آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منھنجي شروعاتي زندگي

ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.

Title Cover of book منھنجي شروعاتي زندگي

باب ٻارهون: تيرهه مهم Tirah Expedition

سورهين سيپٽمبر تي اسان کي پهتل نقصانن جي نتيجي ۾ جيڪي نئين سر بندوبست ضرور ٿي پيا هئا انهن ۾ مونکي هنگامي قدم طور 31 هين پنجاب انفنٽري ۾ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ۾ ڪرنل کان سواءِ باقي ٽي گورا آفيسر هئا. مون جنگ توڙي امن جي حالت ۾ رجمينٽل آفيسر جي حيثيت ۾ مجموعي طور چوٿين حصارز، 31هين پنجاب انفنٽري، 21 هين لانسرز، سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس، آڪسفورڊ شائر آرٽلريءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي انهن مختلف يونٽن ۾ حالتون هڪ ٻئي کان مختلف هيون. پر هيءُ پنجاب انفنٽريءَ وارو معاملو ٻين سڀني کان جدا قسم جو هو. آءٌ جيتوڻيڪ ڪيولري آفيسر آهيان پر مون سينڊهرسٽ ۾ انفنٽري جي ڊرل جي سکيا پڻ ورتي هئي ۽ پاڻ کي سڀني ننڍي قسم جي ڪارواين يا کڻي چئجي ته وڏين لاءِ به پيشوراڻي طور قابل سمجهندو هوس. پر هتي ٻوليءَ واري ڏکيائي وڌيڪ ڳنڀير قسم جي هئي. آءٌ مقامي سپاهين سان هڪ لفظ به نه ٿي ڳالهائي سگهيس جن کي آفيسر جي کوٽ جي صورت ۾ لازماً منهنجي حڪمن تي ئي هلڻو هو. تنهنڪري مون کي مڪمل طور اشارن تي هلڻو پوندو هو يا ٻئي ڌريون اوٽ تي مطلب ڪڍنديون هيون. مون انهن اشارن ۾ ’مارو‘، ’چلو‘ ۽ Talli ho! جي ٽن لفظن جو اضافو ڪري ڇڏيو. آخري لفظ جي معنى ته پڌري پٽ پئي آهي.[1] اهڙين حالتن ۾ ڪمپني ڪمانڊر ۽ سندس ماتحتن جي وچ ۾ اهو بي تڪلف رابطو ته مشڪل هوندو جيڪو قانون جي ڪتاب مطابق هئڻ لازمي آهي. بهرحال اسين ٽن يا چئن جهڙپن مان بغير ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي ٽپي پار ٿي وياسين. آءٌ انهن جهڙپن کي معرڪي جو نالو ڏئي انهن جي اهميت ته نه وڌائيندس پر ايترو آهي ته اهي انهن ۾ شريڪ ٿيندڙ ٿورڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سيکارڻ سان گڏوگڏ دلچسپ پڻ ثابت ٿيون. آءٌ اهو ڪم اخلاقي طاقت ذريعي ئي سرانجام ڏئي سگهيو هوندس.
آءٌ جيتوڻيڪ انهن جي سوچن ۽ احساسن تائين مڪمل رسائي ته حاصل نه ڪري سگهيس ته به مون ۾ پنجابين لاءِ هڪ قسم جو لحاظ پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي جنگ دوران ڪنهن گوري آفيسر جي پاڻ ۾ موجودگيءَ تي خوش هئا ۽ ان جي هلت چلت کي غور سان ڏسندا هئا. آءٌ کلندو هوس ته اهي به کلندا هئا تنهنڪري آءٌ وڏي ڪوشش ڪري کلندو هوس. انهيءَ دوران آءٌ مهم جا احوال خط يا تار ذريعي پئانير ۽ ڊيلي ٽيليگراف اخبارن ڏانهن موڪليندو رهيس.
مون ۾ هاڻي چڱي اميد پيدا ٿي پئي هئي ته مونکي مستقل طور مالاڪنڊ فيلڊ فورس سان اٽيج ڪيو ويندو ۽ آءٌ ڪجهه وقت انهن وادين ۾ خوب گهمندس ڦرندس. پر هاڻي ڪارواين جي نوعيت تبديل ٿي وئي. قبائلين 16- سيپٽمبر واري ڳالهه هر طرف پکيڙي ڇڏي هئي ۽ ماموندن به شايد اهو سمجهي ورتو هو ته انهن ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. انهن اسان جي مئلن جو انگ به وڌائي ٿي ٻڌايو ۽ اهي ڳالهيون به ڪندا رهيا ته انهن جون ڪاروايون رٿا مطابق هلي رهيون آهن. ڳالهيون ته اسان به ساڳيون پئي ڪيون پر اهي اسان جون اخبارون ته نه پڙهندا هئا. بهرحال سموري سرحدي علائقي ۾ وڏو جوش خروش پيدا ٿي ويو هو ۽ سيپٽمبر جي آخر ۾ آفريدين جو اڃان طاقتور قبيلو به بغاوت ۾ ٽپي پيو. آفريدي تيره ۾ رهندا آهن. اهو تمام وڏن جبلن وارو علائقو پشاور جي اتر ۽ خيبر پاس جي اوڀر ۾ واقع آهي. تيره وارا جبل مالاڪنڊ واري پاسي کان وڌيڪ اوچا ۽ وڌيڪ اڀڪپرا آهن ۽ اتان جون واديون به سڌين بجاءِ V شڪل جون آهن. اها ڳالهه قبائلين جي تمام فائدي ۾ آهي ۽ ڪنهن باقاعدي فوج لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿي. تيره جي وچ ۾ ماموند واديءَ جهڙو ئي هڪ سڌو پٽ آهي پر اهو ان کان گهڻو وڏو آهي ۽ اتي پهچڻ جو واحد رستو به V شڪل جهڙا جابلو درا آهن. انهيءَ پٽ کي تيره ميدان سڏيو وڃي ٿو.
گورنمينٽ آف انڊيا هاڻي پنهنجي سوچ مطابق تيره ميدان ڏانهن هڪ مهم موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جو خيال هو ته آفريدي قبيلن جا مکيه رهائشي علائقا، مال جا ڌڻ ۽ اناج جا ذخيرا به اتي ئي آهن ۽ انهن سڀني کي تباهه ڪري قبائلين کي وچ سياري ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ مٿي جبلن تي لوڌي ڪڍبو ته اهي لازماً وڏي تڪليف ۾ اچي ويندا. اهڙي سيکت ڏيڻ لاءِ ٻه مڪمل ڊويزنون گهربل هونديون. هر ڊويزن ٽن برگيڊن تي ٻڌل هوندي. چئجي ته اهي 35000 ماڻهو ٿيندا جن سان گڏوگڏ مواصلات ۽ مرڪز (Base) لاءِ به وڏي فوج درڪار هوندي. نيٺ ايتري فوج حرڪت ۾ آندي وئي ۽ تيره تي ڪاهه جي تيارين طور انهن کي پشاور ۽ ڪوهاٽ جي آسپاس گڏ ڪيو ويو. هيستائين ڪوبه گورو سپاهي تيره ميدان ٽائيم نه پهتو هو. انهن ڪارواين کي سرحد تي افغان جنگ کان پوءِ تمام وڏي اهميت وارو سمجهيو پئي ويو ۽ انهن جي ڪمان به هڪ تجربيڪار ۽ وڏا اعزاز رکندڙ آفيسر وليم لاڪهارٽ (William Lockhart) کي سونپي وئي هئي. ٻئي طرف وري سر بائينڊن بلڊ کي مالاڪنڊ واري پاسي ڏانهن قبائلين کي روڪي رکڻو هو. اهڙي طرح اسان جون سرگرم ڪاروايون پڄاڻي تي پهچي ويون ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي ئي وقت پنجابين جي رزرو (Reserve) وارا گورا آفيسر پنهنجي رجمينٽ ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ پهچي ويا. تنهنڪري مون پنهنجون اکيون تيره مهم (Terah Expenditionar Force) تي کُپائي ڇڏيون ۽ پاڻ کي انهيءَ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪرڻ لڳس. پر آءٌ انهيءَ طرف ڪنهن به اعلى اختياريءَ واري کان واقف نه هوس. هڪ برگيڊ جي ڪمانڊ سان ڪرنل آئن هيملٽن جي هٿ ۾ هئي ۽ هو لازماً مدد ڪري ها پر بدقسمتي اها ٿي جو هو ڪوهاٽ پاس مان گذرندي گهوڙي تان ڪري نه فقط ٽنگ ڀڃرائي ويٺو پر برگيڊ جي ڪمان به هٿن مان ويس هلي ۽ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ کان ئي رهجي ويو. تنهنڪري بلڪل دلشڪستو ٿي پيو هو. هاڻي آءٌ هڪ طرف اهڙي ڪمزور حيثيت ۾ هوس جو هڪ فورس مان ڌار ڪيو ويو هوس ۽ ٻي ڪنهن ۾ اڃان شامل نه ٿيو هوس ٻئي طرف وري پري ڏکڻ انڊيا ۾ ويٺل منهنجو ڪرنل منهنجي واپسيءَ لاءِ زور ڀري رهيو هو. سر بائينڊن بلڊ جي منهنجي لاءِ خيرخواهي جي باوجود مون کان اڌ به ويو ته سڄو به ويو ۽ آءٌ اچي بنگلور پهتس.
آءٌ جڏهن واپس پهتس ته منهنجا برادر آفيسر مون سان تمام خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، پر مونکي مون بابت عام راءِ اها نظر آئي ته آءٌ ڪافي موڪلون ڪري چڪو آهيان. تنهنڪري مونکي هاڻي باقاعدگيءَ سان معمول واري ڊيوٽي ڪرڻ گهرجي. رجمينٽ سرء جي موسم واري ٽريننگ ۾ مصروف هئي ۽ فوجي مشقن لاءِ رواني ٿيڻ واري هئي. اهڙي طرح آءٌ ماموند واديءَ ۾ گولين جا سوساٽ ٻڌڻ جي ٻن هفتن اندر ئي ٻه هزار ميل پري جعلي جنگين ۾ خالي ڪارتوسن سان ڦٽاڪا ڪڍي رهيو هوس. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب پئي لڳي ته هر طرف رائيفلون ڇُٽي رهيون هيون پر ڪنهن به تڪڙ ۾ پنهنجو مٿو هيٺ نه ٿي ڪيو يا ڪَوَر نه ٿي ورتو. انهيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو ٻيو سمورو انداز بلڪل ساڳيو ئي هو. گرمي به اوتري ئي ٿي لڳي ۽ اسين هر روز مارچ ڪندا ۽ رات جو پڙاءُ ڪندا هئاسين. اهو ميسور به ڏاڍو سهڻو علائقو هو، جتي تمام سهڻا وڻ ۽ بي انداز پاڻي هوندو هو. اسان نندي دروگ (Nundydroog) نالي هڪ وڏي جبل جي آسپاس مشقون ڪندا هئاسين جتي سون جون کاڻيون آهن ۽ چمڪندڙ قرمزي پنن جي وڻن جا جهڳٽا آهن.
اتي اهڙي ته ڪابه ڳالهه نه هئي جنهن بابت ڪا شڪايت ڪجي پر، جيئن جيئن هفتا ۽ مهينا پيا گذرندا هئا ته آءٌ تيره مهم بابت اخباري بيانن کي حسرت ڀريل نگاهن سان پيو ڏسندو هوس. ٻه ڊويزنون جبل تي چڙهي ويون هيون ۽ آخرڪار گهڻي ويڙهه ۽ انهن ڏينهن جي لحاظ کان ڪيتري ئي جاني نقصان کان پوءِ تيره جي مرڪزي ميدان تي پهچي ويون هيون. انهن کي ٻيون قدم اهو کڻڻو هو جو شديد سيارو شروع ٿيڻ کان اڳ واپس موٽڻو هو. انهن اهو ڪم بروقت ئي ڪيو پر ايتري تڪڙ نه ڪري سگهيا. آفريدي ڪاوڙيل ته اڳي ئي هئا پر هاڻي ته اهي سوڀارا به ٿي ويا هئا تنهنڪري اهي ٽڪرين جي قطارن تي ڊوڙندا فوجين جي ڊگهي ڪالم تي موتمار مهارت سان فائر ڪندا ٿي ويا. فوجين کي انهن جي فائرنگ کان مجبور ٿي هر مارچ ۾ ڏهه ٻارنهن دفعا نديءَ جي يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ لهڻو پوندو هو. سوين سپاهين ۽ هزارين جانورن کي گوليون لڳيون ۽ ٻين ڊويزنن جي باڙا واديءَ مان پسپائي ته انتهائي خراب حالت ۾ ٿي. اسان کي خانگي طور ٻڌڻ ۾ آيو ته اها پسپائي ڪڏهن ڪڏهن ته تاديبي فوج جي فاتحانه واپسيءَ بجاءِ شڪست کاڌل فوج جي ڀاڄ جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته سزا ڪنهن کي آئي ۽ بل ڪير ڀريندو. پنجٽيهه هزار انهن درن ۾ ٻن مهينن تائين آفريدين کي شڪار ڪندا ۽ انهن جي هٿان شڪار ٿيندا رهيا ۽ وڌيڪ ويهه هزار سپاهي انهن جي مواصلات جي حفاظت لاءِ مقرر رهيا. انهيءَ خرچ جو حساب رپين ۾ ڪجي ٿو ته تمام خراب ٽوٽل سامهون ٿو اچي. ڪلڪتي ۾ ويٺل عقل جي اڪابرن جون پيشانيون ڪاراٽجي ويون ۽ برطانيه ۾ لبرل مخالف ڌر به ڏاڍي زوردار واويلا مچائي.
مونکي تيره مهم جي ناڪامين تي ڪو به افسوس نه ٿيو. انهن به نه خود غرضي ڏيکاريندي مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ نه ڏنو هو. مون سوچيو ته انهن کي بهار جي موسم ۾ وري وڃڻو پوندو تنهنڪري مون انهن سان شريڪ ٿيڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. منهنجي ماءُ پنهنجي طرفان پُرزور تعاون ڪيو. هن منهنجي فائدي ۾ هر ڏور کي ڇڪيو، هر پٿر کي لوڏيو ۽ گوشت جي هر ٻوٽيءَ کي رڌي پچايو. هن منهنجي هدايت هيٺ لارڊ وولسلي ۽ لارڊ رابرٽس جو شديد محاصرو ڪيو. پر انهن قلعن به سخت مزاحمت ڏيکاري. لارڊ رابرٽس لکيو:
”آءُ وڏي خوشي سان توهان جي پٽ جي مدد ڪريان ها پر جنرل لاڪهارٽ سان منهنجي خط و ڪتابت ڪنهن به ڪم جي نه ٿيندي جو جنرل جارج وهائيٽ هال تمام طاقتور آهي ۽ جيئن ته هو ونسٽن کي مالاڪنڊ فيلڊ فورس ۾ جنرل بلڊ سان اڳ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ کان پوءِ وري انهيءَ آفيسر جي اسٽاف ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي تنهنڪري مون کي پڪ آهي ته هو سندس تيره فيلڊ فورس ڏانهن موڪلڻ تي راضي نه ٿيندو.
آءُ کڻي سر جارج وهائيٽ ڏانهن تار ڪيان پر مونکي پڪ آهي ته هن صورتحال ۾ منهنجو ائين ڪرڻ کيس سٺو نه لڳندو.“
انهيءَ دوران آءُ بنگلور ۾ پنهنجي ڇانوڻي سان واڳيل رهيس. بهرحال ڪرسمس جي موقعي تي ڏهن ڏينهن جي موڪل وٺڻ سولو ڪم هو. ڏهه ڏينهن ايترو ڊگهو عرصو ته نه آهي پر اهو بهرحال ايترو ڊگهو هو جو ماڻهو سرحد تي پهچي ۽ موٽي سگهيو ٿي. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اڳ ۾ ماحول تيار ڪرڻ کانسواءِ فيلڊ فورس جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ ۾ ڪو به فائدو نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته فوجي ٻلي ايستائين ته تمام ڀلو جانور آهي جيستائين توهان انهيءَ جي چنبن کان پري رهو ٿا پر اها جوش يا ڪاوڙ ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي تمام ناپسنديده روپ ۾ به آڻي سگهي ٿي ۽ اها جيڪڏهن موڊ ۾ اچي وڃي ته کيس انهيءَ مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. تنهنڪري مون سرحد بجاءِ ڪلڪتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هندستاني حڪومت جي مرڪز تان محاذ تي ڪنهن خالي جاءِ لاءِ ڪوشش ڪريان. انهن ڏينهن ۾ بنگلور کان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ ساڍا ٽي ڏينهن لڳاتار ريل جو سفر هوندو هو ۽ واپسي لاءِ ايترو ئي وقت ڪڍڻ کان پوءِ اهم ترين ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ باقي ٽيهه ڪلاڪ ٿي بچيا. وائسراءِ لارڊ ايلچن[2] جنهن جي هيٺ مون اڳتي هلي ڪالونيل آفيس ۾ انڊر – سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو؛ مناسب تعارف رکندڙ نوجوان آفيسرن جي وڏي خاطر تواضح ڪندو هو. منهنجي به شاهاڻي انداز ۾ مهماني ٿي ۽ چڙهي لاءِ ايترو ته ڀلو گهوڙو ڏنو ويو جو مون اتي هر پندرهين ڏينهن ٿيندڙ ايس پوائنٽ به پوائنٽ (Point- to- point) به کٽي ورتي. تڏهن ڪلڪتي واري ڇانوڻي انهيءَ جي ڏاڍي شوقين هوندي هئي. اهي سڀ ڳالهيون ته ڀليون ٿيون پر منهنجو جيڪو اهو ڪم هو انهيءَ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. آءُ موقعي تي پهچڻ کان اڳ پنهنجي وس ۾ موجود هر ذريعو ڪم آڻي چڪو هوس ۽ جن به اعليٰ اختيارين تائين منهنجي پهچ هئي انهن کان بهترين صلاحون ۽ مشورا پڻ وٺي چڪو هوس. انهن سڀني جي راءِ اها هئي ته سڀ کان ڀلي ڳالهه اها ٿيندي ته آءُ ايڊجوٽنٽ – جنرل کي قابو ڪيان. هو تمام اڻ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ هو ۽ مونکي خوشي آهي ته مون کان انهيءَ جو نالو وسري ويو آهي. هو جيڪڏهن چاهي ته اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو اعتراض ڪري ته ڪير به اهو ڪم نه ڪري سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ آءُ وڃي سندس ملاقاتين جي ڪمري ۾ پهتس ۽ ملاقات لاءِ نالو لکرايم. هن مون سان ملڻ کان پٽيء انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجين ڪوششن مان ڪجهه به ورڻو نه آهي. انهن ٻن ڏينهن دوران آءُ جن به اعليٰ فوجي اختيارين سان لنچ يا ڊنر تي مليس انهن جي هلت چلت مان طنزيه کِل جو احساس پئي ٿيو. انهن سڀني کي خبر هئي ته آءُ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو هوس ۽ منهنجي درخواست جو ڪهڙو حشر ٿيڻو هو. ڪمانڊر انچيف سر جارچ وهائيٽ کان وٺي آءُ هيٺين کان هيٺين جنهن به عملدار سان مليس اهي سڀئي تمام شائستگي سان مليا ٿي پر انهن سڀني جي دوستاڻي انداز مان ڪنهن نه ڪنهن نموني اها ڳالهه ظاهر پئي ٿي ته ڪجهه موضوعن جو ذڪر نه ڇيڙجي ته چڱو آهي. اهڙيءَ طرح منهنجن سٺ ڪلاڪن جي پڄاڻي تي مون کي وري بي دلي سان ريل گاڏي ۾ چڙهي بي سوڀو ٿي بنگلور پهچڻو پيو.
انهيءَ سياري جي موسم دوران مون پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو. مون کي انگلينڊ مان خبر پئي ته ڊيلي ٽيليگراف ۾ منهنجن خطن کي سٺي موٽ ملي آهي. انهن تي جيتوڻيڪ منهنجي نالي بجاءِ ”هڪ نوجوان آفيسر“ طرفان لکيل هو ته به انهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو. پئانيئر اخبار پاران به خوشي جو اظهار ڪيو ويو هو. انهن خطن کي بنياد بنائيندي مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته آءُ هڪ ننڍڙو ادبي ادارو قائم ڪندس. منهنجن دوستن مون کي ٻڌايو ته لارڊ فنڪيسل به مهم جو احوال لکي رهيو هو. هاڻي اهو مقابلو هو ته ڪنهن جو ڪتاب اڳ ۾ ٿو پورو ٿئي ٿي. مون جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته مون کي لکڻ جي ڪم مان حقيقي خوشي ملي ٿي ۽ ڏينهن جي وچ وارا ٽي يا چار ڪلاڪ جيڪي اڳ ۾ ننڊ يا پتي راند جي حوالي هوندا هئا هاڻي آءُ انهن ۾ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪرڻ لڳس. ڪرسمس کان فوراً پوءِ مسودو تيار ٿي گهر منهنجي ماءُ ڏانهن روانو ٿي ويو جيئن اها ڪنهن پبلشر کي وڪرو ڪري سگهي. هن لانگ مينز پاران انهيءَ جي اشاعت جو بندوبست ڪري ورتو.
پاڻ ۾ لکڻ جي عادت پيدا ڪري وٺڻ کانپوءِ مون فڪشن ڏانهن رخ ڪيو. مون سوچيو ته آءُ پاڻ کي ناول ۾ آزمائي ڏسان. حقيقتن جي تزبيان کان اهو ڪم مونکي وڌيڪ تڪڙو لڳو. قصو هڪ دفعو شروع ٿي وڃڻ کان پوءِ خود بخود اڳتي وڌندو ٿي ويو. مون بنيادي خيال طور بالقان جي ڪنهن تصوراتي يا ڏکڻ آمريڪا جي هڪ رياست جي چونڊ ڪئي جنهن ۾ هڪ لبرل اڳواڻ جي زندگي ۾ درپيش آيل واقعن جو احوال ڏيندي ٻڌايو هو ته هن هڪ آپيشاهه حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته مٿان سوشلسٽ انقلاب اچي سندس محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. منهنجا برادر آفيسر ڪهاڻي جي پيش رفت مان ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ۾ محبت جو عنصر شامل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون ڏنائون، پر آءُ انهن کي قبول نه ڪري سگهيس. پر اسان وٽ سياست ۽ جنگ جي به ڪا کوٽ نه هئي جنهن جي وچ ۾ آءُ پنهنجي صلاحيت مطابق فيلسوفاڻا نقطا به وجهندو ويس. انهن سڀني ڳالهين جي مدد سان ناول جي پڄاڻي ائين ٿي جو ٻاهران هڪ مضبوط سامونڊي ٻيڙي اچي گاديءَ واري شهر جي بغاوت کي ختم ڪيو. ناول تقريباً ٻن مهينن ۾ پورو ٿي ويو. اهو ميڪملنز ميگزين ۾ (Savrola) جي عنوان سان شايع ٿيو. انهيءَ جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا نڪتا جن مان مون کي ڪيترن سالن ۾ مجموعي طور ست سو پائونڊ آمدني ٿي. آءُ مسلسل پنهنجن دوستن کي تاڪيد ڪندو رهيو آهيان ته اهو پڙهڻ کان پاسو ڪن.
انهيءَ دوران سرحد جي جنگ بابت منهنجو ڪتاب به ڇپجي پڌرو ٿي ويو. پروف انڊيا موڪلڻ ۾ ٻن مهينن جو وقت بچائڻ لاءِ مون انهن جي درستگيءَ جو ڪم پنهنجي چاچي جي حوالي ڪيو جيڪو ڏاڍو هوشيار ماڻهو ۽ پاڻ به هڪ ليکڪ هو. ڪو سبب ٿيو جو هن کان ڪيتريون ئي غلطيون چڪاسڻ کان رهجي ويون ۽ هن بيهڪ جي نشانين کي درست ڪرڻ جي به ڪا ڪوشش نه ڪئي. انهيءَ هوندي به ”مالاڪنڊ فورس“ فوري ۽ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي. تبصري نگارن جيتوڻيڪ ڇپائي جي غلطين وغيره بابت ڏاڍيون تنقيدون ڪيون پر تعريفن ۾ به هڪ ٻئي کان وڌڻ جي ڪوشش ڪيائون. جڏهن ڪتاب جي ڇپيل ڪاپي ۽ تبصرن جو پهريون بنڊل مون وٽ پهتو ته آءُ مبارڪن ۽ واڌاين تي خوشي ۽ ناز ۾ ڀرجي ويس پر ڪتاب ۾ ڇپائي جون وڏيون وڏيون غلطيون ڏسي پريشان به ٿيس. پڙهندڙن کي لازماً ياد هوندو ته منهنجي اڳ ۾ ڪڏهن به تعريف نه ٿي هئي. اسڪول ۾ مونکي پنهنجي ڪم تي بس اهي ئي رمارڪ ملندا هئا: ’گندو‘، ’خراب‘، ’تمام خراب‘، ’لاپرواهي سان ڪيل‘ وغيره. هاڻي هيڏي ساري وڏي دنيا ۾ مکيه ادبي اخبارون ۽ چوڪس ۽ داناء نقاد منهنجي تعريفن ۾ سڄا ڪالم لکي رهيا هئا! حقيقت ۾ ته منهنجي ’اسلوب‘ جي جن شاندار لفظن ۾ تعريف ڪئي وئي هئي اهي ته لکندي مون کي هاڻي به شرم ۾ ڳاڙهو ٿي وڃڻ گهرجي. اٿينيئم (Athenaeum) لکيو هو: ”نيپيئر بابت لکيل صفحن تي پبلشر جي ڪنهن بيوقوف پروف ريڊر بيهڪ جون نشانيون ڏنيون آهن.“ ٻين ماڻهن ته اهڙي کوٽ سوٽ نه ڪئي پر تعريفون تمام گهڻيون ڪيائون. پئانيئر اخبار: ’سندس عمر کان تمام وڌيڪ ڏاهپ ۽ دانائي‘ بابت ڪجهه لکيو. آءُ خوشي ۾ ڀرجي ويو هوس. مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن اهو ڪتاب اگهامجي ويو ته اهو جتان آيو آهي اتي اڃان گهڻو مواد موجود آهي ۽ آءُ محسوس ڪرڻ لڳس ته منهنجي آڏو روزگار ۽ پنهنجي اهميت مڃرائڻ جو هڪ نئون رستو کلي رهيو آهي. مون ڏٺو ته هن ننڍڙي ڪتاب به مون کي ڪجهه مهينن ۾ سبالٽرن جي ٻن سالن جي پگهار جيترو پئسو ڪمائي ڏنو آهي. مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته جيئن ئي دنيا جي مختلف حصن ۾ شروع ٿي ويل جنگيون پُڄاڻي تي پهچنديون ۽ اسين پولو ڪپ کٽي وينداسين ته آءُ پاڻ کي هر قسم جي نظم ضبط ۽ بالا اختيارين کان آزاد ڪري ڇڏيندس ۽ مڪمل آزاديءَ سان انگلينڊ ۾ سيٽ ٿي ويندس جتي مونکي ڪو به آرڊر نه ڏيندو ۽ نه ئي ڪير گهنٽي يا بگل وڄائي مون کي ننڊ مان سجاڳ ڪندو.
انهيءَ دوران مونکي جيڪو هڪ خط مليو انهيءَ مون کي تمام گهڻي خوشي ڏني. آءُ اهو خط هتي ڏيان ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پرنس آف ويلز (اڳتي هلي ڪنگ ايڊ ورڊ ستون) نوجوانن سان ڪيتري نه غير معمولي مهرباني وارو ورتاء ڪندو هو ۽ انهن کي ڪيتري نه اهميت ڏيندو هو.


مارلبورو هائوس،
22- اپريل 1898ع

منهنجا پيارا ونسٽن

آءُ تنهنجي ڪتاب جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍي شوق مان هي ٻه ٽي سٽون مبارڪ طور لکي رهيو آهيان! مون اهو وڌ ۾ وڌ دلچسپيءَ سان پڙهيو آهي ۽ منهنجي راءِ آهي ته واقعن جو بيان ۽ ٻولي مجموعي طور تمام شاندار آهن. هرڪو ماڻهو اهو پڙهي رهيو آهي ته آءُ سڀني جي واتان انهيءَ جي تعريف ٻڌي رهيو آهيان. هاڻي تون جيئن ته پنهنجي اکين سان جنگ ڏسي چڪو آهين تنهنڪري توکي اڃان وڌيڪ جنگي واقعا ڏسڻ جي خواهش هوندي ۽ مونکي پڪ آهي ته توکي به وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي موقعو آهي جيترو فنڪسيل کي مليو هو. پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو آرمي ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو جيئن پارليامينٽ ۾ وڃي سگهي.
تنهنجي سامهون ڪافي وقت پيو آهي تنهنڪري پنهنجي نالي ۾ M.P. جو اضافو ڪرڻ کان اڳ ۾ توکي آرمي سان چنبڙيو رهڻ گهرجي.
مون کي اميد آهي ته تون خوش ۽ آباد هوندين.

تنهنجو تمام گهڻو مخلص

اي. اِي

هاڻي مون وٽ رجمينٽل پولو ٽيم پاران مارچ جي وچ ۾ سالياني ڪيولري ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ اتر طرف وڃڻ کان اڳ ڪا به موڪل نه هئي. مون کي خوش قسمتيءَ سان انهيءَ ٽيم ۾ جاءِ ملي ۽ آءُ پوري وقت تي ميرٺ پهچي ويس. ميرٺ تمام وڏي ڇانوڻي آهي ۽ اهي مقابلا به عام طور اتي ئي ٿيندا آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ٽيم مقابلي ۾ شامل سڀني ٽيمن ۾ ٻئي نمبر تي هئي. اسان ٽورنامينٽ جي فاتح مشهور ٽيم درهام لائيٽ انفنٽري کان هارايو. ڪيولري ڪپ کٽيندڙ انفنٽري جي اها واحد رجمينٽ هئي. انهن ڪنهن کان به نه هارايو. سڀئي بهترين رجمينٽون انهن جي آڏو ڍير ٿي ويون. بهترين مقامي ٽيمن جو به ساڳيو حشر ٿيو. انهن اجيت پيدل سپاهين گولڪنڊا ۽ راجپوتانا جي سموري دولت انهن جي مهاراجائن جو سمورو تڪبر ۽ انهن جي بهترين رانديگرن جي مهارت کي پنهنجي سامهون پير کوڙڻ ئي نه ڏنا. هندستاني پولو جي تاريخ ۾ ڪير به انهن جهڙو رڪارڊ نه ٺاهي سگهيو. انهن جي حاصلات جو واحد سبب فقط هڪ شخص ڪيپٽن ڊي لسلي (Delisle) جي ذهانت ۽ قوت ارادي هئي. هن اڳتي هلي گيلي پولي ۽ مغربي محاذ تي ڪور ڪمانڊر طور نالو ڪڍيو. اهو ئي پنهنجي ٽيم کي منظم رکندو ۽ مشق ڪرائيندو هو ۽ چئن سالن تائين پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪري انهن کي هندستان جي سڀني حصن ۾ مسلسل ۽ يقيني ڪاميابيون ڏياريندو رهيو. هندستاني پولو جي سفر جي سندس انهيءَ آخري سال ۾ اسين سندس مهارت آڏو ڍير ٿي وياسين.
ميرٺ، بنگلور جي 1400 ميل اتر ۾ هو. پر محاذ کان اڃان 600 ميل پري هو. اسان جي موڪل ٽورنامينٽ جي فائينل ميچ کان ٽي ڏينهن پوءِ ٿيڻي هئي ۽ ريل ذريعي بنگلور موٽڻ ۾ پورا ٽي ڏينهن لڳا ٿي. ٻئي طرف وري پشاور ۾ محاذ تائين پهچڻ ۾ ڏيڍ ڏينهن لڳو ٿي. آءُ هاڻي ايترو ته بي صبرو ٿي ويو هوس جو مون سمجهيو ته هاڻي شديد خطرو کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪرنل آئن هيملٽن به آخرڪار پنهنجي حادثي مان صحتياب ٿي ويو هو ۽ پنهنجي برگيڊ جي تيره کان واپسي تي ڪمان سنڀالي ورتي هئائين. هو آرميءَ ۾ ڏاڍو مشهور هو ۽ سر جارج وهائيٽ سان گڏ ڊيوٽيون سر انجام ڏنيون هئائين ۽ سندس گهاٽو دوست هو ۽ سروليم لاڪهارٽ سان به سندس تمام سٺا لاڳاپا هئا. ڪرنل آئن هيملٽن سان منهنجي گهڻي وقت کان بي تڪلفي واري خط ڪتابت هلندڙ هئي ۽ هن منهنجي پاران گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون هيون. پر هن وٽان ڪي همٿ افزائي واريون خبرون نه ٿي آيون. ايڪسپيڊيشنري فورس ۾ ڪيتريون ئي جايون ڀري وڃڻيون هيون پر اهي سڀئي مقرريون ڪلڪتي مان ايڊجوٽنٽ جنرل جي ڊپارٽمينٽ جي ذريعي ٿي رهيون هيون. اهو اصول فقط سر وليم لاڪهارٽ جي ذاتي اسٽاف ۾ ٿيندڙ مقررين تي لاڳو نه هو. مونکي سروليم لاڪهارٽ سان ڪا به واقفيت نه هئي ۽ نه ئي منهنجي يادگيريءَ مطابق منهنجي پيءُ يا ماءُ جي هن سان ڪا سڃاڻپ هئي. آءُ هن تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪريان ۽ سندس اسٽاف جي ٻن يا ٽن جونيئر عهدن مان هڪ پاڻ کي ڏيڻ تي کيس ڪيئن آماده ڪريان، جن عهدن تي اڳيئي تمام لٺ پئي ٿي لڳي. ٻي ڳالهه ته سندس اسٽاف اڳيئي مڪمل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف وري ڪرنل آئن هيملٽن انهيءَ جي حمايت ۾ هو ته آءُ خطرو ڪيئن کڻان. هن خط ۾ لکيو هو، مون کان جيترو ٿي سگهيو آءُ ڪندس. ڪمانڊر انچيف جو هالڊين نالي هڪ اي. ڊي. سي آهي. اهو گورڊون هائلينڊرس ۾ مون سان گڏ هو. اهو تمام وڏو اثر رسوخ رکي ٿو. حقيقت ۾ ته ماڻهو چون ٿا ته سموري آرميءَ ۾ سندس تمام هلندي پُڄندي آهي. جيڪڏهن هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت چڱي راءِ قائم ٿي وئي ته هر ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مون ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت ڪو دوستاڻو تاثر ته نه آهي پر هو تنهنجي خلاف به نه آهي. تون جيڪڏهن هيڏانهن اچين ته ٿي سگهي ٿو ته تون مٿا مونا ڏئي ۽ پنهنجي مڇڏ طبيعت سبب ڪم ڪرائي وڃن.“
هي انهيءَ خط جو خلاصو آهي جيڪو ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ اسان جي شڪست جي ٻئي ڏينهن تي مون وٽ پهتو. مون اتر ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ ريل گاڏين بابت پڇا ڪئي. ظاهر آهي ته مون وٽ ايترو وقت ته ڪو نه هو جو آءُ اتر طرف پشاور ڏانهن ڏيڍ ڏينهن جو سفر ڪري وڃان. اتي ٻه ٽي ڪلاڪ رهان ۽ پنهنجي باقي موڪل دوران ئي ڏکڻ طرف ساڍن چئن ڏينهن جو سفر ڪري واپس پهچي وڃان. اها پڪ هئي ته آءُ جيڪڏهن اتر طرف ويندڙ ريل گاڏي تي چڙهيس ۽ محاذ تي مقرري وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويس ته آءُ پنهنجي موڪل کان گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ دير سان پهچندس. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اهڙي فوجي ڏوهه لاءِ مونکي واجب طور سزا ملندي. عام رواجي حالتن ۾ ته موڪل ۾ ايتري مختصر واڌ لاءِ تار ذريعي درخواست ڪرڻ بلڪل سولو ڪم هجي ها پر مون پاران محاذ تي وڃڻ جي رٿا جي رجمينٽل اختيارين کي کڙڪ پئجي وڃڻ کان پوءِ مون کي موڪل ۾ واڌ نه پر فوري طور واپس پهچڻ جو حڪم ملي وڃي ها. بهرحال ڇا به ٿي پوي مون خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ فوراً پشاور ڏانهن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي.
آءُ صبح سوير جي خوشگوار هوا ۾ ڌڙڪندڙ دل سان سروليم لاڪهارٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيس ۽ سندس اي. ڊي. سي. ڏانهن نالو موڪليم. مضبوط ۽ زبردست هالڊين ٻاهر نڪري آيو. هن گهڻي گرمجوشي ته نه ڏيکاري پر لڳو پئي ته کيس منهنجي ڪم ۾ دلچسپي هئي ۽ ٻهِ دليو به لڳو پئي. مون کي اهو ته ياد نه آهي ته مون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجو ڪيس ڪيئن پيش ڪيو پر ايترو ضرور آهي ته آءُ پنهنجي ڳالهه سندس دماغ ۾ صحيح نموني ويهاري ويو هوندس. ريتي وڇايل رستي تي اڌ ڪلاڪ ڦيرا ڏيڻ کان پوءِ ڪيپٽن هالڊين چيو: ”ٺيڪ آهي آءُ اندر وڃي ڪمانڊر انچيف کان پڇان ٿو ڏسون ته هو ڇا ٿو چئي؟“ هو اندر هليو ويو ۽ آءُ اڪيلو رستي تي اچ وڃ ڪندو رهيس. هو اندر گهڻي دير نه ترسيو ۽ واپس اچي چيائين: ”سر وليم توکي پنهنجي ذاتي اسٽاف ۾ واڌو اردلي آفيسر (Extra Orderly Officer) طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تون فوراً پنهنجي ڊيوٽي تي چڙهه. اسين گورنمينٽ آف انڊيا ۽ تنهنجي رجمينٽ سان لکپڙهه ڪريو ٿا.“
اهڙي طرح منهنجي صورتحال هڪ لمحي ۾ تبديل ٿي وئي جيڪا اڳ ۾ بي قاعدگي تي ٻڌل ۽ اڻ وڻندڙ هئي اها هاڻي وڏي فائدي واري ٿي ويئي. منهنجي ڪوٽ جي ڪالرن تي ڳاڙهيون پٽيون لڳي ويون. ايڊجوٽنٽ جنرل منهنجي مقرري جي خبر گزيٽ ۾ ڇپائي ڇڏي. بنگلور مان رجمينٽ گهوڙا ۽ نوڪر موڪلي ڏنا ۽ آءُ ڪاڄ جي گهوٽ جي ويجهو شخصي خدمتگار ٿي ويس. هو سرحد جي چپي چپي کان واقف هو ۽ چاليهن سالن تائين اتي لڳندڙ هر جنگ ۾ حصو ورتو هئائين. هاڻي اهڙي نامور ۽ دلچسپ شخص جي روزاني گفتگو ٻڌڻ جي خوشي سان گڏوگڏ سندس فوج جو هر هڪ حصو گهمڻ ۽ هر طرف مرڪندڙ منهن ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو هو.
پهريان پندرهن ڏينهن مون به اهڙي اٿي ويٺي رکي ۽ مون سان به اهڙو ورتاء ڪيو ويندو هو جيڪو منهنجي نوجواني ۽ ماتحت حيثيت سان ٺهڪي ٿي آيو. آءُ ماني دوران ماٺ هوندو هوس يا ورلي ڪو پُرفهم سوال پُڇي وٺندو هوس. پر اوچتو هڪ اهڙو واقعو پيش اچي ويو جنهن مونکي سر وليم لاڪهارٽ جي اسٽاف ۾ بلڪل مختلف حيثيت ڏئي ڇڏي. ڪيپٽن هالڊين مونکي پنهنجي روزاني واري واڪ تي وٺي ويندو هو ۽ جلد ئي اسان ۾ گهرائپ پيدا ٿي وئي. هن مون کي جنرل، اسٽاف، فوج ۽ ڪارواين متعلق اندروني نقطه نظر بابت ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جن مان مون کي خبر پئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون به آهن جن کان آءُ ۽ عام پبلڪ ناواقف آهيون. هڪ ڏينهن هن مون کي ٻڌايو ته هڪ اخباري نمائندو جنهن کي فوج مان واپس انگلينڊ موڪليو ويو هو انهيءَ ”فورٽ نائيٽلي رويو ’ Fortnightly Review‘ ۾ هڪ ليک لکي تيره مهم ۽ انهيءَ جي سموري انداز تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن انهيءَ تنقيد کي نامناسب ٿي ڪوٺيو. جنرل ۽ هيڊڪوارٽرز اسٽاف کي انهيءَ بيرحماڻي تنقيد مان شديد تڪليف پهتي هئي. چيف آف دي جنرل اسٽاف، جنرل نڪلسن انهيءَ تنقيد جو ڏاڍو ماهراڻو يا گهٽ ۾ گهٽ رکو جواب لکيو هو ۽ اهو ٽپال ۾ انگلينڊ روانو به ٿي چڪو هو.
مون سان جيڪو مهرباني وارو سلوڪ ڪيو ويو هو هاڻي هڪ سٺو ۽ بروقت مشورو ڏئي مون کي انهيءَ جو بدلو ڏيڻ جو موقعو نظر اچي ويو. مون چيو ته جنگ جي ميدان تي آرمي جي جنرل اسٽاف جي هڪ اعليٰ آفيسر طرفان هڪ برطرف ڪيل جنگي نامانگار سان ڪارواين جي رُخ بابت اخباري تڪرار ۾ شامل ٿيڻ کي تمام هلڪڙائپ وارو ۽ نامناسب قدم سمجهيو ويندو ۽ مون کي پڪ آهي ته اهو قدم حڪومت کي حيران ۽ وار آفيس کي غضبناڪ ڪري ڇڏيندو. مون اهو به چيو ته آرمي اسٽاف کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته اهي پنهنجن عملن جي دفاع جو ڪم پنهنجن بالادست آفيسرن يا سياستدانن لاءِ ڇڏي ڏين ۽ اهو ته دليل ڀلي ڪيترائي سٺا ڇو نه هجن انهن کي پيش ڪرڻ واري ڳالهه کي ئي هر جاءِ تي ڪمزوريءَ جي نشاني سمجهيو ويندو. ڪيپٽن هالڊين ڏاڍو پريشان ٿيو. اسين فوراً واڪ تان واپس ٿياسين ۽ رهائشگاه تي موٽي آياسين.
اها سموري رات ڪمانڊر انچيف ۽ سندس اسٽاف آفيسرن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون هلنديون رهيون. ٻئي ڏينهن مون کان پڇيو ويو ته پوسٽ ٿيل ليک کي روڪرائڻ جا ڪهڙا طريقا ٿي سگهن ٿا. وار آفيس کي چئجي ته اهي فورٽ نائيٽلي رويو جي ايڊيٽر تي دٻاء وجهن ۽ اهو ليک وصول ٿيڻ تي ڇاپڻ کان منع ڪن؟ ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اهڙي درخواست مڃيندو؟ مون چيو ته هو معزز شخص ڀانئجي ٿو ۽ ليکڪ هن کي جيڪڏهن ڪيبل ذريعي ليک نه ڇاپڻ جو چوندو ته هو ڳالهه مڃي ويندو ۽ ليک نه ڇپجڻ تي پنهنجي مايوسي برداشت ڪري ويندو. اهڙي طرح ڪيبل موڪلي وئي ۽ انهيءَ جو خاطر خواه جواب اچي ويو.
انهيءَ کان پوءِ مون کي اسٽاف جي رازداريءَ وارن حلقن ۾ وڌيڪ جاءِ ملڻ لڳي ۽ مون سان هڪ وڏي عمر واري ماڻهو جهڙو ورتاء ٿيڻ لڳو. هاڻي آءُ سمجهڻ لڳس ته بهار واري مهم ۾ مونکي جاءِ ملڻ لاءِ حالتون سازگار ٿي ويون آهن ۽ مون ۾ اهميت وارن ڪمن ۾ مصروف ٿيڻ جي اميد به پيدا ٿي وئي. ڪمانڊر انچيف مون مان تمام خوش لڳي رهيو هو ۽ آءُ هر ڳالهه ۾ مڪمل طور شريڪ ٿي رهيو هوس. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ اهو چڱو نه ٿيو جو منهنجو ڀاڳ دير سان کليو. جن ڪارواين بابت اميد هئي ته اهي ڪنهن ڏينهن وڏي پيماني تي شروع ٿي وينديون اهي اميدون آهستي آهستي ڪمزور ٿينديون پوءِ قبائلين سان طويل مذاڪرات ۾ وجود وڃائي ويٺيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ آخرڪار ديرپا امن قائم ٿي ويو. انهيءَ امن جي پٺيان موجود ڏاهپ کي مون مستقل جي سياستدانن جي حيثيت ۾ مجبور ٿي تسليم ڪري ورتو پر انهيءَ جو مونکي پشاور آڻڻ واري معاملي سان ڪو به تعلق نه هو.
معنيٰ ته لڌڙو پنهنجو ڊيم پيو ٺاهيندو آهي ۽ هو جڏهن مڇين جي شڪار جي شروعات ڪرڻ وارو هوندو آهي ته ٻوڏ اچي سندس بندَ، ڀاڳَ ۽ مڇين کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ کيس نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي آهي.

____________
[1] شڪاري لومڙي تي پنهنجا ڪتا ڇڏڻ وقت ڪتن کي هشڪارڻ لاءِ اهو لفظ چوندا آهن. (سنڌيڪار)
[2] سن 1894ع کان 1899ع تائين (سنڌيڪار)