان کي سج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جون اکيون تيز روشنيءَ ۾ انڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان جا حواس اها ڳالهه رڪارڊ ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي اهو عظيم سج اسان جي جن طبعي حواسن جهڙي مضبوط بنياد تي بيٺو آهي. پر اسان جن طبعي حواسن کان بلڪل جدا هڪ اهڙو طريقو به موجود آهي جنهن جي مدد سان اها پرک ڪري سگهجي ٿي ته سج حقيقت ۾ موجود آهي. اها پرک رياضيءَ جي مدد سان ڪري سگهجي ٿي. فلڪياتدانن حواسن جي مدد کان بلڪل سواءِ، رياضي جي تمام ڊگهن عملن جي ذريعي سج گرهڻ ٿيڻ جي وقت جو حساب ڪري سگهن ٿا. اهي خالص عقل جي مدد سان اڳڪٿي ڪن ٿا ته ڪنهن خاص ڏينهن تي هڪ ڪارو نشان سج جي سامهون گذري ويندو. توهان انهيءَ ڏينهن ٻاهر وڃي ڏسو ٿا ۽ توهان جي ڏسڻ جي حس فوراً توهان کي ٻڌائي ٿي ته انهن جو حساب صحيح ثابت ٿيو آهي. هاڻي توهان جي حواسن پاران ڏنل ثبوت کي رياضياتي اصولن جي هڪ عمل ذريعي ڏنل ثبوت مان تقويت ملي ٿي. انهيءَ طريقي کي فوجي نقشي نويسي ۾ ڪراس بيئرنگ (Cross bearing) چيو ويندو آهي. اسان کي سج جي حقيقت هئڻ جي ٻين ذريعن جي مدد کان آزاد شاهدي حاصل ٿي وئي آهي. منهنجا ما بعد الطبعياتي دوست مونکي چوندا آهن ته فلڪياتدانن جن انگن اکرن کي حسابن ۾ ڪم آندو اهي ته اصل ۾ لازماً حواسن جي شاهديءَ جي ذريعي حاصل ڪيا ويا هوندا ته آءُ چوندو آهيان ”هرگز نه“. اهي انگ اکر اصولي طور خود ڪار حساب ڪندڙ مشين ذريعي به حاصل ٿي سگهن ٿا جيڪي انهن تي سج جي روشني پوڻ سان ازخود عمل ۾ اچي سگهن ٿيون ۽ انهن ۾ ڪنهن به ڏاڪي تي انساني حواسن جي شموليت نه هوندي. هو جڏهن ساڳئي دليل کي اڳتي وڌائيندي چوندا آهن ته مشينن جي حساب بابت به ڪير نه ڪير اسان کي ٻڌائيندو ۽ اسين انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجا ڪن ڪم آڻينداسين ته آءُ کين جواب ڏيندو آهيان ته رياضياتي عمل بذات خود هڪ حقيقت آهي ۽ اهو هڪ دفعو دريافت ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ نئين ۽ آزاد عنصر جي حيثيت وٺي بيهي ٿو. منهنجي عادت آهي ته آءُ انهيءَ موقعي پنهنجي پاڻ تي يقين جو ڏاڍي تاڪيدي انداز ۾ اظهار ڪندو آهيان ته سج حقيقت ۾ موجود آهي ۽ آءُ اها ڳالهه به چوندو آهيان ته اهو گرم به آهي. حقيقت ۾ انهيءَ تي دوزخ جهڙي گرمي آهي ۽ ما بعد الطبعياتدانن کي انهيءَ بابت جيڪڏهن ڪو شڪ آهي ته انهن کي پاڻ وڃي اهو ڏسي اچڻ گهرجي.
* * * *
هندستاني پولو جي دنيا تي اسان جي پهرئين يلغار ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ ٿي. اسان جي پاران هندستان جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ جي ڇهن هفتن جي اندر ئي حيدرآباد ۾ گولڪنڊا ڪپ ٽورنامينٽ ٿي. نظام جي علائقي جي گاديءَ جي هنڌ ۽ ان جي پاڙي ۾ پنج ميل پري سڪندرآباد جي ڇانوڻي ۾ رهندڙ برطانوين وٽ ڇهه ست پولو جون ٽيمون هونديون هيون. انهن مان هڪ ٽيم اوڻيهين حصارز رجمينٽ جي هئي جن کان اسان بنگلور ۾ اچي چارج ورتي هئي. اوڻيهين ۽ چوٿين حصارز رجمينٽ جي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي اڻبڻت هلندي پئي آئي. انهيءَ جو سبب اهو ٿي ٻڌايو ويو ته ٽيهه سال اڳ اوڻيهين حصارز جي ڪنهن خانگي سپاهي چوٿين حصارز جي جاءِ تي اچڻ وقت انهن جي بيرڪن جي حالت بابت ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه چئي ڇڏي هئي. هاڻي جيتوڻيڪ انهيءَ تڪرار سان لاڳاپيل ڪو هڪ فرد به باقي نه بچيو هو پر هاڻوڪا سڀ سارجنٽ ۽ سپاهي انهيءَ واقعي کان مڪمل طور واقف هئا ۽ انهن جي دلين ۾ ايتري ئي ڪاوڙ موجود هئي ڄڻ ته اهو واقعو گذريل مهيني ٿيو هجي. پر اهي اختلاف ڪميشنڊ آفيسرن تائين نه پهتا هئا ۽ آفيسرز ميس ۾ اسان جي خاطر تواضع ڏاڍي کليءَ دل سان ٿي. مونکي چيٽ ووڊ (Chetwode) نالي هڪ نوجوان ڪيپٽن جي بنگلي ۾ رهايو ويو. اهو هاڻي انڊيا جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيل آهي. ٻين ڇانوڻين جي ٽيمن کان سواءِ ٻه زبردست هندستاني ٽيمون پڻ هيون. انهن مان هڪ وقار الامراء يا وزيراعظم جي ٽيم هئي ۽ ٻي ٽيم گوڪنڊا برگيڊ جي نمائندگي ڪندي هئي. گوڪنڊا برگيڊ نظام جو محافظ دستو هو. اها ڏکڻ انڊيا جي بهترين ٽيم ليکي ويندي هئي. انهن اتر انڊيا جي ٻن مک ٽيمن پٽياله ۽ جوڌپور سان مقابلن ۾ سخت چوٽون کاڌيون هيون. پولو کيڏڻ لاءِ بي انداز دولت به انهن کي مهيا ڪري ڏني وئي هئي جنهن جو اظهار انهن جي گهوڙن مان ڀلي ڀت ٿي رهيو هو. انهيءَ سان گڏوگڏ انهن کي گهوڙيسواريءَ جو هنر به هو ۽ راند جي ڄاڻ به هئي. اهي ئي شيون انهن ڏينهن ۾ نوجوان هندستاني ۽ برطانوي آفيسرن جو مشترڪ آئيڊيل هونديون هيون.
اسين پونا لائيٽ هارس کان خريد ڪيل گهوڙن سان دکن ڏانهن ڊگهي سفر تي روانا ٿياسين. اسين جيتوڻيڪ ڪجهه فڪرمند هئاسين پر اسان جا ارادا مضبوط هئا. اوڻيهين حصارز وارن اسانجي ميزبانن اسان جو گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو پر اها ڳالهه ٻڌائي اسان سان مناسب نموني افسوس جو اظهار به ڪيائون ته اسان جو ڀاڳ ڀلو نه ٿيو آهي جو اسان جو پهرئين رائونڊ ۾ ئي گولڪنڊا جي ٽيم سان مقابلو ٿيندو. انهن اها ڳالهه ڏاڍي نيڪ نيتيءَ سان چئي ته اسان جي بدقسمتي چئبي جو اسان کي انڊيا ۾ رهندي ڪو گهڻو وقت به نه ٿيو آهي ۽ پنهنجي پهرئين ميچ ۾ ئي اهڙي ٽيم جي سامهون اچي رهيا آهيون جيڪا پڪ سان ٽورنامينٽ کٽي ويندي.
صبح ٿيڻ سان سموري ڇانوڻي اسان جي اکين جي سامهون اچي گذري. برطانوي توڙي هندستاني سپاهي ۽ نظام جي فوج مڪمل فوجي شان و شوڪت سان اسان جي سامهون يا شايد سرڪاري عهديدارن جي سامهون مارچ ڪندا ويا. سڀ کان آخر ۾ ويهه کن هاٿين جي قطار هڪ تمام وڏي توپ کي ڇڪيندي وئي. تڏهن اهو رواج هوندو هو ته هاٿي مارچ ڪندي گذرندا هئا ته پنهنجون سونڊيون مٿي ڪري سليوٽ ڪندا هئا. هاڻي به انهن اهو ڪم ڏاڍي مثالي انداز ۾ ڪيو. اڳتي هلي اهو رواج ختم ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته غير مهذب ماڻهو هاٿين کي ڏسي واتن تي هٿ رکي پيا کلندا هئا ۽ انهيءَ سان هاٿين يا سندن فيل بانن جو وقار مجروح ٿيندو هو. اڃان ڪجهه وقت پوءِ ته خود هاٿين جو رواج ئي ختم ٿي ويو ۽ هاڻي اسان کي انهن جي جاءِ تي کڙ کڙ ڪندڙ ٽريڪٽر آهن جيڪي انهن توپن کان گهڻيون وڏيون ۽ وڌيڪ تباهي آڻيندڙ توپون گهلين ٿا. اهڙيءَ طرح تهذيب ترقيءَ جون منزلون طي ڪندي رهي ٿي. پر آءُ ته هاٿين ۽ انهن جي سليوٽن جو ماتم ڪريان ٿو.
شام جو پولو ميچ ٿي. حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽون ڏاڍو شاندار منظر پيش ڪنديون هيون. سمورو ميدان هر طبقي جي هندستاني تماشائين سان ڀرجي ويندو هو جيڪي ڏاڍي شوق سان ۽ سيکاريل پڙهايل توجهه سان ويهي راند ڏسندا هئا. برطانوي طبقو، دکن جا هندستاني عهديدار ۽ ٻيو فيشن ايبل طبقو تنبن ۽ شاميانن ۾ ويهندو هو. اهي به عام ماڻهن سان سٿيا پيا هوندا هئا. ماڻهن اسان کي سولو شڪار پئي سمجهيو ۽ راند جي شروعاتي ڪجهه منٽن ۾ ئي جڏهن لچڪدار جسم ۾ گوليءَ واري تيزي رکندڙ ۽ سڌو ڌڪ هڻندڙ اسانجن مخالفن اسان جي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽي گول ڪري ورتا ته اسان جي راءِ به لڳ ڀڳ ٻين ماڻهن جهڙي ٿي وئي. بهرحال آءُ راند جي تفصيلن ۾ نه ٿو وڃان جيڪي اهم ته آهن پر گهڻو وقت گذري وڃڻ ۽ ٻين وڏن واقعن جي ٿي وڃڻ سبب ذهن تان ميسارجي ويا آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان ويٺل ماڻهن جي هوڪرن ۾ گولڪنڊا جي ٽيم کي ٽن جي مقابلي ۾ نون گولن تان هارائي ڇڏيو. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان ٻين سڀني مخالفن جو صفايو ڪري ڇڏيو ۽ انڊيا ۾ قدم رکڻ جي پنجاهه ڏينهن جي اندر فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ کڻڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين ڪنهن نه ڀڳو آهي.
پڙهندڙ تصور ڪري سگهي ٿو ته اسان هاڻي پنهنجي سامهون بيٺل عظيم تر مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا نه مضبوط ارادا ڪري ڇڏيا هوندا. پر انهيءَ مقصد جي حاصلات ۽ اسان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ورهين جو عرصو بت بڻيل رهيو آهي.
سن 1897ع جي گرم موسم ويجهي ٿيندي ئي اها خبر عام ٿي وئي ته ڪجهه آفيسر انگلينڊ وڃڻ لاءِ ٽن مهينن جي حقي موڪل وٺي سگهن ٿا. جيئن ته هتي پهتي گهڻو وقت نه گذريو هو تنهنڪري ڪنهن به ماڻهو گهر وڃڻ نه ٿي گهريو. مون سوچيو ته بغير گهرڻ جي ملندڙ اهڙي موقعي جو ائين هٿان هليو وڃڻ ڏاڍي افسوس جهڙي ڳالهه ٿيندي تنهنڪري مون رضاڪارانه طور انهيءَ خال کي ڀري ڇڏيو. آءُ مئي مهيني جي آخر ڌاران ساڙيندڙ گرمي، خراب موسم ۽ خوفناڪ سي سڪنيس[3] (Sea sickness) ۾ بمبئيءَ کان روانو ٿيس. جهاز هلڻ کان پوءِ آءُ وري جڏهن اٿي ويٺس ته اسين هندي وڏي سمنڊ جو ٽن مان ٻن حصن جيترو سفر ڪري چڪا هئاسون. انهيءَ دوران مون ايان هيملٽن نالي هڪ ڊگهي سنهي ڪرنل سان واقفيت پيدا ڪري ورتي. هو تڏهن انڊيا ۾ مسڪيٽري ٽريننگ (Musketry Training) جو انچارج هو. هن منهنجو ڌيان انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو ته ترڪي ۽ يونان ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. آءُ انهيءَ ڳالهه کي هيستائين نظر انداز ڪريو ويٺو هوس. حقيقت ۾ اهي ٻئي ملڪ جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪا هئا. هو جيئن ته رومانوي طبيعت جو مالڪ هو تنهنڪري يونانين جو طرفدار هو ۽ جنگ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ انهن جي پاران شامل ٿيڻ جي اميد ڪريو ويٺو هو. منهنجي پرورش جيئن ته ٽوري (Tory) ماحول ۾ ٿي هئي تنهنڪري آءُ ترڪن جي پاسي هوس ۽ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ڪنهن اخبار جو نامه نگار ٿي انهن جي فوجن جي پٺيان هلي سگهان ٿو. مون تڏهن انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪري ڇڏيو ته اهي جيئن ته انگ پنجوڻ تي آهن ۽ اسلحي جي لحاظ کان به بهتر آهن تنهنڪري اهي يونانين کي لازماً شڪست ڏئي ويندا. اها ڳالهه ٻڌي ڪرنل کي سچو پچو ڏک ٿيو هو پر مون هن تي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته آءُ ڪارواين ۾ ڪو به حصو نه وٺندس فقط تماشو ڏسندس ۽ ڏٺل ڳالهيون ٻين کي ٻڌائيندس. اسين جڏهن پورٽ سعيد پهتاسين ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته يوناني هار کائي چڪا آهن. اهي دانشمنديءَ جو ثبوت ڏيندي انهيءَ اڻ برابر مقابلي ۾ ڏاڍو جلدي ڀڄي ويا هئا ۽ هاڻي وڏا ملڪ سفارتڪاريءَ ذريعي انهن کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا. تنهنڪري مون ٿريس (Thrace) جي جنگ جي ميدانن تي وڃڻ بجاءِ پندرنهن ڏينهن اٽليءَ ۾ گذاريا. انهيءَ دوران ويسووئس جبل تي چڙهيس. پومپي[4] (Pompeii) شهر (جي ڦٽل آثارن: سنڌيڪار) جو سير ڪيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته روم شهر ڏٺو. مون گبن جو اهو جملو وري پڙهيو جيڪو هن ابدي شهر (Eternal City) ۾ پهريون دفعو اچڻ تي پاڻ ۾ پيدا ٿيل جذبن بابت لکيو آهي. مون وٽ جيتوڻيڪ هن جهڙيون تعليمي لياقتون ته نه هيون ته به آءُ ڏاڍي عزت جي جذبي سان هن جي پيرن جي نشانن تي هلندو رهيس.
اهو سير لنڊن جي تفريحن جي موسم جي هڪ سٺي تمهيد جي حيثيت اختيار ڪري ويو.
___________________
[1] فوج توڙي فوجي بندوبست هيٺ هلندڙ ادارن ۾ اڳ ۾ صبح جو ننڊ مان اٿارڻ لاءِ وڄندڙ ڌُن- هاڻي جيتوڻيڪ ڌُن نه وڄي ته به صبح جو ننڊ مان اٿڻ جي وقت کي ريويلي سڏين. (سنڌيڪار)
[2] حضرت عيسيٰ جي حياتي، سيرت ۽ تعليمات تي ٻڌل نئين عهدنامي جا شروعاتي چار صحيفا (سنڌيڪار)
[3] هن سامونڊي بيماريءَ ۾ الٽي ٿيندي آهي ۽ ماڻهو کائڻ پيئڻ کان لاچار رهندو آهي. (ادارو)
[4] پومپي ۽ ان جو جاڙو شهر هرڪيولينيئم ويسووئس جبل جو آتش فشان ڦاٽڻ سبب آگسٽ 79ع ۾ تباهه ٿي ويا. جبل مان لاوا ۽ خاڪ جو مينهن ٻه ڏينهن جاري رهيو. اٽليءَ جو نپلز شهر ويجهو انهيءَ جا ڦٽل آثار 1748ع ۾ اتفاقي طور دريافت ٿيا. (سنڌيڪار)