باب سترهون: اولڊهام Oldham
لنڊن،
جون 7، 1899.
مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل کي مبارڪون پيش ڪري ٿو ۽ سندس توجه هڪ اهڙي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ گهري ٿو جيڪو ٻنهي سان لاڳاپيل آهي. کيس پريس ۾ ڇپيل اطلاعن مان خبر پئي آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل رچرڊ ڪارول (Richard Carvil) جي نالي سان هڪ ٻيو ناول ڪڍڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن بابت پڪ آهي ته انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ چڱو خاصو وڪرو ٿيندو. مسٽر ونسٽن چرچل پڻ هڪ ناول جو ليکڪ آهي جيڪو هاڻي ميڪملنز ميگزين ۾ قسطوار ڇپجي رهيو آهي جنهن بابت کيس اميد آهي ته اهو به انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه نه ڪجهه وڪرو ٿيندو. هو پهرئين آڪٽوبر تي سوڊان جي جنگ بابت هڪ ٻي فوجي تاريخ پڻ شايع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. کيس پڪ آهي ته مسٽر ونسٽن کي جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ذريعي مان نه ته هن خط مان خبر پئجي ويندي ته انهيءَ ڳالهه جو شديد خطرو موجود آهي ته سندس ڪتابن کي غلطيءَ وچان مسٽر ونسٽن چرچل جو سمجهيو ويندو. کيس پڪ آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل هن وانگر اها ڳالهه ڪڏهن به نه چاهيندو. مستقبل ۾ جيترو ٿي سگهي غلطين کان بچڻ لاءِ مسٽر ونسٽن چرچل اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو هاڻي جيڪي به ليک، ڪهاڻيون يا ٻيون شيون ڇپرائيندو انهن تي اڳ وانگر ’ونسٽن چرچل‘ بجاءِ ونسٽن اسپينسر چرچل نالو لکندو. کيس يقين آهي ته اهو بندوبست مسٽر ونسٽن چرچل کي پسند ايندو ۽ هو هن غير معمولي اتفاق جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڪنهن مونجهاري کان بچڻ لاءِ هيءَ تجويز رکي ٿو ته مسٽر ونسٽن چرچل ۽ مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجن ڪتابن ۾ هڪ مختصر نوٽ شامل ڪري عوام کي ٻڌائين ته ٻنهي مان ڪنهن جا ڪهڙا ڪتاب آهن. مسٽر ونسٽن چرچل جيڪڏهن مسٽر ونسٽن چرچل جي تجويز سان اتفاق ڪري ته انهيءَ نوٽ جي عبارت بابت وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هو هن موقعي مان فائدو وٺندي مسٽر ونسٽن چرچل کي سندس اسلوب ۽ سندس ڪتابن جي ڪاميابي تي واڌايون ڏئي ٿو جيڪي رسالن توڙي ڪتابي صورت ۾ سندس نظرن مان گذرندا رهيا آهن ۽ کيس يقين آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل جي نظر مان به هن جي جيڪا به شي گذري هوندي انهيءَ مان هن ساڳئي خوشي حاصل ڪئي هوندي.
ونڊسر، ورمونٽ
جون 21، 1899.
مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل جو ڏاڍو شڪرگذار آهي جو هن مسٽر ونسٽن چرچل جي سامهون اهڙو موضوع آندو آهي جنهن مسٽر ونسٽن چرچل کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. مسٽر ونسٽن چرچل، مسٽر ونسٽن چرچل پاران ڀلائي ڪري پنهنجن ڪتابن، ليکڪن وغيره ۾ ’ونسٽن چرچل‘ جو نالو اختيار ڪرڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پر مسٽر ونسٽن چرچل انهيءَ ڳالهه جو به اضافو ڪري ٿو ته هن کي جيڪڏهن ڪي ٻيا نالا هجن ها ته اهو انهن مان ڪو ضرور اختيار ڪري ها. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل (جنهن کي اڳتي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو) جون تحريرون ’سينچري‘ ۾ سندس پهرئين ڪهاڻي ڇپجڻ کان وٺي مسٽر ونسٽن چرچل نظرن مان گذرنديون رهيون آهن. مسٽر ونسٽن چرچل کي تڏهن اندازو ئي نه هو ته مسٽر ونسٽن چرچل جون تحريرون سندس پاران فڪشن ۾ ڪيل ڪوشش سان ڪنهن به لحاظ کان ٽڪراء ۾ اينديون. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل پاران مسٽر ونسٽن چرچل ۽ مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جي تحريرن ۾ هڪ نوٽ شامل ڪرڻ جي تجويز- جنهن جي عبارت ٻنهي جي رضامندي سان ٺهندي- مسٽر ونسٽن چرچل کي بلڪل قبول آهي. مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جيڪڏهن مهرباني ڪري اهو نوٽ تحرير ڪندو ته مسٽر ونسٽن چرچل لازماً انهيءَ جي هر ڳالهه سان اتفاق ڪندو.
ٻي ڳالهه اها ته مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجن دوستن ۽ پبليشرن کان راءِ وٺندو ته ڇا سندس ڪتابن جي سرورقن تي سندس نالي پٺيان ’آمريڪي‘ جو لفظ وجهڻ مناسب ٿيندو. هنن کي جيڪڏهن اها ڳالهه درست سمجهه ۾ آئي ته هو پنهنجن پبلشرن کي ايندڙ اشاعتن ۾ اها تبديلي ڪرڻ جي گذارش ڪندو.
مسٽر ونسٽن چرچل پنهنجا ٻه ناول مسٽر ونسٽن چرچل ڏانهن موڪلي رهيو آهي. هو مسٽر ونسٽن اسپينسر چرچل جي ڪتابن کي ڏاڍو پسند ڪري ٿو ۽ ڏاڍي خوشيءَ سان سيورولا کي پڙهڻ جو منتظر آهي.
اهڙي طرح هر ڳالهه ڏاڍي خوشگوار نموني طي ٿي وئي ۽ عوام به آهستي آهستي انهيءَ حقيقت کي سمجهي ورتو ته ساڳئي نالي وارا به مختلف شخص هڪ ئي وقت منظر تي اچي ويا آهن جيڪي هاڻي انهن جي ادبي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سياسي ضرورتن جو چڱي چوکي انداز ۾ پورائو ڪندا. آءُ جڏهن هڪ سال پوءِ بوسٽن ويس ته مسٽر ونسٽن چرچل مون کي ڀليڪار ڪندڙ پهريون شخص هو. هن منهنجي مان ۾ ڏاڍي پُرتڪلف ضيافت ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي نوجوان گهرايائين ۽ اسان ٻنهي هڪٻئي جي واکاڻ ۾ تقريرون به ڪيون. اتي به البت ڪجهه مونجهارو برقرار رهيو جو منهنجي سموري ٽپال هن جي ائڊريس تي ويندي رهي ۽ ڊنر جو بل مون ڏانهن هليو آيو. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ضرورت نه آهي ته انهن ٻنهي غلطين جو بنا دير ازالو ڪيو ويو.
* * * * *
اولڊهام مان ڪنزرويٽو ميمبر مسٽر رابرٽ ايسڪروفٽ (Robert Ascroft) هڪ ڏينهن مونکي هائوس آف ڪامنز وٺي هليو اتي هو مون کي سموڪنگ روم ۾ وٺي ويو ۽ هڪ اهم رٿا بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪيائين. اولڊهام جي حلقي مان ٻه ميمبر چونڊجن ٿا ۽ هن وقت ٻئي سيٽون ڪنزويٽو پارٽي وٽ هيون. ٻنهي مان سينئر ميمبر ايسڪروفٽ جي پوزيشن مضبوط هئي ڇاڪاڻ جو هن کي نه فقط ڪنزرويٽر ووٽرن جي حمايت حاصل هئي پر هو اولڊهام جي (Cotton Operatives Trade Unions) جو به آزمايل ۽ بااعتماد وڪيل هو. لڳو ٿي ته سندس ساٿي ڪجهه وقت کان بيمار هو ۽ مسٽر ايسڪروفٽ ڪنهن اهڙي ماڻهو جي ڳولها ۾ هو جيڪو هن سان گڏجي ڪم ڪري. هن سمجهيو ٿي ته آءُ ڪم ڪري ويندس. هن ڪجهه معقول ڳالهيون به ڪيون ته نوجوانن وٽ گهڻو ڪري وڏي عمر جي ماڻهن جيترو پئسو نه هوندو آهي. مون کي انهيءَ دکدائڪ حقيقت جي رد ۾ چوڻ لاءِ ڪا به ڳالهه نه ٿي سُجهي. بهرحال لڳي پيو ته سندس سوچ اها هئي ته سڀئي رنڊڪون عبور ٿي سگهيون ٿي ۽ آءُ ڪنهن ويجهي تاريخ تي اولڊهام اچي سندس سرپرستي ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويس.
هن گڏجاڻي جي تاريخ به مقرر ٿي وئي هئي جو ڪجهه هفتن کان پوءِ اخبارن منهنجي لاءِ ڏاڍي افسوس جي باعث مسٽر ايسڪروفٽ جي موت جي خبر ڏني. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي جو ڏاڍو توانو ۽ مصروف ۽ بظاهر بلڪل خوش چڱو ڀلو ڏسڻ ۾ ايندڙ ماڻهو ائين هٿن مان نڪتو هليو وڃي جڏهن ته هو پنهنجن دوستن جي صحت بابت ڏاڍو فڪرمند هوندو هو اهي جيئرا ويٺا هئا. اولڊهام جو محنت ڪش طبقو رابرٽ ايسڪروفٽ جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. انهن ”محنت ڪشن جي دوست“ (The Workers Friend) طور سندس خدمت جي مڃتا طور هڪ مجسمو ٺاهڻ لاءِ چندو ڪري ٻه هزار پائونڊن کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي هئي. انهي رقم جو وڏو حصو تمام ٿورا ٿورا پئسا ٿي گڏ ٿيو هو. انهن جو شرط اهو هو ته انهن پئسن مان ڪنهن اسپتال ۾ بسترا نه رکيا ويندا، ڪنهن لائبريري ۾ اضافا نه ڪيا ويندا، ويندي ڪو ڦوهارو به نه هنيو ويندو. مطلب ته ڪا به ڪم ايندڙ شي نه پر فقط هڪ يادگار ٺاهيو ويندو. مون کي ذهن ۾ آيو ته اها لنڪاشائر ڪارڪن طبقي جي هڪ خصوصيت هئي. انهن جو چوڻ هو ته اهي پاڻ کي ڪا سوکڙي ڏيڻ نه ٿا چاهين.
هاڻي اها خالي جاءِ ڀرجي وڃڻي هئي ۽ انهن فوراً مون کي اڳتي ڪري ڇڏيو. چيو ٿي ويو ته فوتي معزز ميمبر مون کي جهڙوڪر چونڊي ويو هو. هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ منهنجو نالو به اشتهاري بورڊن تي اچي ويو هو. انهيءَ ۾ منهنجي پيءُ جي ياد شامل ڪرڻ سان ڪيس مڪمل ٿي ويو ٿي. مون کي ڪنهن به گذارش، طلب يا ڪنهن ڪاميٽيءَ آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ ئي سيٽ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ رسمي طور دعوت ملي وئي. ڪنزرويٽو سينٽرل آفيس ۾ ’اسڪپر‘ مقامي فيصلي مان بلڪل مطمئن ٿي ڏسڻ ۾ آيو پر هن جو زور انهيءَ ڳالهه تي هو ته ڇوٽي چونڊ مان فائدو ورتو وڃي ۽ ٻئي سيٽون هڪ ئي وقت خالي ڪيون وڃن، سندس رايو هو ته حڪومت انهيءَ وقت اهڙي سٺي پوزيشن ۾ نه هئي جو لنڪاشائر جون ڇوٽيون چونڊون کٽي سگهي. انهيءَ جي ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اولڊهام ۾ ٻي خالي سيٽ جي ضرورت نه هئي. لارڊ سالسبري کي ٻن ٽن سيٽن جو نقصان ڪجهه به نه ڪري ها. اهي ٻئي سيٽون هاڻي هارائي ڇڏڻ ۽ عام چونڊن تائين اولڊهام تان آسرو پلي ڇڏڻ ئي بهتر هو جو عام چونڊن ۾ اهي ٻئي وري کٽي سگهجن ها. انهيءَ سوچ جي اهميت مون کان ڳُجهي نه هئي. پر انهن ڏينهن ۾ مون کي ائين نظر آيو ته ڪهڙين به حالتن ۾ ڪهڙي به قسم جو سياسي مقابلو ماٺ ڪري ويهڻ کان بهتر آهي. تنهنڪري مون پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ لڙائي ڏانهن پيش قدمي شروع ڪري ڇڏي.
اهڙي طرح آءُ هاڻي ڇوٽي چونڊ ۾ ڪاهي پيس. اهڙن واقعن جي جيڪا مڪمل پبلسٽي ٿيندي آهي اها هن چونڊ جي به ٿي رهي هئي. مون هيستائين چوڏهن چونڊ مقابلن ۾ حصو ورتو آهي جن مان هر هڪ زندگيءَ جو تقريباً هڪ مهينو وٺي ٿو. اسان جي زندگي جي مختصر عرصي تي غور ڪندي اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿو ٿئي ته زندگي جا سارا چوڏهن مهينا انهيءَ ٿڪائيندڙ گوڙشور ۾ گذري ويا آهن. ڇوٽيون چونڊون جيڪي مون پنج وڙهيون آهن اهي ته عام چونڊن کان به وڌيڪ خراب هونديون آهن جو ملڪ جا سمورا چرياڻ، خبطي ۽ انهن سان واسطيدار ٻيا سمورا ماڻهو ۽ سموريون ڄورن جهڙيون ’ترقياتي‘ تنظيمون ويچاري اميدوار کي سوگهو ڪري وٺنديون آهن. هو جيڪڏهن حڪومت جو حمايتي آهي ته دنيا اڄ سمورا ڏک سور ۽ انساني سماج جون سموريون اوڻايون آڻي سندس آڏو ڍير ڪيون وينديون آهن ۽ هن کان رڙيون دانهون ڪري پڇيو ويندو آهي ته هو انهن بابت ڪهڙا قدم کڻندو.
تڏهن يونينسٽ (Unionist) حڪومت غير مقبول ٿيندي پئي وئي. لبرل به ڪافي وقت حڪومت کان ٻاهر هئا. تنهنڪري ووٽرن به تبديلي ٿي چاهي. انگريزن کي سواءِ ڪجهه تمام وڏن موقعن جي انهيءَ عياشيءَ کان محروم نه ٿو رکي سگهجي ته اهي وزير ڀلي کڻي ڪهڙي به پارٽيءَ جا هجن انهن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍندا ۽ انهن جي پاليسي ڀلي ڪهڙي به هجي؛ انهيءَ ۾ تبديلي آڻيندا رهن. تنهنڪري مون ابتڙ طرف ۾ ٻيڙي هاڪاري ڇڏي. ٻيو ته ڪنزرويٽو انهيءَ وقت هائوس آف ڪامنز مان Tithes Bill پاس ڪرائي رهيا هئا جنهن سان چرچ آف انگلينڊ جي ويچارن غريب پادرين لاءِ ڪجهه سهوليتون پيدا ٿي پون ها. پر نان ڪنفورمسٽ[1] ۽ ويسلي (Wesleyans) جيڪي لنڪاشائر ۾ ڏاڍو اثر رسوخ رکندا هئا انهن کان اها اميد نه پئي ڪري سگهجي ته اهي هن معاملي ۾ گهڻو جوش خروش ڏيکاريندا. ريڊيڪل (The Radicals) ته ايترا بي حيا ٿي ويا جو هن فلاحي قدم کي (The Clerical Doles Bill) جي نالي سان سڏڻ لڳا. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ضرورت نه آهي ته اولڊهام پهچڻ تائين منهنجي دل ۾ هن تڪرار جي ڪنهن به پهلو ڏانهن جهڪاءَ نه هو. منهنجي تعليم توڙي فوجي تجربن جي مدد سان مون کي ذري برابر به خبر نه ٿي پئي ته اهڙي ڪنهن مسئلي تي مون ۾ ڪهڙا جذبا پيدا ٿيڻ گهرجن. تنهنڪري مون پڇا ڪئي ته انهيءَ سموري معاملي جي حقيقت ڇا آهي. منهنجن وڏن حمايتين جي اڪثريت ريڊيڪلن جي انهيءَ سوچ سان متفق ٿي لڳي ته Clerical Doles Bill هڪ وڏي غلطي هئي. انهن جيئن ئي مونکي مسئلا سمجهائي بس ڪئي ته مون کي هڪ حل نظر اچي ويو. هاڻي انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ نه هو ته پادرين جي گذر سفر جو مناسب بندوبست هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙو بندوبست نه ڪيو ويو ته اهي پنهنجي حيثيت مطابق ڪيئن رهي سگهندا. ڀلا انهن سڀني کي مساوي حيثيت ۾ ڇو نه رکجي جيئن اسين آرميءَ ۾ ڪندا آهيون؟ هر مذهبي فرقي جي انهيءَ جي پيروڪارن جي مطابق ڪٿ ڪري، انهن سڀني کي پاڻ ۾ ملائي واڌو پئسا انهن ۾ برابر ورهائي ڇڏجن. اها ڳالهه سٺي، منطقي، عزت ڀري ۽ مصالحت واري آهي. مون کي حيرت پئي ٿي ته اها ڳالهه اڳ ۾ ڪنهن کي ذهن ۾ نه آئي هئي. پر مون جڏهن اها رٿا پنهنجي ڪاميٽي جي ڪجهه ميمبرن آڏو پيش ڪئي ته انهن سڀني جي سوچ اها پئي لڳي ته انهيءَ سان مسئلو حل نه ٿيندو. حقيقت ۾ ته انهن چيو ته اها ڳالهه ڪنهن به لحاظ کان بهتر نه آهي. جيڪڏهن سڀني جي سوچ اها هئي ته پوءِ لازماً حقي واجبي ڳالهه به اها ئي هوندي. تنهنڪري آءُ سڀني جي ڀلائي واري پنهنجي تجويز تان دستبردار ٿي ويس ۽ ٻين اهڙن موضوعن جي ڳولها ۾ لڳي ويس جن جي بنياد تي برطانيه جي انهيءَ وقت جي سڀ کان وڏي چونڊ حلقي کي حمايت تي آماده ڪري سگهجي.
انهيءَ وقت مقابلي ۾ منهنجو نئون ساٿي به مون سان اچي مليو. سندس شموليت کي سينٽرل آفيس جو سڀ کان وڏو داء سمجهيو پئي ويو. هو ٻيو ڪير نه پر مسٽر جيميس ماڊسلي (James Mawdsley) هو. هو سوشلسٽ خيال رکندڙ ۽ Operative Spinners Association جو ڏاڍو مانائتو سيڪريٽري هو. آءُ ٽوري محنت ڪش طبقي جي جن به اميدوارن سان مليو آهيان مسٽر ماڊسلي انهن جو سڀ کان سچو ۽ کرو نمونو آهي. هو ٽوري جمهوريت ۽ ٽوري سوشلزم جي واکاڻ ڏاڍي بهادري سان ڪندو هو. هن ٻنهي پارٽين کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو هو پر لبرل وڌيڪ خراب هئا. هن کي وري انهيءَ ڳالهه تي فخر هو ته هو قديم برطانوي وڏگهراڻي جي هڪ چشم و چراغ سان گڏ انهن ماڻهن جي حمايت ۾ بيٺو آهي جيڪي هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا ۽ جن جو گهڻي وقت کان مٿس اعتماد رهيو آهي. انهيءَ سوچ مون کي به ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ اها ڪجهه ڏينهن ڪامياب نظر آئي. وڏگهراڻي جي چشم و چراغ ۽ سوشلسٽ ۾ ڀائيواري سياست جي هڪ شاندار نئين رخ طور ظاهر ٿي رهي هئي. پر بدمزاج ۽ ويڙهاڪ ريڊيڪل انهيءَ شاندار تاثر کي ڦٽائيندا رهيا. انهن کي ٽريڊ يونينسٽن ۾ موجود ڪجهه ناراض ماڻهن کان به ڏاڍي مدد ملي رهي هئي. اهي ويچاري مسٽر ماڊسلي تي پنهنجي طبقي کي ڇڏي وڃڻ جا الزام به هڻندا رهيا. انهن جو ڪنزرويٽو پارٽي ڏانهن رويو به ڏاڍو گستاخاڻو هو. اهي ته لارڊ سالسبري ڏانهن توهين واري رويي کان به نه مڙيا ۽ هن بابت ايترو به چيائون ته هو ترقي پسند سوچ نه ٿو رکي ۽ جديد جمهوري انداز سان ٽڪراءَ ۾ آهي. اسان ته انهن بهتانن کي ٿڏي ڇڏيو. آخر ۾ البت سڀئي لبرل ۽ ريڊيڪل ٽريڊ يونينسٽ ٿڌا ٿي ويا ۽ پنهنجي پارٽي کي ووٽ ڏنائون ۽ اسان وٽ فقط پنهنجا مضبوط حمايتي ئي باقي رهيا جيڪي به پنهنجي پليٽ فارم تي هڪ بڇڙي سوشلسٽ جي منظر تي اچڻ تي ڪجهه پريشان لڳا پيا هئا. انهيءَ دوران اسان جي ٻنهي لبرل مخالفن پنهنجي اهميت مڃرائي ورتي. انهن مان وڏي مسٽر ايماٽ (Mr. Emmott) جو اولڊهام ۾ پيڙهين کان هزارين ائٽ هلائيندڙ ڪٽنب سان تعلق هو. هو دولتمند، تجربيڪار ۽ ڦوه جواني ۾ هو ۽ شهري زندگي جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل هئڻ سان گڏوگڏ هن ۾ ڪجهه اهڙيون صلاحيتون پڻ موجود هيون جن کيس اڳتي هلي اعليٰ سرڪاري عهدي ۽ حڪومت جي خلاف هڪ مقبول پارٽيءَ جي سربراهي تي پهچايو. هن جهڙي مخالف تي حاوي ٿيڻ سولو ڪم نه هو. انهن مان ننڍو مسٽر رنسيمئن (Mr. Runciman) تڏهن نوجوان ۽ ڏاڍو ٺاهوڪو مڙس هو. هو به ڏاڍو دولتمند، اڇو اجرو ۽ باصلاحيت ماڻهو هو ۽ غير معمولي اهليت وارو اميدوار هو. منهنجو غريب ٽريڊ يونينسٽ دوست ۽ آءُ گڏجي به پنج سو پائونڊ به مشڪل سان هٿ ڪري سگهون ها انهيءَ هوندي به اسان تي اهو الزام هنيو ٿي ويو ته اسين سماج جي ڪنهن ذاتي مفاد رکندڙ گروهه جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اسان جا اڍائي اڍائي لک لهندڙ مخالف غريبن ۽ گُهرجائن جي نمائندگي ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا هئا. اهو ڏاڍو عجيب تضاد هو.
مقابلو ڏاڍو سخت ۽ ڊگهو هليو. مون حڪومت جي خوبين، سماج جي موجوده نظام، حڪومت طرفان مڃيل چرچ (Establish Church) ۽ سلطنت جي اتحاد جو دفاع ڪيو. آءُ پنهنجي تقريرن ۾ چوندو هوس ته انگلينڊ جي آبادي اڳ ۾ ڪڏهن به ايتري نه هئي ۽ نه ئي اڳ ۾ ڪڏهن انهن کي کائڻ لاءِ ايترو گهڻو مليو هو جيترو هاڻي ملي ٿو. آءُ برطانيه جي قوت ۽ طاقت، سوڊان جي آزادي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ قيدين کان ٺهرايل شيون ملڪ ۾ آڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهائيندو هوس. مسٽر ماڊسلي به منهنجي پيروي ڪندو هو. اسان جا مخالف محنت ڪش ماڻهن جي بدحالي، ڪچين آبادين ۾ گندگي، اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ تمام وڏي فرق ۽ خاص طور (Clerical Doles Bill) جي ناانصافي تي ٻڌل هئڻ تي افسوس جو اظهار ڪندا هئا. مقابلو تمام اڻبرابري وارو ٿئي ها پر لنڪا شائر جي محنت ڪشن کي اها تمام عجيب صلاحيت آهي ته اهي انهن کان ووٽ وٺندڙ جي خوبين ۽ خامين کي توري ڏسندا آهن ۽ اڻبرابري وارين ڳالهين بابت سوچ ويچار ڪري ڏسندا آهن ته انهن ۾ ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ سان ڪهڙا نتيجا نڪرندا. آءُ صبح کان شام تائين تقريرون پيو ڪندو هوس ۽ مسٽر ماڊسلي به پنهنجو اهو نعرو لڳاتار پيو ورجائيندو هو ته لبرل ٽورين کان وڌيڪ منافق آهن.
اولڊهام نِجو محنت ڪشن تي ٻڌل چونڊ حلقو آهي. انهن ڏينهن ۾ اتي تمام خوشحال طبقو رهندو هو. اهي انڊيا، چين ۽ جپان لاءِ نه فقط سوٽي شيون ٺاهيندا هئا پر انهيءَ سان گڏوگڏ آساليز (Asa Lees) جي ڪارخانن ۾ اهڙيون مشينون به ٺاهيندا هئا جن جي مدد سان آخرڪار اهي ملڪ اهي شيون پاڻ به ٺاهڻ جي قابل ٿي وڃن. سموري شهر ۾ اهڙو ڪو به هوٽل نه هو جتي ماڻهو رات گذاري. اتي امير گهراڻا به ڪي ڳاڻ ڳڻيا هئا. پر اهڙن مطمئن محنت ڪشن جا هزارين گهر هئا جن جي حالت ۾ اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان آهستي آهستي بهتري ايندي ٿي وئي. انهن جي خوشحالي جو معيار وڌندو ٿي ويو. انهن جي ڇوڪرين جي مٿن تي اوني شالون ۽ پيرن ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون اينديون ٿي ويون. مون انهن کي دنيا جي معاملن ۾ ڪجهه پوندي به ڏٺو ته به انهن جي زندگيءَ جو معيار انهن ڏينهن واري خوشحاليءَ کان گهڻو سٺو هو. انهن ڏينهن ۾ ’چئن پيڙهين ۾ چاکڙين کان چاکڙين تائين‘ جي چوڻي مشهوري هوندي هئي. يعني پهرئين پيڙهي پئسو ڪمائيندي آهي ٻين انهيءَ ۾ واڌارو ڪندي آهي ٽين اهو اجايو خرچ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ چوٿين وري اچي ڪارخاني ۾ پهچندي آهي.
اليڪشن مهم هلندي اڌ ۾ منهنجن مکيه حمايتن مون کي Clerical Doles Bill جي حمايت تان هٿ کڻڻ جي منٿ ڪئي. جيئن ته مون کي خبر ئي نه هئي ته انهيءَ بل جي پويان محرڪ جذبو ڪهڙو آهي نه ئي مون کي انهيءَ سان ڪا جذباتي وابستگي هئي تنهنڪري انهيءَ تان دستبردار ٿيڻ جي خواهش وڌي وئي. مون به انهيءَ خواهش آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ پنهنجن حمايتن جي پُرجوش نعرن جي گوڙ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو ته آءُ جيڪڏهن چونڊجي ويس ته انهيءَ قدم جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏيندس. اها ڏاڍي خطرناڪ غلطي هئي، ڇو ته حڪومت يا پارٽين جو دفاع ايستائين ڪنهن به ڪم جو نه ٿيندو آهي، جيستائين توهان انهن خراب ۾ خراب ڳالهين لاءِ به انهن جو دفاع نه ڪريو جن بابت انهن تي حملا ٿي رهيا هجن. مون جنهن وقت اهو اعلان ڪيو انهيءَ وقت بل تي تمام شديد بحث مباحثا ٿي رهيا هئا. ويسٽ منسٽر ۾ حڪومت تي انهيءَ ڳالهه تي لعنت ملامت ٿي رهي هئي ته انهيءَ جو پنهنجو چونڊيل اميدوار انهيءَ مسئلي تي لنڪاشائر جي ووٽرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. اولڊهام ۾ وري ٻي ڌُر منهنجي اعتراف تي جوش ۾ اچي بل تي پنهنجا حملا شديد ڪري ڇڏيا. زندگيءَ جو اهو به هڪ سبق ٿيو! منهنجي خيال ۾ ته آءُ ڪنهن فخر کان سواءِ اها ڳالهه چئي سگهان ٿو ته آءُ انهن ڏينهن ۾ چڱو سٺو اميدوار هوس. اها ڳالهه آهي ته اسان جي پاسي ماڻهن ۾ سچو پچو جوش ۽ جذبو موجود هو ۽ انهن محنت ڪش ماڻهن جا ميڙ ڏسي منهنجي دل کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ته ڪيئن نه اهي ڏاڍي جذبي سان ۽ ڪنهن مالي فائدي جي لالچ کانسواءِ اسان جي سلطنت تي پنهنجي فخر ۽ مملڪت جي قديم روايتن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا. پر جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته اسان کي شڪست اچي وئي. جملي 23000 پيل ووٽن مان- تڏهن انگلينڊ ۾ ايترا ووٽ اڳ ۾ ڪڏهن نه پيا هئا- آءُ کٽيندڙ اميدوار کان تيرهن سو ووٽ گهٽ هوس ۽ مسٽر ماڊسلي جا مون کان ٽيهه ووٽ گهٽ هئا.
پوءِ هڪٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو هر قسم جي شڪست کان پوءِ سدائين ٿيندو آهي. سڀني ماڻهن مون تي الزام پئي هنيا. مون اها ڳالهه ڏٺي آهي ته ماڻهو الزام تقريباً سدائين مون تي هڻندا آهن. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ جو سبب اهو آهي ته هو سمجهن ٿا ته آءُ اهي سٺي نموني برداشت ڪري ويندس. ٽورين جو اعليٰ طبقو ۽ ڪارلٽن ڪلب وارا چوڻ لڳا ته هن جي چڱي خاطر تواضع ڪريو جو هو سوشلسٽ سان گڏ بيٺو هو. ڪو به بااصول شخص اهو ڪم نه ڪري ها. مسٽر بالفور تڏهن هائوس آف ڪامنز جو ليڊر هو. انهيءَ جو اها ڳالهه ٻڌي ته مون Clerical Tithes Bill جي خلاف بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته مون کي مڃڻو پوندو ته هن تڏهن لابيءَ ۾ جيڪي لفظ چيا اهي بلڪل برحق هئا ته I thought he was a young man of promise, but it appears he is a young man of promises. پارٽيءَ جي اخبارن ۾ نمايان جاين تي ليک ڇپيا جن ۾ چيو ويو هو ته محنت ڪش ماڻهن تي ٻڌل چونڊ حلقن ۾ چونڊ وڙهڻ جو ڪم نوجوان ۽ ناتجربيڪار اميدوارن جي حوالي ڪري ڇڏڻ تمام وڏي غلطي هئي. پر پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ دکدائڪ واقعي مان جلد از جلد جان ڇڏائڻ ٿي گهري. آءُ لنڊن موٽيس ته منهنجي اندروني احساسن جي حالت اهڙي هئي جهڙي شامپين يا سوڊا واٽر جي اڌ خالي بوتل جي سموري رات ٻوچ ڏيڻ کان سواءِ رکڻ سان ٿيندي آهي.
آءُ جڏهن پنهنجي ماءُ جي گهر موٽيس ته ڪير به مون سان ملڻ نه آيو. باقي مسٽر بالفور جيڪو مون سان سدائين مخلص رهيو ۽ منهنجي مزاج کي سمجهندو هو انهيءَ مون ڏانهن پنهنجن هٿن اکرن ۾ خط لکيو جيڪو مون هاڻي پنهنجن تمام قديم ڪاغذن مان ڳولهي ڪڍيو آهي.
1899 – 07 – 10
مون کي اولڊهام ۾ تنهنجي ناڪاميءَ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته مون کي وڏي اميد هئي ته توکي جلد از جلد ايوان ۾ ڏسان جتي گذريل ڏينهن ۾ تنهنجي پيءُ ۽ مون ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ڪيترائي معرڪا سرانجام ڏنا هئا. پر مون کي اميد آهي ته تون انهيءَ واقعي مان همٿ نه هاريندين. هي وقت ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڇوٽي چونڊ وڙهڻ لاءِ بلڪل مناسب نه هو ڇاڪاڻ ته ڇوٽي چونڊ جي مخالف ڌر تنقيد جي مورچي ۾ محفوظ بيٺي هوندي آهي ۽ انهيءَ کي حڪومت جي مقابلي ۾ ڪو به پروگرام آڻڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. اها سدائين فائدي واري ڳالهه ٿيندي آهي. وڌيڪ اهو ته اهڙي وقت مخالف ڌر جي تنقيد ٻڌڻ لاءِ ماڻهو به بلڪل آماده ۽ تيار هوندا آهن. نوڪرين ڏيڻ وارن ماڻهن ۽ ادارن کي ڪمپينسيشن بل ناپسند هوندو آهي. ڊاڪٽر وئڪسينيشن بل کي ناپسند ڪندا آهن ته وري عام پبلڪ پادرين کي ناپسند ڪندي آهي. تو پاران (Tithes Bill) کي رد ڪرڻ واري ڳالهه پادرين کي نه وڻي هئي. آرينج مين[2] به ڏاڍا ڪاوڙيل آهن ۽ لور پول تجويزن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي واعدي تي به ٿڌا نه ٿا ٿين. حقيقت اها آهي ته تنهنجن قدمن مان جن ماڻهن کي فائدو پهچندو اهي احسان ئي نه ٿا مڃين ۽ جيڪي ماڻهو انهن مان پاڻ کي تڪليف سمجهن ٿا اهي انهن تي افسوس جو اظهار ڪن ٿا. لنڪاشائر سيٽ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ اهڙيون حالتون بنهه ناسازگار آهن.
بهرحال تون پريشان نه ٿي سڀ ڳالهيون صحيح ٿي وينديون ۽ هي ننڍڙو جهٽڪو تنهنجي سياسي قسمت تي ڪو دائمي خراب اثر نه وجهندو.
* * * * *
انهيءَ جولاءِ جي آخر ۾ مون مسٽر چيمبر لين سان چڱي ڊگهي گفتگو ڪئي. آءُ هن سان جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترائي دفعا مليو هوس ۽ هن پاڻ به ڪيترن موقعن تي مون کي ڏاڍي مهرباني سان کيڪاريو هو پر هي پهريون موقعو هو جو آءُ هن سان حقيقي معنيٰ ۾ واقف ٿيس. اسين ٻئي منهنجي دوست ليڊي جيئون (Lady Jeune) جا مهمان هئاسين. سندس ٽيمس نديءَ جي ڪناري تي ڏاڍو وڻندڙ گهر هوندو هو ۽ اسان شام جو لانچ ۾ چڙهي درياء جو سير پڻ ڪيو هو. مسٽر ايسڪئٿ کان ته جيترو ٿي سگهندو هو آفيس جي وقت کان پوءِ سرڪاري ڳالهه ٻولهه نه ڪندو هو پر مسٽر چيمبرلين سياست تي ڳالهه ٻولهه لاءِ هر وقت تيار هوندو هو. هو ڪابه ڳالهه لڪائيندو نه هو ۽ گڏوگڏ حيرت انگيز طور تي تمام بي تڪلفي سان ۽ سڌو سنئون ڳالهائيندو هو. سندس گفتگو ڄڻ ته عملي سياست جي تعليم هوندي هئي. هن کي راند جي هر داء ۽ پيچ ۽ هر تفصيل بابت ڄاڻ هوندي هئي ۽ ٻنهي وڏين پارٽين ۾ اندروني طور ڪم ڪندڙ وڏين طاقتن کان چڱيءَ طرح واقف هوندو هو. لانچ ۾ توري ڊنر جي وقت گفتگو بنيادي طور اسان ٻنهي جي وچ ۾ رهي. سائوٿ آفريڪا وري اهم موضوع جي حيثيت اختيار ڪرڻ لڳو هو. صدر ڪروگر سان بالادستي جي اهم ۽ ڳنڀير مسئلي تي مذاڪرات آهستي آهستي قومي ۽ بين الاقوامي ڌيان ڇڪرائي رهيا هئا. پڙهندڙ کي انهيءَ ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته آءُ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ بابت ڏاڍو پرجوش هوس ۽ مون کي مسٽر چيمبرلين جا اهي لفظ ياد آهن ته: ”اهڙي ڪاهه لاءِ بگل وڄائڻ جو ڪو فائدو ئي ڪونهي جو ڪنڌ ورائي پٺتي جو ڏسجي ته ڪو سپاهي ئي نه هجي.“ پوءِ اسين لانچ ۾ هڪ پيرسن ماڻهوء وٽان گذرياسين جيڪو نديءَ جي ڪناري تي پنهنجي ڪرسي تي اڀو لڳو ويٺو هو. ليڊي جيئون چيو: هو ڏسو لبوچيئر (Labourchere) ويٺو آهي. مسٽر چيمبرلين ”پراڻين ٿڳڙين جي هڙ!“ چوندي پنهنجي شديد سياسي مخالف کان منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. سندس منهن تي نفرت ۽ حقارت جو جيڪو مختصر پر شديد اظهار پيدا ٿيو اهو ڏسي آءُ ڏاڍو ڇرڪجي ويس.
باقي وقت آءُ The River War ڪتاب ۾ ٻڏل رهيس. ڏکيو ڪم سمورو ٿي ويو هو ۽ هاڻي آءُ پروفن سان راند جي وڻندڙ مشغلي ۾ رڌل هوس. آءُ هاڻي جيئن ته فوجي نظم و ضبط کان به آزاد هوس تنهنڪري لارڊ ڪچنر بابت منهنجي ذهن ۾ جيڪا به ڳالهه آئي ٿي اها ڪنهن به ڊپ، خوشامد يا محبت کانسواءِ لکي ٿي ۽ مون حقيقت ۾ ائين ئي ڪيو. هن مهديءَ جي مقبري جي جهڙي ريت بي حرمتي ڪئي هئي ۽ جنهن وحشياڻي نموني مهدي جي سري گاسليٽ جي دٻي ۾ وجهي ٽرافي طور کڻي ويو هو انهيءَ تي منهنجا جذبا به مجروح ٿيا هئا. انهيءَ واقعي تي پارليامينٽ ۾ ڏاڍو بحث مباحثو ٿيو هو ۽ جڏهن جان مورلي ۽ مانچيسٽر گارڊين اخبار جو ايڊيٽر مسٽر پي. سي. اسڪاٽ جنرل تي حملن جي وارو وار لائي ڏني هئي ته گيلري ۾ ويٺي اهي مون کي به پنهنجي دل جو آواز محسوس ٿيا ها. لبرل ته انهيءَ عمل تي سخت ڪاوڙيل هئا ۽ انهن جي نظر ۾ اهو ڪم فقط هن (Huns) ۽ وانڊل (Vandals) ئي ڪري سگهيا ٿي. ٽورين ته انهيءَ کي ڀوڳ ٿي سمجهيو. تنهنڪري آءُ ته اڳي ئي ميڙ کان ٻاهر نڪري ويو هوس.
اسان آڪٽوبر جي وچ ڌاران ڪتاب پڌرو ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو هو ۽ آءُ ته پنهنجي ٻن جلدن ۾ سڀ کان وڏي ڪم جي عوام جي آڏو اچڻ جا ڏينهن ڳڻي رهيو هوس.
پر جڏهن آڪٽوبر جو وچ اچي پهتو ته اسان سڀني کي ٻين مسئلن بابت سوچڻو پئجي ويو.
________________
[1] اهي پروٽيسٽنٽ عيسائي جيڪي چرچ آف انگلينڊ جا پيروڪار نه هجن. (سنڌيڪار)
[2] پروٽيسٽنٽ عقيدي جي مضبوطي ۽ پکيڙ لاءِ 1795ع ۾ آئرلينڊ ۾ قائم ڪيل هڪ سياسي تنظيم جا رڪن. (سنڌيڪار)