ڪھاڻيون

پرهہ کان پھرين

ھي ماھتاب محبوب جي ڪھاڻين جو ڇپيل ٻيو مجموعو آھي، جنھن ۾ ارڙھن شاھڪار ڪھاڻيون شامل آهن. ماھتاب سنڌي عورت ڪھاڻيڪارن ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻيڪار آھي. ماھتاب جي ڪھاڻين جا ڪردار نج ۽ سچا، سماج جي ريتن، رسمن ۽ ڪار وھنوار مان کنيل آھن. ماھتاب جي ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ أسلوب نرالا ھوندا آھن. 

Title Cover of book پرهہ کان پھرين

گيٽ آئوٽ

جسم ٿلهو متو، قد ڊگهو، رنگ صحتمند طرح سان ڪارو شيشم وانگر چمڪندڙ ڀريل ڳل، ٺوٺ خشڪ چپ، شايد سگريٽون گهڻيون پيئڻ ڪري. پر جڏهن هو کلندو هو ته هن جي سڄي چهري جو رنگ ئي بدلجي ويندو هو. وڏين وڏين گهرين اکين ۾ شرارت جي چمڪ اچي ويندي هئس. منهنجي ساڻس ملاقات همسفر جي حيثيت سان ساڳي ئي ڪمپارٽمينٽ ۾ ٿي. مان حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رهيو هئس ۽ هو لاهو رکان ڪراچي. مون سان اهڙي ته پياري انداز سان پيش آيو، جو مان سندس سٺي ورتاءُ کان بيحد متاثر ٿيس. هن جي ڳالهين مان ائين پي معلوم ٿيو ته ماڻهو ڍول آهي. هڪ اعليٰ آفيسر ۽ اڌيڙ عمر هوندي به هو ڏاڍو دلچسپ هو نه ته اڄڪلهه جي مشيني ۽ ماتمي دور ۾ ماڻهو ڏاڍا سپاٽ، غير دلچسپ ۽ هڪ جهڙا ٿي پيا آهن.
جيتوڻيڪ مان عمر ۾ هن کان ڪافي ننڍو هوس پر هن جي گفتگو اهڙي ته دوستاڻي انداز واري هئي جو عمرن جو فرق بنهه محسوس نه پي ٿيو. دراصل اها خاصيت به ڪن ڪن ماڻهن ۾ هوندي آهي ۽ ان لاءِ مان به هن ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو هئس. هن پنهنجو نالو عزيز احمد ٻڌايو ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته هو ڪراچيءَ ۾ ئي رهندو آهي. جيتري دير ريل ۾ رهاسين اسان جو ساٿ رهيو ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو ٿيندي رهي.
ڪئنٽونمينٽ تي لهندي ئي مون ’موناليزا‘ هوٽل ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. پر منهنجي مهربان همسفر مونکي پنهنجي بنگلي تي هلڻ لاءِ ايترو ته مجبور ڪيو جو مان انڪار به نه ڪري سگهيس. هڪ خالي ٽئڪسي آهستي آهستي وڃي رهي هئي. هن فوراً هٿ جي اشاري سان ان کي روڪيو. اسين ٻئي خاموشيءَ سان وڃي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.
”ڪلفٽن!“ هن بي پرواهيءَ سان چيو.
”بهتر جناب.“ ٽئڪسي واري فرمانبرداريءَ مان چيو ۽ ٽئڪسي تيز ڪري ڇڏيائين. بنگلي تي پهچي منهنجي تمام سٺي نموني سان خاطر تواضع ڪئي وئي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو هو ته عزيز صاحب هاڻي مونکي پنهنجن خاص دوستن ۾ شامل ٿيڻ جو درجو ڏيئي چڪو آهي.

جيئن ته اسين ٻئي ٿڪل هئاسين ان لاءِ منجهند جي ماني کان پوءِ جلد ئي سمهي رهياسين. شام جو ساڍي ڇهين بجي ڌاري ميزبان مونکي اچي اُٿاريو ۽ شام جي دستوري چانهه پيارڻ کان پوءِ پاڻ سان گڏ چهل قدميءَ لاءِ چيو، پهريائين ته ڪجهه پس و پيش ڪيم، ڇو ته شام جو مونکي پنهنجو خانگي ڪم لاهي صبح جو واپس حيدراباد روانو ٿيڻو هو. پر پوءِ عزيز صاحب جي اڳيان هڪ نه هليم ۽ مجبور ٿي پيس. هن مونکي ٻڌايو ته هو چهل قدمي ڪرڻ جو عادي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته جيڪڏهن هو ڪجهه ڏينهن لاءِ چهل قدمي ڇڏي ڏي ته سندس پيٽ سنڌ جي روايت ڪامورن مطابق تمام جلد وڏو ٿي ويندو آهي.

رستي تي هن مونکي چيو ته ”ادا، اڄ ٽي مهينا ٿي ويا آهن جو مون شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هاڻي ته ڪراچي جي آب هوا به ڀانءِ نٿي پوي، دم جو شوڪو به ڀانيان ٿو ته سنجريم پيو انڪري خيال اٿم ته سڀاڻي توسان گڏجي حيدرآباد هليو هلان، جت چند ڏينهن تنهجي صحبت ۾ گذاريان.“

”اکين تي سائين!“ مون فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. سامهون ٽئڪسي کي گذرندو ڏسي هن جو خيال الائي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ هڪدم ان کي سڏي ’ماريمار‘ هوٽل ڏانهن هلڻ لاءِ چيو.

چهل قدميءَ مان يڪدم ٽئڪسي ۾ چڙهڻ جو ارادو ڏسي پهريائين ته مان حيران ٿيس، پر پوءِ خيال ڪيم ته وڏا ماڻهو آهن دنيا جي هر ڳالهه وانگر ارادو بدلائڻ به انهن جي لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي، آخرڪار اسين هوٽل ۾ اچي پهتاسين.
مدهوشيءَ جي عجيب فضا چئني طرفن پکڙيل هئي، نشي ۾ بدمست ماڻهو جام تي جام پي رهيا هئا. اسين هڪ ميز جي چوگرد پيل ڪرسين تي ويهي رهياسين هن اصرار ڪيو ته مان به ساڻس شريڪ ٿيان، پر منهنجي انڪار تي هن اڪيلي ئي بيري کي ’پيگ‘ جو آرڊر ڏنو ۽ جلد ئي ختم به ڪري ڇڏيائين. جنهن کان پوءِ چپن تي مرڪ آڻي منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين ته ”بس، باقي ٻه.“ ائين چوندي رعب ۾ بيري کي هڪ ٻئي پيگ آڻڻ جو آرڊر ڏنائين.
ٻئي پيگ تي عزيز صاحب تفصيل سان ڪراچي جي موسم تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو خاص خيال ڏيکاريائين ته انهيءَ گندي آبهوا مان نڪري توهان سان گڏجي هلندس.
هينئر هن ٽئين پيگ جو آرڊر ڏنو ۽ پيئندي منهنجي ساراهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ته آءٌ ڪهڙو نه شريف آهيان جو هن ’شي‘ کان پري آهيان، پر حيدرآباد هلڻ ۽ اُتي مونسان گڏ رهڻ جو اصرار ان وقت به رهيو منهنجي ساراهه سان گڏوگڏ ڪجهه شعر به ٻڌايائين، ۽ اهو انڪشاف به ڪيائين ته کين فقط شاعريءَ سان دلچسپي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن لِکي به وٺندو آهي.
هينئر سندس پهرين انجام موجب ٽي پيگ پورا ٿي چڪا هئا، پر وري به، ”بس صرف هڪ“ چوندي بيري کي آرڊر ڏنائين.
”مان ڪڏهن به گندو شراب نه استعمال ڪندو آهيان. هميشہ ’اسڪاچ‘ پيئندو آهيان ۽ سوڊا جي بدران مونکي پاڻي وڌيڪ وڻندو آهي.“ هن هڪ ڍڪ ڀريندي چيو. پل کن لاءِ هن جي چهري تي سنجيدگي ڇائنجي وئي.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيائين، ”پر حقيقت ۾ ته شريعت موجب شراب حرام آهي. قرآن شريف ۾ اهو پڻ فرمايل آهي، ان لاءِ نهايت ئي شرمندو آهيان. خدا جي اڳيان ڇا جواب ڏيندس؟“ هن وڏي ويچار مان چيو، ”پر خير، هاڻي مان سوچي ۽ پڪو ارادو ڪري چڪو آهيان ته هن خبيث شئي کان هميشہ لاءِ توبهن ڪندس. خدا وڏو رحيم آهي، پنهنجن بندن جون وڏيون وڏيون خطائون بخش ڪيو ڇڏي، پر آءٌ سچ پچ ته ڏاڍو نالائق آهيان، قرآن ۽ شريعت جي پيروي نه ڪرڻ گناهه عظيم آهي.“ هو ذري گهٽ روئڻ هارڪو ٿي ويو.
مون سگريٽ کي ايش ٽري ۾ وجهندي هن ڏانهن نهاريو. هن وقت هو مونکي ڏاڍو عجيب معلوم ٿي رهيو هو. هينئر هن شريعت ۽ موسم کان پنهنجو موضوع موسيقي ڏانهن بدلايو ۽ گڏوگڏ پنجين پيگ جو آرڊر به ڏنو،
”اڄ راڳ جا قدردان ڪٿي؟ ويچارا موسيقار بک پيا مرن، تو ۽ مون جهڙا خاندان ڪيترا، جي راڳ جي سمجهه رکن ٿا.“ هن پاڻ سان گڏ مونکي به شامل ڪيو.
”جي ها سائين! ٻيو نه ته وري.“ منهنجي لهجي جو طنز هو محسوس نه ڪري سگهيو.
”يار، عاشق علي خان جي ڀيروي ته بس ڪمال جي آهي، خدا جو قسم جيڪڏهن اڄ سڀ موسيقار به گڏجي ويهن ته هوند صحيح ڳائي به نه سگهن.“ ائين چوندي هن جي هٿن کي جنبش آئي ۽ ٽپائيءَ کان طبلي جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائين ۽ پهرين ٺپ ٺپ سان سندن پنجون پيگ ڪپڙن تي هارجي پيو- ٻارهن رپين جو نقصان ٿيندو ڏسي هڪدم جوش ۾ اچي، بيري کي وري پيگ آڻڻ لاءِ آرڊر ڏنو ۽ جيستائين بيرو اچي هُن ”جادو لائي ويا جيءَ ۾“ وارو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو.
پريان ڪجهه شرابي جيڪي پڻ هن وانگر راڳ جا ڄائو هئا واهه واهه ڪرڻ لڳا. بيٺي بيٺي پنج کن شرابي ڪرسين کي سرڪائي اچي هن جي ويجها ٿي ويٺا. سڀني جي هٿن پنهنجا پنهنجا جام هئا. هڪ ڄڻي ته ساڻس سُر ملائڻ شروع ڪيو. ان وقت ’سا- ري – گا- ما- پا‘ جي جيڪا مٽي پليد ٿي سا ٻڌڻ وٽان هئي. ماڻهن جي واهه واهه ۾ هو پاڻ کي سچو پچو عاشق علي سمجهڻ لڳو هو. هڪ ته چئي به ڏنس، ”سائين واهه واهه، اڄ مدت کان پوءِ صحيح راڳ ٻڌو اٿئون.“ بس ايترو چوڻ جي دير هئي، هن بيري کي سڏ ڪيو. ”بيرا ايڪ پوري بوتل لاؤ!“ پنهنجي چوگرد ويٺلن کي پنهنجن هٿن سان شراب اوتيندو ڏيندو ويو.
هاڻي هنجو ڇهون پيگ هو، ليڪن مڙئي سرس. ڪنهن شامتِ اعمال فرمايو، ”سائين توهان کي غزل به ضرور ايندو هوندو.“
چوڻ جي دير هئي، هن زنانو سُر ڪري وٺي جو ڳائڻ شروع ڪيو ته ٻڌڻ وارن ۾ جيڪو ’موتي فقير‘ هجي ها ته به ڪن ڪپائي ڀڄي وڃي ها.
چشڪيءَ جو مزو وٺندڙ، جن جي آفرين آفرين پي پئي تن هن جي وڏي همت افزائي ڪئي.
ايتري ۾ هن ستون جام ڀريو ۽ انهيءَ مان ٻه ڍڪ ڀريندي ’راڪ اين رول‘ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. بس پوءِ ته پنجئي دوست ساڻس گڏجي ’راڪ اين راڪ‘ چوڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مون غريب کي به زورئي پاڻ سان شامل ڪيائون، موچڙن جي ڊپ کان انڪار به ته نٿي ڪري سگهيس.
هينئر ڪنهن ٻئي حاتم طائي بوتل جو آرڊر ڏنو ۽ وري سڀني ”لال پري‘ پنهنجي گلاس ۾ اوتي، عزيز صاحب جو هي اٺون جام هو، پر اٺين جام مان اڃان رڳو ٻه ڍُڪ مس ڀريائين ته ان بعد فوراً ئي هڪ وڏي ’آ، آئو‘ ٿي ۽ ڀرسان ويٺل هڪ همراهه جو سوٽ اُلٽيءَ جي نظر ٿي ويو. بس پوءِ ڇا هو، سوٽ واري همراهه نه ڪئي هم نه تم، ٺهه پهه هڪُ ڪڙاڪيدار کانگهارو هنجي منهن ۾ ٽِڙاڪ ڪري اُڇليو. ان کان پوءِ چانڊيا مگسي واري جنگ شروع ٿي ويئي. ٻه ٽي هِن طرف ته ٻه ٽي هُن طرف. نتيجي ۾ ٻئي اسڪاچ جون بوتلون به هارجي ويون. مطلب ته جيئن جيئن عزيز صاحب پنهنجو هوش وڃائيندو ويو تيئن تيئن مون کي هوش اچڻ لڳو. دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪري رهيو هئس ته ڪهڙي کُٽيءَ کنيم جو هڪ اجنبيءَ سان بي تڪلف ٿي بنگلي تي ويس. مان سخت بور ٿي رهيو هئس. ايتري بوريت زندگيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئم. پنهنجي جان جي سلامتي انهيءَ ۾ سمجهيم جو ڀرسان پيل ميز جي هيٺان وڃي لِڪس. ٿوري دير بعد مئنيجر، بيرن سميت اچي سڀني کي جدا ڪيو. هينئر عزيز صاحب جوش ۽ غصي ۾ سهڪي رهيو هو. بيري کي سڏ ڪري چيائين ”بيرا، ڪهڙا ڪهڙا ڪمينا ماڻهو توهانجي بار ۾ ٿا اچن. وڃڻ پيک کڻي آ، اڙي! پر، صاحب لاءِ ڪافي ڪا سينڊوچ ته کڻي آ، ٽي ڪلاڪ ٿيا آهن جو هن کي پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پياريو اٿوَ.“ هن مون ڏانهن همدرديءَ واري نظر سان ڏسندي بيري کي چيو.
”مڙئي خير آهي سائين! منهنجو خيال نه ڪريو.“ مون رسميءَ طور چيو.
پر منهنجي ڳالهه ته ڄڻ هنکان وسري وئي. منهنجي ڪجهه نه کائڻ پيئڻ جو خيال اچي، وري غائب به ٿي ويس.
هينئر هن نائين پيگ جو آرڊر ڏنو. بيري آهستگيءَ سان نائون جام رکندي کين عرض ڪيو ته هن وقت رات جا ٻارهن ٿي رهيا آهن. پر عزيز صاحب سڌو آئي- جي پوليس، سان دوستيءَ جي دعويٰ ڪندي بيري کي يقين ڏياريو ته پوليس کيس ڪجهه نه چوندي.
نائون پيگ ختم ڪري هن ڏهين جو آرڊر ڏنو، بار جا دروازا بند ٿيڻ لڳا. ان بعد هڪ ٻي بوتل وٺي عزيز صاحب بنگلي ڏانهن هلڻ لڳو. رستي تي هنجي هڪ ٻئي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پاڻ ۾ ائين ڀاڪر پائي مليا جيئن صدين جا دوست هجن.
ٿوري دير ٻنهي جي پاڻ ۾ سُس پُس ٿي ۽ ان کان پوءِ ٽئڪسي روڪائي مونکي به پاڻ سان گڏ کنڀي هڪ نامعلوم هنڌ ڏانهن هلڻ شروع ڪيائون. مون پنهنجو هوش تڏهن سنڀاليو، جڏهن طبلي جي ٺپ ٺپ ۽ هارمونيم جو آواز ٻڌم. هينئر هو ٻئي، ۽ مان، انهن سان گڏ هڪ مجرم وانگر ڏاڪڻ تي چڙهندو نظر آيس. اتي هڪ عورت جنهنجي عمر عزيز صاحب کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هوند سا پف ۽ پائوڊر جي ڪرشمي جي ڪري ڇوڪري لڳي رهي هئي، ۽ شراب جي نشي ۾ مدهوش منهنجن همراهن کي بنهه ننڍي نينگري نظر اچي رهي هئي.
عزيز صاحب جي ڪوٽ مان فٽافٽ ڏهن جا نوٽ ڪڙ ڪڙ ڪندا نظر آيا. ۽ اوچتو مون ڏانهن منهن ڪري فرمايائون، ”ميان وڏو ڪو بي شرم آهين، اڌ ڪلاڪ راڳ ٻڌندي ٿيو اٿئي ۽ ڪجهه پئسو ڪونه ڏنو اٿئي.“
مان ڇا جواب ڏيان ها، نهايت مسڪين لهجي ۾ رڳو ايترو عرض ڪيم ته، ”سائين! مون کي ڀلا هاڻي اجازت ڏيو، تمام ضروري وڃڻو اٿم.“
”وڏو ڪمينو آهين، مون توکي چيو ڪونه هو ته گڏجي هلنداسين!“ ’گاءُ تڪيه‘ تي ليٽي يارهون پيگ پيئندي هن مونکي تيزيءَ سان گهوريندي چيو.
”سائين! مونکي ضرروي واپس پهچڻو آهي.“ رحم طلب نظرن سان هن ڏانهن نهاريندي مون عرض ڪيو.
ان وقت عزيز صاحب، جو ساڄي ۽ کاٻي الٽيون ڪري رهيو هو، نهايت سختيءَ سان هڪ خوفناڪ رڙ ڪري مونڏانهن مخاطب ٿي چيو، ”گيٽ آئوٽ!“