مِهڻي مونکي
”ادي ڀمل ڀلي آئين، جي آئين!“ رئيسياڻي غلام فاطمه ٻه ٽي تيز وکون ڀريندي، وڏيري کي ڀاڪر وجهندي ڏاڍي قرب سان کيڪار ڪئي.
”منهنجي دلبر ڀيڻ، تنهنجو منهن ڇو لٿو پيو آهي، ڳاڙهي انب جهڙي، صفا هيڊي ٿي وئي آهين، اصل هڏائين مٺ وڃي بچي آهين، بنهه ڳاري ڪنڊا ڪري ڇڏيو اٿئي پاڻ کي!“ ڀمان رئيسياڻي ڀاڪر ۾ نپوڙيندي چيو.
”ادي بس“، رئيسياڻي کي ڀاڪر مان آجي ٿيندي چيو، ”صبر کان سواءِ پيو ڇا آهي.“
”آءٌ تنهنجون ڳالهيون ويٺي ٻڌان، اندر جلي ويو اٿم.“ ڀمان رئيسياڻي سان گڏ کٽ تي ويهي پگهر اگهندي چيو. ”ٽيون ڏينهن ته زينب آئي هئي، ويچاري ويهي نٿي سگهي جو تازي موقن جي آپريشن ڪرائي اٿس، تنهن تنهنجون خبرون ڪيون، سو دل چيم ته وڃي ٿو ڀيڻ کي ڏسي اچان، ڪيتري قدر ڳالهه آهي.“
”بس ادي، قسمت جو ڦٽي ته اُٺ چڙهي وڇون کائي ۽ جي ڀاڳ ٿو ٺهي ته دال منجها سيرو!، سو مُهاڻيءَ جو هينئر ڀاڳ آهي.“ رئيسياڻي پنهنجي پوتيءَ سان ڳوڙها اگهندي چيو.
”منهنجي ڀيڻ تون ڇو ٿي روئين، جيئَن تنهنجا ٻچا، ڪٿي شاهه ڪٿي گدا!“ ائين چوندي پنهنجي رئي سان رئيسياڻيءَ جا جهڙو ڀانيائين ته ڳوڙها اگهان ته چيچ اک ۾ هڻي ڪڍيائينس. رئيسياڻيءَ کان دانهن نڪري وئي.
”ائي ادي منهنجو تارو ڪڍي رکيئي!“
”ادي آءٌ صدقو ٿي وڃئين، الائي ڪيئن موئي آڱر جوش ۾ لڳي وئي، معاف ڪجئين.“
”ادي الله معاف ڪندئي، جيڪو منهنجي مقدر ۾ هوندو اُهو ته ملندو تنهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ رئيسياڻي رئي جي ڪنڊ کي وات سان ٽوڪر ڏيئي اک تي رکندي شيدڻ کي سڏ ڪيو. ”ائي صدوري ٿوري ماکي ته آڻي اک ۾ وجهيم.“ صدوريءَ ٽپو ئي هڪڙو ڏنو ۽ ماکي آڻي اک ۾ وجهڻ واري هئي ته ڀمان اوچتو رڙ ڪري چيس. ”ائي متان! ڏس ته ڇوري ڪيتريون ڳاڙهيون ڪئيليون شيشيءَ کي چهٽيون پيو آهن!“
اهو ٻڌي رئيسياڻي ڊپ مان اکيون بند ڪري ڇڏيون. ”رَن هاڻي انڌو به ڪنديم! ڪٿان منهنجي ڪاڻ قهار بڻجي آئي آهين!“ رئيسياڻي پويون جملو بظاهر ته صدوريءَ کي چيو پر اشارو ڀمان ڏانهن هو. ”مون پچر ڇڏي ماکيءَ جي- وڃ ٽر!“ صدوريءَ کي دڙڪو ڏيندي چيائين. ”ائي جيجي الائي نِپٽيون ڪيئن چڙهيون.“ صدوريءَ پنهنجون اڇيون اکيون ڦرڙائي واڇن کي ڏسڻي ۽ آڱوٺي جي زور سان اگهندي چيو.
”چڱو هاڻي وڃ، گهڻو نه ڳالهائي.“ رئيسياڻي ائين چوندي سولي ٿي ويٺي.
اَدي دُهري ته ماشاءَالله ڏاڍي جُڙي جڙي پئي ٺهنئي!“ رئيسياڻي، ڀمل جي گهُگهيءَ جهڙي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل دُهري جي رسمي تعريف ڪندي چيو.
”ڀيڻ دُهري ته گهڻي چڱي پر مٿان جا مُهري پئي لڳي تنهن ۾ مُرڳو هانوَ ٿو ٻڏي.“ سون ۾ ڳاڙهي ڀمان، تعريف ٻڌي خوشيءَ مان ڦونڊجي رومال سان پگهر اُگهندي چرچي مان چيو.
”مُهري لڳئي دشمن کي. ڳالهين ۾ خيال ئي لهي ويم جو کڻي پکو چالو ڪريان ها.“ رئيسياڻي چيو.
”ائي صدوري اِهو پکي جو بٽڻ تي هيٺ ڪر.“ رئيسياڻي وڏي واڪي سَڏ ڪيو. صدوري جيڪا اڳ ئي ڳالهين ٻڌڻ ڪاڻ در وٽ ڪن ڏيو بيٺي هئي، تنهن ڊوڙندي ڪوٺي ۾ اچي حڪم جي تعميل ڪئي.
اڃا پکو چُريو ئي مس ته ڀمان کي اچي نڇن جو دورو پيو. هڪ ته دُهري ۽ پنڙن نپائي ڏنو هئس مٿان وري آڇون، آڇون ڪري زال هٿن مان ٿي وئي.
”ادي اهو وري ڇا؟ گرميءَ ۾ به زڪام!“
”ڀيڻ، آڇون... اهائي... آڇون... مُئي علوءَ جي (ايلرجي) اٿم. گرميءَ مان ٿڌ، ٿڌ مان گرميءَ ۾ ويندس ته اجهو اهو حال ٿيو وڃيم.“ ڀمان نڇن دوران ڳالهائيندي چيو.
”آئي صدوري تون ڏسين ويٺي! جلدي ڪر پکو بند ڪر.“ رئيسياڻي ڪاوڙ مان چيو. ”اچي ڀيڻ هي وهاڻو، ٿورو ليٽي پئو ته ڪجهه آرام اچئي، گرمي ٿيئي ته دُهري کڻي پرس ۾ رک.“ رئيسياڻي همدرديءَ ڪندي سهڻي صلاح ڏنس پر ’مرسان، مرسان دُهري نه لهيسان‘ ڀمان ڄاڻي اها ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. ليٽي ليٽي وڃڻي هلائڻ لڳي. ڪجهه آرام آيس. نڇون به بند ٿيس. نيٺ سُر ڪڍيائين.
”ڀيڻ رئيس کي ڪهڙي بک هئي، مولا جو ڏنو سڀڪي اٿس. عزت، دولت نيڪ ۽ صالح اولاد ڀلا اها به ڪا عمر آهي شاديءَ جي!“ ڀمان سامت ۾ ايندي چيو.
”ادي اها ڳالهه نه آهي. ڀلي ست شاديون ڪري ها. پر ڪو خاندان ته ڳولي ها. ائين وڃي گپ ۾ ڪريو. اهو به نه سوچيائين ته ڇنڊا ٻين تي به وڃي ڪرندا. ڀيڻ آءٌ ته آئي وئي جي ٽوڪ ٽاڻي کان بيزار ٿي پئي آهيان.“رئيسياڻي ايتري هوندي به مڙس جي گلا يا پنهنجي ذاتي معاملي ۾ ڀمان جي دخل اندازي کي اگرو محسوس ڪندي لنوايو.
”چوين ته سچ ٿي، ڪتو به کائجي ڪُک به نه ڀرجي! ادي نبن کي اهو واجب ڪونه هو.“ ڀمان هيٺئين واٽ وٺندي چيو.
”ائي ڏسين نٿي ته ڪو مهمان آيو آهي. ڏند شيڪيو پئي قصا ٻڌين، وڃ وڃي پنهنجو ڪم ڪر.“ رئيسياڻيءَ صدوريءَ کي دٻ پٽائيندي چيو.
”ڏس ته رن جو مٿو ڦريو آهي!“ اِهو پرايو ٿيلهو ڪيڏانهن پئي کنيو وڃين، اِهو هتي هندوري ۾ رک ۽ ادي ڀَمُلَ لاءِ، سيگهه ۾ چانهه ٺهرائي کڻي اچ!“ رئيسياڻي صدوريءَ تي، ’سور سيدن جا، پٽجن امام‘ جي چوڻي مطابق وسندي چيو.
”ادي منهنجي چانهه ۾ کنڊ متان وجهرائين.“ ڀمان ائين رڙ ڪئي ڄڻ سندس چانهه ۾ کنڊ نه ڄڻ ڪو زهر وجهڻ ٿي ويو.
”آئي ادي ڇو؟“
”ڀيڻ مٺا پيشاب ٿي پيا اٿم، سو ڊاڪٽرن مٺاڻ واپرائڻ کان جهل ڪئي آهي.“ ڀمان همدردي حاصل ڪرڻ جهڙو منهن ٺاهيندي چيو.
”امان، مٺا پيشاب بابا کي به آهن نه!“ رئيسياڻي جي پنجن ورهين جي پٽ معصوميت مان ماءُ کان پڇيو.
”جِتي نه پوک اُتي اُڀريو بيٺو آهين، وڃ وڃي ٻاهر کيڏ، تنهنجو وڏن ۾ ڪهڙو ڪم.“ رئيسياڻي پٽس کي تڙي ڏيندي چيو. ڀمان به نينگر جي اوچتي سوال تي ڪجهه مڙئي شڪي ٿي وئي.
”ائي ادي، اِنهن مين بيمارين جي ته ڪا ڪَل ئي نٿي پوي. نه ٻڌيون نه سڻيون، الائي ڪٿاَن ڦٽيون پون.“ رئيسياڻي ڪراهت مان چيو. ”اڳي ته هنيون ڪونه هينئر اِهي سڙيا بناسپتي پيدا ٿيا آهن تن سڀ بيماريون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.“
”ها ڀيڻ، مڙيئي پڇاڙي آهي. چوڻي ناهي ته ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا.“ ڀمان هٿن کي ائين موڙو ڏنو ڄڻ سچ پچ، مٿانئس مڇرن حملو ڪيو هجي.
”ائي ادي خير گُهر، هينئر ئي پوڙهي به اچي ٿئينءَ، اڃان ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو ’چيڪلي پايان، پير گسايان، پير ۾ ڪنڊو‘ انهيءَ ساڳئي ڳوٺ ۾ گڏجي ڳائي ڪڏنديون هيوسين.“ رئيسياڻي، ڀمان جيڏي سرتي هجڻ جي حيثيت سان، پوڙهپڻ جو اهو الزام پاڻ تي عائد ٿيڻ جو ڊپ کان ڀمان کي جوان ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو.
”ادي غلام فاطمه! چئين ته سچ پئي پر پريشانين هڻي جهوري ڇڏيو آهي. ڪيترن سالن کان فصل به چڱو نٿو ٿئي؛ ٻيو وري ڀاڻهين کي دل جي بيماريءَ سان گڏوگڏ بليڊ پريشر، سو تپڻ تپايو پيو آهي. آءٌ پنهنجن سورن جي ڪريان ڪي سندس بليڊ پيشر جي. مون واريءَ بيماريءَ لاءِ ته ڊاڪٽر ائين پئي چيو ته اهو انساني جسم لاءِ هڪ اڏوهيءَ مثل آهي. جنهن ۾ اندر ئي اندر ماڻهو کاڄيو وڃي!“ ڀمان پنهنجا سور پٽيندي ۽ سچ پچ پاڻ کي ننڍي محسوس ڪندي چيو.
”ائي ادي، اسين اڳئي ڏکويل ويتر اهي ڳالهيون ته نه ڪر، اصل هانءُ ٿو کاڄي، ٻي ڪا خير خبر ڪر!“ رئيسياڻي نيڪ نيتيءَ سان چيو.
”ادي خبرون وري ڪهڙيون، مڙيئي گاڏو پيو گهلجي جهان جو.“
”ٻڌم ته اَدو گامڻ خان به رئيس جي نڪاح ۾ ويٺو هو.“ رئيسياڻي اصل موضوع تي آئي.
”ائي ادي قسم کڻاءِ جو ويچارو ويو هجي، باقي اهو سو آهي ته ادي رئيس وڏا وس ڪيا ته هلي، پر ڀاڻهين نابري واري بيٺو، چيئين، اسين ڪي بي غيرت آهيون جو پنهنجي ڀيڻ تي پهاڄ آڻيون.“ ڀمل مڙس جي وڪالت ڪندي چيو.
”ادي ماڻهن ته ائين پئي چيو ته ادو هُن مهاڻيءَ جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيو هو؛ پر منهنجي دل بنهه نه مڃيو!“ رئيسياڻي مٿئين دل سان چيو.
”ادي، شادي کان پوءِ جڏهن مڙسم ۽ ادي رئيس جو پرچاءُ ٿيو ته ڀاڻهين مونتي ڏاڍو زور ڏنو ته سفوران وٽ اچان وڃان پئي، پر مون چيو، اَڇو اَلله ڳاڙهو رسول- آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي دشمن ناهيان، توهين مرد آهيو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو، مونکان منافقي مُور نه پڄندي جو پنهنجي ڀيڻ جهڙي سرتيءَ جي پهاڄ سان جيڏڙپو رکجي. منهنجو ته آهي نور، جسين جيئري آهيان ته پنهنجي ڀيڻ جي ٻانهي آهيان، مري ويس ته ڇٽا سڀئي!“ ڀمان وڏي واڪ ڦونڊجندي چيو.
”جيجي، اجهو چانهه آندي اٿم.“ صدوري، چانهن هندوري جي پاسي ۾ رکيل ٽپائيءَ تي رکندي چيو.
”ادي چانهه جي پتي ته ڏاڍي سٺي آهي.“ ڀمان ڪوپ ۾ سيڪرين جون گوليون وجهندي چانهه جي تعريف ڪندي چيو، ”اسان کي ته نوڪر بيسوادي پتي آڻيو ڏين.“
”ڀيڻ تڏهن ته اهي بيماريون به وڌن ٿيو. اڳ ته ائين ڪونه هو پر جڏهن کان اهي مُئا ڀينگ پيا، ملڪ ۾ آيا آهن ته سڀ کائي پوٺو ڪري ڇڏيو اٿن، ايڏي ڪا ازلي بک اٿن جو اڃان تائين ڀِڀ نه ٿو ڀرجي.،
”چئين سچ ٿي، ڀَمل رئيسياڻي جي تائيد ڪندي چيو. ”آهن به ته مئا کائڻ جا کڏ ۽ هنگڻ جا ڳوٿرا.“
”ائي ادي هاڻي ٺهيو، هانوَ ته نه ڦيرائي.“ رئيسياڻي ڪراهت مان منهن ٺاهي وراڻيو.
”ٻيو ڇا! سچ ته چوان ٿي.“ ڀمل مرڪندي چيو.
”ادي ڪر خبر! هاڻي ادا جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ رئيسياڻيءَ موضوع بدلائيندي چيو.
”ادي نه کاڌي جو نه پيتي جو! هر ڳالهه ۾ رک ۽ پرهيز. گوريون بند ڪري ته وريو بليڊ پيشر وڌيو وڃينس. هاڻي ته سوچيو اٿئو ته مرسل جي پار کان ٿي اچون ته من ڪا سڻائي ٿئي. ڀاڻهين هن سال لاءِ منهنجو ۽ پنهنجو حج جو فارم ڀرائي آيو آهي، دعا ڪر ته اِهو مٺو پار گهمي اچون ته مديني جو مير سڻائي ڪري. پاسپورٽ ۽ ٻيا ٽيا سڀ تيار ٿي ويا آهن. اڌ کان گهڻو ڪم ٿي ويو آهي. روزن کان اڳ جيڪو پهريون جهاز پيو وڃي؛ جي ان ۾ ٽڪيٽ ملي وئي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، ڇو ته دير سان وڃڻ ڪري دير سان موٽڻو پوي ٿو ۽ پوءِ گرمي زياده هجڻ جي ڪري ڀاڻهين کي وڌيڪ تڪليف هجڻ جو ڊپ آهي. اڄ توسان ملڻ به انهيءَ لاءِ آئي هئس ته موڪلائي به اچان ۽ چيو چوايو پڻ بخشائي اچان. حياتيءَ جو ڪهڙو ڀروسو.“ ڀمان يڪ ساهي سڄو داستان ٻڌايو.
”ادي مولا مبارڪ ڪريوَ! ڪهڙوچيو چوايو ۽ ڇا جو بخشائڻ تون ته ڀيڻن کان به وڌيڪ آهين. مون لاءِ به اُتي دعا گهرجانءِ ته مولا مون تان به اِها آفت ٽاري.“ رئيسياڻيءَ پهاڄ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”چڱو ادي! هاڻي موڪلاڻي. شل پنهنجي ٻچن سوڌو خوش هجين!“
”مولا مددگار ۽ حامي ٿيندئي.“ ائين چوندي رئيسياڻي، ڀمان کي در تائين ڇڏڻ وئي
جڏهن کان ڪرڙوڍو رئيس غلام نبي عرف نبن، مهراڻ جي ڪپ تي اڏيل پکن مان چاليهن ورهين جي صفوران کي ’سول ميرج‘ ڪري حويليءَ ۾ وٺي آيو تڏهن کان صفوران سندس سڄي ڳوٺ ويڙهي ۽ وڳر جي اکين جو ڪنڊو بنجي وئي هئي. پنجن پٽن ۽ اٺن ڌيئن جي ماءُ تي پهاڄ پوڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه هئي. گهر ۾ ويٺي ويٺي لوڪ جا طعنا تنڪا ۽ مهڻا ٻڌي سندس اندر جا پتا پيا سڙندا هئا. ڏينهن رات پئي جهرندي ۽ پڄرندي هئي، پر تڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍيائين. اصل ماٺ... ڊنل ڊنل... هيسيل هيسيل، رئيس کان سواءِ ٻيو هو به ڪير جنهن کي هوءَ پنهنجو ڪري سمجهي ها. مِٽن مائٽن سان ته انهيءَ ڏينهن کان ئي لاڳاپا لٿس، جڏهن رئيس سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو.
ڳوٺ کان پري، صفوران کي رئيس، شهر ۾ وڏي عاليشان حويليءَ ۾ رهايو؛ جت سندس اڳيان پٺيان نوڪرياڻيون ڦرموٽين وانگر پيون ڦرنديون هيون پر کِکيون ۽ کاريون کائڻ واري صفوران ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. ڀل ست طعام پيا هجن پر تڏهن به هوءَ ڍوڍي ۽ بصر يا کڳي ۽ ڪُرڙي کي مٿن ترجيح ڏيندي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ نوريءَ وارو نياز سندس نس نس ۾ سمايل هجي. رئيس سندس عاشق هو. پر ڪن عاشقن جي فطرت ئي پنهنجي هوندي آهي. جڏهن عورت محبوب هوندي آهي، تڏهن سندس مقام دل جي خاص گوشي ۾ هوندو آهي. عاشق سڳورو پنهنجي عشق کي دنيا جي سڀني عشقن کان نرالو سمجهندو آهي ۽ کيس پڪو يقين هوندو آهي ته سندس جهڙو پيار ڪير به نٿو ڪري سگهي. مذحڪه خيزيءَ جون حدون لتاڙيندي هن کي ٽيليپيٿي ذريعي اها به خبر پوندي آهي ته سندس محبوبا کي هينئر ڪهڙا ۽ ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن ۽ ڇا ڪري رهي آهي. پنهنجي انهيءَ خداداد صلاحيت جو اظهار هو هر ايندي ويندي آڏو ائين ڪندو آهي ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس. ۽ جڏهن محبوبا سان شادي ٿيندي آهيس. تڏهن اهو عشق دل مان لهي ڏائي گوڏي ۾ اچي واسو ڪندو آهي، سو رئيس جو به اهو حال اچي ٿيو. صفوران سندس لاءِ هاڻي صرف زال هئي... گهر جي گندي. عشق ڪرڻ سندس وس ۾ نه رهيو هو، پر رسم عشق نڀائڻ سندس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي... سو انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سفوران کي چادريءَ ۾ سوگهو ڪري ٻين لفظن ۾ چوکنڀو ٻڌي پڪچر وغيره تي وٺي ويندو هو. روز مَڇيون ۽ ڄرڪا مارڻ واري آزاد گهراڻي جي سفوران کي قيد جهڙي حويليءَ ۾ سڄا سارا پنج سال گذري ويا، انهيءَ عرصي ۾ هوءَ هڪ ڌيءَ ۽ پٽ جي ماءُ به بڻجي وئي هئي.
جڏهن پاڙي جي ايڪڙ ٻيڪڙ زالن وٽس اچڻ شروع ڪيو تڏهن مس وڃي ڪجهه ساهه پٽيائين. زبيده کي ته پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. وس نه هلندو هئس نه ته جيڪر کيس پل نه اکين کان پري ڪري. چڱي چڱي دير تائين هوءَ وٽس هوندي هئي ۽ اڃان اٿڻ جي ڪندي هئي ته صفوران نماڻا نيڻ کڻي، وٺي واسطا وجهندي هئس، ”ائي واسطي الله جي تون وڃڻ وايون مَ ڪر. گهڙي ساعت ته ويهه؛ هينئر هينئر ته آئي آهين. اڃان ته سڪ به ڪونه لٿي اٿم!“. ”ائي ادي ڏس ته ڪيتري نه دير ٿي وئي آهي.“ هوءَ ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏسندي چوندي هئي.
”ائي چڱو هاڻي ويهه“ صفوران حجت مان سندس ٻانهن جهلي ويهاريندي چوندي هئي، ”انسانن جي منهن ڪاڻ پئي سڪان، قياس به ته نٿو پونئي!“ هوءَ پنهنجي بيحد ڀوائتي شڪل واري نوڪرياڻي ڌميءَ کي ڏسندي چوندي هئي ۽ پوءِ ڪجهه دير تائين، زبيده وٽس ترسي پوندي هئي.
اڄ به زبيده وٽس آيل هئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کيس احساس ڏياريندي چيائين، ”ڀيڻ صفوران؟ ڪيترو وقت گذري ويو اٿئي شاديءَ کي، پر تون اها ئي ’گنگوءَ جي غار‘ ۾ پئي آهين! گمنام جي گمنام. تنهنجا ٻار اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، زماني ۾ اٿندءِ ويهندينءِ نه، ته ڪير توکي سڃاڻندو؟ آخر تنهنجو به اوتروئي حق آهي جيترو رئيسياڻيءَ جو آهي.“
”چئين سچ ٿي!“ سفوران ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
”جڏهن اچان تڏهن اهو ساڳيو روڳ جهڙو ناسي وڳو پايو فراسيءَ تي ويٺي ڀاڄي سوئين يا چانور چونڊين!“ زبيده، سندس ڦٽل ناسي وڳي ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”مردن تي ڪهڙو اعتبار جنهن پهرين هوندي ٻي ڪئي سو ٽيجهي ڪندي به دير ڪونه ڪندو. جيسين ٿي سادي بڻجي پاڻ وڻائين، تيسين ٿي مورڳو مڙس وڃائين، تو ڇو پنهنجا بڇڙا حال ڪيا آهن.“
”ڇا ڪريان زبي!“ سفوران چانورن مان سُرو ڪنڍندي عاجزيءَ مان چيو. ”پهاڄ جو لقب اڳئي سر تي، وري جو ٺهي جڙي ٻاهر نڪران ته دشمن الائي ڪهڙا ويل وهائين.“
”منهنجي ڀيڻ رڳو وڏي بلڊنگ ۾ رهي ٻه چار نوڪرياڻيون چاڪرياڻيون ويهاري تون لوڪ ۾ پنهنجي ڪهڙي حيثيت برقرار رکي سگهين ٿي. گهر گرهستي پنهنجي جاءِ تي، راڄ ڀاڳ ۾ اٿڻ ويهڻ پنهنجي جاءِ تي.“
”آئي پوءِ ڇا ڪريان؟“
”ڪجهه گهر ڏي به ڌيان ڏي.“ زبيده معتبرائيءَ مان چيو، ”اهڙي عاليشان گهر ۾ به فرنيچر ڍنگ جو نه ڪو طريقو. اسين وچولي طبقي جا سادا سودا آهيو تڏهن به پنهنجو مان مرتبو رکيو اچون، ڪرائي گهر ۾ ڪو ميلاد دعوت ڏي سڄي شهر جي معزز زالن کي ائين ته ڄاڻ سڃاڻ ٿيندي.“
”ائي تون جو منهنجي ڀيڻ آهين، پوءِ مونکي ٻين جي ڪهڙي گهرج.“ صفوران وڏي پنهنجائپ مان چيو.
”ادي اها ته تنهنجي مهرباني آهي، پر مان به آخر پنهنجي گهر گهاٽ واري آهيان، ڪيترو تو وٽ ويهندس.“ زبيده کيس احساس ڏياريندي چيو، ”ڀل ته ٻيون به ڀينرون ٺاهي.“
”ائي ٻيون ته تنهنجي جتي جهڙيون به نه ڀانيان.“ صفوران سمورو پيار پنهنجن ننڍين پر انتهائي پرڪشش اکين ۾ اوتي ڏانهنس ڏٺو. منجهس ٻيو هو ئي ڇا، اهي اکيون ئي ته هيون جن کي ڏسي رئيس جهڙو مڙس به پوڙهي ڀونئر وانگر بولاٽيون پائڻ لڳو هو... زبيده ته وري به سندس سرتي هئي. موٽ ۾ مشڪي ڏنائين. ڇا ڇا نه هو انهيءَ مرڪ ۾ ڄڻ چئي رهي هجي ”تون ڪيتري نه سادي آهين صفوران!“ ۽ انهي ڏينهن هو تصور ئي تصور ۾ صفوران کي اعليٰ سوسائٽي جي بيگم جي روپ ۾ ڏسندي پنهنجي گهر روانو ٿي هئي.
اڄ ٻيو ڏينهن ٿيو هو جو ڀاڻس آچر جي مرڻ جي خبر ٻڌي صفوران رڙي رڙي سڄي حويلي مٿي تي کڻي ڏني هئي. رئيس نبن، جيڪو سندس ڀر ۾ ڏکارو ٿيو بيٺو هو، تنهن اچي اکين کي ورتو، مهٽي مهٽي اکيون رت ڪري وڌائين پر مجال آهي جو ڪو ڳوڙهو نڪريس. لاچار ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.
”رئيس!... مون تنهنجي ڪاڻ ڇا ڇا نه ڪيو. گهر تڙ ڇڏيم... مٽ مائٽ ڇڏيم، وڳر کان وڇڙجي هڪ ڪونج مٽل تو وٽ اچي رهيس... رڳو تنهنجي سر ڪاڻ!“ صفوران سڏڪا ڀريندي چيو.
”هائو سفو! آءٌ ڄاڻان ٿو...“ رئيس سندس ڀر ۾ ويهندي ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”آءٌ ڪا تنهجن مائٽن کي سڃاڻان.“ هن ڳوڙها ۽ نڪ اُگهندي چيو، ”تنهنجي پٺيان ائي آهيان.“
”آءٌ سڀ ڄاڻان ٿو صفو!“ رئيس ساڳيءَ طرح ڪنڌ هيٺ ڪري ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
”هيڏو سارو ڌندڪ جواڻ، ڀاڻم آچر هليو ويو؛ تنهنجن مائٽن مان ڪنهن جهاتي به نه وڌي! ٻيو ڪير نه، ته من تنهنجي زال ئي اچي ها. تڏهن به مونکي نڪ پوي ها!“ صفوران جو احساس جاڳي رهيو هو.
”دلجاءِ ڪر صفو!“ رئيس سندس پٺي ٺپيندي پيار مان چيو. ”سڀئي ايندا، کين ڄاڻ نه ٿي آهي؛ آءٌ ٿو ٻڌائي اچان!!“ رئيس ائين چوندي، حال جند ڇڏائي وٺي ڀڳو.
ٻئي ڏينهن ٺونٺون ٺوڪي جڏهن وڏي حويليءَ ۾ پهتو تڏهن نرتڪيءَ وانگر نئين چال هليائين. آخر به ته زماني جو گٺل پيٺل هو.
”ٻيلي ڳالهه ٻڌي اٿئي!“ رئيس زال آڏو آرام ڪرسيءَ تي ويهي اکيون چنجهيون ڪري سگريٽ جو سوٽو هڻندي چيو. ”منهنجي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي... تون منهنجو رت جگر آهين... غلطي ٿي سا ٿي... پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب... هوءَ وري به پرائي آهي؛ هلي ڀاءُ آچر جو افسوس ڪري اچينس.“ رئيس سگريٽ جو ٽوٽو چلمچيءَ ۾ اُڇليندي زال کي ايڪٽنگ ڀريل التجا وارا نماڻا نيڻ ڪري ڏٺو.
”اسانجو آچر سان ڪو ’ڊول ڪو چمٽو‘ جو هلي روئون!“ رئيسياڻيءَ موڙو ڏيندي چيو. ”اسين ڇو روئون آچر ڪاڻ!“ رئيسياڻي امالڪ کڻي نڙيءَ کان ورتس.
”ٻيلي منهنجي لڄ کي ڏس!“ رئيس، هيٺين واٽ وٺندي ليلايو.
”چڱو، توهان زور ٿا ڪيو ته وڃي ٻه پير ڀري اينديس.“
رئيسياڻي وري به ڏاڏي پوٽي هئي. مڙس کي مايوس نه ڪري سگهي ۽ رئيس سان گڏجي پهريون ڀيرو صفوران وٽ آئي. جيترو پڳس ٿڌا ساهه کڻي ڏک جو اظهار ڪيائين، ٻه چار ڪلاڪ ويهي واپس هلي آئي. هوءَ ته هلي وئي پر صفوران کي واقعي نڪ پئجي ويو.
”مار! هيڏي وڏي شان مان واري رئيسياڻي به آخري اچي پيش پيس!“ هر ڪنهن جي زبان تي اِهيئي اکر هئا. خود صفوران کي به اهو احساس هو ۽ انهي احساس، سندس اهميت سندس ئي نظرن ۾ وڌائي ڇڏي. جهڙيءَ طرح پڪن ۽ سخت هٿن تي مينديءَ جو رنگ نرم ۽ نازڪ هٿن کان، وڌيڪ تکو ۽ پائدار چڙهندو آهي، ساڳيءَ طرح دنيا جو رنگ به ڏاڍي تيزيءَ ۽ جٽا سان مٿس چڙهڻ لڳو. ۽ اهڙو چڙهيو جو نوريءَ واري نياز جو نشان به منجهس نظر نه آيو. نوري ته نياز هئي- سراپا نياز- صفوران ته پنهنجي خوف ۽ حراس کي نياز جي چادر ۾ ويڙهيو هو؛ جيڪا هاڻي ليڙون ليڙون ٿي وئي هئي. خوف ۽ حراس منجهس باقي نه رهيا هئا. سندس گهر، جنهن ۾ اڳ پراڻا موڙا ۽ فراسيون رکيل هيون انهن جي جاءِ نئين طرز جي فرنيچر ۽ قيمتي غاليچن ورتي، جلد ئي سندس شمار شهر جي معزز بيگمات ۾ ٿيڻ لڳو. رئيس به سندس نئين روپ کان گهڻو مرعوب ٿي ڏٺو. جڏهن ڪا ’نافرماني‘ ٿيندي هئس ته صفوران جي طرفان ’هيرو‘ ڳڙڪائي ’آپگهات‘ ڪرڻ جي ڌمڪي ملندي هئس ۽ مڙس ’ميلن ۾ گيسيون‘ ڪري ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي کانئس معافي گهرندو هو. ڏٺائين ته هاڻي ڦاٿس ته ڦٿڪڻ ڪهڙو. جهڙا ڏينهن ڏسڻا پيس اُهي پيو گهاريندو هو.
چڙهندڙ سج کي سلام- ٻيو ته ٺهيو وڏيري ڀَمان، جنهن جي حج جي جهاز ڇٽَڻ ۾ ڪي ڏينهن وڃي بچيا هئا، سا به ننهن، ڌيئن، ڏهٽين ۽ پوٽن سوڌو، پاڻ کڻائي اچي پُڳي. چيئين: ”اسانجي وڏي بزرگ ڀاءُ جي زال آهين ته اسان جي به وڏي آهين!“ ائين چوندي ادب مان پيرن تي ڪريس ’الله ميڏيان سڀئي پڄايان‘ وانگر صفوران اِهو مان ڏسي ٽڙي پئي.
”ادي توکي ڪير چوي مهاڻي! توهان ته پاڻيءَ جا مير آهيو! بحر جا مير!! توهان جهڙي ته ڪا ذات هجي. هڪڙي راڻي به ته توهان جي مائٽياڻي هئي نه؟ ڪهڙي نه نوڙت هئس جو باڇا کي به موهي ڇڏيائين. ڪير توکي چوندو مهاڻي! اسان ته رئيسياڻيءَ ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو- وڃ کڻي ته رڳو تنهنجي گلا. ادي مري جهان ڇڏبو پرائي پچر به ته ڏوهه آهي؛ چوي ٿي ته ڏاڍي ڪا زال آندي آهيس! ڀَمل چيو.
”ادي مونکي ته بس خدا ٺاهيو آهي. انهيءَ کي ته وڻان ٿي جيڪو وٺي آيو هيم.“
”ادي آءٌ ته ٻچن سوڌو تنهنجي غلام آهيان، چيم ته توکان به موڪلائي اَچان- چڱي چونٺ چمڻ ٿي وڃان.“
”ڀلي آئينءِ!“
”چڱو هاڻي موڪلاڻي.“
رئيسياڻي ته وري صفوران وٽ نه آئي پر ٻين لاءِ ڄڻ واٽ کلي پئي. ڏيرياڻيس حليمان، جڏهن پنهنجي ماسات (رئيسياڻيءَ) سان رُٺي تڏهن لڪندي ڇپندي پنهنجين ڌيئن سوڌو صفوران وٽ اچي لٿي. گلائو غيبتون ڪري چوٽ چڙهي ويون. سفوران به خوش ٿي پنهنجا ريشمي وڳا پهرائي ڌيئن سوڌو پلنگن تي چاڙهي ويهارين. ڦونڊائي ڦونڊائي سفوران کي عرش تي چاڙهي ڇڏيائون- ”تون اصل خاندانڻ، تنهنجو مٽ ڪير ٿئي؟ تون غريب نواز، دل جي سچي“- صفوران کي ساڻن جيتوڻيڪ ڪو دلي لڳاءُ نه هو، پر رڳو پنهنجي ڦونڊ جو ڀرم رکڻ ڪاڻ، پيئي کين منهن ڏيندي هئي.
اڄ جيئن ئي سفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان ويهي ڪيس پئي ڪيو ته زبيده ۽ عاشيءَ اچي کيس ڇرڪائي ڇڏيو. زبيده جو ته نه، باقي عاشيءَ جو اوچتو بيڊروم ۾ اچڻ کيس سٺو نه لڳو، ڇو ته اها وارن جي حقيقت کان بيخبر هئي.
”ائي ادي ڪيس پئي ڪرين؟“ عاشيءَ ايندي ئي حيرانيءَ مان پڇيو.
”نه ڀيڻ! ’هيئر ڪلر‘ ٿي ڪريان.“ صفوران لفظ ’ڪيس‘ جي تلخيءَ کي ٻڍاپي سان منسوب سمجهندي، انگريزي لفظ استعمال ڪيو.
”هان!“ عاشي شوخيءَ مان چيو.
”ڀيڻ تون وٽ مهمان آيل آهن ڇا؟“ زبيده ٽپائيءَ تان صوف کڻندي چيو.
”هائو ڀيڻ، ڏيرياڻي ۽ سندس ڌيئر آيل آهن.“
”اڳ ته ڪڏهن ڪونه آيون هيون؟“ عاشي چيو.
”بس ڀيڻ! ڀونءِ ڦرنديءَ جا ڀاڳ آهن.“ صفوران جواب ڏي تنهن کان اڳ زبيده مشڪندي چيو.
”ادي پر ويچاريون ڏاڍيون همدرد ۽ هڏڏوکي آهن... خبر اٿو ته پر سال جيڪو سخت بيمار ٿي هئس سو ڇو؟“
”ڇو؟“ ٻنهي گڏجي سوال ڪيو.
”ڏيرياڻي ٻڌايم ته رئيسياڻيءَ ڪارو علم ۽ جادو ڪرايا هئا... نه رڳو ايترو پر بوتا ٺاهي زمين ۾ پوريا هئائين!“
”ها... ا... ن!... پوءِ؟“ عاشيءَ جو وات پٽجي ويو.
”الله ڏيرياڻيم جي من ۾ وڌي، جو مون ٻچڙيوال تي قياس ڪري اُهي سڀ علم لڪي لڪي ضايع ڪرائي ڇڏيائون!“ صفوران شڪر گذاريءَ واري لهجي ۾ ڳالهايو.
”چئبو ته سرخرو ٿيڻ ڪاڻ ڪوڙ بدوڙو هڻي سڄو ڏينهن ٿيون تنهنجو رت ولوڙين“ زبيده ٽوڪيس.
”نه ادي ويچاريون اهڙيون ناهن.“ صفوران ڪيس وارا هٿ ڌوئي رومال سان نڪ اُگهندي چيو.
”نه وري ڇا، ڳڻتيون ڪري ڪري اَڇا پئجي ويا اَٿئي.“ زبيده چيو.
”ائي ادي اِهي اَڇا مُئا ته ائين ئي اچي خوار ٿيا آهن.“ صفوران اڇن وارن جي تصديق ڪندي وراڻيو. ”منهنجي عمر به ته ڪا وڏي ناهي ويهن ٻاويهن ۾ ته پرڻي هئس رئيس سان!“
”ها... ئو!“ زبيده ڄاڻي ٻجهي پاڻ تي عجب جي ڪيفيت طاري ڪئي.
”ڀلا ڪٿي آهن تنهنجا مهمان؟ ملاءِ ته سهي.“ عاشيءَ چيو.
”ادي ويون آهن سرڪاري باغيچو گهمڻ، ڄاڻ آيون.“
”بلي! همدرديءَ جي همدردي، گهمڻ جو گهمڻ. ڳوٺ ته ويچاريون ستن پردن ۾ بند پيون هونديون.“ زبيده کان رهيو نه ٿيو.
”خير نه اٿئي، اڄڪلهه جو پردو ٿيندو به ته رڳو ڀاءُ، پيءُ، پٽ يا مڙس کان آهي.“ عاشيءَ پنهنجو مشاهدو بيان ڪيو، ”رستي پنڌ، جت انهن تي نظر پئي، ڊپ کان جهٽ نقاب هيٺ.“
”چپ ڪر ته سفوران نه ڪاوڙجي پويئي!“ زبيده کيس تتبيهه ڪندي چيو.
”ڇو ادي؟“ عاشيءَ صفوران کان پڇيو. ”مان سچ نٿي چوان!“... پر حقيقتن جو جواب خاموشيءَ سان ئي ڏبو آهي. سفوران ڏانهنس رڳو مرڪي ڏٺو.
ايتري ۾ ڊراڪولا جي گائون جهڙي اڇي برقعي ۽ ڪارين چادرين سوڌو، پوڙهي ڏيرياڻي حليمان ۽ سندس ڌيئون به اچي پهتيون. زبيده ۽ عاشيءَ سان کيڪر ڪري اڃا ڀانيائون ته ويهون ته صفوران حجت مان کين برقعن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”وڃو! وڃي ٻوجها لاهيو، هانوُ ٿو ٻڏي... ماني تيار پئي آهي.“
”بس اِجهو ٿيون اچون هٿ منهن ڌوئي.“ ٻانهياريءَ جو بجو به سونو جي چوڻيءَ موجب، ماءُ ڌيئرن يڪدم حڪم جي تعميل ڪئي.
چڱو ڀيڻ صفوران! هاڻي اسان کي به اجازت ڏي.“ عاشيءَ اُٿندي چيو.
”ويهو ته سهي!“
”اسين ته رڳو توکي چوڻ آيونسين ته پريهن تيار رهجئين ته ادي ڀمان کي حج جي مبارڪ ڏيئي اچون.“ زبيده چيو.
”اچي وئي خير سان!“ صفوران ٽڙندي چيو.
”اڄ ٻيو ڏينهن اٿس.“ زبيده وراڻيو.
”اول خير پريهن هلنداسين.“ صفوران چيو.
”سائڻ!“ ڌميءَ ٻڪريءَ جهڙي آواز ۾ اوچتو پٺيان اچي صفوران کي سڏ ڪيو.
”ڏائڻ! ڏڪائي ڇڏيئي، ڇا اهي؟“ صفوران جي پهاڙ جهڙي جسم ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو.
”ماني رکي آهي ٽيبل تي.“ ڌميءَ کلي ڏند ڏيکاريا... سندس ستن پيڙهين، ڏندن صفا ڪرڻ جو ’فيشن‘ ئي ڇڏي ڏنو هو.
”هلي مهمانن کي ته ويهار، اسين اچون ٿيون.“ صفوران، ڌميءَ کي دڙڪي مان چيو.
”اُٿو ادي توهان به هلي بسم الله ڪيو.“ صفوران چيو.
”نه ڀيڻ، اسين ٻئي گڏجي کايو پيو اچون، تون وڃي بسم الله ڪر.“ زبيده چيو.
”ائي ادي خبر ڪونه اٿوَ ته آءٌ رئيس کانسواءِ کائيندي ڪونه آهيان.“
”ته پوءِ هلو ته اتيئي ٿا هلي ويهون. تنهنجي ڏيرياڻي اڪيلي ڌيئن سوڌو ويٺي هوندي.“ عاشيءَ چيو.
ٽئي ڄڻيون ڊرائينگ ڪم ڊائننگ روم ۾ اچي ويٺيون. حليمان، جنهن ڌيئن سميت ميز ۾ اکيون وجهي سندن انتظار پئي ڪيو، کين ايندو ڏسي بي تابيءَ مان چيو، ”ادي اچو! ماني پئي ٺري!“
”ائي توهين ماٺ ڪري ويهي کائو، اسان جي اون نه ڪريو!“ صفوران سهيلين سميت صوفن تي ويهندي چيو.
حليمان ۽ ڌيئن، فرمانبرداريءَ سان کائڻ شروع ڪري ڏنو هڏڙن جي مٺ پوڙهي ڏيرياڻيءَ جا هٿ پئي ڏڪيا، پر ڊپ کان ته متان ڪسر گهٽ ٿئيس، چمچو ڪيئن ڇڏي. اڃان ڪو چانور ذرو ڪري ته ڌيئن جون اٺئي اکيون ڪوڪلي جهڙي ماءُ ۾ کپيو وڃن. اٺن ئي اکين منجهان مختلف اشارا ٿيڻ لڳن. ويچاري حليمان جون اکيون اڳيئي ننڍيون ويتر جوڌيئن کي ائين ڪندو ڏٺائين ته ماڳهين اندر گهري ويس. کاڌو رت پونءِ ٿي ويس، پر تڏهن به پنهنجي ’عروج‘ کي ڏسيو ئي پئي ٺري، زبيده اهو نظارو ڏسي صفوران کي هوريان چيو.
”ائي صفوران، تو هنن سان ڪهڙا ويل ڪيا آهن. ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڄاڻن چمچن ڪانٽن مان!“
”ائي ادي! منهنجي گهر جو سڄو رعب ڏسي وڃي رئيسياڻي کي ٻڌائينديون!“ صفوران ڦونڊجي وراڻيو.
”مئو کڏس اهڙي رعب جو!“ زبيده چيو.
حليمان ۽ ڌيئون ماني کائي هٿ ڌوئي صوفي تي ويٺيون ئي مس ته يڪدم صفوران چين.
”ادي ٻاهر موٽر بيٺي اٿوَ، وڃي ڄامشورو گهمي اچو!“
”چاچي تون به ته هل نه، هيکلو وري ڪيئن مزو ايندو!“ حليمان جي وڏي ڌيءَ، شرم کان وٽجي سٽجي لانڍ ۾ ڳالهايو.
”وڃو، وڃو! ڌمي گڏجي ٿي هليوَ، رئيس جي اچڻ جي مهل ٿي آهي؛ آءٌ ڪيئن هلنديس.“ صفوران کين ڪوڙي پيار ڀريل حجت مان ڄڻ ڇنڀيندي چيو. اوچتو سندس نظر حليمان تي پئي.
”ائي ادي، اهو چمچل ٿي پايو وڃين! منهنجو کڙيءَ وارو سئنڊل پائي وڃ!“ ائين چوندي صفوران ڌيءَ کي ڪٻٽ هيٺان رکيل سئنڊل کڻي آڻڻ لاءِ چيو.
”نه، نه ادي، مونکي هيءَ چڱي آهي.“ حليمان کُڙيءَ جو ٻڌي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.
”ماڻهو ڪير؟ اسان جي عزت کي به ته ڏس!... هي سُڪل پلي جهڙا پادر پائي ويندينءِ!؟“ صفوران جي حجت ڀريل ڪاوڙ ۾ حڪم هلائڻ واري انداز حليمان کي ڪنبائي ڇڏيو.
”چڱو ڀلا ڏي...!“ حليمان ڄڻ پادرن جي پيهن مان ڳالهايو ۽ مجبوريءَ مان ڌميءَ کان سئنڊل وٺي پاتو. ڌيئون خوش ته اسان جي ماءُ کي ايڏي اهميت ۽ مان پيو ملي... ماءُ کي سر جي لڳي پئي هجي پر ڪيئن ڪڇي، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.
”ائي مارين ٿي پرائي هڏڙن جي مٺ کي، گوڏا ڀڃي چٽ ٿي ڪرائينس.“ زبيده، حليمان کي در ڏانهن ٿاٻڙندي ويندو ڏسي صفوران کي چيو.
”ادي چٽ ٿينس ته پيا ٿينس هتان ته نڪري.“ صفوران جي بيزاري ڏسي زبيده کي کل اچي وئي.
”چئبو ته هاڻي اچي ڪڪ ٿي آهين!“ عاشيءَ به کلندي چيو.
”بس ادي، دنياداري جو ڪرڻي ٿي... ڄڻ تلوار جي ڌار تي هلڻو ٿيو.“ صفوران معتبري ڏيکاريندي رعب مان چيو.
”مان ته ادي دل ۾ نفرت ۽ زبان تي محبت رکڻ واري دنيا داريءَ جي قائل ناهيان.“ زبيده چيو، ”سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب.“
”پنهنجو پنهنجو خيال آهي.“ صفوران ٿورو رکائيءَ مان جواب ڏنس.
معاملو سنجيده ٿيندو ڏسي، گفتگوءَ جو موضوع بدلي ٿوري دير ۾ عاشي ۽ زبيده به موڪلائي پنهنجي گهر روانو ٿيون.
صفوران جي مرضيءَ خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي هئي ته سندس موڊ سخت خراب ٿي ويندو هو، تنهن ڪري ڪنهنجي به مجال نه ٿيندي هئي جو سندس مرضيءَ خلاف ٿئي يا حڪم جي پوئواري نه ڪري... البته زبيده مٿائنس ڪڏهن ڪڏهن چوٽون ڪري وجهندي هئي، جيڪي کيس ناگوار ته لڳنديون هيون پر خبر ناهي ته ڪيئن سهندي پئي آهي.
صبح سان جو حليمان کي اجل کنيو سا حڪم هلائي وڃي بورچياڻيءَ گلان سان وڙهي ته قيمي ۾ لوڻ جهجهو وڌو اٿئي. گلا به ميس ميس ڪري روئيندي صفوران وٽ آئي.
”ائي ڇو؟“ صفوران نچڪڻي سان ڀرونءَ پٽيندي چيو.
”آون...آون آنهه آونهه. اِهين اِهين!“
”ائي توکي وري ڇا ٿيو؟“ صفوران نچڪڻو رکي مڇن لاءِ ’ٿريڊنگ‘جا سانباها ڪندي پڇيو.
”سائڻ! توهان جي هوندي حليمان مون تي حڪومت ٿي ڪري... مون سان وڙهي آهي... توهان لاءِ به لفظ ڳالهايا اٿس.“ گلان ساڙ ۾ اُهي ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيون جن جو جهيڙي سان تعلق نه هو پر جيڪي شروع ۾ حليمان ۽ هن سنمک ٿي ’ناني ڳوٺڙو‘ ڪري گڏجي ڪيون هيون.
”ڇا آهي آخر؟“ صفوران ڪڪ ٿي پڇيو.
”سائڻ! حليمان چوي ٿي ته منهنجو به حق آهي هن گهر ۾... رئيس سان ننڊي لاڪر راندون ڪڏيون هئم... ۽... ۽... “
”۽ ڇا؟“ صفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان اٿندي پلنگ تي ويهندي پڇيو.
”چئي ٿي ته پنهنجي ڪونج جهڙي، موتين جي داڻي مثل ڏاڏي پوٽي پنجن پٽن جي ماءُ ويٺي آهيس- پر ڦاٿو آهي ته اشراف کي نڀائڻي پئي.“ گلان پنهنجو هانوَ هلڪو ڪيو.
”تون بس ڪر، آءٌ پاڻهي ٿي ڏسان!“ صفوران چڙ ۾ بنهه باهه ٿي ويٺي. اکين مان ڄڻ اُلا نڪرڻ لڳس، ۽ منهن تي هيبت طاري ٿي ويس. انهيءَ مهل ئي وڃي حليمان تي ڪڙڪي.
”مائي! هينئر جو هينئر وڃو پنهنجي گهر. گهڻوئي رهيون، توهان ڇا ڄاڻو مانَ مان.“
”ادي اسان کان ته ڪا غلطي ٿي ڪونهي، تون ڇو ٿي ڪاوڙجين- مون ٻيو ته ڪجهه نه رڳو نياڻيءَ کي چڱائي چئي- هاڻي اسين ڪهڙو منهن کڻ مائٽين وينديوسين جو انهن کي ڇڏي تو وٽ....“
”ائي ٺهيو ٺهيو، پنهنجيءَ جون ڪونه ٿيون سو منهنجون ڇا لاءِ ٿينديون؟“
اوچتو مٿان رئيس آيو. حليمان کي ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ شڪايت واري لهجي ۾ چيائين.
”ادا، ڀاڄائيءَ کي ڏسين ٿو...!“
رئيس حليمان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ٻئي ڪمري ڏانهن چُپڙي ڪري هليو ويو.
”ائي ادي ڀلا ٽانگو ته گهرائي ڏي.“ ڪا واهه نه ڏسي حليمان، صفوران کي چيو.
”نوڪر واندا ڪونه آهن، پاڻهي وڃي ڪريو.“ صفوران بنهه اکيون ڍڪي ڇڏيون- ۽ انهيءَ مهل ئي هو برقعا پائي رمنديون رهيون. اڳيان حليمان پاڻ، پٺيان چار ڌيئون ٽانگو به ڪونه لڌن، الائي ڪيئن وڃي ڳوٺ ڀيڙيون ٿيون.
حاجياڻي ڀَمل جي گهر مبارڪ ڏيڻ وارن جي چهل پهل لڳل هئي تنهن سان گڏ گلن هارن ۽ مِٺاين جا هٻڪار پي آيا. ڀمان سڀني سان کلي کيڪرون ڪري دين ايمان جون مبارڪون وصول پئي ڪيون ۽ هر ڪنهن وٽ ٿوري ٿوري دير پئي ويٺي. گرمي به دوزخ جي هئي نوڪر ٿڌي پاڻي جا گلاس ڀري ڀري زالن کي ٿي ڏنا- زبيده، عاشي ۽ صفوران به پنهنجو گروپ ٺاهيون ڪچهري لايو ويٺيون هيون.
”زُبي، گرميءَ ۾ اُڃ کان ساهه ٿو ماندو ٿئيم!“ صفوران چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”پاڻيءَ لاءِ ته نوڪر کي چئينس.“
”ابا هيڏانهن پاڻي ڏجانءِ.“ زبيده نوڪر کي صفوران ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”هائو ادي!“ ائين چوندي نوڪر پاڻيءَ جي جو گلاس ادب سان کڻي صفوران ڏانهن وڌيو.
”ماسي پاڻي...!“
صفوران سڙي ڀُڄي گلاس ورتو. منهن جو پنون ئي لهي ويس.
”ادي، توکي اُڃ به لڳي، پاڻي به ڪونه پيتئي!؟“ زبيده صفوران کان حيرانيءَ مان پڇيو.
”اَئي ادي ڏٺئي؟“ صفوران ڄڻ شڪايت ڪئي. ”موئي هيڏي ساري ڏاڙهيءَ واري پاڏي، مونکي سڏيو ماسي!“
”ادي عمر جو ته ننڍو هو، ڳوٺاڻا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن، ويهن ٻاويهن جو هوندو. چيائين ته ڇا ٿيو؟“ زبيده وراڻيو.
”پر ڏس ته هاڻي توکي ٿو ننڍو سمجهي جو ادي ڪري سڏيائين ۽ مونکي وري وڏو!- ڀلا اسان جو بدن آهي ٿلهو تنهن مان سمجهيائين ته ڪا وڏي آهي.“ صفوران چيو.
”بس ادي، نه پاڻي گهُرين ها نه اهي سور ڏسين ها- تنهنجا ته کاڌا پيتا زهر ٿي ويا!“ زبيده ٽوڪ ڀريل همدرديءَ مان چيو.
”چئين ڇاٿي! زهر ٿين منهنجي دشمن جا- ڳالهائڻ جو ڍنگ ته سکي آ.“ صفوران چڙ مان چيو.
”ادي ڍنگ ته توکي آهي جو پاڻي ڦُڙيءَ ڪري هيڏا طائفا ڪيا اٿئي!“ زبيده به ٺهه پهه وراڻيو.
”ڇا ٿي پيو صفوران!“ عاشيءَ صلح ڪرائيندي چيو.
”مونکي ته نوڪر چاڪر امان ڪري سڏين ته به آءٌ ڪونه چڙان، هڪ سال پاڻ تون وڏي ٿيندينءِ... تنهنجو ته مڙس به وڏو آهي. منهنجو مڙس ته وري به تنهنجي مڙس جي پٽ جيڏو آهي، سٺ سال جو آهي مڙسهين!“
”چري ٿي آهين، دماغ ڦري ويو اٿئي. اُڻهٺ جو آهي، سٺ ۾ اڃان ٻه مهينا پيا اٿس، هينئر ئي تو سٺ جو ڪيس. آئي زبيده ٻڌين پيئ!“ صفوران دادرسيءَ جي اُميد ڪندي چيو، ”توکي ته رئيس صاحب جي سڀ خبر هوندي ته ڪيڏو هو؟“
”ادي مون ته جڏهن ڏٺو هو مانس ته پٺيان چولو ٻڌو پيو هئس، بانبڙا پئي پاتائين!“ زبيده وراڻيو.
”تنهنجا به انصاف آهن.“ صفوران چيو، ”وقت تي مسخري ٺهندي آهي، هينئر مسخريءَ جو ٽيم ڪونهي.“
”ادي پڇيو به تو، مونکي ڪهڙي خبر، ڪٿي جي جهار ڪٿي جي جهرڪي. رهي راهو جا، بهي باهوجا، تڏهن به ڪُتي ڪنؤري جن جي. مونکان ٿي پڇين، مونکي ڪهڙي خبر مڙسهين ابوالڦوڙاٺ جي عمر جي! آءٌ ڪا ڪُراڙ ته ڪونه آهيان. ننڍپڻ ۾ شادي ٿي ته ٻار به پاڻ جيڏا اٿم. توهين مڙهه ٿي ڪراڙ ٿي، پڙڻيون ته ننڍا ٻار ڏسيو پاڻ کي ڪِڪيون پيون سمجهو.“ زبيده ٿورو تکائيءَ مان چيو.
”ادي هروڀرو گرم ٿي وئي آهين.“ صفوران اٿندي چيو، ”آءٌ مرڳوئي هِتان وڃان ٿي.“
صفوران ڪجهه پريان وڃي فون جو نمبر ملائڻ لڳي. عاشيءَ کيس ويندو ڏسي مشڪي ڏنو.
”ادي مريم ڏٺئي!“ زبيده ڀر ۾ ويٺل هڪ زال سان ڳالهايو، ”مُڙس جي هڪ سال وڏي عمر ڪرڻ سان ڦٽجي پيو آهن. هاڻي اڻهٺ جو ٿئي ٿو؛ سٺ جو ٿيندي ڪهڙي ڪس ٿي لڳيس.“
”سڀ تنهنجون ڳالهيون ٻڌم ويٺي.“
مريم دلچسپي سان وراڻيو، ”کل کان ساهه ٿي نڪتو.“
”هاڻي ڏس ته، ادو يوسف به اسان جيڏو آهي. ان لاءِ ڪڏهن تو چيو آهي ته ڪو ننڍو آهي.“ زبيده اعتماد ۾ آڻيندي چيس.
”تنهنجي ته سچي ڳالهه آهي منهنجي عمر به ته ٽيهه سال آهي.“
”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين، ٻين جي اڳيان تون پنجويهن جي وڃي ٿيءُ- منهنجي اڳيان نه چئو- سڄا پندرهن سال ڳڙڪائي ويئين! پاڻ سال اڌ مونکا وڏي هوندينءَ!“
”ائي هاڻي ٺهيو، آهستي ڳالهاءِ ٻيون نه ٻڌن.“ مريم هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو. ”هوندو ڀلا کڻي آءُ بحث ڪونه ٿي ڪريان.“ موٽ ۾ زبيده ڏانهنس مشڪي ڏٺو.
”ڀيڻ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري پيون کلو مونکي به ته شريڪ ڪيو. هڪ کلمک عورت ساڻن گڏجي ويهندي چيو.
”ادي ڳالهيون وري ڪهڙيون، اڻهٺ جو ٿيو آهي سٺ تان مونکي وڙهي ڦٽي رکيو اٿن.“ زبيده وراڻيو.
”ادي شال سٺ جو نه ٿئي، اڻهٺ ۾ ئي پنڌ پوي. ڪهڙي نه ماڻهن جي ننڍڙي ٿيڻ جي عادت آهي- مائي آءٌ ته پنجاهه جي آهيان.“ کلمک زال، خوش طبعيءَ مان وراڻيو- ايتري ۾ ساڳئي نوڪر پريان ئي وڏي آواز ۾ صفوران کي مخاطب ٿيندي چيو.
”ماسي توهان جي موٽر آئي آهي!“
صفوران جنهن يڪو نمبر ڊائل پئي ڪيو تنهن ور وڪڙ کائيندي نوڪر ڏانهن ڏٺو. ويٺل زالون چپن ئي چپن ۾ مرڪڻ لڳيون.