تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انقلاب زنداباد

ھي ڪتاب برصغير جي آزاديءَ جي انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهہ جي تحريرن ۽ خطن تي مشتمل آھي. ڀڳت سنگهہ پنھنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ 1919ع ۾  جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج سان ڪيو جنھن ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ھن انگريزن خلاف جنگ جاري رکي ۽ ڪيترائي حلا ڪيا جنھن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو. آخرڪار انگريز ففوج کيس گرفتار ڪيو ۽ ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنھي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شادمان چوڪ تي ڦاسي ڏني وئي.

  • 4.5/5.0
  • 2
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀڳت سنگهہ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book انقلاب زنداباد

آئون ناستڪ ڇو آھيان

(جيل ۾ 5-6 آڪٽوبر 1930 تي لکيو ويو)


ھڪ نئون سوال پيدا ٿيو آھي. ڇا آئون ڪنھن وڏائي (Vanity) جي ڪري ھڪ قادر مطلق، ھر وقت موجود ۽ سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ خدا جي وجود کي نٿو مڃان؟ مون ڪڏھن اھو تصور نہ ڪيو ھو تہ مونکي ڪڏھن اھڙي سوال کي منھن ڏيڻو پوندو. پر ڪجھہ دوستن سان ڪيل گفتگو مون کي اهو اشارو ڏنو آهي تہ منهنجا ڪجھہ دوست - شايد ائين چئي آئون انھن تي گھڻو اختيار نہ ڄمائي رھيو آھيان، مونسان انھن جا گھٽ رابطا اھو نتيجو ڪڍڻ لاءِ مائل آھن تہ آئون خدا جي وجود جو انڪار ڪري ضرورت کان گھڻو اڳتي وڃي رھيو آھيان ۽ ڪنھن حد تائين منھنجي وڏائي ئي مونکي نہ مڃڻ لاءِ اڪسايو آھي. خير، ھڪ سنگين مسئلو آھي. آئون ان ڳالھ تي فخر نٿو ڪيان تہ آئون انساني ڪمزورين کان مٿانھون آھيان. آئون ھڪ انسان آھيان، ٻيو ڪجھ بہ نہ. ان کان وڌيڪ ٿيڻ جي دعويٰ ڪير بہ نٿو ڪري سگھي. اھا ڪمزوري منھنجي اندر بہ آھي. وڏائي بہ منھنجي فطرت جو حصو آھي. پنھنجي ڪامريڊن جي وچ ۾ مون کي مطلق العنان (Autocrat) سڏيو ويندو ھو. منھنجو دوست محترم بي.ڪي دت بہ مونکي ڪڏھن ڪڏھن ائين چوندو ھو. ڪجھ موقعن تي مونکي آمر قرار ڏنو ويو. ڪي دوست شڪايت ڪن ٿا، ۽ ڏاڍي سنجيدگي سان، تہ آئون اڻڄاڻائي ۾ پنھنجا خيال انھن مٿان مسلط ڪيان ٿو ۽ پنھنجون تجويزيون مڃايان ٿو. اھو ڪنھن حد تائين سچ آھي، آئون انڪار نٿو ڪريان. ان کي انا (Egotism)چئي سگھجي ٿو. جيتري قدر منھنجي راءِ جو تعلق آھي ٻين جي رائج راين جي مقابلي ۾ مون کي پنھنجي راءِ تي يقينن فخر آھي. پر اھو ذاتي ناھي. اھو ٿي سگھي ٿو اھو صرف ڪنھنجي عقيدي ۾ جائز فخر ھجي ۽ ان کي وڏائي نٿو چئي سگھجي. وڏائي يا واضح طريقي سان ”آڪڙ“ پنھنجي ذات ۾ غير ضروري فخر جي زيادتي آھي. ڇا انھي غير ضروري فخر مونکي ناستڪ طرف مائل ڪيو آھي يا ڇا ان موضوع کي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ آئون خدا جو انڪاري بڻيو آھيان، انھي ئي سوال تي آئون ھتي بحث ڪرڻ چاھيان ٿو. پھريان مونکي اھو واضح ڪرڻ ڏيو تہ انا ۽ آڪڙ ٻہ الڳ شيون آھن.
آئون مڪمل طور تي اھو سمجھڻ ۾ ناڪام ٿيو آھيان تہ خدا تي يقين ڪرڻ واري شخص جي راھ ۾ غير ضروري فخر يا غرور ڪيئن ٿو اچي سگھي؟ مونکي واقعي ڪنھن عظيم انسان جي عظمت کي نہ سڃاڻڻ گھرجي، ھا اھو تڏھن ئي ٿي سگھي ٿو جڏھن مون کي بہ ڪا شھرت ملي ھجي جنھن جو يا تہ آئون حقدار ناھيان يا مون ۾ اھي خاصيتون ناھن جيڪي ان لاءِ ضروري آھن. اھا ڳالھ بہ سمجھ ۾ اچي ٿي. پر اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ خدا کي مڃڻ وارو ماڻھو اوچتو پنھنجي ذاتي آڪڙ جي ڪري ان تي ايمان آڻڻ ڇڏي ڏي؟ ٻہ طريقا ممڪن آھن. يا تہ انسان پاڻ کي خدا جو رقيب سمجھندو آ يا تہ ھو پاڻ کي خدا سمجھڻ شروع ڪندو آ. ٻنھي صورتن ۾ ھو سچو ناستڪ نٿو ٿي سگھي. پھرين صورت ۾ ھو پنھنجي مخالف جي وجود جو انڪار ئي نٿو ڪري. ٻي صورت ۾ بہ ھو اھڙي شعور جي وجود تي يقين رکي ٿو جيڪو فطرت جي مڙني سرگرمين کي پردي جي پويان ھلائي ٿو. اسان لاءِ ان ڳالھ جي ڪا بہ اھميت ناھي تہ چاھي ھو پاڻ کي عظيم سمجھي ٿو يا ھو ان عظيم شعور کي پاڻ کان ڌار سمجھي ٿو. بنيادي ڳالھ ئي اتي آھي. ھن جو عقيدو آھي. ھو ھڪ قسم جو ناستڪ آھي.
خير، جيستائين منھنجي ڳالھ آھي. منھنجو تعلق نہ پھرين قسم سان آھي نہ ئي ٻئي سان. آئون ان عظيم روح/ ھستي جي وجود کان انڪار ڪريان ٿو. آئون ان جو انڪار ڇو ٿو ڪيان جنھن سان بعد ۾ واسطو پوندو. ھتي آئون ھڪ ڳالھ واضح ڪرڻ چاھيان ٿو تہ اھا منھنجي آڪڙ يا غرور ناھي جنھن مونکي ناستڪ جي نظريي کي اپنائڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي. نہ ئي آئون رقيب آھيان، نہ اوَتار آھيان، نہ ئي عظيم ھستي آھيان. ھڪ ڳالھ طئي آھي تہ اھا منھنجي آڪڙ ناھي جنھن مونکي ھن فڪر طرف راغب ڪيو آ. اچو تہ ھن الزام کي رد ڪرڻ لاءِ ڪجھ حقيقتن تي نظر وجھون.
منھنجي انھن دوستن جو چوڻ آھي تہ آئون دھلي بم ڪيس ۽ لاھور واري سازشي ڪسين جي مقدمن دوران مليل شھرت جي ڪري مغرور ٿي ويو آھيان. خير، اچو تہ ڏسو انھن جي ڳالھ ڪيتري درست آھي. منھنجو ناستڪ ھجڻ ايترو تازو ناھي. مون ان وقت خدا کي مڃڻ ڇڏي ڏنو ھو جڏھن آئون غير مقبول نوجوان ھئس جنھن جي وجود جي منھنجن انھن دوستن کي خبر بہ نہ ھئي. گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪاليج جو شاگرد اھڙو غيرضروري فخر نٿو ڪري سگھي جيڪو کيس دھريت ڏانھن وٺي وڃي. جيتوڻيڪ ڪجھ پروفيسرن جو پسنديدہ ھئس ۽ ڪجھ ٻين مونکي ناپسند ڪيو. آئون ڪڏھن بہ ڏاڍو محنتي يا ذھين شاگرد نہ رھيو آھيان. مونکي آڪڙ جھڙن احساسن ۾ ڦاسڻ جو موقعو ئي نہ ملي سگھيو. آئون ڏاڍو شرميلو ڇوڪرو ھئس، جيڪو مستقبل جي باري ۾ ڪجھ مايوسي واري طبيعت رکندڙ ھو. ۽ انھن ڏينھن ۾ آئون مڪمل ناستڪ نہ ھوئس. منھنجو ڏاڏو جنھن جي اثر ھيٺ آئون وڏو ٿيس، جيڪو پڪو آريہ سماجي ھو. ھڪ آريہ ٻيو ڪجھ بہ ھجي پر ناستڪ ناھي ھوندو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مون ڊي اي وي اسڪول لاھور ۾ داخلا ورتي ۽ سڄو سال ان جي ھاسٽل ۾ رھيس. اتي صبح ۽ شام جي پوڄا کان علاوہ، آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ گائتري منتر پڙھندو ھئس. آئون انھن ڏينھن ۾ مڪمل عقيدت مند ھئس.
بعد ۾ آئون پنھنجي پيءُ سان گڏ رھڻ لڳس. جيسيتائين مذھبي قدامت جو تعلق آھي ھو ھڪ لبرل شخص آھي. ھن جي تعليمات مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مون پنھنجي زندگي آزادي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پر ھو ناستڪ نہ آھي. ھن جو خدا تي پڪو يقين آھي. ھو مونکي روز پوڄا ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيندو ھو. اھڙي طرح منھنجي پرورش ٿي. عدم تعاون تحريڪ جي ڏينھن ۾ نيشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي ئي مون آزادي سان سوچڻ شروع ڪيو ۽ سڀني مذھبي مسئلن تي بحث ۽ تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي – ايسيتائين جو خدا جي وجود تي بہ. پر پوءِ بہ آئون ھڪ آستڪ (مڃيندڙ) ھئس. ان وقت تائين آئون پنھنجا وار ڊگھا رکندو ھئس، جيتوڻيڪ آئون سکن ۽ ٻين مذھبن جي تصوف ۽ اصولن تي ڪڏھن بہ يقين نہ ڪري سگھيس. پر مونکي خدا جي وجود تي پختو يقين ھو.
انکانپوءِ آئون انقلابي پارٽي ۾ شامل ٿيس. اتي پھريون اڳواڻ جنھن سان منھنجو واسطو پيو اھو تہ پڪو يقين نہ ھوندي بہ خدا جي وجود جي انڪار ڪرڻ جي جرئت نہ ڪري سگھيو. آئون جڏھن ھن کان خدا جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو ھوئس تہ چوندو ھو تہ ”جڏھن دل چويئي تہ پوڄا ڪندو ڪر“. ھي دھريت آھي جنھن ۾ گھٽ جرئت آھي. ٻي جنھن اڳواڻ سان واسطو پيو اھو پختي ايمان وارو ڪامريڊ سچندر ناٿ سنيال ھو جيڪو ھينئر ڪاڪوري سازش ڪيس ۾ عمر قيد سزا ڀوڳي رھيو آھي. سندس ڪتاب ”بندي جيون“ جنھن ۾ ھن پھرين صفحي کان ئي خدا جو راڳ ڳايو آھي. ان خوبصورت ڪتاب جي ٻئي حصي جي آخري صفحي تي سندس صوفياتي – ويدانت جي ڪري ھن خدا جي ساراھ جا گل وڇايا آھن. جيڪو ”انقلابي“ پمفليٽ 28 جنوري 1925ع تي سڄي ھندوستان ۾ ورھايو ويو ھو، اھو سندس علمي محنت جو نتيجو آھي. ھاڻ، مخفي ڪمن ۾ مشھور اڳواڻ پنھنجا خيال ظاھر ڪري ٿو جيڪي ھن کي تمام پيارا آھن ۽ باقي ڪارڪنن کي اختلافن جي باوجود بہ قبول ڪرڻو آھي. انھي پمفليٽ ۾ ھڪ پورو پيراگراف خدا ۽ سندس خوشين ۽ ڪمن جي ساراھ ۾ وقف ڪيو ويو آھي. اھو سڀ تصوف آھي. جنھن ڳالھ جي مون نشاندھي ڪرڻ چاھيان پي، اھا ھي آھي تہ اڃا انقلابي پارٽي ۾ ڪفر (انڪار) جو نظريو پيدا ئي نہ ٿيو آھي. مشھور ڪڪوري جي چئني شھيدن پنھنجا آخري ڏينھن عبادت ۾ گذاريا. رام پرساد بسمل پڪو آريہ سماجي ھو. سوشلزم ۽ ڪميونزم ۾ وسيع مطالعي جي باوجود، راجن لاهري اپنشد ۽ گيتا جي آيتن کي پڙهڻ جي پنهنجي خواهش کي بہ دٻائي نہ سگهيو. مون انهن مان فقط هڪ ماڻهو ڏٺو، جنهن ڪڏهن بہ دعا نہ گھري ۽ چوندو هو تہ: ”فلسفو انساني ڪمزوري يا علم جي محدوديت جو نتيجو آهي“. ھو بہ عمر قيد جي سزا ڀوڳي رھيو آھي. پر ھن پڻ ڪڏھن بہ خدا جي وجود کان انڪار ڪرڻ جي جرئت نہ ڪئي.
ان وقت تائين آئون صرف رومانوي مثالي انقلابي ھوئس. ان وقت تائين اسان کي پيروي ڪرڻي ھئي. ھاڻي وقت اچي ويو ھو سڄي ذميواري پنھنجي ڪلھن تي کڻڻ جو. ڪجھ وقت لاءِ اڻ ٽر ردِعمل جي ڪري پارٽي جو وجود ئي ناممڪن ھو. پرجوش ڪامريڊ نوان ليڊر اسان تي طنز ڪرڻ لڳا. ڪجھ وقت لاءِ مونکي بہ ڊپ ھو تہ ڪنھن ڏينھن مونکي بہ پنھنجي پروگرام جي اجائي ڳالھ ھئڻ تي يقين نہ اچي وڃي. اھو منھنجو انقلابي زندگي ۾ ھڪ اھم موڙ ھو. ”مطالعي (Study)“ جو سڏ منھنجي ذھن جي ھر ڪنڊ ۾ گونجڻ لڳو. مطالعو تہ جيئن مخالفن پاران پيش ڪيل دليلن کي منھن ڏئي سگھجي. مون پڙھڻ شروع ڪيو. جنھن منھنجي پراڻن خيالن ۽ عقيدن کي شاندار طور تي بھتر ڪري انھن کي سنجيدہ خيالن سان تبديل ڪيو. نہ وڌيڪ تصوف نہ ئي ڪو وڌيڪ انڌو عقيدو. حقيقت پسندي اسانجو بنياد بڻجي وئي. سخت ضرورت \ لاچاري جي معاملي ۾ سھارو وٺڻ لاءِ طاقت جو استعمال جائز آھي: عدم تشدد جي پاليسي سڀني عوامي تحريڪن لاءِ لازمي آھي. طريقن جي باري ۾ تمام گهڻو سڀ کان اهم ڳالھ اها هئي تہ ان آدرش جو واضح خيال ھئڻ جنهن لاءِ اسان کي جنگ ڪرڻي هئي.
عمل جي ميدان ۾ ڪابہ اهم سرگرمي نہ هئڻ ڪري مون کي عالمي انقلاب جي مختلف نظرين جي مطالعي جو ڪافي موقعو مليو. مون انارڪيسٽ اڳواڻ بڪونين، ڪميونيزم جي پيءُ مارڪس ۽ گھڻو لينن، ٽراٽسڪي ۽ ٻين کي پڙھيو جن پنھنجن ملڪن ۾ ڪاميابي سان انقلاب برپا ڪيا. اھي سڀ ناستڪ ھئا. بيڪونين جي ڪتاب ”خدا ۽ رياست – God and State“ جنھن ۾ خيال جزوي آھن پر ھڪ مطالعي لاءِ دلچسپ موضوع آھي. بعد ۾ مون کي نيرالمبا سوامي[1] جو ڪتاب ”سھج گيان – Common Sense“ نظر آيو. اھو ھڪ قسم جو صوفياتي دھريت ھيو. اھو موضوع منھنجي لاءِ تمام گھڻي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو. 1926ع جي آخر تائين، مون کي ان ڳالھ تي يقين ٿي ھو ويو تہ هڪ تمام طاقتور روح جنھن هن ڪائنات کي ٺاهيو آھي، ان جي رهنمائي ڪئي ۽ ان کي هلايو آھي اھو بي بنياد آھي. مون پنھنجي بي اعتمادي ڇڏي ڏني ھئي. مون پنھنجن دوستن سان موضوعن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيا. مون کي ھڪ ناستڪ قرار ڏنو ويو. پر ان وقت ڇا ھو اھو ھتي بحث ڪيو ويندو.
مئي 1927ع ۾ مونکي لاھور ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري حيران ڪندڙ ھئي. آئون ان ڳالھ کان بلڪل اڻڄاڻ ھئس تہ پوليس مونکان چاھي ڇا ٿي. ھڪ باغ کان لگھندي مون اوچتو پنھنجي چوڌاري پوليس جو گھيرو ڏٺو. پنھنجي تعجب وچان آئون بلڪل خاموش ھئس. مون ڪا سنسني محسوس نہ ڪئي نہ ئي ڪو جوش. مونکي پوليس جي حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي ڏينھن مونکي ريلوي پوليس لاڪ اپ ۾ رکيو ويو جتي مونکي پورو ھڪ مھينو گذارڻو پيو. پوليس اهلڪارن سان ڪيترن ڏينهن جي ڪچهري کان پوءِ مون اندازو لڳايو تہ کين ڪاڪوري پارٽي سان منهنجي لاڳاپي ۽ انقلابي تحريڪ سان منهنجي ٻين سرگرمين جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي. انھن مون کي ٻڌايو تہ آئون لکنؤ ويو ھئس جڏھن ڪڪوري جو مقدمو ھلي رھيو ھو، تہ مون انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪنهن منصوبي تي ڳالھ ٻولھ ڪئي هئي، تہ اسان انهن جي رضامندي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ بم حاصل ڪيا هئا جن مان ھڪ کي 1927ع ۾ دشهري جي موقعي تي ميڙ ۾ اڇلايو ويو. انھن مون تي زور ڀريو تہ جيڪڏهن آئون انقلابي پارٽيءَ جي سرگرمين باري ۾ انھن کي ٻڌايان تہ مون کي گرفتار نہ ڪيو ويندو ۽ ان جي برعڪس مون کي عدالت ۾ مخبر طور پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي آزاد ڪيو ويندو ۽ انعام ڏنو ويندو. آئون ھنن جي ڪيل تجويز تي کلڻ لڳس. اھو سڀ بيڪار ھو. اسان جھڙي سوچ رکندڙ ماڻھو پنھنجن بيگناھ ماڻھن تي بم نہ اڇلائيندا آھن.
هڪ صبح مسٽر نيومن، سينيئر سپرنٽينڊنٽ، C.I.D، مون وٽ آيو، ڏاڍي ھمدردي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کانپوءِ چيائين جيڪڏهن مون انھن مطابق بيان نہ ڏنو تہ ھو مجبور ٿي مونکي ڪڪوري سازشي ڪيسن ۽ دشهرہ فسادن ۾ وحشياڻي قتل سلسلي تي ھلندڙ مقدمن ۾ مونکي بہ شامل ڪندا. ھن وڌيڪ چيو تہ ھن وٽ مون کي سزا ۽ ڦاھي لاءِ مناسب ثبوت آھن. ان ڏينھن مونکي يقين ھو تہ آئون بيگناھ ھئس ۽ پوليس جيڪو چاھي اھو ڪري سگھي پئي. ان ئي ڏينھن پوليس آفيسرن مون کي باقاعدي ٻئي وقت خدا جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيو. پر ھاڻي آئون ھڪ ناستڪ ٿي چڪو ھئس. مون پاڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ چاهيو ٿي تہ ڇا اهو صرف امن ۽ خوشي جي وقت ۾ آهي، تہ آئون هڪ ناستڪ هجڻ تي فخر ڪري سگهان ٿو، يا ڇا آئون ان ڏکئي وقت ۾ بہ انهن اصولن تي قائم رهي سگهان ٿو.
گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ، مون فيصلو ڪيو تہ آئون ڪنھن بہ صورت ۾ خدا تي يقين نہ ٿو ڪري سگهان ۽ نہ ئي دعا گهري سگهان ٿو.نہ، مون ڪڏھن بہ ائين نہ ڪيو. اھو اصل امتحان ھو ۽ آئون ڪامياب ٿيس. مون هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ ڪجھ ٻين شين جي قيمت تي پنھنجي سر کي بچائڻ جي خواھش نہ ڪئي. هاڻي آئون پڪو ڪافر هئس ۽ تڏهن کان آهيان. اهو امتحان پاس ڪرڻ ڪو سولو ڪم نہ هو. ”ايمان“ مشڪلاتن کي گھٽ ڪري ٿو ۽ ايتري جو انھن کي خوشگوار بڻائي ٿو. خدا ۾ انسان وڏي تسلي جو بنياد ڳولي سگهي ٿو. ان کان سواءِ انسان کي پاڻ تي ڀروسو ڪرڻو آھي. طوفانن ۽ واچوڙن جي وچ ۾ پنهنجن پيرن تي رهڻ، ڪا ٻارن جي راند ناهي. امتحان جي انهن آزمائشي لمحن ۾ جيڪڏهن وڏائي آهي تہ پوءِ اها پکڙجي ويندي آهي ۽ انسان کي پنهنجي ايمان کي رد ڪرڻ جي جرئت نہ هوندي آهي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو تہ اھو نتيجو ڪڍڻ گھرجي تہ هن ۾ نہ رڳو وڏائي آھي پر ڪا ٻي طاقت آهي. ھن وقت بلڪل اھا حالت آھي. فيصلي جي اڳيئي خبر آھي. ھڪ ھفتي جي اندر اعلان ڪيو ويندو تہ آئون پنھنجي زندگي ڪنھن مقصد لاءِ قربان ڪرڻ وارو آھيان. ان سوچ کان سواءِ ٻي ڪھڙي تسلي ٿي سگھي ٿي؟
هڪ هندو جيڪو خدا تي يقين رکي ٿو، ٻي جنم ۾ بادشاھ ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. هڪ مسلمان يا عيسائي جنت ۾ خوشحالي جي نعمت ۽ هن جي مصيبتن ۽ قربانين جي ثواب جو تصور ڪري سگهي ٿو. پر مون کي ڪھڙي اميد رکڻ گھرجي؟ مون کي خبر آهي تہ جنهن لمحي منهنجي ڳچيءَ ۾ رسي لٽڪائي ويندي ۽ منهنجي پيرن هيٺان تختو هٽايو ويندو، اهو ئي فل اسٽاپ هوندو- اهو ئي آخري لمحو هوندو. آئون يا مابعدالطبعياتي (Metaphysical) اصطلاح موجب روح سڀ اتي ئي ختم ٿي ويندا. اڳتي ڪجھ بہ نہ. جدوجهد جي هڪ مختصر زندگي، جنهن ۾ اهڙي شاندار پڄاڻي نہ هجي، پنهنجي پاڻ ۾ هڪ انعام هوندي – جيڪڏهن مون کي ان طريقي سان ڏسڻ جي همت هجي تہ. هتي يا آخرت جي انعامن جي ڪنهن بہ خود غرضي جي خواهش کان سواءِ، مون پنهنجي زندگي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آئون ٻيو ڪجھ بہ ڪري نہ سگهيس.
جنهن ڏينهن اسان کي اهڙا ڪيترائي مرد ۽ عورتون ملندا، جيڪي پنهنجي زندگي انسان جي خدمت ۽ ڏکايل انسانيت جي نجات کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڪم ۾ وقف نٿا ڪري سگھن، ان ڏينهن آزاديءَ جي دور جو آغاز ٿيندو. انهن وٽ استحصال ڪندڙن، ظالمن ۽ ظالمن کي چيلينج ڪرڻ جو حوصلو ھوندو. ان لاءِ نہ تہ انھن کي بادشاھ ٿيڻو آهي يا هتي يا ايندڙ جنم ۾ يا مرڻ کان پوءِ جنت ۾ ڪو ٻيو انعام ملڻو آهي. انهن کي انسانيت جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ لاهڻ ۽ آزادي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ڇا اھي انھيءَ رستي تي ھلندا، جيڪو پاڻ لاءِ خطرناڪ آھي پر انھن جي عظيم روح لاءِ اھو واحد رستو آھي؟ ڇا هن عظيم مقصد ۾ هن جي فخر کي غلط معنيٰ ڪڍي وڏائي سمجھيو ويندو؟ ڪير جرئت ڪندو اھڙا نفرت انگيز لفظ چوڻ جي؟ هو يا تہ بيوقوف آهي يا ڪوڙو. اسان کي هن کي معاف ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ هو ان اعليٰ سوچن، احساسن، جذبن ۽ انهن جي گھرائي کي محسوس نٿو ڪري سگهي جيڪي ھن دل ۾ ڦهليل آهن. ان جي دل گوشت جي ٽڪر وانگر مئل آھي. ٻين مفادن جي ڀوتن جي پاڇي ۾ سندس اکيون ڪمزور ٿي ويون آهن. خود اعتمادي کي هميشہ وڏائي چئي سگهجي ٿو. اهو اداس ۽ پريشان ڪندڙ آهي، پر ٻيو ڪو چارو ناھي.
توھان وڃو ٿا ۽ موجودہ عقيدي جي مخالفت ڪريو ٿا، توھان وڃو ٿا ۽ ھڪ ھيرو تي تنقيد ڪريو ٿا، ھڪ عظيم انسان جنھن کي عمومن تنقيد کان مٿانھون ٿو سمجھو وڃي ڇاڪاڻ تہ ھن کي بي مثال ٿو سمجھيو وڃي. توھان جي دليل جي طاقت ماڻھن کي توھان کي مغرور جي روپ ۾ مذمت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي. اھا ذھني بندش آھي. تنقيد ۽ آزاد خيالي ٻئي انقلابي جون لازمي خوبيون آهن. ڇاڪاڻ مھاتماجي عظيم آھي ان ڪري ڪنھن کي بہ مٿس تنقيد نہ ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تہ ھو مٿانھون ٿي چڪو آھي، تنھن ڪري ھو جيڪو بہ ڪجھ چوي ٿو – سياست يا مذھب، اقتصاديات يا اخلاقيات جي ميدان ۾ اھو صحيح آھي. توھان اتفاق رکندا ھجو يا نہ رکندا ھجو توھان کي ضرور چوڻو آھي ”ھا، اھو سچ \ صحيح آھي“. اھا ذھنيت ترقي ڏانھن نٿي وڃي، اھا تہ سڌي سنئين رجعت پسندي آھي.
ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪنهن نہ ڪنهن عظيم روح يعني خدا ۾ ايمان پيدا ڪيو هو. تنهن ڪري، جيڪو بہ شخص ان عقيدي جي سچائي يا ان عظيم روح جي وجود کي چيلينج ڪندو، ان کي منڪر، مرتد چيو ويندو. جيڪڏهن هن جا دليل ايترا تہ ناقابل ترديد آهن جو انهن کي دليلن سان رد نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ هن جو ايمان ايترو مضبوط آهي جو خدا جي غضب جي ڪري مصيبتن جو خوف ڏيکاري کيس دٻائي نہ ٿو سگهجي تہ پوءِ هن کي بيوقوف قرار ڏنو ويندو ۽ ھن جي روح کي بدنام ڪيو ويندو. پوءِ ڇو ھن فضول بحث ۾ وقت وڃائجي؟ پوءِ ڇو سڄي ڳالھ جا دليل پيش ڪجن؟ اھو سوال پھريون ڀيرو عوام آڏو اچي رھيو آھي. ۽ پھريون ڀيرو ان معاملي کي حقيقت پسندي سان آندو پيو وڃي، ان ڪري ھي ڊگھو بحث آھي.
جيسيتائين پھرين سوال جي ڳالھ آھي، آئون سمجھان ٿو تہ اھو واضح آھي تہ اھا منھنجي وڏائي نہ ھئي جيڪا مونکي دھريت ڏانھن وٺي وئي. منهنجي استدلال جو طريقو اطمينان بخش ثابت ٿئي ٿو يا نہ، اهو فيصلو منهنجي پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي، مون کي نہ. آئون ڄاڻان ٿو تہ موجودہ حالتن ۾خدا تي ايمان منهنجي زندگي کي آسان بڻائي ڇڏي ها، منهنجو بار هلڪو ٿئي ها ۽ منهنجي هن ۾ بي اعتباري سڄي ماحول کي بيحد خشڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ حالات شايد تمام سخت شڪل اختيار ڪري چڪا آھن. ٿورو تصوف ان کي شاعراڻو روپ ڏئي سگھي ٿو. پر منهنجي قسمت کي ڪنهن نشي جي سھاري جي ضرورت ناهي. آئون حقيقت شناس آهيان. آئون ضمير جي مدد سان اندروني فطرت تي فتح حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون هميشہ هن مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو آهيان. ڪوشش ڪرڻ انسان جو فرض آهي. ڪاميابي جو دارومدار موقعن ۽ ماحول تي آهي.
جيئن تہ ٻيو سوال اھو ھو تہ جيڪڏھن اھا وڏائي نہ ھئي تہ پوءِ پراڻي ۽ موجودہ عقيدي خدا جي وجود کي نہ مڃڻ جو ڪو سبب ھوندو. آئون ھاڻ ان ڳالھ تي پھتو آھيان. سمجھان ٿو تہ ڪو بہ ماڻهو جيڪو ٿورڙو عقلمند آھي، اھو پنھنجي ماحول کي منطقي طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. جتي سڌو سنئون ثبوت نہ آهي، اتي فلسفي جي اهميت آهي. جيئن آئون پھريان ئي پنھنجي ھڪ انقلابي ساٿي جي ڳالھ چئي چڪو آھيان تہ ”فلسفو انساني ڪمزوري جو نتيجو آھي“. جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي فرصت ۾ دنيا جي اسرار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل، ڇو ۽ ڪٿان، انهن سوالن کي سڌو سنئون ثبوتن جي غير موجودگي ۾ ھر ڪنھن پنهنجي پنھنجي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي مختلف مذهبي عقيدن ۾ ايترو تہ فرق نظر ٿو اچي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن دشمني ۽ جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ٿو. نہ رڳو اوڀر ۽ اولھ جي فلسفي ۾ اختلاف آهن، پر هر گول دائري جا پنهنجا پنهنجا اختلاف آهن. اوڀر جي مذهبن ۾ اسلام ۽ هندومت ۾ ڪا بہ مطابقت نہ آهي. خود هندستان ۾ ٻڌمت ۽ جين مت ان برهمڻزم کان بلڪل مختلف آهن، جن ۾ آريا سماج ۽ سناتن ڌرم جهڙا مخالف نظريا ملن ٿا. پراڻي زماني جو هڪ آزاد مفڪر چارواڪ آهي. هن قديم زماني ۾ خدا جي اختيار کي چيلينج ڪيو هو. اھي سڀ عقيدا ھڪ ٻئي کان بنيادي سوال تي مختلف آھن ۽ هر ڪو پاڻ کي صحيح ٿو سمجهي. بدقسمتي جي ڳالھ آهي تہ پراڻن مفڪرن جي تجربن ۽ خيالن کي مستقبل ۾ جهالت جي خلاف جنگ جو بنياد بڻائڻ بجاءِ ۽ ان پراسرار مسئلي جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ اسان سُستن وانگر روئي رهيا آهيون، جيڪو اسان ثابت ڪيو آهي، ان ۾ اڻ ڳڻيا ۽ بي پرواھ ايمان ۽ هر قسم جي ترقيءَ جي راھ ۾ رنڊڪ وجهڻ جا مجرم آھيون.
ڪو بہ ماڻهو جيڪو ترقيءَ لاءِ بيٺو آهي، ان کي پراڻي عقيدي جي هر شئي تي تنقيد، انڪار ۽ چيلينج ڪرڻو پوندو. هن کي هر شي جي بنياد کي موجودہ عقيدي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي سمجهڻو پوندو. جيڪڏهن غور فڪر کان پوءِ ڪنهن کي ڪنهن نظريي يا فلسفي تي يقين اچي ٿو تہ ان جي عقيدي کي ڀليڪار ڪيو ويندو. هن جو استدلال ڀليل، غلط، گمراھ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ ٿي سگهي ٿو. پر هو اصلاح جو ذميوار آهي ڇو تہ دليل هن جي زندگي جو رهنمائي ڪندڙ تارو آهي. پر رڳو ايمان ۽ انڌو عقيدو خطرناڪ آهي: اهو دماغ کي موڳو بڻائي ٿو ۽ انسان کي رجعت پسند بڻائي ٿو. هڪ ماڻهو جيڪو حقيقت پسند هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ان کي سڀني قديم عقيدن کي چئلينج ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ھو منطق جي حملي کي برداشت نٿو ڪري سگھي، اھو ٽڪر ٿي ويندو. ان کان پوءِ پھرين ڳالھ اھا آھي تہ نئين فلسفي جي قيام لاءِ، ان کي مڪمل طور ختم ڪري جاءِ خالي ڪري. اھو منفي پھلو آھي. پوءِ مثبت ڪم شروع ٿئي ٿو پراڻي عقيدن جي ڪجھ شين کي استعمال ڪندي ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ.
جيتري قدر منھنجو تعلق آھي آئون شروع ۾ ئي ان ڳالھ جو اعتراف ڪيان ٿو تہ ان نقطي تي منھنجو گھڻو مطالعو ناھي. مون کي مشرقي فلسفو پڙھڻ جي وڏي خواھش ھئي پر پڙھڻ جو ڪو موقعو ئي نہ مليو. پر جيتري قدر منفي مطالعو بحث ھيٺ آھي، آئون سمجھان ٿو تہ آئون ان حد تائين قائل آھيان تہ پراڻن عقيدن جي سچائي تي سوال اٿاريو وڃي. مون کي پورو يقين آهي تہ ڪنهن باشعور روح جو وجود ناهي جيڪو فطرت جي حرڪتن جي رھنمائي ۽ ھدايت ڪري ٿو. اسان فطرت ۾ يقين رکون ٿا ۽ سڄي ترقي پسند تحريڪ جو مقصد انسان جي خدمت لاءِ فطرت تي غلبو حاصل ڪرڻ آھي. ان پٺيان ان کي ھلائڻ لاءِ ڪا شعوري طاقت ناھي. اھو ئي آھي اسان جو فلسفو.

منفي طرف لاءِ، اسان ”مڃيندڙن“ کان ڪجھ سوال پڇڻ گھرون ٿا.

جيڪڏهن توهان مڃيو ٿا تہ هڪ قادر مطلق، حاضر ناضر، سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ عالم خدا آهي جنهن هن ڪائنات کي پيدا ڪيو تہ پوءِ مهرباني ڪري اھو ٻڌايو تہ هن ان کي ڇو پيدا ڪيو؟ مصيبتن ۽ ڏکن سان ڀريل دنيا – بيشمار مصيبتن جي دائمي ابدي اتحادن کان متاثر! هڪ بہ ماڻهو مڪمل طور تي مطمئن نہ آهي.
مهرباني ڪري اهو نہ چئو تہ اهو سندس قانون آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن قانون جو پابند آهي تہ پوءِ هو قادر مطلق نہ آهي. هو بہ اسان وانگر ھڪ غلام آهي. مهرباني ڪري اهو بہ نہ چئو تہ هي سندس تفريح آهي. نيرو صرف روم کي ساڙي ڇڏيو. هن تمام گهٽ ماڻهن کي قتل ڪيو. هن پنهنجي مڪمل وندر لاءِ، رڳو ٿورڙي بدامني پيدا ڪئي. ۽ تاريخ ۾ ان جو ڪهڙو مقام آهي؟ تاريخدان کيس ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟ مٿس سڀ زهريليون علامتون اڇلايون وڃن ٿيون. صفحا هن جي توهين جي جملن سان ڪارا ٿي ويا آهن، مذمت - نيرو هڪ بي دل، بي رحم، بڇڙو. هڪ چنگيز خان پنهنجي خوشنودي خاطر چند هزار جانيون کسي ورتيون ۽ اڄ اسان کي ان جي نالي کان نفرت آهي. تہ پوءِ اوھان پنهنجي قادرمطلق ابدي نيرو کي ڪيئن ثابت ڪرڻ وارا آھيو جيڪو هر روز، هر ڪلاڪ ۽ هر منٽ ۾ بيشمار سانحن جو سبب بڻجي رھيو آهي؟ پوءِ اوھان ڪيئن ٿا سوچو تہ ان جي غلط ڪمن ۾، جيڪي هر لمحي چنگيز خان کان وڌيڪ آهن؟ آئون چوان ٿو تہ ھن ھي دنيا ڇو پيدا ڪئي آھي – ھڪ سچي دوزخ، ھڪ مسلسل ۽ تلخ بدامني جي جاءِ؟ قادرمطلق ڇو انسان کي پيدا ڪيو جڏھن تہ ائين نہ ڪرڻ جي طاقت ھئي؟ ان سڄي ڳالھ جو ڪھڙو جواز آھي؟

ڇا اهو سڀ ڪجھ بعد ۾ بيگناھ مظلومن کي انعام ڏيڻ ۽ ظالمن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٿي رهيو آهي؟ ٺيڪ ٺيڪ: آخر ڪيستائين اُن شخص کي جواز بخشيندا رهندا، جيڪو اسان جي جسم کي زخمي ڪرڻ جي جرئت ڪري پوءِ نرم ۽ سڪون وارو عطر لڳائيندو؟ تلوار باز (Gladiator) اداري جي منتظمين کي ڪهڙي حد تائين جائز قرار ڏنو ويو هو، تہ ماڻهوءَ کي بکايل وحشي شينهن جي اڳيان اڇلائڻ جو، جيڪڏهن هو وحشي جانورن کان پنهنجي جان بچائين تہ پوءِ ان جو بهتر خيال رکيو ويندو؟ ان ڪري آئون پڇان ٿو تہ ان باشعور عظيم روح هن دنيا ۽ ان ۾ موجود انسانن کي ڇو پيدا ڪيو؟ خوشي ڳولڻ لاءِ؟ پوءِ هن ۾ ۽ نيرو ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
اي مسلمانو ۽ عيسائيو! ھندو فلسفو اڃا ھڪ ٻيو دليل پيش ڪندو. توهان اڳئين جنم کي نہ مڃيندا آهيو. توھان هندن وانگر اهو بحث نہ ٿا ڪري سگھو تہ ظاهري طور تي بيگناھ ماڻهن جا ڏک انهن جي پوئين جنم جي ڪرتوتن جو نتيجو آهن. آئون توھان کان پڇان ٿو تہ انھي قادرمطلق ڇهن ڏينهن تائين لفظ جي ذريعي دنيا جي تخليق لاءِ ڇو محنت ڪئي؟ ۽ هو هر روز ڇو ٿو چوي تہ سڀ ٺيڪ آهي؟ اڄ کيس سڏيو. کيس ماضي جي تاريخ ڏيکاريو. کيس اڄ جي حالتن جو مطالعو ڪرڻ ڏيو. اھو ڏسون تہ هو اهو چوڻ جي جرئت ڪري ٿو تہ ”سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي“.
جيل جي خانن کان وٺي شانتيءَ وارن شهرن تائين، بک جي تڙپندڙ لکين انسانن کان وٺي استحصالي مزدورن تائين، جيڪي صبر سان سرمائيدار ويمپائر جي رت چوسيندڙ عمل کي ڏسندو رهيو ۽ انساني طاقت جي بربادي کي ڏسندو رهيو، جنھن کي ڪير بہ نہ ٿو ڏسي سگهي. ننڍو عقل بہ خوف سان ٿڙڪي پوندو، ۽ اهو سوچيندي تہ اضافي مال کي ضرورتمندن ۾ ورهائڻ کان بهتر آهي تہ ان کي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي، بادشاهن جي محلات ۾، جن جا بنياد انساني هڏن تي رکيا ويا آهن... اهو سڀ ڪجھ هن کي ڏسڻ ڏيو. ڏسو ۽ پوءِ چئو - سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي! ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ اهو منهنجو سوال آهي. تون خاموش آهين ٺيڪ آهي، تنهنڪري آئون اڳتي وڌندس.
۽ اوهين هندو، توهان چئو ٿا تہ جيڪي اڄ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي پوئين جنم جا گناهگار آهن. چڱو. توھان چئو ٿا تہ اڄ جا ظالم پنهنجي پوئين جنم ۾ ساڃاھ وند هئا، ان ڪري هو اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن. مون کي مڃڻو پوندو تہ توهان جا ابا ڏاڏا ڏاڍا چالاڪ ماڻهو هئا. هن اهڙا اصول ٺاهيا، جن ۾ عقل ۽ ڪفر جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪرڻ جي ڪافي طاقت آهي. اچو تہ تجزيو ڪيون تہ اھي ڪيئن ٽڪي سگھي ٿو.
مشھور فقہ جي مطابق، سزا صرف ٽن يا چئن سببن جي ڪري مجرم تي ان جي اثر جي بنياد تي ثابت ٿي سگهي ٿي. اهي آهن - مزاحمت، خوف ۽ اصلاح. اڄڪلھ انتقامي نظريي تي سڀني ترقي پسند مفڪرن پاران مذمت ڪئي وڃي ٿي. خوف جو اصول بہ اتي ئي ختم ٿئي ٿو. انسانيت جي ترقيءَ لاءِ اصلاح جو اصول ئي ضروري ۽ لازمي آهي. ان جو مقصد مجرم کي هڪ قابل ۽ امن پسند شهري جي حيثيت سان سماج ۾ واپس آڻڻ آهي. پر پوءِ بہ جيڪڏهن اسان انسانن کي مجرم سمجهون ٿا تہ پوءِ انهن کي خدا جي طرفان ڪهڙي نوعيت جي سزا ڏني وئي آهي؟ توهان چئو ٿا تہ هو انهن کي ڳئون، ٻڪريون، وڻ، ٻوٽا يا جانور ٺاهي موڪلي ٿو. توهان ڳڻيو تہ 84 لک سزائون اهڙيون آهن. آئون پڇان ٿو تہ انهن جو اثر انسان تي هڪ سڌارڪ جي حيثيت ۾ ڇا آهي؟ ڪيترا اهڙا ماڻهو مليا آهن، جيڪي چون ٿا تہ هو پنهنجي پوئين جنم ۾ ڪنهن گناھ جي ڪري گڏھ جي روپ ۾ پيدا ٿيا آهن؟ هڪ بہ نہ؟ پراڻن مان مثال نہ ڏيو. مون وٽ توھانجي افساني لاءِ ڪا جاءِ ناهي. ۽ پوءِ ڇا توهان کي خبر آهي تہ دنيا جو سڀ کان وڏو گناھ غريب هجڻ آهي. غربت هڪ گناھ آهي. هي هڪ سزا آهي.
آئون پڇان ٿو تہ ڪيتري حد تائين اسان کي سزا جي عمل جي ساراھ ڪرڻ گهرجي، جيڪو لازمي طور تي انسان کي وڌيڪ ڏوهن ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو؟ ڇا توهان جي خدا اهو نہ سوچيو هو يا هن کي بہ انسانيت جي ناقابل بيان مصيبتن جي قيمت تي تجربن ذريعي اهي سڀ شيون سکڻ گهرجن؟ توهان ڇا ٿا سمجهو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو غريب يا اڻ پڙهيل گهراڻي ۾ پيدا ٿئي ٿو، جهڙوڪ چمار يا ٻھاريدار جهڙو ماڻهو؟ هو غريب هئڻ ڪري پڙھي نٿو سگهي. هو پنهنجي همعصرن کان بيزاري ۽ ڪنارڪشي ڪري ٿو، جيڪي پاڻ کي اعليٰ ذات ۾ پيدا ٿيڻ سبب پاڻ کي اعليٰ سمجهن ٿا. هن جي بي خبري، هن جي غربت ۽ هن سان ٿيندڙ سلوڪ هن جي دل کي سماج کان پري ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ڪو گناھ ڪيو تہ پوءِ ان جو نتيجو ڪير ڀوڳيندو؟ خدا، هو پاڻ يا سماج جا بابا؟ ۽ انهن جي سزا جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، جن کي مغرور برهمڻن پاران ڄاڻي واڻي اڻڄاڻ رکيو ويو ۽ جن کي توھان جي مقدس ڪتابن يعني ويدن جي مقدس ڪتابن مان چند جملا ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ڪنن ۾ پگھريل سيسا وهائڻ جو عذاب ڀوڳڻو پيو؟ جيڪڏهن هنن ڪو ڏوھ ڪيو تہ پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ ۽ انهن جو ڌڪ ڪير کڻندو؟ منهنجا پيارا دوستو! اهي نظريا مراعات يافتہ ماڻهن جي ايجاد آهن. اهي انهن اصولن جي آڌار تي پنهنجي غصب ڪيل طاقت، سرمائي ۽ برتري کي جائز قرار ڏين ٿا. شايد اپٽن سنڪليئر ڪٿي لکيو آهي تہ انسان کي امرت ۾ يقين ڏياريو ۽ پوءِ ان جي سموري دولت ۽ مال لٽيو. هو توهان جي مدد ڪندو هن ڪم ۾ بغير ڪنهن شڪ جي. جيل، ڦاسيون، ڪوڙا ۽ اهي اصول مذهب جي پرچارڪن ۽ اقتدار جي مالڪن جي اتحاد مان ئي پيدا ٿين ٿا.
آئون پڇان ٿو تہ تنهنجو قادر مطلق خدا هر ماڻهوءَ کي ڇو نٿو روڪي جڏهن هو ڪو گناھ يا ڏوھ ڪري رهيو آهي؟ هو اهو ڪم تمام آساني سان ڪري سگهي ٿو. هن جنگجو بادشاهن جي جنگ جو خاتمو ڇو نہ ڪيو ۽ انسانيت کي عالمي جنگين جي آفتن کان ڇو نہ بچايو؟ هن انگريزن جي ذهنن ۾ هندستان کي آزاد ڪرڻ جو جذبو ڇو نہ پيدا ڪيو؟ اهو سرمائيدارن جي دلين ۾ پرهيزگاري جو جوش ڇو نہ ٿو پيدا ڪري تہ هو پيداوار جي وسيلن تي پنهنجا انفرادي ملڪيت جا حق ڇڏي ڏين ۽ اهڙي طرح نہ رڳو پوري پورهيت طبقي کي پر پوري انساني سماج کي سرمائيداريءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪن؟ توهان سوشلزم جي عملييت تي بحث ڪرڻ چاهيو ٿا. آئون ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ توهان جي رب تي ڇڏيان ٿو. ماڻهو سوشلزم جي خوبين تي يقين رکن ٿا، جيستائين عام ڀلائي جو تعلق آهي. ان جي مخالفت ان ڪري ڪن ٿا تہ اهو عملي ناهي. خدا اچي ۽ شيون صحيح ڪري. ھاڻ دليل ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو اھي مدي خارج آھن. انگريزن جو راڄ هتي ان ڪري نہ آهي جو خدا اھو ٿو چاهي، پر ان ڪري آهي جو انهن وٽ طاقت آهي ۽ اسان ۾ انهن جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ناهي. اهي اسان کي خدا جي مدد سان نہ، پر بندوقن، رائفلن، بمن ۽ گولين، پوليس ۽ فوج جي مدد سان پنهنجي راڄ هيٺ رکي رھيا آھن. اها اسان جي بي حسي آهي تہ اهي سماج جي خلاف سڀ کان وڌيڪ قابل مذمت جرم ڪاميابي سان ڪري رهيا آهن يعني هڪ قوم جو ٻي قوم جو ظالماڻو استحصال. خدا ڪٿي آهي؟ ھو ڇا ڪري رھيو آھي؟ ڇا هو انسانن جي انهن مصيبتن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي؟ هڪ نيرو، هڪ چنگيز!! ھن سان گڏ.
ڇا توھان مون کان پڇو ٿا تہ آئون هن دنيا جي شروعات ۽ انسان جي شروعات کي ڪيئن بيان ڪريان؟ ٺيڪ، آئون توهان کي ٻڌايان ٿو. چارلس ڊارون ان موضوع تي ڪجھ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کي پڙهو. سوھام سوامي جو ڪتاب ”Common Sense“ پڙھو. اھو ڪنھن حد تائين توھان جي سوال جو جواب ڏيندو. اهو فطرت جو هڪ رجحان آهي. ڌرتي هڪ نيبولا جي شڪل ۾ مختلف مادن جي حادثاتي ميلاپ سان ٺهي آھي. ڪڏهن؟ تاريخ کي ڏسو. هن قسم جي واقعي مان جانور پيدا ٿيا ۽ گهڻي عرصي ۾ انسان. ڊارون جو ڪتاب ”Origin of Species“ پڙهو. ۽ ان کان پوءِ سموري ترقي انسان جي فطرت سان مسلسل جدوجهد ۽ ان تي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جي ڪري ٿي. اهو شايد هن رجحان جي سڀ کان وڌيڪ ذيلي وضاحت آهي.

توهان جو ٻيو دليل اهو ٿي سگهي ٿو تہ ٻار انڌو يا منڊو ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ ڇا اھو سندس پوئين جنم ۾ ڪيل عملن جو نتيجو ناهي؟ ھن مسئلي کي حياتيات جي ماهرن صرف هڪ حياتياتي رجحان جي طور تي بيان ڪيو آهي. انهن جي مطابق سڄو بار انهن والدين جي ڪلهن تي هوندو آهي جيڪي شايد ڄاڻائي يا اڻڄاڻي ۾ جيڪي ڪم ڪن ٿا اھي ٻار تي اثرانداز ٿين ٿا.
يقينن توهان هڪ ٻيو ٻاراڻو سوال پڇي سگهو ٿا. جيڪڏهن خدا نہ آهي تہ پوءِ ماڻهو هن کي ڇو ٿا مڃين؟ منهنجو جواب چٽو ۽ صاف آهي. جنهن طريقي سان اهي ڀوتن ۽ بد روحن تي يقين ڪرڻ لڳا. فرق صرف اهو آهي تہ خدا ۾ عقيدو آفاقي آهي ۽ فلسفو انتهائي ترقي يافتہ آهي. ان جي شروعات جو ڪريڊٽ انهن استحصالي قوتن کي وڃي ٿو، جيڪي خدا جي وجود جي تبليغ ڪري، ماڻهن کي پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ چاهيندا هئا ۽ انهن کان پنهنجي خاص حيثيت جو اختيار ۽ منظوري گهرندا هئا. سڀئي مذهب، فرقا، عقيدا ۽ ٻيا اهڙا ادارا آخرڪار بي رحم ۽ استحصالي ادارن، فردن ۽ طبقن جا حامي بڻجي ويندا آهن. بادشاهي خلاف هر بغاوت هر مذهب ۾ هميشہ گناھ رهي آهي.
انسان جي حدن کي سڃاڻي، ان جي نقصن ۽ خامين کي سمجهي، انسان کي آزمائش جي وقت ۾ بهادري سان منهن ڏيڻ، مردانگي سان سڀني خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ خوشحالي ۽ آسودگي ۾ سندس ڌماڪي کي بند ڪرڻ جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هڪ خيال وجود ۾ آيو. خدا جو تصور ڪيو ويو، اھڙي مبالغدار انداز ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو ان جي ذاتي اصولن ۽ والدين جي سخاوت سان ڀريل ھو. ۽ جڏھن سختي ۽ ذاتي ضابطن جي ڳالھ اچي ٿي تہ ان کي خوفزدہ طور پيش ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ڪو بہ انسان سماج لاءِ خطرو نہ بڻجي. جڏهن هن جي سرپرستي خاصيتن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، ھن کي پيء، ماء، ڀاء، ڀيڻ، دوست ۽ مددگار طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڀني دوستن جي خيانت ۽ ڇڏي وڃڻ تي وڏي پريشاني ۾ هوندو آهي، تہ هو ان سوچ ۾ سڪون حاصل ڪري سگهي ٿو تہ هڪ سچو دوست هميشہ هن جي مدد لاءِ موجود آهي ۽ اهو تہ هو قادر مطلق آهي جيڪو ڪجھ بہ ڪري سگهي ٿو. درحقيقت اهو قديم زماني ۾ سماج لاءِ مفيد هو. خدا جو تصور درد ۾ مبتلا انسان لاءِ مفيد آهي.
سماج کي ان عقيدي کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏ بت پرستيءَ ۽ مذهب جي تنگ تصور سان بہ وڙهڻو آهي. انسان جڏهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ حقيقت پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تہ کيس ايمان کي هڪ طرف رکڻ گهرجي ۽ مردانگي سان انهن سڀني مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ گهرجي، جيڪي حالتون مٿس اچي سگھن ٿيون. اھو اڄ منهنجو موقف آهي. اها منهنجي انا ناهي، منهنجا دوست! اهو منهنجي سوچ جو انداز آهي جنهن مون کي ناستڪ بڻائي ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ خدا تي ايمان ۽ روزاني نماز انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خودغرض ۽ زوال وارو ڪم آهي. مون ناستڪن کي پڙهيو آهي جن بهادري سان سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏنو آھي. ان ڪري آئون بہ ھڪ مرد وانگر ڦاسي جي آخري گهڙي تائين سر بلندي سان بيهڻ چاهيان ٿو.
ڏسون تہ آئون ڪيئن ڪريان ٿو. منهنجي هڪ دوست مون کي دعا لاءِ چيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو تہ آئون ناستڪ آهيان، تڏهن چيائين، تنهنجي آخري ڏينهن ۾ تو کي يقين اچي ويندو. مون چيو، نہ پيارا دوست، ائين نہ ٿيندو. آئون پنھنجي لاءِ اھا بي عزتي ۽ بداخلاقي سمجھان ٿو. خود غرضي سبب، آئون دعا نہ گھرندس. پڙهندڙو ۽ دوستو، ”ڇا هي وڏائي آهي؟“ جيڪڏهن ائين آهي، مون کي قبول آهي.


__________
[1] ڪتاب “Common Sense” سوھام سوامي جو آھي، نيرالمبا سوامي جو نہ. ڀڳت سنگھ کان حوالو ڏيڻ ۾ غلطي ٿي آھي. نيرالمبا سوامي، سوھام سوامي جو شاگرد ھو.