باب چوڏهون: اومدرمان جي جنگ جون تياريون The Eve of Omdurman
ايڪويهين لانسرز وارا، 14 آگسٽ جي شام جو عتبره جي نيل ۾ ڇوڙ واري جاءِ وٽان نيل ٽپي کاٻي ڪناري تي وڃي، نون ڏينهن جي مارچ کان پوءِ شبلوقه[2] آبشار جي اتر ۾ فوجين جي گڏ ٿيڻ جي سڀ کان اڳئين ڪيمپ ۾ پهچي ويا هئا. اهو آبشار به هڪ عجيب خصوصيت آهي. نيل درياء جي ڀُونوچ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين چار هزار ميلن جي سفر ۾ قدرت انهيءَ جاءِ تي پٿرن جي هڪ اوچي ڀت وجهي ڇڏي آهي. درياء به انهيءَ جي اولهائين ڇيڙي وٽان ڏهن ميلن جو ڦيرو ڪرڻ بجاءِ آمهون سامهون حملي کي ترجيع ڏني آهي ۽ رڪاوٽ وجهندڙ ڍير جي بلڪل وچ ۾ رستو کوٽي يا ڳولهي ورتو اٿائين. انهيءَ جاءِ کي تمام ڏکيو سمجهيو ويندو هو. ڪنهن ڪارگر فوجي قوت کي ٻيڙين ۽ اسٽيمرن جي ذريعي انهيءَ آبشار تان ايستائين گذارڻ ممڪن نه هو جيستائين ريگستان جي طرف کان ٽڪرن جي سموري سلسلي کي ڦيرو نه ٿو ڏئي اچجي. اهڙي ڪاروائيءَ سان شبلوقه ٽڪرين جي پٺيان ويٺل درويش فوج کي تمام بهترين ٽيڪنيڪل موقعو هٿ اچي وڃي ها ۽ جيڪا به فوج اهو لازمي ڦيرو ڪري ها ته اهي انهيءَ جي پاسي تي حملو ڪري ڏين ها. سر هربرٽ ڪچنر پنهنجي ڪيولري، اسڪائوٽن ۽ پنهنجن جاسوسن کان اها خاطريءَ جي خبر ٻڌي ڏاڍي سک جو ساهه کنيو ته دشمن اهڙي اهم هنڌ جي دفاع جو ڪو به بندوبست نه ڪيو هو.
تنهن هوندي به ٽڪري جي هڪ پاسي کان ريگستان منجهان خطرناڪ مارچ ڪندي سڀئي جنگي حفاظتي اُپاء ورتا ويا. سڀني سوار دستن وڏي گولائيءَ ۾ حرڪت ڪئي. مارچ ڪندڙن ۾ اسين جيتوڻيڪ سڀ کان اندرئين طرف هئاسين ته به اتان صبح جو نيل درياء مان شبلوقه جي اتر ۾ جنهن جاءِ تان پاڻي کنيو هو اتان هلندي شبلوقه جي ڏکڻ ۽ اومدرمان واري طرف شام جي پڙاء واري هنڌ پهچڻ ۾ اسان کي تقريباً 25 ميلن جو پنڌ ڪرڻو پيو. اسان مان جيڪي ماڻهو منهنجي دستي وانگر اڳ ۾ موڪليل گشتي پارٽين ۾ شامل هئا اهي جڏهن سنهي جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته اسان مان هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته هر ٻوٽي ۽ ٿُٻ پٺيان دشمن لڪيل نظر ايندو ۽ سڀني جا ڪن کڙا ۽ اکيون پٽيون پيون هيون ۽ هر گهڙيءَ اهو انتظار هو ته ڄاڻ ٿي بندوقن جي ٺڪاٺڪ شروع ٿئي. پر چند ڀڄندڙ گهوڙيسوارن کان سواءِ اهڙو ڪو به دشمن جو ماڻهو يا آواز پيدا نه ٿيو جنهن سان اسان جي مارچ ۾ رخنو پوي يا کڻي ان جو رستو ئي تبديل ٿئي ۽ جڏهن لهندڙ سج ۾ وسيع ميدان ڳاڙهو ٿيندو ويو ته اسين به پنهنجن ڊگهن ٿيندڙ پاڇن پٺيان هلندا ڏاڍي امن سان پر ڏاڍا تاسارا ٿي اچي نيل جي مٺي پاڻيءَ تي پهتاسين. انهيءَ دوران تراکڙي تري واريون توپ بردار ٻيڙيون ۽ اسان جو رسد جو سامان ڌوئيندڙ سڙهه وارين ٻيڙين کي ڇڪيندڙ اسٽيمر آبشار وٽان حفاظت سان ڦري آيا ۽ ستاويهين تاريخ تائين اسان جون سڀئي ريگستاني ۽ دريائي فوجون شبلوقه ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ گڏ ٿي ويون ۽ اسان کي گهربل شهر ڏانهن فقط کليل ميدان تي پنجن ڏينهن جو مارچ باقي هو.
فوج 28- تاريخ تي پنهنجي آخري پيشقدمي شروع ڪئي. اسان مڪمل جنگي ترتيب ۾ ۽ روزانو اٺن يا ڏهن ميلن جي ڏاڪن ۾ هلياسين جيئن پنهنجي سموري قوت ڪنهن به وقت ٿيندڙ ٽڪراء لاءِ بچائي سگهون. اسان پاڻ سان گڏ لباس ۽ هٿيارن کان سواءِ ڪا به شي ۽ گهوڙن تي به سازن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رکيو هو. اسين پنهنجو کاڌو ۽ پاڻي روزانو رات جو نيل ۽ ان ۾ هلندڙ جنگي ٻيڙي مان کڻندا هئاسين. آفريقا جي انهيءَ حصي ۾ ۽ سال جي انهيءَ وقت ۾ گرمي تمام شديد هئي. اسان کي جيتوڻيڪ ٿلها ڪپڙا ۽ وڏين ڪنارين وارا ٽوپلا پهريل هئا ۽ ڪرنگهيءَ جي هڏن تي به ڪپڙن جون گديون رکيل هيون پر ائين پئي لڳو ته ڄڻ سج اسان جي مٿان جهُڪي پنهنجا ساڙيندڙ ڪرڻا اسان جي جسمن ۾ ٽُنبي رهيو هجي. اسان جي زينن ۾ لڙڪندڙ ڪينواس جون پاڻيءَ جون ٿيلهيون جيتوڻيڪ بخارن جي سبب وڻندڙ حد تائين ٿڌيون هونديون هيون پر منجهند کان گهڻو اڳ ئي خالي ٿي وينديون هيون. شامن جو جڏهن انفنٽري وارا ڪنهن مناسب جاءِ تي پهچي پڙاء جو حڪم ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ فوج جي سامهون رهندڙ ڪيولري جي آڏ هٽائي ويندي هئي ۽ اسين شام جو سونهري ۽ ارغواني جهونجهڪڙي ۾ قطارون ڪري اچي نيل جو جهجهو ۽ ڇوٽ وهندڙ پاڻي بار بار پيئندا هئاسين ته ڏاڍو مزو ايندو هو.
بهرحال هن وقت تائين برطانوي ڪيولري ۾ موجود هر ماڻهوءَ اهو سوچي ڇڏيو هو ته هاڻي ڪا به جنگ ٿيڻي نه آهي. ڇا اهي سمورا بندوبست ٺڳيءَ جو ٺاهه ته نه هئا؟ درويشن جو واقعي ڪو وجود به هو يا اهي سردار ۽ سندس انگريزي- مصري مصاحبن پاران گهڙيل هڪ افسانو هئا. وري ڪجهه درست ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جو رايو هو ته جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هو ته اومدرمان ۾ وڏي تعداد ۾ درويش گڏ ٿي ويٺل هئا پر انهن سڀني جنگ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي اڳيئي روڊن جا پاسا وٺندا قطارن جي صورت ۾ ڪردفان[3] جي ڏورانهين علائقي ڏانهن نڪري ويا آهن. اسين اهڙي طرح مهينن جا مهينا مارچ ڪندا خط استوا ڏانهن وڌندا رهنداسين. ٺيڪ آهي، ڪائي ڳالهه نه آهي. اها به ڪا اهڙي خراب ڳالهه نه آهي، زندگي مزي ۾ پئي ٿي گذري، صحت سٺي آهي. ورزش سان دل خوش ٿي وڃي ٿي، کاڌو ضرورت آهر آهي ۽ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ صبح ۽ شام جو بي انداز ملي وڃي ٿو. اسين هر وقت نئين زمين ڏسي رهيا هئاسين ۽ شايد آخرڪار ڪنهن ڏينهن ٻيو ڪجهه به ڏسي وٺون. پر مون جڏهن 31- تاريخ جو هڪ سوڊاني بٽالين جي برطانوي آفيسرن جي ميس ۾ ماني کاڌي ته مون کي مختلف رايو ٻڌڻ ۾ آيو. اهي سڀئي هتي ئي آهن. درويشن سان ڏهن سالن کان وڙهندڙ انهن ماڻهن جو چوڻ هو: ’اهي پنهنجي سلطنت جي گادي جي هنڌ لاءِ لازماً جنگ جوٽيندا. اهي ڀڄي وڃڻ جهڙا ماڻهو ئي نه آهن اهي اسان کي شهر ٻاهران ئي تيار بيٺل نه ملي وڃن، ۽ شهر هاڻي فقط 18 ميل پري هو.‘
اسان جو پهرئين سيپٽمبر وارو مارچ ٻين ڏينهن وانگر بلڪل سانت ۾ شروع ٿيو پر نائين وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جي گشتي پارٽين کي ڪي شيون نظر اچڻ لڳيون. اهڙيون رپورٽون دستن کان ٿينديون اسڪواڊرنن تائين پهچڻ لڳيون ته ڏاکڻين طرف واري آسماني ڪناري تي رُڃ جي تجلن ۾ روشني جا ترورا ۽ ڪي سفيد چَتيون نظر اچي رهيون آهن. آءُ انهيءَ ڏينهن جنهن اسڪواڊرن سان لاڳاپيل هوس انهيءَ جي ذمي فقط ڪيولري جي مهڙ واري آڏ جي مدد جو ڪم رکيل هو ۽ اسين دٻيل جوش واري ڪيفيت ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيا هئاسين. اسين تقريباً ساڍي ڏهين وڳي واريءَ جي هڪ ويڪري دڙي تي چڙهياسين ۽ ڏٺوسين ته اسان جون سڀئي گشتي پارٽين مشڪل سان هڪ ميل اڳتي هڪ ڊگهي صف ۾ گهوڙا جهليون ڪنهن شي کي غور سان ڏسي رهيون هيون جيڪا ائين پئي لڳو ته ڪا انهن جي رستي جي بلڪل وچ تي پئي آهي. جلد ئي اسان کي بيهڻ جو حڪم ملي ويو ۽ ڪا دير نه گذري ته هڪ دوست سبالٽرن اچي منهن ڪڍيو. هو گشتي پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ اسان لاءِ ڏاڍي اهم فيصلائتي خبر آندي هئائين. ’دشمن نظر اچي ويو آهي.‘ هن خوشيءَ مان ٻهڪندي چيو، ’ڪٿي؟‘ اسان پڇيو ’اوهو، توهان کي نطر نه ٿو اچي. اهو ڊگهو ميٽوڙو نشان ڏسو، اهي اٿو.‘ ائين چئي هو ته اڳتي ويو هليو. اسان سڀني پري آسمان جي ڪناري تي رنگ ۾ آيل اها تبديلي محسوس ته ڪري ورتي هئي پر انهيءَ کي ڪانڊيرن جو جهنگ سمجهيو هئوسين. اسان جنهن جاءِ تي بيٺا هئاسين اتان بهترين دوربين به ٻيو ڪجهه نه ٿي ڏيکاري سگهي. وري رجمينٽل سارجنٽ – ميجر اچي ويو. هو به آئوٽ پوسٽ لائين تان پئي آيو.
’اهي ڪيترا ٿيندا؟‘ اسان پڇيو.
’وڏي فوج آهي. چڱي خاصي وڏي فوج آهي.‘ ائين چوندي هو به پنهنجو رستو وٺي ويو هليو.
پوءِ مدد جي ڪم سان لاڳاپيل دستي لاءِ حڪم آيو ته اهي ڪنهن اهڙي سبالٽرن کي جنهن جو گهوڙو ٿڪيل نه هجي، آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪرنل وٽ موڪلين.
’مسٽر چرچل‘، منهنجي اسڪواڊرن ليڊر چيو ته آءُ گهوڙو هڪلي روانو ٿي ويس.
مون کي ڪرنل مارٽن آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪجهه ڀٽن جي ويجهو نظر اچي ويو پر انهيءَ کان اڳ مون کي هڪ تراکڙي ترائي ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻئي مٿاهين پٽ تي اچڻو پيو. ’گڊ مارننگ‘ هن چيو، ’دشمن بلڪل هاڻي پيشقدمي شروع ڪئي آهي ۽ اهي چڱا تيز پيا اچن. منهنجي مرضي آهي ته تون صورتحال جو پاڻ جائزو وٺ ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي کي ٿڪائڻ کان سواءِ جلد از جلد واپس وڃي سردار وٽ پاڻ رپورٽ پيش ڪر. هو توکي انفنٽري سان گڏ ايندو نظر اچي ويندو.‘
انهيءَ جو مطلب ته منهنجو آخرڪار ڪچنر سان مکاميلو ٿيندو! هو مون کي ڏسي حيران ته نه ٿي ويندو؟ هو ڪاوڙ جو اظهار ته نه ڪندو؟ ڇا هو ائين ته نه چوندو ته ’تون هتي ڇا ٿو ڪندو وتين؟ منهنجي خيال ۾ مون ته توکي نه اچڻ جو چيو هو!‘ متان هو ڌڪار وچان ڪو ردعمل ئي نه ڏيکاري! يا هو فقط رپورٽ وٺندو ۽ اها آڻيندڙ آفيسر جو نالو پڇڻ جي تڪليف ئي نه ڪندو؟ بهرحال انهيءَ عظيم ماڻهوءَ جي ويجهو وڃڻ جو اها خبر کڻي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو سٺو سبب ٿي نه ٿي سگهيو ته دشمن جي فوج هن ڏانهن وڌي رهي آهي. آءُ اها ڳالهه سوچي ئي ايترو شوق ۽ جوش ۾ ڀرجي ويس جيترو هوند ايندڙ جنگ جو انتظار مون کي شوق ۽ جوش ۾ ڀري ڇڏي ها. پوءِ درپيش ايندڙ ڳالهيون ۽ مسئلا به اسان جي سامهون بيٺل دشمن کان ڪي گهٽ دلچسپ ۽ ڪجهه لحاظن کان ته گهٽ خطرناڪ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا.
دشمن جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ ۽ آئوٽ پوسٽ لائين وارن کي مون کي جيڪو ڪجهه ٻڌائڻو هو اهو ٻڌڻ کان پوءِ مون فوج ۽ اڳ ۾ رواني ڪيل ڪيولري جي دستن جي وچ ۾ ريگستان جي ڇهن ميلن تي گهوڙو هڪلڻ شروع ڪيو. اس تمام شديد هئي ۽ مون کي جيئن ته اها تقريباً پڪ هئي ته اسان کي ٻيپهري جو سمورو وقت گهوڙي تي ويهي جنگ ڪرڻي پوندي، پر مون کي مليل حڪم به فوري نوعيت جا هئا تنهنڪري انهن کي ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي گهوڙي جو وڌ ۾ وڌ بچاء به ڪيو. اهڙيءَ طرح آءُ لڳ ڀڳ چاليهن منٽن ۾ انفنٽري جي مُک حصي جي ويجهو پهچي ويس. مون هڪ ڪاري ٽڪريءَ تي بيهي پنهنجي گهوڙي کي ساهي پٽرائي ۽ منظر جو جائزو ورتو. اهو نظارو سچ پچ ته ڏاڍو شاندار لڳي رهيو هو. برطانوي ۽ مصري فوج جنگي صف بنديءَ ۾ پيشقدمي ڪري رهي هئي. پنج پڪيون پختيون برگيڊون نيل کي پُٺيءَ تي رکي کُلي ترتيب ۾ اڳتي وڌي رهيون هيون. انهن مان هر هڪ برگيڊ ٽن يا چئن انفنٽري بٽالينن تي ٻڌل هئي. انسانن جي انهن شاهي جٿن جي پٺيان توپخاني جون ڊگهيون قطارون هيون ۽ انهن کان پريان رسد ڍوئيندڙ اٺن جو اڻکٽ بهيرون هيون. درياء ۾ سامان سان سٿيل سڙهن وارين ٻيڙين جا ميڙ هلندا ٿي رهيا جن کي ويهه کن اسٽيمر ڇڪي رهيا هئا. ٻيڙين جي انهيءَ ميڙ مان ست يا اٺ خطرناڪ چمڪندڙ سفيد رنگ جون توپ بردار ٻيڙيون ڪاروائي لاءِ تيار نظر اچي رهيون هيون. ريگستان جي پاسي کان ۽ دشمن جي طرف وڏين وٿين تي مصري ڪيولري جا ٻارنهن اسڪواڊرن آئوٽ پوسٽ لائين جي مدد ۾ نظر اچي رهيا هئا ۽ اڃا اڳتي ڪيمل ڪور جا ميرانجهڙا ۽ چاڪليٽي ڪالم وسيع پيش منظر جي تڪميل ڪري رهيا هئا.
مون جيئن ته هڙ تڪڙ ۾ پيش ٿيڻ نه ٿي چاهيو تنهنڪري بيهي گهوڙي کي ساهي پٽرائڻ کان پوءِ گهوڙو هڪلي انفنٽري جي مکيه حصي جي وچ ڏانهن وڌيس. مون کي جلد ئي انهن جي مُهڙ ۾ هڪ تيز ڳاڙهي بينر پٺيان چڱو خاصو ماڻهن جو اٽالو هلندي نظر اچي ويو. ويجهو پهچڻ تي مصري جهنڊي جي ڀرسان يونين جيڪ به نظر اچڻ لڳا. ڪچنر به پنهنجي هيڊڪوارٽر اسٽاف کان ٻن يا ٽن گهوڙن جي ڊيگهه جيترو اڳتي هو. سندس ٻه علمبردار سندس بلڪل پٺيان مارچ ڪندا پئي آيا ۽ انگريزي – مصري آرمي اسٽاف جا پرنسپال آفيسر وري انهن جي پٺيان هئا.
آءُ هڪ ڪنڊ کان ڳتي وڌيس ۽ اڌ گول ٺاهيندي پنهنجو گهوڙو هن جي گهوڙي پاسي ۾ آڻي ٿورڙو پٺتي رکي کيس سليوٽ ڪيم. اهو منهن مهانڊو جيتوڻيڪ گهڻو ڄاتل سڃاتل هو، پر آءُ انهيءَ تي پهريون دفعو نظر وجهي رهيو هوس. اڳتي هلي ۽ شايد ڪيترن نسلن تائين سموري دنيا انهيءَ چهري کان واقف رهڻي هئي.[4] هن پنهنجو ڳنڀيرتا سان ڀريل منهن مون ڏانهن ڪيو. وڏا شهپر، عجيب انداز ۾ ڦرندڙ اکيون، اُس جي تپش ۾ لهسيل ۽ تقريباً رتا ڳاڙها ڳل ۽ ڄاڙي حواسن تي ڏاڍو چٽو اثر وجهي رهيا هئا.
’سر‘ مون چيو، ’آءُ ايڪيهين لانسرز مان هڪ رپورٽ کڻي آيو آهيان.‘ هن ڪنڌ کي هلڪو لوڏو ڏئي ڄڻ ته مون کي ڳالهه جاري رکڻ جو اشارو ڏنو. مون وڌ کان وڌ مختصر ۽ جامع لفظن ۾ پنهنجي ورتل جائزي مطابق صورتحال جو احوال پيش ڪيو ته ’دشمن نظر اچي رهيو آهي، بظاهر وڏي تعداد ۾ آهي. انهن جو مکيه حصو تقريباً ست ميل پري آهي ۽ اهي اسان جي موجوده پوزيشن ۽ اومدرمان جي شهر جي تقريباً وچ تي بيٺل آهن. انهن يارهين وڳي تائين ڪا چُر پر نه ٿي ڪئي پر يارنهن لڳي پنجن منٽن تي اهي حرڪت ڪندي نظر اچي رهيا هئا ۽ مون جڏهن چاليهه منٽ اڳ اها جاءِ ڇڏي تڏهن به اهي تڪڙي پيش قدميءَ ۾ هئا.‘
هن مڪمل سڪوت ۾ هر لفظ ٻڌو. اسان جا گهوڙا گڏوگڏ هلندا ۽ واريءَ کي پنهنجن سُنبن هيٺان ڪِرس ڪِرس ڪرائيندا ٿي هليا. پوءِ چڱو وقت ماٺ رهڻ کان پوءِ هن چيو، ’تون چوين ٿو ته درويش فوج اڳتي وڌندي پئي اچي. تنهنجي خيال ۾ مون وٽ ڪيترو وقت آهي؟‘ منهنجو جواب فوراً چپن تي تري آيو، ’توهان وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ آهي سر، يا ڏيڍ ڪلاڪ، ڀلي اهي جيڪڏهن ساڳئي رفتار سان وڌندا ايندا هجن.‘ هن پنهنجي مٿي کي اهڙي انداز ۾ لوڏو ڏنو جنهن مان آءُ شڪ ۾ پئجي ويس ته هن اهو تخمينو الائي قبول ڪيو الائي رد ڪيو. پوءِ وري ڪنڌ کي ٿورو جهڪائي اهو اشارو ڏنائين ته منهنجو ڪم پورو ٿيو. مون سليوٽ ڪري پنهنجي گهوڙي جي واڳن جي ڇڪي سندس اٽالي کي اڳتي وڌي وڃڻ ڏنو.
آءُ ڪجهه پريشانيءَ ۾ رفتارن ۽ فاصلن جو حساب ڪرڻ لڳس جيئن خبر پوي ته منهنجو تڪڙ ۾ ڏنل جواب صحيح هو يا نه. نتيجي ۾ مون کي ايتري پڪ ٿي وئي ته آءُ گهڻو ٻاهر نه هوس. درويش جي وڌ ۾ وڌ رفتار چار ميل في ڪلاڪ کي ذهن ۾ رکندي جيڪو فاصلو منهنجي حساب مطابق ست ميل هو انهيءَ لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقت بلڪل محفوظ ۽ پڪو تخمينو هو.
سوچن جي انهيءَ سلسلي ۾ هڪ دوستاڻي آواز رخنو وجهي ڇڏيو. ’اسان سان گڏجي هل ۽ ڪا لنچ ڪري وٺ.‘ هو فوج جي ڊائريڪٽر آف انٽيليجنس سر ريجينالڊو نگيٽ جي اسٽاف ۾ شامل هڪ آفيسر هو. هو مون کي پنهنجي چيف وٽ وٺي هليو جيڪو مون سان ڏاڍي مهرباني سان مليو. مون کي هاڻي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ڪا ضرورت ڪانهي ته پيٽ ڀري ماني ملڻ، اعليٰ عملدارن وٽ پهچ رکندڙ دوست سان گڏجڻ ۽ ايندڙ واقعن بابت بهترين معلومات جي اميد؛ اها هيڪوڻي نه پر ٽيڻ تي وڻندڙ ڳالهه هئي. انهيءَ دوران مون اها ڳالهه ڏسي ورتي ته انفنٽري وارا هر هنڌ نيل درياء سان قوس ٺاهيندڙ صفن ۾ ايندا ٿي ويا ۽ سڀ کان اڳئين برگيڊ جي سامهون ڪنڊيدار ٻوٽا ڪپي انهن سان هڪ لوڙهو ٺهي رهيو هو. پوءِ اسان جي رستي جي بلڪل وچ ۾ بسڪوٽن جي هڪ ننڍي ڀت نمودار ٿي وئي. انهيءَ تي ڏاڍي تڪڙ ۾ ڪم ٿي رهيو هو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته انهيءَ ميز پوش جو هڪ وڏو ٽڪر وڇائجي ويو. وري ماڻهو انهيءَ تي دل کي سَٽون ڏيندڙ شڪلين جون ڪيتريون ئي بوتلون، اچار ۽ مڪئي جي اٽي ۾ پڪل وڏو گوشت رکندا ويا. مون جو اهڙي سُڃ ۾ لڙائي کان ڪجهه گهڙيون اڳ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي اثر ذريعي اهڙو خوشگوار منظر اڀرندي ڏٺو ته منهنجي دل شڪراني جي احساس سان ڀرجي وئي ۽ اهو احساس روزاني واري ماني کائي شڪراني جي دعا گهرڻ واري احساس کان تمام گهڻو وڌيڪ هو.
سڀ ماڻهو سوارين تان لهي پيا ۽ اردلي وڌي اچي گهوڙا ڪاهي ويا. جيئن جو هي کاڌي پيتي جون شيون منظر تي آيون ته ڪچنر منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. لڳو پئي ته هو پنهنجي اسٽاف کان ٿورو پرڀرو ٿي ويو هو. هن پنهنجي لاءِ نويڪلي بسڪوٽن جي پُڙن جي ڍير تي لنچ ڪئي يا ماڳهين لنچ ئي نه ڪئي. اها مون کي خبر نه پئجي سگهي نه وري مون کي اها خبر رکڻ جي ڪا ڳڻتي هئي. مون گوشت ۽ ٿڌي مشروب تي مڪمل ڌيان سان حملو ڪيو. هر ڪو ماڻهو ڏاڍو پُر جوش لڳو پيو هو ۽ تمام سٺي موڊ ۾ هو. ماني ڊربي کان اڳ ريس لنچ وارو منظر پيش ڪري رهي هئي. مون کي ياد آهي ته منهنجي ڀرسان جرمن جنرل اسٽاف بيرون وون ٽيڊمان جو نمائندو ويٺو هو. هو چئي رهيو هو ته: ”اڄ پهرئين سيپٽمبر آهي، اسان جو عظيم ڏينهن ۽ هاڻي توهان جو عظيم ڏينهن.“ سيڊان[5] ۽ سودان. هو انهيءَ مان تمام گهڻو خوش هو ۽ ويٺلن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئائين. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هنن انهيءَ جملي ۾ لڪل چوٽ سمجهي ورتي. ”ڇا لڙائي واقعي ۾ ٿيندي؟“ مون جنرل ونگيٽ کان پڇيو: ”بلڪل، ڇو نه،“ هن وراڻيو. مون چيو ته ”ڪڏهن؟ سڀاڻي؟“ انهيءَ تي هن چيو ته ”نه، هتي، هينئر، ڪلاڪ ٻن ۾.“ سچ پچ ته اهو حياتي جو ڏاڍو سٺو لمحو هو ۽ آءُ ويچارڙو هڪ سبالٽرن جنهن پاڻ کي عتاب هيٺ آيل ٿي سمجهيو سو انهن سڀني اعليٰ فوجي عملدارن جي کل خوشيءَ جي وچ ۾ ويٺو مضبوط ارادي سان پنهنجو ڇُري ڪانٽو هلائيندو رهيس.
انفنٽري جون تڙ تڪڙ ۾ ٺهڪندڙ صفون ۽ انهن جي آڏو لمحي به لمحي ٺهندڙ لوڙها هر وقت ڏسڻ ۾ پئي آيا. اسان جي سامهون صاف وارياسو ميدان درياء وٽان مٿي اڀري سنهي چنڊ جي شڪل اختيار ڪري ٿي ويو جنهن جي ڀرسان اسان جون ڪيولريءَ جون آئوٽ پوسٽون هيون ۽ گمان اهو هو ته دشمن به پنهنجي پيشقدمي جاري رکيون ٿي آيو. اهو آکاڙو هڪ ڪلاڪ جي اندر حملي آور درويشن سان ڀرجي ويندو ۽ اتي لاشن جا ڍير لڳي ويندا. جڏهن ته لوڙهن جي پٺيان انفنٽري جون صفون رائيفل فائرن جا ڌوڙيا لائي ڏينديون ۽ توپن جا ڌڌڪا هوندا.
اسان جي فتح يقيني ڳالهه هئي. اسان انهن کي لُڻي رکنداسين. انهيءَ هوندي به اها ڳالهه آهي ته انهن ساڳين درويشن، جديد هٿيارن جي ايتري درستگي جي باوجود به هڪ کان وڌيڪ موقعن تي جيئن ابوقلي ۽ تمائي ۾ چوطرف بيهاريل برطانوي فوجين جي گهيري کي ٽوڙي وڌو هو ۽ مصري فوجين جي قبضي ۾ رهندڙ قلعن ۾ بار بار ڪاهي آيا هئا يا انهن کي زير ڪري ڇڏيو هو. آءُ پنهنجي تصور ۾ نقشا ٺاهڻ لڳس ته، اها بلڪل ويجهي ايندڙ لڙائي ڪهڙا مختلف انداز اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ انهيءَ مهل ڄڻ ته انهيءَ جي شروعات جي اعلان طور ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. نيل جي هڪ ٻيٽاري تان ننڍين توپن اومدرمان ۾ مهدي[6] جي مزار تي گولا باري شروع ڪري ڏني هئي.
بهرحال پهرئين سيپٽمبر تي لڙائي ٿيڻي نه هئي. آءُ آئوٽ پوسٽ لائين ۾ پنهنجي اسڪواڊرن ۾ وري دخلڪار ئي مشڪل سان ٿيس ته درويش فوج پيشقدمي روڪي ڇڏي ۽ توپن سان خطرناڪ نموني سلامي وٺڻ کان پوءِ لڳو ٿي ته اهي ٻئي ڏينهن ڏينهن تائين سڪون سان ويهي رهيا هئا. اسين سڄي ٻيپهري ۽ شام انهن ۾ اکيون وجهي ويٺا رهياسين ۽ اسان جون گشتي پارٽيون انهن جي پارٽين سان جهڙپون ۽ ڀڄ ڀڄان ڪنديون رهيون. سج جي روشني جهڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان نيل ڏانهن موٽياسين ۽ اسان کي ماڻهن ۽ گهوڙن کي درياء جي اتاهين ڪناري هيٺ لوڙهي ۾ هڪلي وڃڻ جا حڪم ملي ويا.
انهيءَ محفوظ پر هٿ پير ٻڌل صورتحال ۾ اسان کي خبر پئي ته اهڙيون ڀروسي جوڳيون خبرون مليون آهن ته دشمن رات جو حملو ڪندو. جيڪو به ماڻهو لوڙهي ۾ ڪهڙي به حالت ۾ ڀلي کڻي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پسٽل يا ڪربائين جو فائر ڪندو انهيءَ لاءِ تمام شديد سزائن جو اعلان ڪيو ويو. درويش جيڪڏهن صفون ٽوڙي ڪيمپ ۾ ڪاهي پون ته اسان کي پنهنجي دفاع لاءِ پيرن ڀر بيهي پنهنجين تلوارن يا نيزن سان وڙهڻو پوندو. اسان پاڻ کي اطمينان ڏياريو ته گرينيڊئيرز جي فرسٽ بٽالين ۽ رائيفل بٽالين جي هڪ برگيڊ سو وال پري ۽ اسان جي بلڪل مٿان لوڙهي جي حفاظت لاءِ بيٺل آهي. پنهنجو تحفظ اهڙن سپاهين جي حوالي ڪندي اسين ڊنر جي تيارين کي لڳي وياسين.
اتي مون کي هڪ دلچسپ واقعو به درپيش آيو. آءُ جيئن ته درياء جي ڪناري تي هڪ بردار آفيسر سان گڏ چهل قدمي ڪري رهيو هوس ته ڪناري کان 20 يا 30 فوٽ پري بيٺل توپ بردار ٻيڙين مان اسان کي ڪنهن هٿ کڻي کيڪاريو. ٻيڙيءَ جي ڪمان بيٽي (Beatty) نالي نيوي جي هڪ جونيئر ليفٽيننٽ وٽ هئي جيڪو گهڻي وقت کان نيل جي ٻيڙين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ اڳتي هلي سمنڊن تي مشهوري ماڻڻ سندس مقدر ۾ لکيل هئي. توپ بردار ٻيڙي جا سفيد بي داغ ورديون پهريل آفيسر اها خبر چار وٺڻ لاءِ ڏاڍا بيتاب هئا ته ڪيولريءَ وارن جي نظر مان ڇا گذريو آهي. اسان کي به ٻڌائڻ ۾ ڪنهن به لحاظ کان ڪا به هٻڪ نه هئي. سج آسمان جي ڪناري ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ اسان پاڻي جي پريان بيٺي بيٺي سٺي ڳالهه ٻولهه ڪري ورتي. اهي لوڙهي اندر آتشين هٿيارن جي استعمال خلاف حڪمن بابت ٻڌي خاص طور ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ بابت اسان سان ڏاڍا چرچا ڪيائون. انهيءَ دوران اها به آڇ ڪيائون ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وڃي ته اهي ٻيڙيءَ تي اسان جي خاطر تواضع ڪندا. اسان انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍي وقار سان نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ انهي رٿا تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اسين درويشن جي انبوهن خلاف گهگهه اونداهيءَ ۾ واريءَ جي دڙن تي اڀي پيرين بيهي ڪيولري تلوارون ۽ نيزا ڪم آڻينداسين. بهرحال چڱي کل ڀوڳ کان پوءِ ڀلي ڀاڳ واري شي به اچي وئي.
”مشروبات جو ڪهڙو بندوبست اٿو؟ اسان وٽ هتي دنيا جي هر شي موجود آهي. ڪيچ ڪري وينداؤ؟“ ائين چوندي هنن شامپين جي هڪ وڏي بوتل ڪناري ڏانهن اڇلائي ڏني. اها نيل جي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي پر چڱو ٿيو جو قدرت طرفان اتي پاڻي تانگهو هو ۽ ترو نرم هو. آءُ پاڻيءَ ۾ لهي پيس ۽ پاڻي گوڏن تائين آيو جو انهيءَ قيمتي تحفي وٽ پهچي قابو ڪري کڻي آيس. اسان پوءِ اها فاتحانه انداز ۾ واپس پنهنجي ميس کڻي آياسين.
هن قسم جي جنگ وڏن جوش ۾ آڻيندڙ واقعن سان ڀريل هئي. اها جنگ عظيم وانگر نه هئي. ڪنهن کي به مارجڻ جي توقع نه هئي. هِتي هُتي هر رجمينٽ يا بٽالين ۾ اڌ ڊزن، ويهه يا ڪنهن بدترين صورتحال ۾ ٽيهن يا چاليهن ماڻهن جو تاوان ڏيڻو پيو. پر انهن آهستي آهستي منظر تان غائب ٿيندڙ بي فڪريءَ وارن ڏينهن ۾ جن ماڻهن برطانيه جي ننڍڙين جنگين ۾ حصو ورتو انهن جي وڏي اڪثريت لاءِ اهو به هڪ شاندار راند جو فقط تفريحي عنصر هو. اسان مان گهڻن جي نصيب ۾ هڪ اهڙي جنگ ڏسڻ لکيل هو، جنهن ۾ نقصانن جا انگ اکر ابتڙ ٿي ويا. جنهن ۾ هر ڪنهن جي ذهن ۾ مارجي وڃڻ جو خيال موجود هو ۽ شديد ترين زخمن تي ماڻهو سمجهندو هو ته ڀاڳ ڀلو ٿيو جان ته بچي وئي. جنهن ۾ توپخاني ۽ مشين گنن جي گولاباري ۾ سموريون برگيڊون لڻجي ويون ۽ جنهن ۾ هڪ طوفان مان زنده بچي ويلن کي خبر هوندي هئي ته اهي ايندڙ يا انهيءَ کان پوءِ واري طوفان ۾ پڪ سان ڪم اچي ويندا.
هر ڳالهه واقعن جي پيماني تي دارومدار رکي ٿي. اسان نوجوان جيڪي انهيءَ رات بهترين نموني هٿياربند سٺ هزار جنوني درويشن کان ٽن ميلن جي فاصلي تي سُمهياسين تن کي هر گهڙيءَ انهن جي شديد حملي جو انتظار هو ۽ پڪ هئي ته دير ۾ دير به باک ڦٽيءَ وقت ويڙهه شروع ٿي ويندي. اسان پاڻ کي جيڪڏهن ڪنهن حقيقي جنگ ۾ موجود سمجهيو هئو سي ته اسان کي معاف ڪيو وڃي.
____________
[1] سوڊان ۾ درياء نيل جي ڪناري تي خرطوم جي آمهون سامهون شهر محمد احمد مهدي، 1885ع ۾ انهيءَ کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو هو. (سنڌيڪار)
[2] هتي ليکڪ Cataract جو لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن جي عام مروج معنيٰ ته آبشار آهي پر جيئن ته متن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته اتي دريا جي وچ ۾ پٿرن جي هڪ وڏي رڪاوٽ آهي جتان پاڻي تيزي سان وهي ٿو. انهيءَ لاءِ انگريزي ۾ تز لفظ Rapid آهي. جنهن لاءِ سنڌي توڙي اردو ۾ ڪو مناسب لفظ نه هئڻ جي صورت ۾ آبشار ئي ڪم آندو ويو آهي. (سنڌيڪار)
[3] موجوده سوڊان ۾ تيل جي پيداوار ڏيندڙ هڪ علائقو. (سنڌيڪار)
[4] سندس چهري جي ايتري مشهوري جو هڪ سبب سندس تصوير وارو اهو پوسٽر ٿيو جنهن تي ”توهان جي وطن کي توهان جي ضرورت آهي“. (Your country needs you) وارا لفظ لکيل هئا ۽ اهو پوسٽر پير علي محمد راشدي جي تحرير مطابق سندس ڳوٺ بهمڻ ۾ به پهتو هو. (سنڌيڪار)
[5] فرانس ۾ مييوز درياء تي هڪ شهر ۽ هڪ لڙائي جو هنڌ. (سنڌيڪار)
[6] محمد احمد مهدي (1885-1848ع) عرف مهدي سوڊاني انگريزن خلاف 13 جنگيون وڙهيون ۽ سڀني ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. جنرل گورڊن خلاف جنگ ۾ کيس شڪست ڏنائين ته گورڊن جي سسي لاهي سندس سامهون پيش ڪئي وئي. انهي جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪچنر سندس مقبري تي گولاباري ڪرائي سندس لاش ڪڍرايو ۽ سري لاهي گورڊن جي ڀائٽي ڏانهن موڪلي. هن سوڊان ۾ مڪمل اسلامي نظام قائم ڪيو هو. (سنڌيڪار)