آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منھنجي شروعاتي زندگي

ھن ڪتاب جو گهڻو تڻو مواد ونسٽن چرچل جي انھن لکڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي ھو وقت بہ وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رھيو ھيو. بنيادي طرح ھيءَ آتم ڪھاڻي ونسٽن چرچل جي ٻارروتڻ کان شروع ٿي ھڪ جنگي جوڌي جي ڪھاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. ھيءُ ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ سان گڏ چرچل جي اھل علم ۽ اھل حرب ھئڻ واري جذبي کي بيان ڪري ٿو.

Title Cover of book منھنجي شروعاتي زندگي

باب ويهون: بنديخاني ۾ In Durance Vile

جنگي قيدي! قيدين جو اهو سڀ کان گهٽ نڀاڳو قسم آهي. پر قيد بهرحال هڪ غمگيني ۽ مايوسيءَ واري صورتحال هوندي آهي. توهان پنهنجي دشمن جي هٿ وس هوندا آهيو. توهان جي جياپي جو دارومدار سندس انساني همدرديءَ تي هوندو آهي ۽ توهان کي روزانيءَ جو ماني گرهه سندس رحم ۽ ڪهل جي سبب ملي سگهندو آهي. توهان کي هن جا حڪم لازماً مڃڻا پوندا، هو جيڏانهن چئي توهان اوڏانهن ويندا، هو توهان کي جتي ويهاري توهان اتي ويهندا، کيس خوش ڪرڻ جي موقعن جي انتظار ۾ هوندا. مطلب ته هر وقت توهان جو ساهه مُٺ ۾ هوندو. انهي دوران جنگ جاري هوندي آهي ۽ وڏا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽ فوجي معرڪن ۽ مهم جوين جا بهترين موقعا هٿن مان نڪرندا ويندا آهن. ڏينهن پڻ تمام ڊگها ٿي ويندا آهن. ڪلاڪ اڌ رنگي ورتل سو پيرين وانگر ريڙهيون پائيندا محسوس ٿيندا آهن. توهان کي ڪنهن به شي مان ڪا به خوشي ۽ وندر نه ملندي آهي. پڙهڻ ڏکيو ۽ لکڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي. پرهه ڦٽي کان وٺي رات جو اوجهراڻين تائين زندگي بوريت جو هڪ ڊگهو دور لڳندي آهي.
قيد خانو ڀلي ڪهڙو به سهوليتن وارو ۽ بهترين قاعدن قانونن مطابق هلندڙ ڇو نه هجي ته به اتان جو سمورو ماحول بلڪل اڻ وڻندڙ هوندو آهي. اهڙي قسم جي بدنصيبيءَ ۾ گڏ رهندڙ دوست ساٿي به ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي وڙهي پوندا آهن. هڪٻئي جي صحبت مان گهٽ خوشي ملندي اٿن. توهان جيڪڏهن اڳ ۾ ڪڏهن پابنديءَ هيٺ نه رهيا آهيون ۽ خبر نه اٿو ته قيدي ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي ته توهان جهنگلن ۽ تارن جا لوڙها ڏنل سوڙهي جاءِ ۾ واڙجي هٿياربند ماڻهن جي نظرن هيٺ رهندي ۽ قاعدن قانونن ۽ رڪاوٽن جي ڄار ۾ ڦاسي هڪ مسلسل بيعزتي جي احساس ۾ گذرندا رهندا آهيو. حقيقت اها آهي ته آءُ پنهنجي قيد جي هڪ منٽ کان ايتري ته نفرت ڪندو هوس جيتري مون پنهنجي سموري زندگيءَ جي ٻئي ڪنهن به دور کان محسوس نه ڪئي آهي. خوشقسمتي سان اهو دور تمام مختصر رهيو. مون پاران ناتال ۾ پاڻ کي قيديءَ جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ هڪ مهينو به نه گذريو ته آءُ سائوٿ آفريقا جي وسيع بر صغير ۾ - جيتوڻيڪ منهنجي ڳولها ٿي رهي هئي ته به – آزاد هوس. آءُ جڏهن به ڪنڌ ورائي انهن ڏينهن تي نظر وجهندو آهيان ته مون کي قيدين ۽ باندين تي ڏاڍو ترس اچي ويندو آهي. ڪنهن به ماڻهو ۽ خاص طور پڙهيل لکيل ماڻهو لاءِ سالن جا سال جديد دور جي ڪنهن ڏوهارين واري قيدخاني ۾ بند هجڻ جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڳالهه تي سوچي سوچي منهنجو دماغ ساڻو ٿي پوندو آهي. هر ڏينهن بلڪل گذريل ڏينهن جهڙو جنهن ۾ پٺيان اجائي گذري ويل زندگيءَ جي رک پئي نظر ايندي آهي ۽ سامهون قيدوبند جا ڊگها سال پکڙيا پيا هوندا آهن. تنهنڪري ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ هوم سيڪريٽري هوس ۽ انگلينڊ جا سڀ قيدخانا منهنجي چارج هيٺ هئا ته مون سرڪاري پاليسي جي دائري ۾ رهندي پنهنجي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي ته اتان جي رهواسين جي زندگيءَ ۾ ڪنهن قسم جي تنوع (Variety) ۽ تفريح آڻيان، پڙهيل ذهنن کي غذا لاءِ ڪتاب ڏيان ۽ سڀني لاءِ مقرر وقتن تي ٿيندڙ اهڙين تفريحن جو انتظام ڪريان جن جي هو اوسئيڙي ۾ رهن ۽ اهي ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن جون ساروڻيون سنڀالي رکن ۽ جن جي مدد سان هو پنهنجي شوم بختي کي معقول حد تائين گهٽائي سگهن ۽ اها ڀلي جيڪر سندن ڪرتوتن جي ڪري ئي آيل هجي پر اها هاڻي سهي وڃن. مون کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه سخت ناپسند هوندي هئي ته ڪو ماڻهو ٻين کي خوفناڪ سزائون يا موت جي سزا ڏيندو وتي پر جڏهن ڪي اهڙا ذميواريءَ وارا موقعا آيا ته آءُ اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏيندو هوس ته عمر قيد کان وري به موت جي سزا وڌيڪ رحم تي ٻڌل آهي.
قيديءَ جي ذهن ۾ تاريڪ سوچون سولائي سان اچي وينديون آهن. پر هن کي جيڪڏهن کاڌو به تمام ٿورو ڏنو وڃي ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيو تهه خاني ۾ پيو رهي جتي روشني کان محروم ۽ اڪيلائي ۾ ٻڌل رهي ته سندس سوچون فقط سندس چوگرد ئي ڦرنديون رهن ٿيون. پر توهان جيڪڏهن جوان آهيو، کاڌو پيتو سٺو مليوَ ٿو، دل زنده اٿوَ، نگراني به سخت نه اٿوَ ۽ ٻين سان گڏجي ڪا سازش ڪري سگهو ٿا ته توهان جي طبيعت سوچ کي پختي ارادي جي ۽ پختي ارادي کي عمل جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿي.
اسان کي محاذ کان پريٽوريا ۾ پنهنجي قيد واري جاءِ ڏانهن مارچ ڪندي ۽ ٽرين ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. اسين ليڊي سمٿ جو گهيرو ڪري بيٺل بوئر فوجن جي وچ مان گذرندا ۽ دشمنن ۽ دوستن جي توپن جي ڌڌڪار ٻڌندا ايلانڊس لاگٽ اسٽيشن تي پهتاسين. هتي هالڊين، فرينڪلينڊ[1] نالي ڊبلنز جي هڪ بلڪل نوجوان ليفٽيننٽ، مون ۽ تقريباً پنجاهه سپاهين سميت اسان جي ننڍڙي پارٽي کي هڪ ٽرين تي چاڙهيو ويو ۽ اسين دشمن جي علائقي جي وچ مان سوين ميلن تي آهستي آهستي گرڙاٽ ڪندا هلياسين. ڪنهن شروعاتي اسٽيشن تي امپيريئل لائيٽ هارس جو هڪ سوار به اسان سان اچي مليو جيڪو انهيءَ ڏينهن گشت ڪندي گرفتار ٿيو هو. بروڪي (Brookie) نالي وارو اهو ماڻهو سائوٿ آفريقي آبادڪار هو. هن بوئرن وٽ پاڻ کي آفيسر ظاهر ڪيو ۽ هن جيئن ته ڊچ ۽ ڪافر ٻوليون روانيءَ سان ڳالهايون ٿي ۽ علائقي کان به واقف هو تنهنڪري اسان سندس بيان جي ترديد نه ڪئي. اسان سوچيو ته هيءُ ئي ماڻهو اسانکي ڪم اچي سگهي ٿو. اسين سڀ 18- نومبر 1899ع تي پريٽوريا پهتاسين. سپاهي ريس – ڪورس تي پنهنجي پڃري ڏانهن نيا ويا ۽ اسان چئن آفيسرن کي اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ بند ڪيو ويو. اسان سموري سفر ۾ بار بار ۽ موقعي آهر فرار جي رٿائن بابت سوچيندا رهياسين ۽ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪنداسين. اهو ڏاڍو عجيب اتفاق هو جو اسان چئن مان ٽي مختلف وقتن تي ۽ مختلف حالتن ۾ اسٽيٽ ماڊل اسڪولز مان ڀڄي نڪتاسين ۽ هڪ کانسواءِ فقط اسين ئي اهي قيدي هئاسين جيڪي انهن وٽان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ اسان کي اهي سڀئي آفيسر ملي ويا جيڪي جنگ جي شروعاتي لڙاين ۽ خاص ڪري نڪلسنز نيڪ وٽ قيد ٿيا هئا. اسان سڀني نون آيلن کي هڪ ئي ڊارميٽري (Dormitory) ۾ رهايو ويو. اسان پنهنجي ٺڪاڻي جو تمام غور سان جائزو ورتو. اسان جي ذهن ۾ آزادي کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي نه هوندي هئي ۽ اسين صبح کان رات تائين ذهن تي زور ڏئي فرار جا رستا پيا ڳولهيندا هئاسين. اسان کي جنهن سسٽم تحت نظر بند رکيو ويو هو اسان جلد ئي انهيءَ ۾ ڪيترائي نُقص ڳولهي ورتا. اسان کي پنهنجين حدن اندر ايتري آزادي هوندي هئي ۽ ڏينهن رات جي وڏي حصي ۾ اسين ايترو ته گهٽ نگهباني هيٺ رهندا هئاسين جو اسين بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي مقصد ۾ لڳي ٿي سگهياسين. اسان کي اتي رهندي هڪ هفتو به نه گذريو ته اسان جي فرار جي اصلي جذبي ۾ هڪ اڃان وڌيڪ پُرعزم رٿا شامل ٿي وئي.
اسان آهستي آهستي ۽ ڳوڙهي صلاح مشوري کان پوءِ هڪ وڏي دليري ۽ هوڙيائپ واري اسڪيم تيار ڪري ورتي. انهيءَ جو ٺاٺ موجوده صورتحال جي حقيقتن مان تيار ٿيو. اسين اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ پاڻ ۾ تقريباً سٺ آفيسر جنگي قيدي هئاسين. اسان وٽ ڏهه يارهن کن برطانوي سپاهي نوڪر به هئا. اسان جي پهريدارن ۾ تقريباً ڏهه هر وقت انهيءَ احاطي جي چئن طرفن تي سنتري ڊيوٽي تي هوندا هئا جنهن جي وچ ۾ اسڪول جي عمارت هوندي هئي. ڏينهن جو عام طور ٻين ڏهن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي ۽ اهي شهر ۾ هوندا هئا. جڏهن ته باقي ماڻهو ويٺا پنهنجا اوزار صاف ڪندا هئا، سگريٽ ڇڪيندا هئا، پتي کيڏندا هئا يا پنهنجي تنبوءَ ۾ آرام ڪندا هئا. پهريدارن جو اهو تنبو چوڪنڊي احاطي جي هڪ ڪنڊ ۾ کُتل هو ۽ جن ٽيهن زرپن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي اهي سڀئي رات جو انهيءَ ۾ بلڪل بي اونا ٿي سمهي پوندا هئا.
انهن پهريدارن تي ڪنٽرول ڪري ۽ انهن کي بي هٿيار ڪري ڇڏڻ سان هڪ اهم قدم کڄي ويندو. هاڻي شروعات ۾ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ بلڪل ضروري ٿي پئي ته اهي رات جو وقت ڪيئن ٿا گذارين. پنهنجين رائيفلن ۽ ريوالورن جو ڇا ٿا ڪن، انهن مان ڪيترا پنهنجين فوجي وردين ۽ ساز سامان سان سمهن ٿا يا مڪمل هٿياربند ٿي سمهن ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ ريوالور پاڻ سان رکن ٿا. انهي بابت رات توڙي ڏينهن جو ڏاڍي باريڪ بيني سان جاچ ڪئي وئي. نتيجي ۾ خاص طور انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته جيڪي به پهريدار ڊيوٽي لاءِ گهربل نه هوندا آهن اهي تنبوءَ جي ٻنهي پاسن تي هڪ هڪ قطار ۾ پنهنجا ڪمبل ويڙهي سمهي پوندا آهن. جيڪي ماڻهو انهيءَ رات جو سنتري ڊيوٽيءَ لاءِ گُهربل نه هوندا آهن اهي به پنهنجا بوٽ ۽ گهڻا ڪپڙا لاهي سمهندا آهن. ويندي جن ماڻهن کي پنهنجن دوستن کان هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڊيوٽي وٺڻي هوندي آهي اهي به پنهنجيون جيڪٽون بوٽ ۽ بيلٽ لاهي سمهندا آهن. انهن جون رائيفلون جگاڙ ڪري ٺاهيل رَفن تي ۽ گولين جا پٽا تنبوءَ جي لڪڙن ۾ ٽنگيا پيا هوندا آهن. معنيٰ ته رات جو پهريدارن جي ڊيوٽين جي تبديلي جي وچ ۾ ڪي وقت اهڙا ايندا آهن جڏهن اهي ٽيهه ئي ماڻهو ڪنهن به لحاظ کان ايترا محفوظ نه هوندا آهن جيترو پاڻ کي سمجهندا آهن. جو اهي تنبوءَ جي ڀت کان سواءِ ٻئي ڪنهن به بچاءَ کان سواءِ سٺ پُر عزم ۽ ڪسرتي آفيسرن کان پنجاه والن کان به گهٽ فاصلي سمهيا پيا هوندا آهن.
انهيءَ تنبوءَ جي در تي هڪ سنتريءَ جي نظر هوندي آهي. ممڪن ۽ ناممڪن بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. عمل جي انهن دائرن ۾ ڪَري ڏسڻ کان سواءِ ڪجهه به نه چئي سگهبو آهي. اها ڳالهه ناممڪن نه پئي لڳي ته انهيءَ سنتريءَ کي هڪ ٻه آفيسر ڪنهن ڇرڪائيندڙ واقعي يا ڪنهن جي اوچتي بيماريءَ بابت ڪنهن ڪهاڻي تي گفتگو ۾ مصروف ڪري ڇڏين جڏهن ته ساڳئي وقت ٻه يا ٽي قيدي پهريدارن جي تنبوءَ جي پٺئين پاسي کان ڪينواس کي ڦاڙي اندر گهڙي رف تي رکيل پستولن يا رائيفلن تي قبضو ڪري وٺن ۽ گهيرٽن مان سجاڳ ٿيندڙ سمورن پهريدارن کي قابو ۾ آڻي وٺن. در تي بيٺل هٿياربند سنتري کي به اوچتو ڪنٽرول ڪري وٺبو. پهريدارن تي گولي ڇوڙڻ يا ٻئي ڪنهن کي خبردار ڪرڻ کان سواءِ ڪنٽرول ڪري وٺڻ تمام ڏکيو ۽ خطري وارو مسئلو هو. اهڙي قسم جي مهم جوئي بابت فقط اهو ئي چئي سگهجي پيو ته جنگ ۽ - آءُ اهو به اضافو ڪريان ته- ڏوهه جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ئي غير متوقع ۽ هوڙيائي وارا واقعا موجود آهن.
ٻيو قدم وري ڊيوٽي تي موجود ڏهه هٿياربند سنتري هجن ها. اهو مرحلو انهيءَ ڪري مونجهاري جو شڪار هو ته انهن مان ٽن ماڻهن جي احاطي جي نوڪدار ڏنڊن واري جهنگلي جي ٻاهران ڊيوٽي هوندي هئي. اهي انهيءَ کان فقط هڪ وال پري هوندا هئا ۽ ڏينهن جو ته اڪثر ڪري انهيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڪچهري بيٺا ڪندا هئا. پر رات جو اهڙو موقعو پيدا نه ٿيندو. تنهنڪري اهي پهچ کان ٻاهر هئا. باقي سڀ اندر هئا. انهن ڏهن مان هرهڪ (ٽي ٻاهر ۽ ست اندر) خاص اڀياس گهرندڙ هڪ مسئلو هو.
پر انهيءَ جو اهو مطلب نه ٿي نڪتو ته انهن مان هڪ يا ٻه جيڪڏهن ڀڄي ويا ۽ ٻين کي خبردار ڪري ڇڏيائون ته مهم ناڪام ٿي ويندي. پهريدارن تي ڪنٽرول ٿي وڃڻ ۽ انهن جون رائيفلون ۽ پستول ورهائجي وڃڻ کان پوءِ اسين هڪ اهڙو هٿياربند جٿو ٿي وڃون ها جيڪو اڌ ڪلاڪ کن جي اندر اسان جي مقابلي ۾ ايندڙ بوئرن جي ڪهڙي به منظم جماعت کان انگ ۾ ته وڌيڪ هجي ها پر اسان جي خيال ۾ ته تنظيم ۽ ذهانت جي لحاظ کان به وڌيڪ هجي ها. اڌ ڪلاڪ ۾ ته گهڻو ڪجهه واقع ٿي سگهيو ٿي. لڳو پئي ته پهريدارن جي وچئين ڊيوٽي واري وقت جي اڌ ۾ رات جو ٻين بجي وارو وقت تمام سازگار هجي ها. ڪجهه ننڍڙن معاملن ۾ ٿيندڙ ڪنهن گوٿ کي ذهن ۾ رکندي اها اميد بلڪل واجبي هئي ته جيڪڏهن هر برطانوي آفيسر پنهنجو ڪم بلڪل صحيح وقت تي سرانجام ڏنو ۽ جيڪڏهن سڀ ڳالهه رٿا مطابق ٿي ته اسين اسٽيٽ ماڊل اسڪولز جا مالڪ ٿي سگهياسين ٿي.
سمورو احاطو ڊگهن ٿنڀن تي لڳل بجلي جي لائيٽن سان ڏاڍو روشن هوندو هو. پر اسان اها ڳالهه ڳولهي ورتي ته انهن لائيٽن جو جن تارن تي دارومدار آهي اهي اسٽيٽ ماڊل اسڪول جي عمارت ۾ اسان جي رهائش وارين ڊارميٽرين مان گذرن ٿيون. اسان جو هڪ ماڻهو جيڪو انهن معاملن ۾ ماهر هو انهيءَ ٻڌايو ته هو ڪنهن به وقت انهن کي ڪٽي سموري جاءِ ۾ گگهه اوندهه ڪري سگهي ٿو. اهو ڪم تجربي طور هڪ رات ٿوري دير لاءِ ڪيو به ويو. جيڪڏهن تنبوءَ ۾ پهريدارن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو سگنل ملڻ کان هڪ منٽ پوءِ اها ڳالهه عمل ۾ اچي وڃي ته ڊيوٽي تي موجود سنترين کي قابو ڪرڻ ايترو مشڪل مسئلو نه رهندو جيترو بظاهر ڏسڻ ۾ آيو پئي ڇو ته آسپاس ٿيندڙ واقعن مان سنترين جون متيون بلڪل منجهي ويون هونديون. آخري ڳالهه اها ته اسٽيٽ ماڊل اسڪول جي جمنازيم ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ ڊمب بيل (Dumbbell) به موجود هئا. هاڻي اوندهه ۾ بيٺل سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ ڊمب بيل سان هٿياربند ٽي ماڻهو جن کي چڱيءَ طرح خبر هجي ته ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي اهي هڪ ماڻهو جي برابر به نه ٿي سگهندا ڇا؟ هو ڀلي هٿياربند به هجي پر هو بلڪل غافل هوندو ۽ حالتن بابت ڪا خبر ئي نه هوندس. جيڪڏهن پهريدارن مٿان اوچتو ڪڙڪي انهن تي ڪنٽرول ڪري وٺجي ۽ سنترين جي اڪثريت کي بي هٿيار ڪري ڇڏجي ۽ جيڪڏهن اسين ٽيهه آفيسر ريوالرن سان هٿياربند ٿي وڃون ۽ ٽيهن ٻين ماڻهن کي رائيفلون هجن ته دشمن جي گادي جي هنڌ پريٽوريا جي دل ۾ انهيءَ عظيم ۽ رومانوي مهم جو پهريون ۽ سڀ کان ڏکيو مرحلو سر ٿي ويندو. انهيءَ کان پوءِ؟
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز کان ڏيڍ ميل پري پريٽوريا ريس ڪورس هو. ڪنڊيدار تارن واري انهيءَ احاطي ۾ ٻن هزارن کان مٿي برطانوي قيدي سپاهي ۽ نان ڪميشنڊ آفيسر بند هئا. اسين انهن ماڻهن سان رابطي ۾ هئاسين ۽ رٿون رٿي سگهياسين ٿي. اسٽيٽ ماڊل اسڪولز وارن آفيسرن کي خدمتگار طور ڏنل ڏهه يارنهن سپاهي ڪنهن بي اطميناني جو سبب پيدا ڪري وجهندا هئا ۽ انهن کي ريس ڪورس واپس موڪلي انهن جي جاءِ تي ٻيا آندا ويندا هئا. تنهنڪري اسان کي انهن ٻن هزار برطانوي سپاهين جي احساسن ۽ انهن جي قيد جي حالتن کان باقاعدي آگاهي حاصل ٿيندي رهندي هئي. اسان کي خبر هئي ته اهي حالتن مان بلڪل غير مطمئن هئا انهن جون زندگيون بلڪل يڪسانيت جو شڪار هيون. کاڌو پيتو گهٽ ملندو هون ۽ رهائش به بلڪل خراب هين. اهي هر وقت بکايل ۽ چڙيل رهندا هئا. هڪ دفعي ته اهي انبوه ڪري در وٽ بيٺل پهريدارن وٽ وڃي گڏ ٿيا هئا جيتوڻيڪ ڪو خون خرابو ته نه ٿيو هو ته به اسان کي خبر هئي ته بوئرن کي ايترن ماڻهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي هئي. اسان کي خبر پئي هئي ته قيدين جي ايتري وڏي پڃري جي حفاظت لاءِ تقريباً هڪ سو ويهه زرپ (Zarps) مقرر ٿيل هئا جن وٽ مشين گنون هيون. ايترو وڏو تعداد جيڪڏهن مڪمل طور تيار هجي ته ڪنهن بغاوت کي خون ۾ وهنجاري سگهيو ٿي. فرض ڪريو ته جڏهن قيدي اٿي کڙا ٿين ته ريس ڪورس جي پهريدارن تي سٺ هٿياربند آفيسر پٺيان کان حملو ڪري ڏين! فرض ڪريو ته پٺئين پاسي کان فوري طور مشين گنون اچي ٿيون وڃن! فرض ڪريو ته سمورا ٻه هزار ماڻهو هڪ مقرر رٿا تي عمل ڪندي مُهڙ کان حملو ڪري ٿا ڏين! ڪير چئي سگهي ٿو ته رات جي وڳڙي ۽ مونجهاري ۾ تعداد ۽ منصوبابندي غالب نه ٿي ويندا؟ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته مهم جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان همڪنار ٿي ويندو. پوءِ ڇا ٿيندو؟
سموري پريٽوريا ۾ پنج سو ماڻهو به هٿيار کڻڻ جي قابل نه هئا ۽ انهن جي وڏي حصي ۾ يا ته اهڙا خوشحال شهري هئا جن محاذ تي وڃڻ کان موڪل وٺي ڇڏي هئي يا جيڪي ڇاپا مار ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي قابل نه هئا يا سرڪاري اهلڪار ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ هئا. انهن جي نالي ماتر شهر جي پهريداريءَ ۾ تشڪيل ڪئي وئي هئي ۽ کين رائيفلون ورهائي ڏنيون ويون هيون. انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به تنظيم ڪاري جو وجود نه هو. جيڪڏهن پهريون قدم کڄي وڃي ٿو ته ٻيو قدم انهي کان وڌيڪ ۽ ٽيون قدم اڃان وڌيڪ سولو هوندو. اسين تصور ۾ پاڻ کي دشمن جي گاديءَ جي هنڌ جا مالڪ ٿيندي ڏسي رهيا هئاسون. قلعن ۾ به فقط نگران ويٺل هئا. ٻيو سڀڪو ماڻهو محاذ تي هو. قلعن تي رکيل توپن جا منهن به ٻاهر هئا. انهن تي پٺئين پاسي کان حملي جو ڪنهن موثر نموني بچاءَ ٿيل نه هو. اسين جيڪڏهن شهر جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃون ته قلعن تي قبضو ڪرڻ سولو ٿي ويندو ۽ حقيقت ۾ ته اهو قدم هڪ فطري نتيجو هجي ها. سڀ کان ويجهي برطانوي فوج ٽي سو ميل پري هئي. پر جيڪڏهن سڀ معاملا صحيح هلن ها ته دشمن جو قلعي بند گادي جو هنڌ اسان جي قبضي ۾ هجي ها جو اسين گهٽ ۾ گهٽ ميفڪنگ جي محاصري جيترو وقت پنهنجو دفاع ڪري وڃون ها.
اها سموري ڪاروائي نما شام کان باک ڦٽيءَ تائين عمل ۾ اچي وڃي ها. اسان تي حملو ٿيڻ کان اڳ اسان کي ڪيترو وقت ملي ها؟ اسان جو خيال هو ته پڪ سان چڱا خاصا ڏينهن ملي ويندا. اسين سائوٿ آفريقن ريلوي جي مرڪزي ريلوي جنڪشن تي قبضو ڪري وٺون ها ۽ اتي اتر ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ويندڙ ريل گاڏيون گڏجن ٿيون. اسين انهن سڀني لائينن تي جيترو اڳتي مناسب لڳي ها- چاليهه يا پنجاهه ميل يا شايد اڃان وڌيڪ- ريل گاڏيون موڪلي پوءِ واپس ايندا پنهنجي پٺيان هر پُل ۽ موريءَ کي ڌماڪي سان اڏائيندا اچون ها. اهڙي طرح حاصل ڪيل وقت دوران شهر جي دفاع جي موثر نموني تنظيم ڪاري ٿي وڃي ها. فرض ڪريو ته بوئرن جي فوج سجاڳ ٿي ڏسي ٿي ته سندن گاديءَ جو هنڌ اهڙن جنگي قيدين جي انبوهن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي جن کي هنن جوڳي تعداد ۾ فوجي رهائڻ کانسواءِ ائين بي احتياطي سان هڪ هنڌ گڏ ڪري رهائي ڇڏيو هو. هاڻي انهن کي انهيءَ جي محاصري لاءِ ڪيترا ماڻهو موڪلڻا پوندا؟ بوئر جنهن قسم جي لڙائي ۾ ماهر هئا انهيءَ لاءِ کليل علائقو گهربل هو. اهي سموري جنگ ۾ مضبوط جاين کي زير ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڪمبرلي، ميفڪنگ ۽ ليڊي سمٿ انهيءَ جا مثال آهن. اهي جتي به خندقن ۽ محفوظ جاين جي سامهون آيا ته پوئتي هٽي ويا. انهن جي قوت ۽ طاقت جا ميدان وسيع ۽ کليل واديون هيون. اسان جيڪڏهن پريٽوريا هٿ ڪري ورتو ته انهيءَ تي مهينن تائين قبضو برقرار رکي سگهون ٿا. اهو ڪهڙو نه شاندار ڪارنامو هوندو؟ صدر ڪروگر ۽ سندس حڪومت اسان جي هٿن ۾ قيد هوندي. هن هڪ دفعو ”منجهائي ڇڏيندڙ انساني جذبي“ بابت ڳالهايو هو. هاڻي هيءُ ڪم کيس سچو پچو منجهائي ڇڏيندو.
اسين هٿن ۾ اهي پتا رکي شايد ته باعزت امن لاءِ مذاڪرات ڪري سگهياسين ٿي ۽ دوستاڻي ۽ بهتر نموني ڇڪتاڻ کي پُڄاڻي تي پهچائي ٿي سگهياسين. جنهن سان اسان جون فوجون وڌيڪ جاکوڙ ۽ لڙائي کان بچي وڃن ها. اهو هڪ عظيم خواب هو. اهو ڪيترائي ڏينهن اسان جي خيالن تي حاوي رهيو ڪجهه جوشيلن ماڻهن ته انهي ڏينهن تي ڪم اچڻ لاءِ ڪپڙا ٽڪر گڏ ڪري يونين جيڪ به ٺاهي ورتو هو. ٻه يا ٽي سينئر آفيسر جيڪي اسان سان گڏ قيد هئا اهي جڏهن اسان جي رٿائن کان واقف ٿيا ڏاڍي سختي سان انهن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيائون. آءُ ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪندس ته اهي غلطي تي هئا. اتي اها ڪامڪ آپيرا ياد اچي ٿي وڃي جنهن ۾ وِلين ڏاڍي رعب سان اعلان ٿو ڪري ته: ”ٻارنهن هزار هٿياربند خچر سوار شهر ۾ ڦرلٽ مچائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.“ ”ته پوءِ دير ڇاجي آهي؟“ هن کان پڇيو وڃي ٿو: ”انهن کي پوليس نه ٿي ڇڏي.“ هائو اها ئي ته اصل رڪاوٽ هئي. ڏهه مڪمل سجاڳ ۽ هٿياربند ماڻهو ممڪن آهي ته هڪ وڏي اسڪيم ۾ هڪ ننڍڙي رڪاوٽ هجن پر اهي ٻين ڪيترين حالتن وانگر هن صورتحال ۾ به فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي. اسان هاڻي اجتماعي سوچون ترڪ ڪري ڇڏيون ۽ فرار جي انفرادي رٿائن تي توجهه مرڪوز ڪري ڇڏي.

____________________
[1] اهو وڏي شخصي لطافت ۽ صلاحيت وارو آفيسر هو. ڪرنل جي عهدي تي هو ته 25- اپريل 1915ع تي گيلي پولي جي ڪنارن تي مارجي ويو.