تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انقلاب زنداباد

ھي ڪتاب برصغير جي آزاديءَ جي انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهہ جي تحريرن ۽ خطن تي مشتمل آھي. ڀڳت سنگهہ پنھنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ 1919ع ۾  جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج سان ڪيو جنھن ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ھن انگريزن خلاف جنگ جاري رکي ۽ ڪيترائي حلا ڪيا جنھن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو. آخرڪار انگريز ففوج کيس گرفتار ڪيو ۽ ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنھي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شادمان چوڪ تي ڦاسي ڏني وئي.

  • 4.5/5.0
  • 2
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀڳت سنگهہ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book انقلاب زنداباد

نوجوان سياسي ڪارڪنن ڏانھن

(2 فيبروري 1931ع تي لکيل هي دستاويز هندستان جي نوجوان سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ قسم جو پيغام آهي. ان وقت ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ ڪنهن قسم جي ٺاھ جون ڳالهيون هوا ۾ هيون. هن دستاويز ذريعي ڀگت سنگھ وضاحت ڪئي تہ ڪڏهن سمجهوتو جائز آهي ۽ ڪڏهن نہ. هن اهو بہ واضح ڪيو تہ ڪانگريس جنهن طريقي سان تحريڪ هلائي رهي آهي، اها ڪنهن نہ ڪنهن سمجهوتي ۾ ختم ٿيڻ جي پابند آھي. پوءِ موجودہ حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، هن آخر ۾ نوجوانن کي صلاح ڏني تہ مارڪسزم کي نظريي جي طور تي اپنائن، ماڻهن ۾ ڪم ڪن، مزدورن ۽ هارين کي منظم ڪن ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهين.)


پيارا ڪامريڊو

هن وقت اسان جي تحريڪ انتهائي اهم مرحلي مان گذري رهي آهي. گول ميز ڪانفرنس، هڪ سال جي سخت جدوجهد کان پوءِ، آئيني سڌارن جي حوالي سان ڪجھ ڳالهيون اسان جي سامهون پيش ڪيون آهن ۽ ڪانگريسي اڳواڻن کي چيو ويو آهي تہ اهي موجودہ حالتن ۾ پنهنجو احتجاج واپس وٺي ان ۾ مدد ڪن. اسان لاءِ اها ڪا اهميت واي ڳالھ نہ آهي تہ هو تحريڪ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا يا نہ. يقين آهي تہ موجودہ تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ ۾ ختم ٿيندي. اها ڳالھ الڳ آهي تہ معاهدو جلد ٿئي ٿو يا دير سان. حقيقت ۾، سمجهوتو خراب يا ناپسنديدہ شي ناهي، جيئن اهو اڪثر سمجھيو ويندو آهي. هي سياسي جدوجهد جو هڪ لازمي شرط ۽ سياسي حڪمت عملي آهي. جيڪا بہ قوم ظالم حڪمرانن جي خلاف اٿي کڙي ٿيندي آھي اھا شروعات ۾ ئي ناڪام ٿيندي آھي. جدوجھد جي وچ ۾ ڪجھ اڌ سڌارا سمجھوتي ذريعي حاصل ڪيا ويندا آھن، ۽ صرف آخري مرحلي تي- جڏھن سموريون قوتون ۽ وسيلا پوريءَ طرح متحرڪ ٿي وڃن تہ حڪمران طبقي کي ناس ڪرڻ لاءِ آخري زور لڳائي سگھجي ٿو. پر اهو بہ ممڪن آهي تہ پوءِ بہ ناڪامي ملي ۽ ڪنهن قسم جو سمجهوتو ضروري ٿي پوي. اهو روس جي مثال سان چڱي طرح بيان ڪري سگهجي ٿو.
1905ع ۾ جڏهن روس ۾ انقلابي تحريڪ شروع ٿي تہ سياسي اڳواڻن کي وڏيون اميدون هيون. لينن پرڏيھ مان موٽي آيو ھو، جتي هن پناھ ورتي هئي، ۽ جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ماڻهو ھن کي ٻڌائڻ اچن ٿا تہ درجنين جاگيردار مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي محل ساڙيا ويا آهن. لينن جواب ۾ چيو تہ واپس وڃو ۽ 1200 جاگيردارن کي ماريو ۽ اوترن ئي محلن کي ساڙيو. ڇو تہ ناڪام بہ ٿيو تہ ان جو ڪو مطلب ھوندو. ڊوما (روسي پارليامينٽ) قائم ڪئي وئي. ساڳي لينن ڊوما ۾ شموليت جي حمايت ڪئي. اها 1907ع جي ڳالھ آهي، جڏهن 1906ع ۾ هو پهرين ڊوما ۾ حصو وٺڻ جي خلاف هو، ان حقيقت جي باوجود تہ ان ڊوما ۾ ڪم ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا هئا ۽ هن ڊومي جا اختيار انتهائي محدود هئا. اهو فيصلو بدليل حالتن جي ڪري ڪيو ويو. رد عمل واري قوتون هاڻي عروج تي هيون ۽ لينن ڊوما جي فورم کي سوشلسٽ خيالن تي بحث ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ پئي چاهيو.

وري 1917ع جي انقلاب کان پوءِ، جڏهن بالشويڪ کي مجبور ڪيو ويو تہ هو بريسٽ-ليتووسڪ جي معاهدي تي صحيحون ڪن، تڏهن لينن کان سواءِ هر ڪنهن ان جي مخالفت ڪئي. پر لينن چيو، ”امن“، ”امن ۽ وري امن! ڪنهن بہ قيمت تي امن ٿيڻ گهرجي.“ جڏهن ڪجھ بالشويڪ مخالفن هن معاهدي لاءِ لينن تي تنقيد ڪئي، تڏهن هن واضح طور تي چيو تہ بالشويڪ جرمن حملي کي برداشت ڪرڻ جي قابل نہ آهن، ان ڪري مڪمل تباهي تي هڪ معاهدي کي ترجيح ڏني.
آئون جيڪا ڳالھ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو تہ ڳالھ ٻولھ هڪ اهڙو اهم هٿيار آهي، جنهن کي جدوجهد جي ترقي سان استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو، پر جنهن ڳالھ کي هميشہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي، اهو آهي تحريڪ جو مقصد. اسان کي انهن مقصدن بابت بلڪل واضح هجڻ گهرجي جن لاءِ اسان وڙهندا آهيون. اهو اسان کي اسان جي تحريڪ جي ڪاميابين، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ايندڙ پروگرام ٺاهڻ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تلڪ جي پاليسي - ان جي مقصد جي لحاظ کان - يعني هن جي حڪمت عملي تمام سٺي هئي. توهان پنهنجي دشمن کان سورهن آنا حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا آهيو. توهان هڪ آنو حاصل ڪريو ٿا، ان کي کيسي ۾ رکو ۽ باقي لاء وڙهندا رهو. اعتدال پسندن ۾ جيڪا ڳالھ اسان نوٽ ڪريون ٿا، اها سندن آدرش آهي. اهي ھڪ آني لاءِ وڙھندا آھن انڪري انھن کي کي ڪجھ بہ حاصل نٿو ٿئي. انقلابين کي اها ڳالھ هميشہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ هو هڪ اهڙي انقلاب لاءِ وڙھي رھيا آھن، جيڪو بنيادي تبديلي آڻيندو. کين اقتدار جي ڏور مڪمل طور تي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻي آهي. معاهدن جو خوف ان ڪري آهي جو رجعت پسند قوتون معاهدي کان پوءِ انقلابي قوتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اسان کي اهڙن موقعن تي تمام گهڻو محتاط رهڻ گهرجي تہ جيئن حقيقي مسئلن خاص طور تي مقصد کي بگاڙجي نہ. انگلينڊ جي ليبر پارٽي حقيقي جدوجهد سان خيانت ڪئي آهي ۽ اُهي (ان جا اڳواڻ) صرف ڪرپٽ سامراج بڻجي ويا آهن. منهنجي خيال ۾ جنوني رجعت پسند اسان لاءِ انهن رنگيل سامراجي مزدور اڳواڻن کان بهتر آهن. اسان کي حڪمت عملي بابت لينن جي زندگيءَ ۽ ان جي تحريرن تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي. ٺاھ جي معاملي تي سندس واضح خيال ”کاٻي ڌر“ ڪميونزم ۾ ملن ٿا.
مون چيو آهي تہ موجودہ تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ تي ختم ٿي ويندي يا مڪمل ناڪامي تي.
مون اهو ان ڪري چيو آهي تہ منهنجي خيال ۾ حقيقي انقلابي قوتون هن وقت ميدان ۾ نہ آهن. اها جدوجهد وچولي طبقي جي دڪاندارن ۽ چند سرمائيدارن جي زور تي هلي رهي آهي. اهي ٻئي طبقا خاص ڪري سرمائيدار پنهنجي ملڪيت يا مال کي خطري ۾ وجهڻ جي جرئت نٿا ڪري سگهن. حقيقي انقلابي قوتون ڳوٺن ۽ ڪارخانن ۾ آهن - هارين ۽ مزدورن ۾ آھن. پر اسان جا ”بورجوا“ (خوشحال) اڳواڻ انھن کي منھن ڏيڻ جي جرئت نٿا ڪن ۽ نٿا ڪري سگھن. اهي ستل شينهن هڪ دفعو پنهنجي اوندھ جي ننڊ مان جاڳندا تہ اسان جي اڳواڻن جا مقصد پورا ٿيڻ کان پوءِ بہ اهي رڪجڻ وارا نہ آهن. 1920ع ۾ احمد آباد جي مزدورن سان پنهنجي پهرين تجربي کان پوءِ، مهاتما گانڌي چيو هو تہ، ”اسان کي مزدورن سان اتحاد نہ ڪرڻ گهرجي. ڪارخانن جي رواجي ماڻھن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ خطرناڪ آهي“ (دي ٽائمس، مئي 1921). ان وقت کان وٺي هن ڪلاس کي ڪڏھن بہ گڏ کڻي وڃڻ جي زحمت نہ ڪئي وئي. ساڳي حالت هارين جي آهي. 1922ع جو باردولي ٺھراء اهو واضح ڪري ٿو تہ اڳواڻن کي خطرو محسوس ٿيو جڏهن هنن هارين جي بغاوت کي ڏٺو، جنهن کي نہ رڳو ڌارين قوم جي تسلط کان آزادي حاصل ڪرڻي هئي، پر مقامي زميندارن جون زنجيرون بہ ٽوڙڻيون هيون.
اهو ئي سبب آهي جو اسان جا اڳواڻ هارين جي اڳيان جهڪڻ بدران انگريزن آڏو گوڏا کوڙڻ پسند ڪن ٿا. پنڊت جواهر لال کي ڇڏي، توهان ڪنهن اهڙي اڳواڻ جو نالو ٻڌائي سگهو ٿا جنهن مزدورن يا هارين کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟ نہ، اھو خطرو نہ کڻندا. اهو ئي آهي جنهن جي انهن ۾ گهٽتائي آهي، ان ڪري آئون چوان ٿو تہ اهي مڪمل آزادي نٿا چاهين. معاشي ۽ انتظامي دٻاءُ کي لاڳو ڪري، اهي ڪجھ وڌيڪ سڌارا، يعني هندستاني سرمائيدارن لاءِ ڪجھ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڪري آئون چوان ٿو تہ هن تحريڪ جي ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي- شايد بغير ڪنهن ٺاھ جي يا ان بغير. نوجوان ڪارڪن، جيڪي پوري دل سان ”انقلاب زنداباد“ جا نعرا هڻن ٿا، اهي پاڻ مڪمل طور تي منظم نہ آهن ۽ پنهنجي تحريڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي طاقت نٿا رکن. حقيقت ۾ پنڊت موتي لال نهرو کان سواءِ اسان جا وڏا اڳواڻ ڪا بہ ذميواري کڻڻ نٿا چاهين. اهو ئي سبب آهي جو هو هر ڀيري گانڌي جي اڳيان غير مشروط طور تي گوڏن ڀر گوڏا کوڙيندا آهن. اختلاف راءِ جي باوجود بہ سخت مخالفت نہ ڪندا آهن ۽ گانڌي جي ڪري ٺهراءُ پاس ڪيا ويندا آهن.
اهڙين حالتن ۾ آئون انقلاب لاءِ سنجيدہ نوجوان ڪارڪنن کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو تہ مشڪل وقت اچڻ وارو آهي، هوشيار رهو، حوصلو نہ هاريو ۽ مونجهارن ۾ نہ پئو. عظيم گانڌي جي ٻن جدوجهدن جي تجربن کان پوءِ، اسان اڄوڪي صورتحال ۽ مستقبل جي پروگرام بابت واضح راءِ قائم ڪري سگهون ٿا.
هاڻي آئون هن ڪيس کي بلڪل سادي انداز ۾ بيان ڪندس. توھان ”انقلاب زندا آباد“ جو نعرو بلند ڪريو. آئون سمجهان ٿو تہ توهان سمجهي رهيا آهيو تہ ان جو مطلب ڇا آهي. اسان جي اسيمبلي بم ڪيس ۾ ڏنل تعريف مطابق انقلاب جو مطلب موجودہ سماجي ڍانچي ۾ مڪمل تبديلي ۽ سوشلزم جو قيام آهي. هن مقصد ڏانهن اسان جو پهريون قدم طاقت حاصل ڪرڻ آهي. حقيقت ۾ رياست يعني سرڪاري مشينري، حڪمران طبقي جي هٿن ۾ صرف هڪ اوزار آهي، جنهن جي پنهنجي مفادن جي حفاظت ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ. اسان چاهيون ٿا تہ هن اوزار کي کسي ان کي پنهنجي آدرشن جي پورائي لاءِ استعمال ڪريون. اسان جي مثالي سماجي جوڙجڪ نئين انداز ۾ آهي، يعني مارڪسسٽ انداز ۾. ان مقصد لاءِ حڪومتي مشينري کي استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. عوام کي مسلسل تعليم ڏيڻي پوندي تہ جيئن ان جي سماجي پروگرام جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. اسان کين سٺي تربيت ۽ تعليم صرف جدوجهد دوران ئي ڏئي سگهون ٿا.
انهن ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ، يعني پنهنجي فوري ۽ حتمي مقصد کي واضح طور سمجهڻ سان، اسان اڄ جي صورتحال جو تجزيو ڪري سگهون ٿا. ڪنهن بہ صورتحال جو تجزيو ڪرڻ وقت اسان کي هميشہ مڪمل طور تي مخلص ۽ عملي هجڻ گهرجي. اسان ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هندستان جي حڪومت ۾ هندستانين جي شموليت جي حوالي سان اٿل پٿل هئي، تڏهن منٽو مارلي سڌارا لاڳو ڪيا ويا هئا، جن ذريعي وائسراءِ ڪائونسل کي صرف مشاورتي اختيار ڏنا ويا هئا. پهرين عالمي جنگ دوران، جڏهن هندستاني امداد جي تمام گهڻي ضرورت هئي، هڪ خودمختيار حڪومت جو واعدو ڪيو ويو ۽ موجودہ سڌارن تي عمل ڪيو ويو. اسيمبليءَ کي قانون سازي جا ڪجھ محدود اختيار ڏنا ويا، پر سڀ ڪجھ وائسراءِ جي خوشنودي تي منحصر هو. هاڻي ٽيون مرحلو آهي.
هاڻي سڌارن تي ڳالھ ٻولھ ٿي رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ انهن تي عمل ڪيو ويندو. هاڻي نوجوان انهن کي ڪيئن آزمائي سگهن ٿا؟ هي هڪ سوال آهي. مون کي خبر ناهي تہ ڪانگريس جا اڳواڻ کيس ڪيئن انصاف ڏيندا؟ پر اسان انقلابي انهن جو فيصلو هيٺين معيارن تي ڪنداسين.

1. حڪومت جي ذميواري ڪيتري حد تائين هندستانين جي حوالي ڪئي وئي آهي؟
2. حڪومت هلائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي حڪومت ٺهي ٿي ۽ عام ماڻهن کي ان ۾ حصو وٺڻ جو ڪهڙو موقعو ملي ٿو؟
3. مستقبل ۾ ڪهڙا امڪان آهن ۽ انهن ڪاميابين کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟

شايد ڪجھ وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. پهرين ڳالھ اها آهي تہ اسان جي عوام جا نمائندا ايگزيڪيوٽو مٿان ڪيترا اختيار ۽ ذميداريون حاصل ڪن ٿا. هن وقت تائين ايگزيڪيوٽو کي قانون ساز اسيمبليءَ جو ذميوار نہ بڻايو ويو آهي. وائسراءِ وٽ ويٽو جو اختيار آهي، جيڪو چونڊيل نمائندن جي سڀني ڪوششن کي بي اثر ڪري ٿو، روڪي ٿو. اسان سوراجيا پارٽي جا شڪر گذار آهيون جن جي ڪوششن لاءِ وائسراءِ بي شرميءَ سان هن طاقت کي بار بار استعمال ڪيو ۽ قومي نمائندن جي باوقار فيصلن کي پيرن هيٺان لتاڙيو. اهو بلڪل واضح آهي ۽ وڌيڪ بحث جي ضرورت ناهي.
اچو تہ سڀ کان پهرين غور ڪريون تہ ايگزيڪيوٽو جي قيام جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ڇا ايگزيڪيوٽو اسيمبليءَ جا چونڊيل ميمبر چونڊيا ويندا يا انھن کي اڳي ئي مٿان کان لاڳو ڪيو ويندو؟ ڇا اهي اسيمبليءَ کي جوابدہ هوندا يا اڳ وانگر اسيمبليءَ جي توهين ڪندا؟
جيستائين ٻئي نقطي جو تعلق آهي، اسان ان کي بالغ جي ووٽ جي حق جي نقطہ نظر کان ڏسي سگهون ٿا. ملڪيت جي شرط کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ يونيورسل ووٽنگ جو حق ڏنو وڃي. هر بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي. هاڻي اسان صرف اهو ڏسي سگهون ٿا تہ ووٽ جو حق ڪيتري حد تائين ڏنو ويو آهي.
هتي آئون صوبائي خودمختياري بابت ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو. مون جيڪو ڪجھ ٻڌو آهي، تنهن مان اهو چئي سگهان ٿو تہ مٿان کان مسلط ٿيل گورنر، جنهن کي اسيمبليءَ تي خاص اختيار ڏنا ويا آهن، اهو ڪنهن ڊڪٽيٽر کان گهٽ نہ ثابت ٿيندو. اچو تہ ان کي صوبائي ”خودمختياري“ نہ چئون پر ان کي ”صوبائي جبر“ چئون. رياست جي ادارن جي هي عجيب جمهوريت آهي.
ٽيون نقطو بلڪل واضح آهي. گذريل ٻن سالن کان انگريز سياستدان ان واعدي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آھن، جيڪو مونٽيگو ڪيو هو تہ هر ڏهن سالن ۾ وڌيڪ سڌارا ڪيا ويندا، جيستائين انگريزي خزاني وٽ ڪافي آهي.
اسان ڏسي سگهون ٿا تہ انهن مستقبل لاء ڇا فيصلو ڪيو آهي.
آئون اهو واضح ٿو ڪريان تہ اسان انهن شين جو تجزيو ڪاميابين جو جشن ملهائڻ لاءِ نہ پر عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي ايندڙ جدوجهد لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. اسان لاءِ سمجھوتو گوڏن ڀر ڪرڻ نہ آھي، پر ھڪ قدم اڳتي وڌڻ ۽ ڪجھ آرام ڪرڻ. بس ٻيو ڪجھ بہ نہ آھي.
***

جيئن مون اڳ ۾ بہ چيو آهي تہ انقلابي پارٽي لاءِ هڪ خاص پروگرام جو هجڻ تمام ضروري آهي. توهان کي خبر هوندي تہ انقلاب جو مطلب عمل آهي. ان جو مطلب آهي منظم ۽ منظم ڪم ذريعي عمدي تبديلي آڻڻ ۽ تخريبڪاريءَ جي خلاف آهي - غير منظم، اوچتو يا خودڪش تبديلي. پروگرام ٺاهڻ لاءِ لازمي طور تي انهن شين جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.

1. گول (مقصد) يا مقصد.
2. بنياد، جتان شروع ڪجي، يعني موجودہ صورتحال.
3. عمل فارم، مطلب ۽ طريقا.

جيستائين انهن عناصر جي حوالي سان ڪو واضح حل نہ آهي، تيستائين ڪو بہ پروگرام سان لاڳاپيل خيال ممڪن ناهي.

اسان موجودہ صورتحال تي ڪنهن حد تائين بحث ڪيو آهي، حدف جي حوالي سان بہ ڪجهہ بحث ڪيو آهي. اسان سوشلسٽ انقلاب چاهيون ٿا، جنهن جي بنيادي ضرورت سياسي انقلاب آهي. اهو ئي آهي جيڪو اسان چاهيون ٿا. سياسي انقلاب جو اھو مطلب ناھي تہ رياستي اقتدار انگريزن جي هٿن مان هندستانين جي هٿن ۾ اچي پر اهو آھي تہ انهن هندستانين جي هٿن ۾ اچي جن جو آخري مقصد اسان جي مقصد سان ٺهڪي اچي ٿو. ان کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ - عام عوام جي ڪوششن سان انقلابي پارٽيءَ جي هٿن ۾ سياسي اقتدار اچڻ آھي. ان کان پوءِ سڄي سماج کي سوشلسٽ رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انقلاب مان توهان جو مطلب اهو ناهي تہ پوءِ، اسان تي احسان / رحم ڪريو ۽ ”انقلاب زنداباد“ جا نعرا هڻڻ بند ڪريو. گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ تہ لفظ ”انقلاب“ تمام مقدس آھي ۽ ان کي سنجيدگيءَ کان سواءِ استعمال نہ ڪيو وڃي، نہ تہ غلط استعمال ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان چئو ٿا تہ توهان هڪ قومي انقلاب چاهيو ٿا جنهن جو مقصد يونائيڊ اسٽيس آف آمريڪا وانگر هندستان جي جمهوريہ جو قيام آهي، تہ پوءِ منهنجو سوال اهو آهي تہ ان لاءِ توهان انقلاب جي مدد لاءِ ڪهڙين قوتن تي ڀروسو ڪري رهيا آهيو؟
انقلاب چاهي قومي هجي يا سوشلسٽ، اهي قوتون جن تي اسان انحصار ڪري سگهون ٿا، اهي هاري ۽ مزدور آهن. ڪانگريسي اڳواڻن ۾ همت نہ آهي تہ انهن کي منظم ڪن، اهو توهان هن تحريڪ ۾ واضح طور ڏٺو آهي. انهن کي ڪنهن ٻئي کان وڌيڪ احساس آهي تہ انهن طاقتن کان سواءِ اهي محدود آهن. جڏهن هنن مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو تہ ان جو مطلب انقلاب هوندو، پر هنن (ڪانگريس) جو اهو مطلب نہ هو. اهو نوجوان ڪارڪنن جي دٻاءُ هيٺ منظور ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي گهربل تسلط حاصل ڪرڻ لاءِ خطري جي طور تي استعمال ڪرڻ چاهيندا هئا. ان سلسلي ۾ توهان ڪانگريس جي گذريل ٽن اجلاسن جا ٺهراءُ پڙهي صحيح راءِ قائم ڪري سگهو ٿا. آئون مدراس، ڪلڪتا ۽ لاهور جي سيشن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. ڪلڪتا ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو جنهن ۾ ڊومينين اسٽيٽس جو مطالبو ڪيو ويو. ان مطالبي کي 12 مهينن اندر قبول ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ جيڪڏهن ائين نہ ڪيو ويو تہ ڪانگريس مڪمل آزاديءَ کي پنهنجو مقصد بڻائڻ تي مجبور ٿي ويندي. هنن 31 ڊسمبر 1929ع جي اڌ رات تائين اهو تحفو حاصل ڪرڻ جو شدت سان انتظار ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي مڪمل آزاديءَ جي آڇ کي قبول ڪرڻ لاءِ ”عزم“ محسوس ڪيائون، جيڪا هنن نہ پئي چاھي. ۽ پوءِ بہ مهاتماجي ان حقيقت کي لڪايو نہ تہ ڳالهين جا دروازا کليل هئا. اها هئي ان جي حقيقي معنيٰ. کين شروعات کان ئي خبر هئي تہ سندن تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ تي ختم ٿيندي. اسان نفرت ڪريون ٿا، جدوجهد جي ڪنهن خاص مرحلي تي سمجهوتو ڪرڻ کان نہ.
اسان بحث ڪري رهيا هئاسين تہ انقلاب جو دارومدار ڪهڙن قوتن تي آهي؟ پر جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا تہ توهان هارين ۽ مزدورن کي سرگرم حصو وٺڻ لاءِ قائل ڪري سگهندا، تہ آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ انهن کي ڪنهن بہ قسم جي جذباتي ڳالهين سان بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. اهي واضح طور تي پڇندا تہ انهن کي توهان جي انقلاب مان ڇا حاصل ٿيندو، اهو انقلاب جنهن لاء توهان انهن جي قرباني گهري رهيا آهيو. انهن (عوام) کي ڪهڙو فرق پوندو جيڪڏهن سر پرشوتم داس ٺڪر داس لارڊ ريڊنگ جي بدران هندستان جي حڪومت جو سربراھ هجي؟ هاريءَ کي ڪهڙو فرق پوندو، جيڪڏهن لارڊ ارون جي جاءِ تي سر تيج بهادر سپرو اچي. قومي جذبن جي اپيل بلڪل بيڪار آهي. توهان هن کي پنهنجي ڪم لاءِ ”استعمال“ نٿا ڪري سگهو. توهان کي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي يقين ڏيارڻو پوندو تہ انقلاب انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. محنت ڪش پورهيت طبقي جو انقلاب، محنت ڪش لاءِ.
جڏهن توهان وٽ پنهنجي مقصد بابت واضح تصور هوندو، تہ پوءِ توهان اهڙي مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي توانائي بچائڻ شروع ڪندا. ھاڻي اسان کي ٻن مختلف مرحلن مان گذرڻو آھي - پھريون مرحلو تياري جو، ٻيو مرحلو عمل درآمد جو.
جڏهن هي موجودہ تحريڪ ختم ٿيندي تہ توهان کي ڪيترائي ايماندار ۽ سنجيدہ انقلابي ڪارڪن مايوس ۽ پريشان نظر ايندا. پر توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. جذباتيت کي پاسو ڪريو. حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. انقلاب آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جي وس ۾ ناهي ۽ نہ ئي ڪنهن مقرر تاريخ تي اچي سگهي ٿو. اهو خاص سماجي ۽ معاشي حالتن مان پيدا ٿئي ٿو ۽ هڪ منظم پارٽي کي اهڙي موقعي جو خيال رکڻو پوندو آهي ۽ عوام کي ان لاءِ تيار ڪرڻو پوندو آهي. انقلاب جي مشڪل ڪم لاءِ سڀني قوتن کي منظم ٿيڻو پوندو. ان سڀ لاءِ انقلابي ڪارڪنن کي تمام گهڻيون قربانيون ڏيڻيون پونديون. آئون هتي اهو واضح ڪريان تہ جيڪڏهن توهان ڪاروبار ڪندڙ آهيو يا مستحڪم دنيادار يا خانداني ماڻهو، تہ پوءِ سائين! هن باھ سان نہ کيڏيو. ليڊر جي حيثيت ۾، توهان پارٽي لاءِ ڪنھن بہ ڪم جا نہ آهيو. اڳي ئي اسان وٽ ڪيترائي اڳواڻ آهن جيڪي شام جو وقت ڪڍي تقريرون ڪندا آهن. اهي اڳواڻ اسان لاءِ ڪنهن ڪم جا ناهن. اسان لينن جو تمام پسنديدہ لفظ استعمال ڪنداسين، ”پروفيشنل انقلابي“. فل ٽائيم ڪم ڪندڙ کپن، جنهن جي زندگي ۾ انقلاب کان سواءِ ٻي ڪا خواهش ناهي. پارٽي ۾ جيترا وڌيڪ ڪارڪن منظم هوندا اوترا ئي ڪاميابي جا موقعا وڌندا.
پارٽي کي چڱي ريت اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ، سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اهڙن ڪارڪنن ۾ صاف سوچ، سڌي سمجھ، اڳڀرائي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ تڪڙا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هجي. پارٽي ۾ لوهي نظم و ضبط هوندو ۽ اهو ضروري ناهي تہ پارٽي انڊر گرائونڊ ڪم ڪري، پر ان جي برعڪس اها کليل دل سان ڪم ڪري سگهي ٿي، جيتوڻيڪ رضاڪارانہ طور جيل وڃڻ واري پاليسي کي مڪمل طور تي ڇڏڻ گهرجي. اهڙي طرح ڪيترن ئي ڪارڪنن کي لڪي ڪم ڪرڻ جي ضرورت بہ پئجي سگھي ٿي، پر انهن کي پوري جوش ۽ جذبي سان ساڳيءَ طرح ڪم جاري رکڻ گهرجي ۽ اهو ئي گروھ آهي، جيڪو ليڊر پيدا ڪري، جيڪي موقعا سنڀالي سگهن.
پارٽي کي ڪارڪنن جي ضرورت پوندي، جيڪي نوجوان تحريڪن مان ڀرتي ڪري سگهجن. ان ڪري نوجوان تحريڪ پهرين منزل آهي جتان اسان جي تحريڪ شروع ٿيندي. نوجوانن جي تحريڪ لاءِ اسٽڊي سرڪل کولڻ گهرجن. پرچا، پمفليٽ، ڪتاب، رسالا ڇپجڻ گهرجن. ڪلاسن ۾ ليڪچر ٿيڻ گهرجن. سياسي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ اها بهترين جڳھ هوندي.
انهن نوجوانن کي پارٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، جن جي سوچن ۾ ترقي ٿي آهي ۽ اهي ان ڪم لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پارٽي ڪارڪن نوجوان تحريڪ جي ڪم جي هدايت ڪندا. پارٽي پنهنجو ڪم مهم سان شروعات ڪندي. اهو تمام ضروري آهي. غدر پارٽي (-151914) جي ناڪامي جو بنيادي سبب عوام جي جهالت، لاتعلقي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخالفت هئي. ان کان علاوہ هارين ۽ مزدورن جي فعال حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پبلسٽي بہ ضروري آهي. پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي هجڻ گهرجي. مضبوط نظم و ضبط رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي هي پارٽي باقي سموريون تحريڪون هلائيندي. ان کي مزدورن ۽ هارين ۽ ٻين پارٽين کي بہ منظم ڪرڻو پوندو ۽ مزدور يونين ڪانگريس ۽ ٻين اهڙين سياسي تنظيمن کي بہ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. پارٽي هڪ وڏي پبليڪيشن مهم هلائيندي جيڪا نہ رڳو قومي شعور پر طبقاتي شعور بہ پيدا ڪندي. سڀني مسئلن جو مواد هر ڪنهن کي سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙين اشاعتن کي وڏي پئماني تي ورهائڻ گهرجي تہ جيئن عوام کي سوشلسٽ اصولن کان آگاھ ڪيو وڃي. لکت آسان ۽ صاف هجڻ گهرجي.
پورهيت طبقي جي تحريڪ ۾ اهڙا ماڻهو بہ آهن، جيڪي مزدورن ۽ هارين جي معاشي ۽ سياسي آزادي بابت ڏاڍا عجيب و غريب خيال رکن ٿا. اهي ماڻهو اشتعال انگيز آهن يا ايذائيندڙ آهن. اهڙا خيال يا تہ مونجهارو يا غير تصوراتي هوندا آهن. اسان جو مطلب عوام جي معاشي آزادي آهي ۽ ان لاءِ اسان سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ شروعات ۾ اسان کي ننڍين معاشي مطالبن ۽ انهن طبقن جي خاص حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اها جدوجهد کين سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جي آخري جدوجهد لاءِ خبردار ۽ تيار ڪندي.
ان کان علاوہ فوجي کاتي کي منظم ڪرڻو پوندو. هي تمام ضروري آهي. ڪنھن وقت ان جي سخت ضرورت پوندي. ان وقت، توهان هڪ اهڙو گروھ ٺاهي نٿا سگهو جنهن کي ڪم ڪرڻ جي مڪمل طاقت آهي. شايد هن موضوع تي تفصيل سان بيان ڪرڻ ضروري آهي. هن موضوع تي منهنجا خيال غلط سمجهيا وڃن ٿا. بظاھر مون هڪ دهشتگرد وانگر ڪم ڪيو آهي، پر آئون دهشتگرد نہ آهيان. آئون هڪ انقلابي آهيان، جنهن وٽ ڊگهي مدي واري پروگرام جي حوالي سان ٺوس ۽ خاص خيال آهن، جن تي هتي بحث ڪيو پيو وڃي. منهنجا ڪجھ ساٿي مون تي رامپرساد بسمل وانگر الزام لڳائي سگھن ٿا تہ ان حقيقت لاءِ تہ منهنجي اندر ۾ ڦاسي جي ڦندي ۾ هجڻ ڪري ڪو ردعمل پيدا ٿيو آهي. ان ۾ ڪابہ سچائي ناهي. منهنجون سوچون ساڳيون آهن، مون وٽ اهو ئي عزم ۽ اهو ئي جوش ۽ جذبو آهي، جيڪو مون وٽ ھتي آھي، جيڪو ٻاهر هو- نہ، ان کان وڌيڪ. تنهن ڪري آئون پنهنجن پڙهندڙن کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو تہ منهنجي لفظن کي تمام گهڻي ڌيان سان پڙهن. انهن کي لائنن جي وچ ۾ ڪجھ بہ نہ ڏسڻ گهرجي. آئون پنهنجي پوري طاقت سان چوڻ چاهيان ٿو تہ آئون نہ تہ دهشتگرد آهيان ۽ نه ئي ھئس، سواءِ پنهنجي انقلابي زندگي جي شروعات جي چند ڏينهن جي. ۽ مون کي پڪ آهي تہ اسان اهڙن طريقن سان ڪجھ بہ حاصل نہ ڪري سگهنداسين. هندستان سماج وادي ريپبلڪن پارٽي جي تاريخ مان اها ڳالھ بلڪل واضح ٿي وڃي ٿي. اسان جو سمورو ڪم ان طرف هو، يعني وڏي قومي تحريڪ جي فوجي کاتي جي جاءِ تي پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ. جيڪڏھن ڪنھن مون کي غلط سمجھيو آھي تہ مھرباني ڪري ان کي درست ڪري. منهنجو مطلب اهو ناهي تہ بم ۽ پستول بيڪار آهن، ان جي برعڪس، اهي فائدي وارا آهن. پر منهنجو مطلب اهو آهي تہ بم اڇلائڻ نہ رڳو بيڪار آهي، پر نقصانڪار آهي. پارٽي جي فوجي کاتي کي هميشہ تيار رهڻ گهرجي، تہ جيئن بحران جي وقت ۾ ڪارآمد ٿي سگهي. ان کي پارٽي جي سياسي ڪم سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان کي پنهنجو پاڻ آزادي سان ڪم نہ ڪرڻ گهرجي.
جيئن مٿي انهن سٽن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، پارٽي کي پنهنجو ڪم اڳتي وڌائڻ گهرجي. وقت بوقت گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون سڏائي، اسان جي ڪارڪنن کي سڀني موضوعن کان باخبر رکيو وڃي. جيڪڏهن توهان هن طريقي سان ڪم شروع ڪيو، تہ توهان کي ڪم کي تمام سنجيدگي سان وٺڻو پوندو. هن ڪم کي مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويھ سال لڳندا. انقلابي نوجوان ڏهن سالن ۾ پورا ٿيڻ جا خواب هڪ طرف رکي ڇڏين، بلڪل ائين جيئن گانڌي جو خواب (هڪ سال ۾ سوراج جو) پاسي ڪيو ويو. نہ تہ ان کي جذباتي ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نہ ئي اهو سادو آهي. مسلسل جدوجهد، تڪليف ۽ قرباني جي زندگي گذارڻ جي ضرورت آهي. پهرين پنهنجي انفراديت کي ختم ڪريو. ذاتي خوشين جي خوابن کي ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪريو. انچ انچ توهان اڳتي وڌندا. انهي لاءِ همت، استقامت ۽ ڏاڍي مضبوط ارادي جي ضرورت آهي. ڏکيائيون ۽ مشڪلاتون ڪيڏيون بہ ڳريون ڇو نہ هجن، توھان جي همت نہ ڊهڻ گهرجي. ڪا بہ شڪست يا خيانت توهان جي دل کي ٽوڙي نہ سگهي. توهان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيو، توهان جي انقلابي روح کي ٿڌو نہ ٿيڻ گهرجي. مشڪلاتن ۽ قرباني جي اصول جي ذريعي توهان ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ اهي ذاتي ڪاميابيون انقلاب جو انمول اثاثو هونديون.

انقلاب زنداباد