باب تيرهون: ڪچنر کي درپيش مشڪلات Difficulty With Kitchener
آءُ انهيءَ لڙائي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تمام فڪرمند هوس.
پر هاڻي آءُ هڪ نئين ۽ شديد نوعيت جي مزاحمتن کي منهن ڏيڻ لڳو هوس. آءُ جڏهن فوج ۾ نئون داخل ٿيو هوس ۽ جنگ تي وڃڻ چاهيندو هوس ته لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن جو رويو دوستاڻو ۽ همٿ افزائي وارو هوندو هو.
پر هاڻي اهو مرحلو پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. آءُ هاڻي محسوس ڪرڻ لڳس ته ڪيترائي غلط ڄاڻ ۽ غلط رويو رکندڙ ماڻهو آهن جيڪي منهنجي سرگرمين کي چڱيءَ نظر سان نه ٿا ڏسن. انهن ۾ مخالف ۽ اڃان به دشمنيءَ وارو رويو پيدا ٿيڻ لڳو هو. اهي هن قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته: ”هي ماڻهو آخرڪار ڪهڙي بلا آهي؟ هو انهن مختلف مهمن ۾ ڪيئن ٿو پهچي وڃي؟ هو آفيسر هوندي ساڳئي وقت اخبارن لاءِ ڪيئن ٿو لکي؟ ڪنهن سبالٽرن کي پنهنجن سينئر آفيسرن جي تعريف ۽ تنقيد جو ڪهڙو حق آهي؟ جنرل آخر هن کي سهوليتون ڇو ٿا ڏين؟ هو پنهنجي رجمينٽ مان ايتري موڪل ڪيئن ٿو وٺي؟ ٻيا به هيترا سارا محنتي ماڻهو آهن جيڪي روزاني ۽ معمول وارن ڪمن کان سواءِ ڪڏهن ٻئي پاسي ويا ئي نه آهن. بس هاڻي ته گهڻو ٿيو. هو تمام ننڍي عمر ۾ آهي ۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي صحيح ٿي وڃي پر موجوده دور ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ چرچل کي نظم ضبط ۽ معمول واري زندگي کان سواءِ ٻي ڪا به شي گهربل نه آهي.“ ڪجهه ماڻهن ته سچ پچ گندي زبان به ڪم آندي ۽ وقت بوقت ڪجهه اعليٰ ۽ ڪجهه ادنيٰ فوجي حلقن ۾ منهنجي لاءِ ”تمغا مار“ (Medal – Hunter) ۽ ”پاڻ مشهور ڪرائيندڙ“ جهڙا فقرا به ڪم آندا ويا. مون کي يقين آهي ته هي ڳالهيون پڙهندڙن کي انهن مان ڏک ۽ حيرت ضرور ٿي هوندي. انساني فطرت جي انهن ڪجهه اڻ وڻندڙ رخن کي مجبوراً رڪارڊ تي آڻڻ ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي پر اهو ڏاڍو عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ اتفاق آهي ته مون انهن کي سدائين پنهنجو پيڇو ڪندي ڏٺو آهي ۽ اهي ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجو دڳ جهلي به بيهي رهيا آهن.
بهرحال مون پاران سوڊان مهم ۾ حصو وٺڻ جي انتظام ڪرڻ جي بلڪل شروعات ۾ ئي مون کي خبر پئجي وئي ته مصري فوج جو سردار، سر هربرٽ ڪچنر[4] انهيءَ کي کليو کلايو ناپسند ٿو ڪري ۽ دشمناڻو رويو رکي ٿو. انهيءَ فوج ۾ شرڪت بابت منهنجي درخواست وار آفيس جي حمايت باوجود رد ٿي وئي جڏهن ته مون جيتري ئي سروس ۽ عهدي وارا ٻيا ڪيترا آفيسر قبول ٿي ويا. مون مختلف ذريعن مان جيڪي پڇائون ڳاڇائون ڪرايون انهن مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته انڪار سڀ کان مٿاهين جاءِ تان ٿيو هو. آءُ اميد ئي نه ٿي ڪري سگهيس ته آءُ بنگلور جي ڇانوڻين ۾ ويهي انهن وڏين رڪاوٽن تي حاوي ٿي سگهندس. جيئن ته تيره ايڪسپيڊيشنري فورس جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ آءُ ڪجهه وقت لاءِ موڪل جو حقدار ٿي ويو هوس تنهنڪري مون بنا دير سلطنت جي مرڪز لنڊن وڃي ڪنهن سان ڳالهائي ٻولهائي مسئلو حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
لنڊن پهچي مون پنهنجي پهچ وارا سڀ وسيلا حرڪت ۾ آڻي ڇڏيا. منهنجي ماءُ پنهنجو سمورو اثر رسوخ منهنجي خواهش جي پورائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. انهن ٻن مهينن دوران انهن ڏينهن جون ڏاڍيون سگهاريون شخصيتون پُرتڪلف ماني جي دعوتن تي آيون ۽ ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا رهيا پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. منهنجي مصر وڃڻ جي راه ۾ رڪاوٽ هڪ ئي وقت تمام طاقتور به هئي ۽ هن جي پهچ کان تمام ڏورانهين به هئي. هو ايتري حد تائين به وئي جو سر هربرٽ ڪچنر کي منهنجي متعلق ذاتي طور خط به لکيائين. منهنجي ماء جي هن سان بلڪل سٺي ڄاڻ سڄاڻ هئي. هن تمام شائستگي سان جواب موڪليو ته هن وٽ مهم لاءِ اڳي ئي ضرورت کان وڌيڪ آفيسر آهن ۽ ٻيو ته هن وٽ اهڙن ماڻهن جون تمام گهڻيون درخواستون پهتل آهن جيڪي حق توڙي اهليت جي لحاظ کان هن کان گهڻا وڌيڪ آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن ڪو موقعو پيدا ٿي پيو ته کيس تمام خوشي ٿيندي. وغيره وغيره.
هاڻي جون مهيني جا آخري ڏينهن هئا. فوج جي پيشقدمي لازماً آگسٽ جي شروع ۾ ٿي ويندي. هاڻي ڳالهه هفتن نه پر ڏينهن تي وڃي بيٺي هئي.
پر انهيءَ وقت هڪ بلڪل غير متوقع واقعو ٿي پيو. وزيراعظم لارڊ سالسبري اتفاقي طور منهنجو ڪتاب (The Malakand Field Force) پڙهي ورتو. هن جي منهنجي پيءُ سان سياسي لاڳاپن ۾ ڪي دکدائڪ پهلو به آيا هئا پر هن کي منهنجو ڪتاب نه فقط دلچسپ لڳو پر هن انهيءَ ۾ ڪافي ڪشش به محسوس ڪئي هئي. هن بروقت ۽ اوچتو انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ سان واقفيت پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. مون وٽ جولاءِ مهيني جي شروعات ۾ هڪ صبح جو سندس پرائيويٽ سيڪريٽري سر شومبرگ ايم ڊونيل (Sir Schomberg M. Donnell) کان هڪ خط اچي پهتو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته وزيراعظم منهنجو ڪتاب وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هو ۽ انهيءَ جي ڪجهه حصن تي مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارادو رکيائين ٿي. ڪنهن ڏينهن فارين آفيس اچي ساڻس ملاقات ڪرڻ ۾ مون کي ڪا دشواري ته نه ٿيندي؟ جيڪڏهن مون لاءِ مناسب هجي ته ايندڙ اڱاري تي چئين بجي جو وقت هن لاءِ بهتر رهندو. پڙهندڙ فوراً سمجهي ويو هوندو ته مون ’بدڪ کي ترڻ ۾ ڪو اَهنج‘ يا اهڙي قسم جي لفظن ۾ جواب موڪلي ڏنو.
برطانوي دنيا جي مالڪ، ڪنزرويٽو پارٽي جي متفق سربراه ۽ پنهنجي ڊگهي سياسي سفر جي عروج تي پهتل ٽيون دفعو وزيراعظم ۽ وزير خارجه ٿيندڙ انهيءَ عظيم شخص مقرر وقت تي منهنجو استقبال ڪيو ۽ آءُ پهريون دفعو انهيءَ وسيع عريض ڪمري ۾ داخل ٿيس جنهن ۾ مونکي اڳتي هلي ڪيترن سالن تائين وقت بوقت جنگ ۽ امن دوران ڪيترن ڳنڀير معاملن کي تڪميل تي پهچندي ڏسڻو هو.
اهو ڏاهو پوڙهو مدبر وڏي رک رکاء وارو ماڻهو هو. هو جديد خيالن جو تمام مخالف هو ۽ شايد ته ڪنهن حد تائين اهو ئي سبب هو جو هو برطانوي سلطنت جي وڌندڙ طاقت کي اهڙي امتحان جي وقت ۾ مجتمع ڪرڻ ۾ ٻي ڪنهن به تاريخي شخصيت کان وڏو ڪردار ادا ڪري ويو جنهن جي اچڻ بابت تمام ٿورن ماڻهن سوچيو هو ۽ ان جي شدت جو ته ڪير ڪاٿو ئي نه ڪري سگهيو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هو ڪيئن نه پراڻي دور واري شائستگيءَ سان در وٽ اچي مون سان مليو هو ۽ استقبال جي هڪ وڻندڙ اشاري ۽ سلام سان مون کي وٺي وڃي پنهنجي ڪمري جي وچ تي هڪ ننڍڙي صوفا تي ويهاريو هئائين.
”مون کي تنهنجي ڪتاب ۾ تمام گهڻي دلچسپي پيدا ٿي پئي آهي. مون اهو تمام خوشيءَ سان پڙهيو آهي ۽ انهي جي نه فقط مواد پر اسلوب کي به تعريف جي نگاهه سان ڏسان ٿو. هائوس آف ڪامنز ۽ هائوس آف لارڊز ۾ هندستاني سرحدي پاليسيءَ بابت ٿيندڙ بحث مباحثا تمام شدت اختيار ڪري وڃن ٿا ۽ ڪيترين ئي غلط فهمين جي ڪري اهي مونجهارن جو شڪار پڻ ٿي وڃن ٿا. آءُ پاڻ انهن سرحدي وادين ۾ ٿيندڙ لڙاين بابت صحيح تصوير سرڪاري دستاويزن بجاءِ تنهنجو ڪتاب پڙهي ئي ٺاهي سگهيو آهيان.“
مون سمجهيو پئي ته مون تي ٿيندڙ عنايت جي حد ويهه منٽ هوندي جنهن کان وڌيڪ ويهڻ جو مون کي ڪو به ارادو نه هو ۽ ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ مون اٿڻ جي ڪئي پر هو مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ويهاريون ويٺو رهيو ۽ آخر جڏهن هو مون کي وسيع قالين تان ٿيندو در تائين وٺي هليو ته هنن لفظن سان مون کان موڪلايائين. ”مون کي اميد آهي ته تون مون کي ايترو چوڻ جي اجازت ڏيندين ته توکي ڏسي مون کي تنهنجو پيءُ ٿو ياد اچي جنهن سان مون پنهنجي سياسي زندگي جا ڏاڍا اهم ڏينهن گذاريا هئا. جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوي جنهن ۾ آءُ تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ته مهرباني ڪري مون کي ضرور ٻڌائج.“
گهر پهچي مون انهيءَ موڪلاڻي واري آڇ تي تمام گهڻو ويهي سوچ ويچار ڪئي. مون پوڙهي لارڊ کي پنهنجي سبب ڪنهن تڪليف ۾ وجهڻ نه ٿي گهريو. ٻئي طرف وري مون کي لڳو پئي ته هن جي طرفان فقط اشارو ئي مون کي اها شي ڏيارڻ لاءِ ڪافي هوندو جنهن جي مون کي انهيءَ وقت شديد ترين خواهش هئي. سر هربرٽ ڪچنر وٽ وزيراعظم ۽ پنهنجي سڀ کان وڏي حمايتي طرفان فقط هڪ گُفتو ئي پهچندو ته هو منهنجي معمولي خواهش آڏو پنهنجي بلڪل اڻ ٺهڪندڙ مخالفت ختم ڪري ڇڏيندو. ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ پاڻ انهن معاملن کي نهايت وڏي پئماني تي اُڪلائيندو هوس ۽ نوجوان جنگ ۾ حصو وٺڻ جي موڪل گهرندا هئا ۽ انتظامي ڳاڙهي پٽيءَ وارا بدمزاج پوڙها پنهنجو ويٽو ڪم آڻيندا هئا ته آءُ اهو چئي انهن اعتراضن کي ريٽي ڇڏيندو هوس ته: ”اهي فقط هڪ گوليءَ کي روڪڻ جي اجازت ئي ته گهرن ٿا. ڇڏيون ته ڀلي پنهنجي خواهش پوري ڪن.“
اهڙيءَ طرح ڪيترن ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ آءُ سر شومبرگ ايم ڊونيل سان مليس. هن سان آءُ ننڍي عمر کان ئي سماجي حلقن ۾ ملندو رهندو هوس. تيستائين جولاءِ جو ٽيون هفتو ٿي ويو هو ۽ خرطوم ڏانهن پيشقدمي شروع ٿي وڃڻ کان اڳ عتبره آرميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نظر نه ٿي آيو. مون هڪ شام جو دير سان کيس هٿ ڪيو. هو ڪنهن ڊنر ۾ وڃڻ لاءِ ڪپڙا پهري رهيو هو. مون کيس ٻڌايو ته وار آفيس منهنجي سفارش ڪري ڇڏي آهي. منهنجي رجمينٽ مون کي موڪل پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ 21هين لانسرز وارا مون کي وٺڻ لاءِ بلڪل راضي آهن ۽ ٻي ڪنهن به قسم جي ڪابه رڪاوٽ نه آهي. اهڙي صورت ۾ ڇا وزيراعظم سر هربرٽ ڪچنر کي تار ڪندو؟ ۽ ڇا انهيءَ کي ڪا وڏي ڳالهه ته نه ليکيو ويندو؟ ڇا هو ڪنهن نموني اها ڳالهه معلوم ڪري سگهندو ته لارڊ سالسبري جو انهيءَ بابت ڇا رايو آهي؟
’مون کي پڪ آهي ته هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو‘، هن چيو، ’هو تو مان ڏاڍو خوش آهي پر هو هڪ حد کان اڳتي نه ويندو. هو اهڙي نموني پڇا ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ اهو اشارو به ڏنل هوندو ته هو ڪهڙي ورندي چاهي ٿو. پر تون هن مان ڪڏهن به اها اميد نه رک ته جيڪڏهن جواب ناڪار ۾ مليو ته هو زور بار وجهندو.‘ مون چيو ته آءُ انهيءَ تي بلڪل راضي رهندس. هن بهادر شخص چيو ته ”آءُ اهو ڪم فوراً ٿو ڪريان“ هو لارڊ سالسبري جي ڊگهي حڪمرانيءَ دوران سندس وڏي اعتماد وارو ساٿي ۽ مددگار ٿي رهيو هو ۽ ايندڙ سالن ۾ ڪافي وڏي عمر ۾ جنگ عظيم جي خندقن ڏانهن وڃڻ تي ڏاڍو زور ڀريو هئائين ۽ اتي پهچڻ سان ئي گولي جو ٽڪرو لڳڻ سبب موت جو شڪار ٿي ويو.
هو پوءِ پنهنجي ڊنر پارٽي ڇڏي پنهنجي چيف جي ڳولها ۾ نڪري پيو ۽ اونده ٿيڻ کان اڳ سردار ڏانهن هنن لفظن جي تار رواني ٿي وئي ته لارڊ سالسبري جيتوڻيڪ ماتحت عهدن تي مقررين ۾ سردار جي خواهش يا اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي پر جيڪڏهن منهنجي ايندڙ ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي خواهش سرڪاري ڪمن ڪارين کي ڪنهن به قسم جو جوکو پهچڻ کان سواءِ پوري ڪئي ويندي ته هن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. جواب پهچڻ ۾ دير ئي نه ٿي. سر هربرٽ ڪچنر کي گهربل آفيسر اڳ ئي وٽس موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڪي جايون ڀرجڻ ۾ آيون ته ٻيا ڪيترائي آفيسر آهن جن کي هو انهيءَ نوجوان آفيسر تي ترجيح ڏيڻ لاءِ پابند هوندو.
اهو تلخ اطلاع بروقت مون تائين پهچايو ويو. جيڪڏهن مون ۾ انهيءَ وقت اورچائي جي کوٽ هجي ها ته آءُ اومدرمان (Omdurman) جي لڙائي جي جذبا جاڳائيندڙ واقعن ۾ ڪڏهن به حصو نه وٺي سگهان ها. پر انهيءَ دوران آءُ هڪ اهڙي ڳالهه کان واقف ٿي ويس جنهن آخري ڪوشش ڪرڻ جي اميد جو دروازو کولي ڇڏيو.
سر فرانسس جييون (Sir Francis Jeune) نالي اسان جي هڪ نامياري جج جي اسان جي ڪٽنب سان گهڻي وقت کان دوستي هئي. سندس گهر واري، هاڻي ليڊي سينٽ هيليئر (Lady St: Helier) فوجي حلقن ۾ گهڻي اٿندي ويهندي هئي ۽ سر ايولين ووڊ، ايڊجوٽنٽ جنرل سان به اڪثر ملندي رهندي هئي. هن اڳتي هلي لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل ۾ جنهن انداز ۾ ڪم ڪيو انهيءَ مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ڪهڙين صلاحيتن جي مالڪ هئي ۽ مردن ۽ معاملن تي کيس ڪيترو نه اثر رسوخ حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ ڪنهن ڊنر ٽيبل تي انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو هو جيڪا هن جي به ڪنن تي پئي هئي ته سر هربرٽ ڪچنر وار آفيس طرفان سفارش ٿيل ڪجهه آفيسر چونڊڻ ۽ انهن مان پنهنجي مرضي جا کڻڻ ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃي رهيو هو ۽ اهو ته هن کي اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه آهي ته وار آفيس کي ڪنهن اهڙي فوج جو سپه سالار مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏي جيڪا بهرحال برطانوي آرميءَ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مصري فوج جي دائري ۾ ته هر ڪا ڳالهه سردار جي مرضيءَ مطابق ٿيندي پر (هڪ انفنٽري ڊويزن، آرٽلري جي هڪ برگيڊ ۽ 21هين لانسرز واري برطانوي ڪيولري رجمينٽ تي ٻڌل) برطانوي دستو (Contingent) ته ايڪسپيڊيشنري فورس جو هڪ حصو هو ۽ انهيءَ جي اندروني جوڙجڪ جو اختيار فقط وار آفيس کي ئي حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ انهيءَ موضوع تي پنهنجن جذبن جو چڱو چوکو اظهار ڪيو هو. مون هن کان پڇيو ته ڇا تون کيس اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته وزيراعظم کيس منهنجي پاران ذاتي طور تار موڪلي هئي؟ هن چيو نه. مون کيس چيو ته مهرباني ڪري تون کيس اها ڳالهه ٻڌاءِ ڏسون ته هو پنهنجي انهيءَ خصوصي اختيار جو دفاع ڪري ٿو.
ٻه ڏينهن پوءِ مون وٽ وار آفيس مان هي ٿور – اکريو اطلاع پهچي ويو. ’توکي سوڊان مهم لاءِ واڌو ليفٽيننٽ (Supernumerary Lieutenant) طور 21هين لانسرز سان اٽيچ ڪيو ويو آهي. توکي فوري طور قاهره ۾ عباسيه بيرڪس ۾ رجمينٽل هيڊڪواٽرز ۾ رپورٽ ڪرڻي آهي. واضح هجي ته تون اوڏانهين پنهنجي خرچ تي ويندين ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڪارواين ۾ مارجي وئين، زخمي ٿي پئين يا ٻيو ڪو سبب ٿي پيو ته برطانوي آرميءَ جي فنڊ مان ڪو به خرچ نه ڪيو ويندو.‘
مارننگ پوسٽ اخبار جي مالڪ جي پٽ اوليور بورٿ وڪ جي اخبار جي معاملن ۾ ڏاڍي هلندي پڄندي هئي ۽ هو منهنجو سهيوڳي ۽ گهاٽو دوست هو نيپولين[5] جي انهيءَ چوڻي جي اثر کي ذهن ۾ رکندي ته’جنگ کي جنگ مان ئي مدد ملڻ گهرجي‘ (War should support War) مون انهيءَ رات اوليور سان اهو طي ڪري ڇڏيو ته آءُ مارننگ پوسٽ لاءِ موقعي مهل جي مناسبت سان 15 پائونڊ في ڪالم جي حساب سان خطن جو هڪ سلسلو لکندس. رات جي مانيءَ کان پوءِ Physical Research Society جي صدر مون کان ڪجهه نامناسب طور اهو واعدو ڪرائي ورتو ته جيڪڏهن ڪا بدقسمتي جهڙي ڳالهه ٿي پئي ته آءُ کيس خط لکي احوال ڏيندس. آءُ ٻئي ڏينهن مارسائي لاءِ يارهين وڳي واري ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيس. منهنجي ماءُ ڏاڍي دليري سان هٿ لوڏي مون کي الوداع چيو. ڇهه ڏينهن پوءِ آءُ قاهره ۾ هوس.
* * * * *
عباسيه بيرڪس ۾ وڏي ڪلهي گس ۽ ڏاڍي جوش خروش وارو ماحول لڳو پيو هو. 21هين لانسرز جا ٻه اسڪواڊرن اڳيئي نيل طرف روانا ٿي چڪا هئا. ٻيا ٻه اسڪواڊرن ٻئي ڏينهن صبح جو روانا ٿيڻا هئا. ايڪيهين لانسرز ۾ جنگ جو تعداد پورو ڪرڻ لاءِ ٻين ڪيولري رجمينٽن مان جملي ست واڌو آفيسر اٽيچ ڪيا ويا هئا. انهن آفيسرن کي مختلف اسڪواڊرنن ۾ رسالن (Troops) جي ڪمان ڏني وئي هئي. هڪ مکيه اسڪواڊرن ۾ منهنجي لاءِ به هڪ رسالو رکيو ويو هو. پر منهنجي اچڻ ۾ دير ٿي وڃڻ ۽ پڪ نه هئڻ سبب اهو ڪنهن ٻي جي حوالي ٿي ويو. سيڪنڊ ليفٽينٽ رابرٽ گرين فيل (Robert Grenfell) اها جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو تمام وڏا جذبا کڻي روانو ٿيو هو. مرڪز (Base) ۾ هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته اسان کي لڙائي تي پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي. شايد پهريان ٻه اسڪواڊرن وقت تي پهچي وڃن پر ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي. گرين فيل پنهنجي گهر وارن ڏانهن خط ۾ لکيو هو: ”ٿورو سوچيو ته آءُ ڪيترو نه خوشقسمت آهيان. هتي مون کي انهيءَ رسالي جي ڪمان ملي وئي آهي جيڪو ونسٽن کي ملي ها ۽ اسين سڀني کان اڳ ۾ روانا ٿينداسين.“ اسانجين زندگين جي مسلسل اتفاق جو عمل دخل رهندو آهي پر اسين انهيءَ جي ڪار گذارين کي هر وقت واضح صورت ۾ ڏسي نه سگهندا آهيون. اڳتي هلي ٿيندڙ واقعن ۾ ٻِي سيپٽمبر واري لڙائي ۾ رجمينٽ جيڪو حملو ڪيو انهيءَ ۾ اهو رسالو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ انهيءَ جو دلير نوجوان ليڊر مارجي ويو. هو سلطنت جي جنگين ۾ پنهنجي جان جا نذرانا پيش ڪندڙ گرين فيلز جي انهيءَ شاندار قطار جو پهريون فرد هو. هن جا ٻه ننڍا ڀائر جنگ عظيم ۾ مارجي ويا جن مان هڪ وڪٽوريا ڪراس پڻ ماڻيو. پر سندس جذبو ڪنهن به لحاظ کان هنن کان گهٽ نه هو.
رجمينٽ 1400 ميلن جو فاصلو طي ڪري آفريقا جي دل ۾ وقت جي پابندي، تيزي ۽ آرام سان پهچي وئي. اهي خصوصيتون انهن ڏينهن ۾ ڪچنر جي سڀني انتظامن جي سڃاڻپ هونديون هيون. اسان کي ريل گاڏي ذريعي اسيوط ۽ اتان اسٽيمرن ۾ اسوان پهچايو ويو. اسين چار ڏينهن اڃان وڌيڪ پاڻي جهاڳي وادي الحلفه آياسين ۽ اتان ريگستان منجهان 400 ميل انهيءَ اچرج جهڙي فوجي ريلوي ذريعي آياسين. انهيءَ ريلوي جي تڪميل ذريعي ڄڻ ته درويش طاقت جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو هو. قاهره ڇڏڻ کان پورا پندرهن ڏينهن پوءِ اسين انهيءَ جاءِ تي فوجي ريلوي مرڪز ۽ ڪيمپ اچي پهتاسين جتي عتبره ندي سگهاري نيل ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سمورو سفر تمام خوشگوار گذريو. ڪيترين ئي ڳالهين گڏجي انهيءَ تجربي کي تمام وڻندڙ بڻائي ڇڏيو جو هڪ ته اسان جي آرام ۽ سهوليت لاءِ عاليشان بندوبست ٿيل هئا، وري زنده دل ماڻهن جي صحبت ۽ درين مان پٺتي ڊوڙندڙ عجيب غريب ۽ شاندار نظارن سان گڏوگڏ هر ڪو ماڻهو جوش ۽ بيفڪريءَ واري کل خوشيءَ ۾ ايندڙ لڙائي ۽ انهيءَ ۾ واحد برطانوي ڪيولري رجمينٽ جي ڪردار بابت فڪرمند هو. پر هڪ شديد ۽ مسلسل خوف منهنجو پيڇو ڪندو رهيو ۽ منهنجي ذهن ۾ واسو ڪيون ويٺو رهيو. مون کي قاهري مان ڪا به خبر نه پئي هئي ته منهنجي مقرري بابت وار آفيس پاران سندس خواهشن کي ريٽڻ تي ڪچنر ڇا محسوس ڪيو هو. آءُ تصور ڪرڻ لڳس ته هن وار آفيس ڏانهن احتجاجي تارون ڪيون هونديون. وري وار آفيس به پنهنجي پختگي ڏيکاري هوندي ۽ جيئن ته پريشاني ۾ ماڻهو جو ذهن وڌاء ڏانهن مائيل ٿي ويندو آهي. منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهو خيال هوندو هو ته ڪنهن به وقت واپسي جو حڪم اچي ويندو. ٻيون ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي رهيون پر هاڻي ته آءُ سردار جي ڪمان هيٺ هوس. کيس هي ٻه ٽي لفظ يا اهڙيون ئي ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون وات مان ڪڍڻ ۾ ڪا تڪليف ئي نه ٿيندي ته: ”هن کي مرڪز (Base) ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو. چئوس ته لڙائي کان پوءِ گهوڙن جي نئين رسد سان گڏ اچي“. جڏهن به ريل گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي هئي يا اسٽيمر پتڻ سان لڳندا هئا ته آءُ پريشان اکين سان ماڻهن جي ميڙ کي پيو جاچيندو هوس ۽ جڏهن اسٽاف آفيسر جي لباس جون مخصوص نشانيون نظر اچي وينديون هيون ته آءُ فوراً سمجهي ويندو هوس ته مصيبت سر تي اچي پهتي آهي. آءُ سمجهان ٿو ته قانون کان ڀڄندڙ ڏوهاري به اهڙن احساسن مان گذرندو هوندو. خدا جو شڪر جو انهن ڏينهن ۾ وائرليس جو نظام نه هو نه ته مون کي هڪ پل به قرار نه اچي ها. پر ماڻهو عام رواجي ٽيليگراف کان ته بچي نه ٿي سگهيو ۽ تڏهن به انهيءَ جي ڊگهين ڪئائلن (Coils) ۾ جڪڙيل رهندو هو. پر تڏهن گهٽ ۾ گهٽ چئن يا پنجن ڏينهن جا وقفا ته وچ ۾ ملي ويندا هئا جڏهن اسين انهيءَ شاهي درياء مان ڏاڍي آرام سان پاڻي جا ڇنڊا اڏائيندا اڳتي وڌندا رهندا هئاسين ۽ نامهربان دنيا سان ڪو به رابطو نه هوندو هو.
جيئن جيئن سفر جا مرحلا ڪنهن به مصيبت کان سواءِ ڪاميابي سان پورا ٿيندا ويا ته منهنجي سيني ۾ اميد جو وڻ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو ويو. وادي الحلفه پهچندي پهچندي مون پاڻ کي اڃان پُر اعتماد نموني سمجهائڻ ۽ تسليون ڏيڻ شروع ڪيون ته سردار پنهنجي تمام اهميت واري ۽ فيصلائتي جنگ شروع ڪرڻ وارو آهي. سندس ذهن تي هڪ تمام منجهيل مسئلو حاوي لڳو پيو آهي ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته هو ننڍي کان ننڍي شي جي شخصي طور پاڻ نگراني ڪري ٿو تنهنڪري هن جي ذهن تي ٻيا به ڪيترائي مسئلا هوندا ۽ ڪنهن بدنصيب سبالٽرن جي راه ۾ رڪاوٽ جي ڳالهه ئي هن کان وسري وئي هوندي. شايد هن وٽ ٽيليگرامن ذريعي وار آفيسن سان الجهڻ جو وقت ئي نه هجي. ممڪن آهي هن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هجي. سڀ کان سٺي صورتحال اها ٿي سگهي ٿي ته ممڪن آهي هن کي ڪنهن ٻڌايو ئي نه هجي. بهرحال اسين جڏهن 14-آگسٽ جي شام جو عتبره ڪيمپ مان ٻيڙين ذريعي ٽپي نيل جي کاٻي ڀر ٿياسين، جتان درويشن جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن اسان جو 200 ميل مارچ شروع ٿيڻو هو تڏهن وڃي مون کي لُڪيءَ ۾ ساهه پيو ۽ يقين ٿي ويو ته سڪرات جو دور ختم ٿي ويو.
منهنجين ڪوششن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نه هو ۽ جئين اڳتي هلي مون کي خبر پئي ته سر هربرٽ ڪچنر کي جڏهن وار آفيس طرفان منهنجي مقرري جي خبر پئي ته ڏاڍو بي فڪري سان ڪلها لوڏائي ٻين وڌيڪ اهميت وارن مسئلن ڏانهن متوجه ٿي ويو.
_____________
[3] 500 ميل ڊگهو اهو درياء اوڀر سوڊان مان وهي نيل درياء ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. (سنڌيڪار)
[4] لارڊ هربرٽ ڪچنر (1915ع-1850ع) برطانيا جو وزير به رهيو هو ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هو. زار روس سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو ته سندس جهاز بارودي سرنگهه سان ٽڪرائڻ سبب ٻڏي مري ويو.
[5] نيپولين بوناپارٽ (1821-1769): آرٽلري ۾ 1785ع ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ٿيو. ننڍي عمر ۾ فوجي ذهانت ثابت ڪيائين. اٽلي، فرانس، مصر ۽ روس ۾ فوجي مهمون سرانجام ڏنائين. آخرڪار برطانيا جي ويلنگٽن ۽ پرشيا جي بلوچر بيلجيئم جي ڳوٺ واٽرلو وٽ شڪست ڏنس. مارچ 1815ع ۾ انگريزن سينٽ هيلينا ۾ قيد ڪري ڇڏيس. (سنڌيڪار)