انقلاب زنداباد جي نعري ھيٺ
توهان پنهنجي معزز ميگزين جي ڊسمبر 1929ع واري شماري ۾ ”انقلاب زنداباد“ جي عنوان سان ھڪ تبصرو لکيو آهي ۽ ان نعري کي بي معنيٰ هجڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. اها اسان جي طرفان بي ادبي ھوندي تہ هڪ اهڙي پراڻي، تجربيڪار ۽ نامور صحافيءَ جي بيان کي رد ڪرڻ يا ان جي ترديد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جنھن جي شخصيت عظيم آھي، جنهن جي هر روشن خيال هندستاني تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو. تڏهن بہ اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا تہ ان جملي ذريعي جيڪو بيان ڪرڻ چاهيون ٿا، ان جي وضاحت ڪريون، جيئن تہ هن مرحلي تي هن ملڪ ۾ ھن ”رڙين\ نعرن“ کي پبليسٽي ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
اھو نعرو اسان نہ ٺاھيو آھي. اھو ساڳيو نعرو روس جي انقلابي تحريڪ ۾ استعمال ٿيندو ھو. مشهور سوشلسٽ ليکڪ اپٽن سنڪليئر، پنهنجي ناول ”بوسٽن اينڊ آئل“ ۾ ڪجھ انارڪيسٽ انقلابي ڪردارن ذريعي هن نعري کي استعمال ڪيو آهي. جملي جو مطلب ڪڏهن بہ اهو نہ آهي تہ ھٿياربند ويڙھ سدائين جاري رھي، يا ڪجھ بہ ڪڏهن بہ ٿوري وقت لاءِ بہ بيھڻ نہ گهرجي. گهڻي وقت تائين استعمال ٿيڻ سبب هن نعري کي هڪ اهڙو خاص احساس حاصل ٿي ويو آهي، جنهن کي ٻوليءَ ۽ اصطلاحن جي قاعدن جي بنياد تي ڪنهن معقول منطقي صورت ۾ ثابت نہ ٿو ڪري سگهجي، پر ساڳئي وقت هن نعري کي هڪ خاص خيال بہ ملي ٿو. جيڪي ان سان جڙيل آهن انهن کي جدا نہ ٿو ڪري سگهجي. اهي سڀ نعرا هڪ مڃيل معنيٰ جا اهڃاڻ آهن، جيڪو انهن ۾ هڪ حد تائين پيدا ٿيو آهي ۽ هڪ حد تائين ان ۾ سمايل آهي. مثال طور، اسان جتن داس زنداباد جو نعرو هڻي رهيا آهيون. ان جو اھو مطلب ناھي تہ داس جسماني طور ھميشہ جيئرو رھي. اسان جو مطلب آهي تہ سندس زندگيءَ جي عظيم آدرش کي هميشہ لاءِ رکڻو آهي ۽ ان جوش کي، جنهن هن عظيم قربانيءَ کي بيحد سختيون برداشت ڪرڻ ۽ ان آدرش لاءِ لاتعداد قربانيون ڏيڻ لاءِ متاثر ڪيو. هي نعرو هڻي اسان جي خواهش جو اظهار ٿو ڪيو وڃي تہ اسان بہ پنهنجي آدرشن لاءِ ڀرپور جوش ۽ جذبي کي اختيار ڪريون. هي جذبو آهي جنهن کي اسين ساراهيون ٿا.
ساڳيءَ طرح لفظ ”انقلاب“ جي لغوي معنيٰ نہ وٺڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو هن لفظ کي مناسب ۽ نامناسب استعمال ڪن ٿا، انهن جي مفادن جي لحاظ کان ان سان مختلف معنائون ۽ صفتون جڙيل آهن. ھي نعرو استحصال جي قائم ڪيل ايجنسين لاءِ اهو خون آلود وحشت جو احساس پيدا ڪري ٿو. انقلابين جي نظر ۾ هي هڪ مقدس جملو آهي. اسان سيشن جج دهليءَ جي سامهون اسيمبلي بم ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي بيان ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ”انقلاب“ لفظ مان اسان جو مطلب ڇا آهي؟
ان بيان ۾ اسان چيو تہ انقلاب جو مطلب هٿياربند تحريڪ نہ آهي. بم ۽ پستول ڪڏهن ڪڏهن انقلاب کي ڪامياب بڻائڻ جو واحد وسيلو ٿي سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ بم ۽ پستول ڪجھ تحريڪن ۾ اهم اوزار ثابت ٿيندا آهن، پر ان لاءِ رڳو بم ۽ پستول انقلاب جو مترادف نہ آهن. بغاوت کي انقلاب نٿو چئي سگهجي، جيتوڻيڪ بغاوت جو آخري نتيجو انقلاب ئي ٿي سگهي ٿو. هڪ جملي ۾ لفظ انقلاب جي معنيٰ آهي ترقي لاءِ تبديليءَ جو جذبو ۽ تمنا. ماڻهو عام طور تي زندگي جي روايتي حالتن کي ڇڪيندا آهن ۽ تبديليءَ جي سوچ تي لرزندا آهن. هي بي حسي آهي، جنهن کي انقلابي جذبي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو تہ بي حسي جو ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ قدامت پسند قوتون انساني سماج کي غلط رستي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. اهي حالتون انساني سماج جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ۽ مفلوجي جو سبب بڻجن ٿيون. انسانيت جي روح کي انقلاب جي ان جذبي سان مستقل طور تي جوڙيو وڃي، تہ جيئن قدامت پسند قوتون منظم نہ ٿي سگهن ۽ انساني سماج جي ترقي ۾ رڪاوٽ نہ بڻجن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ پراڻي نظم هميشہ لاءِ نہ رهي ۽ ان ۾ نئين نظم جي گنجائش پيدا ٿئي، تہ جيئن هڪ مثالي نظم دنيا کي بگاڙ کان بچائي سگهي. هي اسان جو ارادو آهي، جنهن کي اسان پنهنجي دلين ۾ محفوظ ڪري ”انقلاب زندا آباد“ جو نعرو هڻون ٿا.
توهانجا مخلص
ڀڳت سنگھ
بي.ڪي دت