آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منھنجي شروعاتي زندگي

ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.

Title Cover of book منھنجي شروعاتي زندگي

باب ڏهون: مالاڪنڊ فيلڊ فورس Malakand Field Force

هندستاني سرحد تي جڏهن پٺاڻ قبائلين جي بغاوت شروع ٿي انهيءَ وقت آءُ گڊ وڊ (Good wood) جي سبزه زارن تي هوس ۽ پئسا کٽيندو پئي ويس. مون اخبارن ۾ پڙهيو ته ٽن برگيڊن تي ٻڌل هڪ فيلڊ فورس جي تشڪيل ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ جو سربراهه سربائيڊن بلڊ آهي. مون فوراً تار ڪري کيس پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ۽ برائينڊيسي[1] (Brindisi) لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس جيئن اتان انڊين ميل ۾ چڙهي سگهان. مون لارڊ وليم بيريسفورڊ کي به دليل دلائل ڏئي پنهنجو حامي ڪري ورتو. هن منهنجين گذارشن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪري جنرل تائين پهچايو ۽ منهنجي ريل گاڏي وڪٽوريا مان رواني ٿيڻ کان اڳ مارلبورو ڪلب ۾ پنهنجي خاطر تواضع ڪئي. اهي بيريسفورڊ ڏاڍي رک رکاء وارا هوندا هئا ۽ هر ڪنهن ملڻ واري کي اهو تاثر ڏياريندا هئا ته سموري دنيا ۽ انهيءَ ۾ موجود سڀني ماڻهن مان آخرڪار فائدو ئي ٿيڻو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هن مون کان عمر ۾ ڪيترائي سال وڏن پنهنجن ڪلب جي دوستن سامهون منهنجي خواهش جو اظهار ڪئين نه ڪيو هو ته: ’هي اڄ رات اوڀر طرف جنگ جي ميدان ڏانهن پيو وڃي‘. انهيءَ موقعي تي گهڻا ماڻهو فقط اهو چون ها ته: ’هي انڊيا ٿو وڃي. پر انهيءَ نسل لاءِ اوڀر جو مطلب ڪارنامن ۽ انگلينڊ لاءِ فتحن جو دروازو هوندو هو. سندس انهيءَ ڳالهه تي هنن پڇيو ته ”ڇا هو محاذ تي ٿو وڃي؟“ ڪاش آءُ جيڪر انهن جي جواب ۾ چئي سگهان ها ته ”هائو! منهنجي اها خواهش آهي.“ بهرحال انهن سڀني جو رويو تمام دوستاڻو ۽ پرجوش هو. آءٌ پاڻ کي ڏاڍو اهم محسوس ڪرڻ لڳس. پر سر بائينڊن بلڊ جي مهم جي رٿا بابت به ڏاڍو محتاط رويو رکندو آيس.
آءٌ ريل گاڏيءَ تي به عين وقت تي وڃي پهتس پر انهيءَ تي سوار ٿيڻ وقت تمام پُرجوش لڳو پيو هوس.
انڊيا ڏانهن هڪ سامونڊي سفر ئي ڪافي آهي. ٻين سفرن ۾ تجربي جي لحاظ کان ڪابه نواڻ نه هوندي آهي. اهي سال جا گرم ترين ڏينهن هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي هوا به بلڪل بند هئي انهيءَ ڪري ساهه ٻوساٽجي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ بجلي وارا پکا ته هوندا نه هئا باقي ماڻهن سان ڳتيل ڊائننگ سيلون ۾ هٿ واريون جهليون ڏاڍي زور سان لُڏي کاڌي جي بوءِ واري گرم هوا پيدا ڪري رهيون هيون. پر اهي جسماني اهنج منهنجين ذهني پريشانين جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. آءٌ پورن پندرنهن ڏينهن جي موڪل تان هٿ کڻي رهيو هوس. برائينڊيسي ۾ به سر بائينڊن بلڊ وٽان ڪوبه جواب نه پهتو. مون سوچيو ته اهو عدن ۾ ته ضرور پهچي ويندو. عدن پهچڻ تي جڏهن اسٽيورڊ ٽپال ورهائي رهيو هو ته منهنجا پير زمين تي ئي نه ٿي کُتا پر هو آخري تار به ڏئي مون کي نااميد ڇڏي هليو ويو. پر بمبئي ۾ خوش خبري ملي وئي. جنرل جي تار ۾ لکيل هو ته: ”ڏاڍو مشڪل آهي، جايون خالي نه آهن، نامه نگار طور اچ، توکي ڪا جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. بي. بي.
مونکي سڀ کان پهريان بنگلور ۾ پنهنجي رجمينٽ مان موڪل وٺڻي هئي. انهيءَ جو مطلب ته مونکي پنهنجي اميدن جي مرڪز جي ابتڙ رخ ۾ ٻن ڏينهن جو ريل سفر ڪرڻو هو. رجمينٽ وارا مونکي پنهنجي موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ واپس ڏسي حيران ته ٿيا پر ڊيوٽيءَ لاءِ هڪ واڌو سبالٽرن کي هميشه خوش آمديد ئي چيو ويندو آهي. انهيءَ دوران پائنيئر (Pioneer) اخبار مونکي پنهنجو جنگي نامه نگار (War correspondent) مقرر ڪري ڇڏيو. انهيءَ سان گڏوگڏ منهنجي ماءُ انگلينڊ ۾ اهو به بندوبست ڪري ڇڏيو ته منهنجا خط ساڳئي وقت ڊيلي ٽيليگراف اخبار ۾ به ڇپبا جنهن لاءِ اهي پنج پائونڊ في ڪالم معاوضو ڏيڻ لاءِ راضي هئا. جيئن ته مونکي سڀ خرچ پنهنجي هڙان وڙان ڪرڻو هو تنهنڪري اها ايتري وڏي رقم نه هئي. آءٌ جڏهن اهي صحافتي اجازت ناما پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر وٽ کڻي ويس ۽ کيس سر بائينڊن بلڊ جي تار ڏيکاريم ته آءٌ ذهني طور ڏاڍو پريشان هوس پر هڪ ته ڪرنل منهنجو لاڏ کڻي ورتو ۽ ٻيو ته قسمت به مهربان هئي جو جيتوڻيڪ تار بلڪل غير رسمي ۽ غير سرڪاري انداز ۾ لکيل هئي ته به هن چيو ته آءٌ ڀلي وڃي پنهنجي قسمت آزمايان. تنهنڪري آءٌ انهيءَ رات ئي پنهنجو ڊريسنگ بئاء ۽ سفري ٿيلهو ساڻ کڻي بنگلور ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويس ۽ نوشهري لاءِ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ ورتم. هندستاني ڪلارڪ مون کان پئسن جي ننڍڙي ڳوٿري وٺي ڳڙکيءَ مان آرڊنري ٽڪيٽ کسڪائي ڏني. مونکي هورا کورا لڳي پئي هئي تنهنڪري پڇيومانس ته اهو ڪيترو پري آهي؟ انهيءَ بااخلاق هندستاني هڪ ريلوي ٽائيم ٽيبل کڻي ڏٺو ۽ بلڪل عام رواجي نموني چئي ڇڏيائين 2028 ميل. مون سوچيو ته انڊيا ته تمام وڏو ملڪ ٿيو! انهيءَ جو مطلب ته تمام سخت گرميءَ ۾ پنجن ڏينهن جو سفر ڪرڻو پوندو. آءٌ اڪيلو هوس پر جيئن ته ڪافي ڪتاب گڏ هئا تنهنڪري وقت خراب نه گذريو. انهن ريلوي گاڏن ۾ مقامي حالتن مطابق سٺو بندوبست ٿيل هوندو هو. ٻاهرئين هلاک ڪندڙ اُس کان بچڻ لاءِ درين تي مضبوط شٽر لڳل هوندا هئا ۽ پُسيل ڪکن ڪانن جي هڪ گول ڦيٿي جي ذريعي اهي چڱا ٿڌا به رهندا هئا. ماڻهو انهن کي وقت بوقت ڦيرائيندا رهندا هئا. مون پنج ڏينهن انهيءَ متحرڪ، اونداهي ۽ نرم ڀتين واري کوليءَ ۾ گذاريا ۽ گهڻو وقت بتيءَ جي روشني يا ٻاهران ايندڙ بنهه ٿوري روشني جي ترورن تي ويٺو ڪتاب پڙهندو رهيس.
مون راولپنڊي ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات جو وقفو ڪيو. اتي ڦورٿ ڊريگون گارڊس ۾ منهنجو سبالٽرن دوست رهندو هو. اهو وقت انهيءَ وٽ گذاريم. راولپنڊي جيتوڻيڪ محاذ کان سوين ميل پري هو پر اتي به هڪ قسم جي هلچل لڳي پئي هئي. سموري ڇانوڻيءَ ۾ هرڪو ماڻهو اها اميد ڪيون ويٺو هو ته کيس اتر طرف موڪليو ويندو. هر قسم جون موڪلون بند ڪيون ويون هيون ۽ دريگون گارڊس ذهني طور بلڪل تيار ويٺا هئا ته کين ڪنهن به وقت تلوارون تکيون ڪرڻ جو حڪم ملي ويندو. اسين ڊنر کان پوءِ سارجنٽ ميس ڏانهن لڙي وياسون. اتي شوقيه ڳائڻ وڄائڻ جي محفل پئي هلي. ڪنهن به قسم جي بوءِ ماضيءَ جي ياد تازي ڪرڻ جو هڪ موثر ذريعو هوندي آهي. بوءِ نه هجي ته ڪا موسيقيائي ڌن به ساڳيو ڪم ڪندي آهي. آءٌ جنهن به جنگ ۾ ويو آهيان يا منهنجي زندگيءَ جي هر اهميت ۽ دلچسپيءَ واري دور متعلق منهنجي ذهن ۾ ڌنون محفوظ آهن. ڪنهن ڏينهن جڏهن منهنجو جهاز گهر واپس پهچندو ته آءٌ اهي سڀ ڌنون گرامو فون رڪارڊن تي چاڙهيندس ۽ ڪرسيءَ تي ويهي سگار پيو ڇڪيندس ۽ منهنجي ذهن تان گهڻو اڳ ويسارجي ويل ماڻهن جا چهرا ۽ مختلف منظر، احساس ۽ مزاجي ڪيفيتن جون يادون تازيون ٿينديون وينديون ۽ گذريل ڏينهن جا ڌنڌلا پر حقيقي عڪس اُڀري ايندا. انهيءَ موقعي تي سپاهين جيڪي گيت چيا هئا اهي مونکي چڱي طرح ياد آهن. انهن ۾ (The New Photographee) گيت به هو. انهن ڏينهن ۾ تازو هڪ حيران ڪندڙ ڪيميرا ايجاد ٿي هئي جنهن جي مدد سان ڪنهن به پردي يا نيم شفاف رڪاوٽ جي پويان به فوٽو ڪڍي سگهجن ها. انهيءَ گيت ۾ انهيءَ ايجاد جو ذڪر هو. مون انهيءَ بابت پهريون دفعو تڏهن ٻڌو هو. ائين پئي لڳو ته هاڻي شايد جلد ئي ڪنهن به قسم جي پرائيويسي جو تصور ختم ٿي ويندو. انهيءَ بابت گيت جا ٻول هئا:

The inside of everything you see,
A terrible thing an horrible thing is new photographee.

[توهان هر شي جي اندر نظر وجهي سگهو ٿا
نئين فوٽو گرافي ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي.]

بهرحال اسان ته انهيءَ کي هڪ ڀوڳ ئي سمجهيو هو پر پوءِ مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اهي ڪنهن ڏينهن توهان جي جسم جون هڏيون به ڏسڻ جي قابل ٿي ويندا. انهن وري هڪ ٻيو گيت ڳاتو جنهن جو ڪورس هي هو:

And England asks the question,
When danger is nigh,
Will the sons of India do or die?

[انگلينڊ سوال ٿي ڪري ته
جڏهن خطرو سِر تي اچي پهتو آهي
ته هندستان جا جوڌا مرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟]

ظاهر آهي ته انهيءَ جو وڏي خاطري ڏيندڙ جواب اچي رهيو هو. پر سڀ کان بهترين گيت جا ٻول هي هئا:

The great white Mother, far across the sea,
Ruler of the Empire may she ever be,
Long may she reign, glorious and free,
In the Great White Motherland.

[سمنڊ پار عظيم سفيد ماءُ
شال سدائين سلطنت جي حڪمران رهي
عظيم سفيد فام وطن ۾
شال آزادي ۽ شان شوڪت سان حڪومت ڪندي رهي.]

اهڙن اعلى جذبن جو اظهار ٿيندي ٻڌي ۽ خاص طور رجمينٽل ميس ۾ ڏاڍي سٺي نموني خاطر تواضع ٿيڻ کان پوءِ منهنجا جذبا ڏاڍا بلند ٿي ويا. انهيءَ جي باوجود به مون پنهنجي اٿي ويٺيءَ ۾ هڪ محتاط انداز قائم رکيو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت انهيءَ نامياري رجمينٽ ۽ منهنجي رجمينٽ وچ ۾ هڪ قسم جي اڻبڻت هلندي پئي آئي. انهيءَ جو سبب اهو ٿيو هو جو فورٿ ڊريگون گارڊس جي هڪ آفيسر فوجي نوڪري جي بلڪل عام رواجي معمول مطابق اسان جي هڪ ڪيپٽن ڏانهن تار موڪلي هئي ته: ”فورٿ ڊريگون گارڊس ۾ بدلي ٿي اچڻ لاءِ تنهنجا گهٽ ۾ گهٽ شرط ڪهڙا آهن؟“ انهيءَ تي اسان جي ڪيپٽن به ڏاڍي خوش مزاجيءَ سان جواب موڪليو ته: ”ڏهه هزار پائونڊ روڪ، نوابي خطاب ۽ فوجي ورديون.“ ڊريگون گارڊس کي انهيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ انهيءَ مان اهو مطلب ڪڍيائون ته هو سڀ سندن رجمينٽ بابت اهڙي سوچ رکيو ويٺا آهن. اسان پوءِ 1898ع ۽ 1899ع ۾ جڏهن انهيءَ بهترين رجمينٽ سان پولو جون ميچون کيڏيون ته انهيءَ جذباتي ڇڪتاڻ سبب مقابلن ۾ ڏاڍو جوش و خروش پيدا ٿي ويندو هو.
آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي اها ڳالهه وسارڻ نه ڏيندس ته آءٌ هڙ تڪڙ ۾ محاذ تي وڃي رهيو هوس ۽ بنگلور ڇڏڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن تي صبح جو سوير نوشهري جي پليٽ فارم تي بيٺو هوس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس لاءِ ريل جي ذريعي رسد پهچڻ جي اها آخري اسٽيشن هئي. اسٽيشن کان اڳتي ميداني علائقي ۾ تيز اُس ۾ چاليهن ميلن جو پنڌ هو. انهيءَ کان اڳتي مالاڪنڊ دري (Malakand Pass) وٽ پهچڻ لاءِ ورن وڪڙن واري اتهين چاڙهي چڙهڻ لاءِ تانگو ڪم اچي ٿو. تانگو تيز گهوڙن سان ڇڪي ويندڙ هڪ قسم جي ننڍي گاڏي آهي. سربائينڊ بلڊ ٽي سال اڳ انهيءَ دريءَ ۾ داخل ٿي ويو هو ۽ هاڻي انهيءَ نئين مهم جي هيڊ ڪوارٽر سان گڏوگڏ هر قسم جي هٿيارن سان ليس هڪ برگيڊ انهيءَ چوٽيءَ تي ڪيمپ ۾ موجود هئي. آءٌ مٽيءَ ۽ دز ۾ ڀڀوت ٿي انهيءَ ڪيمپ جي اسٽاف آفيس ۾ پيش ٿيس. جنرل پاڻ موجود نه هو. هو هڪ مختصر فوجي ڪالم سان بونيروالن کي منهن ڏيڻ ويو هو. اهو ڏاڍو ڏکيو قبيلو هو ۽ صدين کان پنهنجي وادي ۾ ٻاهرين حملي آورن کان محفوظ لڳو ويٺو هو. امپيرئيل گورنمينٽ 1863ع ۾ بونير ڏانهن هڪ مهم رواني ڪئي هئي. جيڪا اڳتي هلي اينگلو انڊين تاريخ ۾ امبيلا Umbeyla مهم جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. بونيروالن تمام وڏي جوش ۽ جذبي سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ سوين برطانوي فوجين ۽ مقامي سپاهين جا لاش ڪنهن وقت ۾ بدنام ڪريگ پڪيٽ (Crag Picquet) جي آسپاس ڳري سڙي مٽي ٿي ويا هئا. انهيءَ پڪيٽ تي بار بار حملا ٿيندا هئا ۽ هٿن مان نڪري وري قبضي ۾ ايندي هئي. ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي ته سر بائينڊن بلڊ کي انهن مشهور ۽ خونخوار ڦورن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. بهرحال مونکي اسٽاف ميس جو ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪنهن تنبوءَ ۾ وڃي پنهنجي سفري ٿيلهو کولڻ جي به اجازت ڏني وئي. مونکي ڊپ هو ته آءُ جنهن نئين دنيا ۾ چڙهي اچي پهتو هوس انهيءَ ۾ مون کان ڪو به اهڙو ڪم نه ٿي وڃي جنهن جي سبب منهنجي گلا نه ٿي پوي تنهنڪري مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته آءُ هر وقت تمام بهترين ڪردار جو مظاهرو ڪندس.
جنرل کي بونيروالن کي ريهڻ ريبڻ ۽ ٿڌو ڪرڻ ۾ فقط پنج ڏينهن لڳا پر مونکي ته اهو تمام ڊگهو وقت لڳو مون انهيءَ وقت کي تمام فائديمند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ دوران هڪ بلڪل نئين صلاحيت حاصل ڪري ورتي. آءُ انهيءَ کان اڳ وهسڪي بلڪل پي نه سگهندو هوس. مونکي انهيءَ جو ذائقو بلڪل نه وڻندو هو. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ته منهنجا ٻيا دوست آفيسر سوڊا ۽ وهسڪي جي ايتري گهڻي طلب ڪيئن لايون ويٺا هوندا هئا. مونکي سفيد توڙي ڳاڙهي وائين ۽ خاص طور شامپين وڻندي هئي ۽ وقت پئي برانڊي جو ننڍو گلاس به پي ويندو هوس. پر اها دونهين جو ذائقو رکندڙ وهسڪي ڪڏهن به وات تي نه آڻي سگهيس. پر هاڻي آءُ پنجن ڏينهن کان اهڙي گرمي ۾ سڙي رهيو هوس جنهن کي مون جيتوڻيڪ ڏاڍي سٺي نموني منهن ڏنو هو پر اها تمام شديد هئي ۽ انهيءَ دوران پيئڻ لاءِ چانهه کانسواءِ نيم گرم پاڻي هو يا نيم گرم پاڻي سان لائيم جوس يا نيم گرم پاڻي سان وهسڪي. اهڙين حالتن ۾ منهنجو بلند حوصلو به منهنجو سهارو ڏيندو رهيو. مون جيئن ته پاڻ کي جنگ جي حالتن مطابق تيار ڪرڻ ٿي چاهيو تنهنڪري آءُ جسماني ڪمزورين تي غالب پئجي ويس. مونکي وهسڪي جي ذائقي کان ئي جيڪا نفرت هوندي هئي انهن پنجن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي آءُ انهيءَ تي به مڪمل طور غالب پئجي ويس ۽ اها ڪا عارضي حاصلات نه هئي. آءُ انهن ڏينهن ۾ حاصل ڪيل علائقي تي مضبوطي سان ڄميو بيٺو رهيو آهيان ۽ پنهنجي سموري زندگي انهيءَ تي قبضو برقرار رکيو آهي. ماڻهو ڪنهن به شي جو هڪ دفعو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ انهيءَ کان اڳ ۾ جيڪا ناپسنديدگي هوندي آهي اها هڪ قسم جي ڪشش ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. آءُ اڄ ڏينهن تائين جيتوڻيڪ صحيح معنيٰ ۾ شراب کان پرهيز جي روش تي عمل پيرا رهيو آهيان پر جڏهن موقعي ۽ محل جي لحاظ کان ضروري هوندو آهي ته مون انهيءَ کان ڪڏهن ڪيٻايو نه آهي. جئين مشرق ۾ گوري آفيسر جي مکيه ۽ مستقل خاطر تواضع جي شي شراب هوندو هو تڏهن آءُ اهو بنا هٻڪ جي واپرائيندو هوس.
پر اها حقيقت آهي ته انگلينڊ جي فيشني طبقي پاران وهسڪي سان اها رغبت بلڪل نئون معاملو هو. مثال طور منهنجي پيءُ جنگ ۾ شڪار ڪرڻ يا ڪنهن ويران ٿڌي جاءِ کان سواءِ ڪڏهن به وهسڪي نه پيئندو هو. هن پنهنجي زندگي برانڊي ۽ سوڊا واري دور ۾ گذاري جنهن لاءِ باعزت طبقي ۾ وڏو جواز موجود هوندو هو. پر انهيءَ صورتحال جو اڻ ڌري حيثيت ۾ جائزو وٺڻ ۽ ڪافي تجربي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ هاڻي منهنجي پڪي پختي راءِ اها آهي ته روزاني جي عام رواجي استعمال لاءِ انهن ٻنهي جنن مان ڇڍي وهسڪي وڌيڪ ڪارآمد آهي.
هاڻي آءُ جڏهن مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي ويهي هن موضوع ڏانهن ڇڪجي ئي آيو آهيان ته مونکي اها ڳالهه به چوڻ ڏيو ته آءُ ۽ ٻيا نوجوان آفيسر انهن ڏينهن جي يونيورسٽي جي ڇوڪرن کان بلڪل مختلف ماحول ۾ پروان چڙهيا هئاسون. آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جا شاگرد ته پونئرن وانگر پيئندا هئا ۽ انهن کي ته ڪلب به هوندا هئا ۽ رسمي ڊنرن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا جتي هر ڪنهن لاءِ وِت کان وڌيڪ شراب واپرائڻ لازمي هوندو هو. ٻئي طرف وري سينڊهرسٽ ۽ آرمي ۾ شراب پي نشي ۾ مدهوش ٿي وڃڻ شرم جهڙو ڏوهه هوندو هو جنهن جي سزا ۾ سماجي لعنت ملامت کي منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ انهيءَ جو گهڻو ڪري جسماني طور به اظهار ٿيندو هو پر انهيءَ مدهوشيءَ جو اثر جيڪڏهن سرڪاري دائري ۾ اچي ويندو هو ته نوڪريءَ تان برطرفي جي سزا به اچي ويندي هئي. منهنجي تعليم ۽ تربيت اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مونکي شراب سان سخت نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هئي. ها باقي ڪجهه خاص موقعن ۽ ڪجهه سالگراهن تي ماڻهو پي ٿو وٺي ته اها ٻي ڳالهه هئي. منهنجي ته خواهش هوندي هئي ته يونيورسٽين جي شرابي شاگردن کي قطار ۾ بيهاري ٺيڪ ٺاڪ نموني فهمائش ڪريان ته اهي اهڙي سٺي شي جو بنهه خراب استعمال ٿا ڪن جنهن کي آءُ ديوتائن جو هڪ بهترين تحفو سمجهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ آءُ شرابين توڙي شراب تي بندش جي حامين ۽ ٻين اهڙن گهڻو هڪ طرفو لاڙو رکندڙ جي بلڪل خلاف هوندو هوس. پر هاڻي آءُ انهن طرفان حد کان وڌي وڃڻ جو سبب بڻجندڙ فطري ڪمزورين کي وڌيڪ کلي دل سان سمجهي سگهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ سبالٽرن ۾ رواداري بلڪل نه هوندي هئي. اهي خود شرابي توڙي ٻين کي شراب پيئڻ جي اجازت نه ڏيندڙ ٻنهي کي ناپسند ڪندا هئا. پر هاڻي جيئن ته جنگ عظيم اسان کي تهذيب ۽ شرافت سيکاري ڇڏي هئي تنهنڪري هاڻي اسين ڳالهين کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا.
اسان جي فوج ايندڙ ڪنهن به وقت چُرپر شروع ڪري ڇڏي ها تنهنڪري مون کي انهن پنجن ڏينهن دوران انهيءَ لاءِ مڪمل تياري به ڪرڻي هئي. مون کي ٻه سٺا گهوڙا خريد ڪرڻا هئا، فوجي سائيس پاڻ وٽ بيهارڻو هو ۽ منهنجي فوجي وارڊروب جون ڪيتريون ئي شيون کٽل هيون اهي به پوريون ڪرڻيون هيون. گذريل هفتي دوران ڪيترائي آفيسر مارجي ويا هئا. اها ڳالهه انهن لاءِ ته ڏاڍي بدقسمتيءَ واري چئبي پر مون لاءِ ڏاڍي سهوليت ٿي پئي جو انهن ڏينهن جي اينگلو انڊين مهمن جي رواج مطابق انهن جون سڀ شيون بشمول انهن جي جيڪي مرڻ وقت انهن جي جسمن تي هجن اهي ڪفن دفن ٿيڻ کان فوراً پوءِ (جيڪڏهن ڪنهن جو ٿيو به) نيلام ڪيون وينديون هيون. مون اهڙي طرح مڪمل ساز سامان حاصل ڪري ورتو. هڪ ماڻهو ڪالهه گڏ گهمي ڦري رهيو هو اڄ انهيءَ جي بلڪل شخصي استعمال جون شيون ڪوٽ، قميص، بوٽ، ڪمبل، ريوالور، پاڻيءَ جي بوتل ۽ رڌ پچاءُ جو ٿانء اهڙي بي زيب نموني اوپرن ماڻهن ۾ ورهائجڻ مونکي ڪجهه اڻ وڻندڙ ڳالهه لڳي. پر اها ڳالهه بلڪل منطقي ۽ اقتصاديات جي اعليٰ ترين اصولن جي مطابق هئي. هتي منڊي به تمام سٺي هئي جو ٽرانسپورٽ جا خرچ به اڳواٽ ڏنل هئا. مئل ماڻهو پنهنجا اثاثا ڄڻ ته پنهنجي مرضيءَ جي اگهه تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو. دنياوي سازوسامان لاءِ ليفٽيننٽ اي. بي. يا ڪيپٽن ايڪس. واءِ. جي بيوه يا ماء کان ڪيمپ جو نيلامي ڪندڙ تمام سٺيون قيمتون ڏياريندو هو. آفيسر جي شين سان ٿيندڙ هلت خانگي فوجين جي سامان سان پڻ پر اڃان تڪڙي تڪڙي ٿيندي هئي. انهيءَ هوندي به مونکي اها ڳالهه لازماً تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه هفتا پوءِ مون جڏهن هڪ ڏينهن اڳ مارجي ويل پنهنجي هڪ بهادر دوست جي سيٽي ٻڌڻ جي ڏوري پهريون دفعو ڪلهي ۾ لڙڪائي ته مون کي دل ۾ سور جي هڪ سٽ محسوس ٿي هئي.
هاڻي پڙهندڙن کي مهم بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. برطانوي ٽن ورهين کان مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي قابض رهيا هئا ۽ اهڙيءَ طرح وادي سوات کان چترال تائين روڊ جو رستو بحال رکندا آيا هئا. اهو روڊ سوات نديءَ کان اڳتي ٻين ڪيترن وادين مان ٿيندو چترال پهچندو هو. چترال کي تڏهن فوجي لحاظ کان ڏاڍي اهميت وارو سمجهيو ويندو هو. اهو رستو تڏهن کان ڏاڍي خوشيءَ سان روان دوان رهندي نظر آيو آهي پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو انهيءَ وقت به ڏاڍي اهميت رکندو هو. وادي سوات جا قبائلي صدين کان انهيءَ علائقي کي پنهنجو ملڪ سمجهندا آيا هئا سو اهي اتي فوجين جي موجودگيءَ تي چڙيل هئا پر هاڻي اوچتو بلڪل غضبناڪ ٿي پيا هئا. سرڪار انهيءَ ڪاوڙ کي مذهب ڏانهن منسوب ڪري رهي هئي پر انهيءَ جا بلڪل سولائي سان بنهه عام رواجي سبب به ڏئي سگهجن پيا. انهن مالاڪنڊ پاس جو دفاع ڪندڙ ڇانوڻين ۽ چقدره جي ننڍڙي قلعي تي حملا ڪيا هئا. اهو قلعو ننڍڙي جبرالٽر وانگر هڪ ٽڪريءَ جي مٿان بيٺل هو ۽ سوات ندي جي ڊگهي پينگهي وانگر لڏندڙ پل جي حفاظت جو ڪم ڪندو هو. غلط فهميءَ جو شڪار قبائلين پُرامن ۽ برطانوين سان دوستاڻو تعلق رکندڙ عورتن ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. انهن پاران اوچتي حملي سبب مالاڪنڊ پاس جي دفاع ۾ هڪ بحراني وقت به اچي ويو هو. بهرحال اهڙي ڪاهه کي ڌڪي پٺتي ڪيو ويو ۽ صبح جي روشني ٿيندي ئي گائيڊس ڪيولري ۽ يارهين بنگال لانسرز وارا انهن فسادي ۽ بي قابو قبائلين کي وادي سوات جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين ڊوڙائيندا ويا ۽ اها دعويٰ پڻ ڪيائون ته هو انهن جي چڱي خاصي انگ کي گرزن سان زخمي ڪري ۽ ماري آيا آهن. چقدره جي قلعي؛ جنهن کي لِليپيوٽيائي جبرالٽر چئجي؛ جو محاصرو ٿيو هو پر اهو جيئن تيئن ڪري سر بچائي ويو. لڏندڙ رسن نوڙن واري پل سلامت هئي ۽ هاڻي 12000 ماڻهن ۽ 4000 جانورن تي ٻڌل تاديبي مهم انهيءَ پل تان ٽپي دير ۽ باجوڙ جي وادين منجهان ٿيندي جبلن ڏانهن رواني ٿيڻي هئي ۽ واپسي ۾ پشاور جي آسپاس مهمند جي تمام سرڪش قبيلي کي مطيع ڪندي آخرڪار انڊيا جي ميدانن تي تهذيب و تمدن واري علائقي ۾ اچي شامل ٿيڻي هئي.
سربائينڊن بلڊ بونير والن کي زير ڪري مناسب وقت تي واپس اچي ويو. هو تمام تجربيڪار اينگلو انڊين آفيسر هو ۽ هڪ به ماڻهو مارڻ کانسواءِ بونيروالن کي سمجهه ڀري روش وٺرائي آيو هو. هو انهن وحشين کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ايندو هوس. پٺاڻ عجيب ماڻهو آهن. انهن جون ريتون رسمون ۽ رواج به ڏاڍي عجيب قسم جا آهن ۽ اهي ڏاڍي خوفناڪ نموني پلاند ڪندا آهن. اهي سوديبازي کان به مڪمل طور واقف آهن ۽ انهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي آهي ته اڳئين ڌر به ايتري طاقتور آهي جيڪا انهن سان برابري جي بنياد تي ڳالهائي سگهي ٿي ته پوءِ اهي ظاهر ظهور يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪو راضي نامو ڪري وٺندا آهن. هاڻي سر بائينڊن بلڊ به بونيروالن سان ڏاڍي خوشگوار نموني صلح صفائي ڪري آيو هو. انهيءَ ۾ فقط هڪ ننڍي جهڙپ ٿي هئي جنهن ۾ لارڊ فنڪيسل (Fincastle) سندس اي. ڊي. سي. ۽ هڪ ٻئي آفيسر مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل هڪ زخمي ساٿيءَ کي ڏاڍي دليريءَ سان بچائي وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو هو. هاڻي منهنجو ڊيپ ڊين جي ڏينهن وارو پراڻو دوست جنرل ۽ ڪمانڊر انچيف به واپس اچي پهتو آهي. سندس اسٽاف ۽ اسڪارٽ گڏ اٿس ۽ سندس جوان جوڌا سندس پٺيان اچي رهيا آهن.
سر بائينڊن بلڊ جي شخصيت انهن اجاڙ جبلن ۽ رائيفل بردار وحشي قبائلين ۾ ڏاڍي متاثر ڪندڙ لڳي رهي هئي. مون کيس انگلينڊ جي پرامن ۽ آرامده ماحول ۾ ڏٺو هو. هاڻي هو پنهنجي فوجي ورديءَ ۾ گهوڙي تي سوار ۽ سموري قافلي سان گڏ ڏاڍو بارعب لڳي رهيو هو. هن برطانوي ۽ هندستاني فوجن سان جنگ ۽ امن جو وڏو عرصو گذاريو هو تنهنڪري سندس ذهن ۾ ڪنهن به ڳالهه بابت ڪي به غلط فهميون نه هيون. کيس انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو فخر هو ته هو بدنام زمانه ڪرنل بلڊ جي پيڙهيءَ مان آهي جنهن چارلس ٻئين جي دور ۾ لنڊن ٽاور[2] مان هٿياربند جٿي سان گڏ شاهي جواهرات چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو واقعو تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. ڪرنل ٽاور جي دروازي مان نڪرندي وقت اهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو جو شاهي جواهرات سندس هٿن ۾ هئا. مٿس غداري ۽ ٻين ڪيترن وڏن ڏوهن جي الزام هيٺ ڪيس هليو. پر هو انهن مان باعزت بري ٿيو ۽ فوراً بادشاه جي محافظ دستي جي ڪمان سندس هٿن ۾ ڏني وئي. واقعن جي اهڙي عجيب رخ اختيار ڪرڻ تي اهڙيون گنديون ڳالهيون به منظر تي آيون ته سندس پاران ٽاور مان شاهي جواهرات ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ خود بادشاه به هم صلاحي ٿيل هو. اها ڳالهه بلڪل سچ آهي ته انهي مشڪل دور ۾ بادشاه وٽ پئسن جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي هئي ۽ مسٽر اٽينبورو جا ابا ڏاڏا پڻ يورپ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موجود هئا. بهرحال انهيءَ واقعي بابت صورتحال ڪهڙي به هجي ته به سربائينڊن بلڊ پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي پاران شاهي جواهرات جي چوريءَ جي ڪوشش کي پنهنجي خاندان جي تاريخ جو تمام شاندار واقعو سمجهندو هو ۽ نتيجي طور کيس هندستاني سرحد تي رهندڙ پٺاڻ قبائلين سان به دلي همدرديون هونديون هيون. اهي سڀئي انهيءَ واقعي ۽ انهيءَ جي نتيجن ۽ اثرن کي پوريءَ طرح سمجهن ها ته جيڪر سڀني ڌرين کي دل کولي داد ڏين ها، جيڪڏهن جنرل انهن سڀني کي گڏ ويهاري اها ڳالهه تفصيلي طور ٻڌائي وڃي ها ته فوج جي ٽن برگيڊن ۽ بي انداز خچرن ۽ اٺن کي جبلن ۽ ڇڊي پاڊي آباديءَ وارن جابلو پٽن تي ڪشالا ڪرڻا ئي نه پون ها پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ منهنجا ايندڙ ٻه ٽي هفتا انهن ڪشالن ۾ گذري ويا.
جنرل تڏهن ئي ڪافي وڏي عمر جو هو پر هو اڃان حال حيات ۽ خوش چڱو ڀلو آهي. هو انهيءَ مهم ۾ هڪ شخصي مصيبت مان پڻ گذريو هو. ٿيو ائين جو هڪ وفد ۾ ٻين سان گڏ ايندڙ هڪ جنوني اوچتو هڪ چاقو ڇڪي ڪڍي ورتو ۽ لڳ ڀڳ اٺن والن جي فاصلي تان جنرل ڏانهن لُوهه ڪيائين. سر بائينڊن بلڊ پنهنجي گهوڙي تي ويٺي پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ حملي آور کي ٻن والن تان فائر ڪري ماري وڌائين. اسان مان اڪثر ماڻهو سمجهندا هئا ته هڪ ڊويزن جي جنرل جو ريوالور مڙئي نمائش جو هٿيار هوندو پر انهيءَ واقعي تي فيلڊ فورس جا سڀئي ماڻهو ويندي، اڇوت جمعدار تائين ڪيترا خوش ٿيا هوندا انهيءَ جو اندازو ڪرڻ ايترو مشڪل نه آهي.
هتي مهم بابت تفصيلي بيان ڏيڻ منهنجو مقصد نه آهي جو آءُ اڳ ۾ ئي انهيءَ موضوع تي هڪ معياري تاريخ لکي چڪو آهيان. پر افسوس آهي ته هاڻي انهيءَ ڪتاب جي ڪا به ڪاپي مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. تنهنڪري آءُ فقط ڪجهه جملن ۾ انهيءَ جي واقعن جو رُخ بيان ڪندس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس جون ٽئي برگيڊون مون پاران اڳ ۾ ذڪر ڪيل وادين مان هڪ ٻئي پٺيان گذرنديون قبائلين سان کونس ڪنديون ويون ۽ کاڌي پيتي لاءِ انهن جا ڍور ڪاهي ۽ پنهنجن وهٽن جي کاڌ خوراڪ لاءِ انهن جا فصل لڻي انهن کي تمام گهڻي تڪليف پهچائينديون ويون. فورس سان گڏ هلندڙ پوليٽيڪل آفيسر سمورو وقت سردارن، مذهبي عالمن ۽ ٻين مقامي معززن سان صلح جون ڳالهيون ٻولهيون به ڪندا رهيا. ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون لڳل اهي پوليٽيڪل آفيسر آرميءَ جي آفيسرن ۾ تمام غير مقبول هوندا هئا. انهن کي ته راند ڦٽائيندڙ سمجهيو ويندو هو. ماڻهو سمجهندا هئا ته اهي سدائين ڪنهن کي به ٻڌائڻ کانسواءِ ٺهراءَ ڪري ۽ سلطنت جي وقار کي داغدار ڪري ٿا ڇڏين. انهن تي ٽال مٽول ڪرڻ جي ڏوهه جو الزام به مڙهيو ويندو هو ته اهي فائر ڪرڻ کان اڳ هر ممڪن ڪوشش ڪري جنگ کان بچي وڃن ٿا. اسان سان به ميجر ڊين نالي هڪ ڏاڍو هوشيار پوليٽيڪل آفيسر هوندو هو جنهن کي ماڻهو ڏاڍو ناپسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته هو سدائين فوجي ڪاروايون روڪرائي ڇڏيندو هو. اسين جڏهن ڏاڍي سٺي معرڪي لاءِ تيار ٿيا ويٺا هوندا هئاسون، هر ڪو پُرجوش لڳو پيو هوندو هو ۽ سڀئي بندوقون لوڊ لڳيون پيون هونديون هيون ته اهو ميجر ڊين- اسين ته چوندا هئاسين ته اهو ميجر ٿيو ڪيئن آهي؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ جو عام رواجي سياستدانن کان وڌيڪ ڪو ڪردار ئي نه هوندو هو- اچي ويندو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون روڪرائي ڇڏيندو هو. لڳندو ته ائين هو ته اهي سڀ وحشي سردار ڪي سندس پراڻا دوست يا شايد ويجها مائٽ هجن. انهن جي دوستيءَ ۾ ڪا به ڳالهه حائل نه ٿيندي هئي. ويڙهه هلندي به اهي ائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا جيئن ڪي عام ماڻهو يا دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن. اهي ته اسان جي جنرل سان به ائين ڳالهائيندا هئا جيئن ڪو ڦورُو ٻئي ڦورو سان ڳالهائيندو هجي.
اسان کي اها خبر ته نه هئي ته شڪاگو ۾ پوليس ۽ ڏوهاري ٽولن جي وچ ۾ معاملا ڪيئن ٿا هلن پر انهن ۾ لازماً اهڙي قسم جي سوچ ئي ڪم ڪندي هوندي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀئي هڪٻئي کان چڱيءَ طرح واقف هوندا هئا ۽ جمهوريت، واپار، ڪاروبار، پئسو گڏ ڪرڻ ۽ ايمانداريءَ جهڙي ڳالهين کان نفرت ڪندا هئا. ٻئي طرف اسان وري پنهنجا هٿيار هلائڻ چاهيا ٿي. اسان ايترو پنڌ ڪري انهيءَ لاءِ نه آيا هئاسون ۽ ايتريون گرميون ۽ اهنج انهيءَ لاءِ نه سٺا هئا ته پوليٽيڪل آفيسرن ۽ انهن چيڙاڪ ۽ خونخوار قبائلين جي وچ ۾ ناقابل بيان معاملن تي ٿيندڙ اڻکٽ رازو نياز جي ڳالهين ۾ اچي شريڪ ٿيون. گرمي جو هر طرف ايترو ته راڄ هوندو هو جو توهان اها جيڪر پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهو ها. اها توهان جي ڪلهن تي ٿيلهي وانگر پئي هوندي هئي ۽ توهان جي دماغ تي ڪنهن ڀوائتي خواب وانگر سوار هوندي هئي. ٻئي طرف اسان ۾ تمام شديد جوش ۽ جذبو رکندڙ شدت پسند ۽ دشمن جي طرف به ”گرم خون رکندڙ“ ماڻهو موجود هئا. انهن اسان تي اسان انهن تي گوليون هلائڻ چاهيون ٿي. پر اسان ٻنهي ڌرين ۾ موجود اهڙن ماڻهن جا ارادا اهي ”وڏڙا“ يا جن کي هاڻي پوڙهن جو ٽولو چئي سگهجي ٿو. اهي ۽ پوليٽيڪل آفيسرن جي ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون يا سفيد کنڀ، ناڪام ڪري ڏيندا هئا. بهرحال جئين هيستائين صورتحال رهي هئي تيئن هاڻي به گوشت خور قوتن پنهنجي لاءِ دڳ ڪڍي ورتو. ڪجهه قبيلا پنهنجي پوڙهن جي ٽولي کان ڌار ٿي ويا ۽ اسان جي پوليٽيڪل آفيسرن جي ڳالهين سان به ٿڌا نه ٿيا. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ اسان جي طرفان مئلن جي بيواهن کي امپيرئيل گورنمينٽ طرفان پينشن ڏيڻي پئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ پنهنجي باقي حياتي ۾ منڊڪائيندا رهيا. باقي جيڪي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ کان بچي ويا انهن لاءِ ته اها ڏاڍي دلچسپي ۽ کل خوشي جهڙي ڳالهه ٿي. مون کي اميد آهي ته مون انهن ڪنهن حد تائين گستاخانه جملن جي ذريعي گورنمينٽ آف انڊيا جي صبر ۽ تحمل ۽ معلومات جو ڪنهن حد تائين اندازو ڪرائي ڇڏيو هوندو. انهيءَ کي مون انهيءَ ڪري صبر تحمل وارو چيو آهي جو ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ کيس اها به خبر آهي ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وئي ته اها ڪنهن به ماڻهو تي گولي به هلائي سگهي ٿي. پر اها پاڻ اهڙن اڻ وڻندڙ نتيجن کان بچڻ چاهي ٿي. اها ڏاڍي پُرسڪون حڪومت آهي جنهن جا هٿ قانونن سان ٻڌل آهن ۽ جيڪا ڪيترن ئي ويجهن لاڳاپن ۽ مذاڪرات جي ذريعي ڦاٿي پئي آهي. انهيءَ جا هٿ نه فقط هائوس آف ڪامنز پر ڪيترن ئي خالص اينگلو انڊيا ئي رڪاوٽن سان به ٻڌل آهن. انهن رڪاوٽن جو سبب ڪڏهن ته فياضي ۽ عالي ظرفي جا اعليٰ تصور هوندا آهن ته ڪڏهن افسر شاهي جي ڳاڙهي پٽي (Red Tape) دشواريون پيدا ڪري وجهندي آهي.

انهيءَ هوندي به وقت بوقت ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهندو ۽ ڪي ڀُلون چڪون يا جن کي افسوسناڪ واقعا چئجي ٿو، ٿيندا رهندا. ايندڙ ڪجهه صفحن ۾ اهڙي ئي هڪ واقعي جو بيان آهي.


____________
[1] اٽليءَ ۾ هڪ سامونڊي بندر.
[2] اڳ ۾ قلعو پوءِ شاهي قيد خانو ۽ هاڻي اسلحه گهر ۽ نمائش: (سنڌيڪار)