موڪلاڻي
”هوءَ بيٺي رهي ۽ ڇا ڪري...؟ ڪجهه سمجهي نٿي سگهي... اطمينان ڄڻ هن کان موڪلائي ويو هو احساس هن کي ڪجهه ڏينهن کان گهڻو ٿي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه سڀني جي توجهه جو مرڪز هوءَ هئي. گهر جا ڀاتي هن سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ لڳا هئا جيئن نهايت ئي پيارو مهمان ڪجهه ڏينهن رهي رخصت جي تياري ڪندو هجي.
هوءَ آرسيءَ وٽ اچي ڦڻي ڏيڻ لڳي، ڪنهن جي قدمن جو آواز ٿيو، هن ڪنڌ ورائي اچڻ واري ڏانهن نهاريو اهو هن جو ننڍو ڀاءُ هو.
’سومر اڱارو‘ پنهنجن ٻن آڱرين کي سامهون جهلي هن مسڪرائيندي چيو ۽ ڪمري مان بي معنيٰ چڪر ڏيئي هليو ويو... ڪيترو نه احساس هو کيس انهن ٻن ڏينهن جو... سندس بي جان مرڪ ٻڌائي رهي هئي. ڦڻي ڏيندي هن جا هٿ رڪجي ويا... يڪدم هن کي احساس ٿيو ته پنهنجي گهر ۾ صرف هوءَ ٻه ڏينهن ئي آهي اهو گهر، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا ارڙهن سال گذاريا، هاڻ ان ۾ کيس ٻه ڏينهن رهڻو هو... صرف ٻه ڏينهن... بس ٻه ڏينهن! ٻه ڏينهن هن جي دماغ ۾ ڄڻ سمائجي ويا هئا.
هوءَ غير ارادي طور رڌڻي ڏانهن وئي- هميشہ وانگر ڪچهري متل هُئي... هرڪو چانهه پي رهيو هو، هوءَ چانهه ته نه پيئندي هئي پر ڪچهريءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رڌڻي ۾ ضرور ويندي هئي... هن ڀاڄائيءَ سان ذهني پريشاني جو ذڪر ڪندي چيو، ”هاڻ ته هت رڳو ٻن ڏينهن جي مهمان آهيان ڀاڄائي!“
”ائين ته نه چئو، منهنجو هنياءُ ٿو ڦاٽي!“
هن جي ماءُ دانهن ڪندي چيو ۽ هو نماڻائيءَ سان مسڪرائڻ لڳي. چوگرد نظر وڌائين، سڀني جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار هيون.... هن پاڻ کي ٻين تي ظاهر نه ڪرڻ جي خيال کان بظاهر کلندي چيو:
”وڃان ٿي، وڃان ٿي!! توهان ته اجايو روئڻ شروع ڪيو آهي.“
”ها، وڃ، وڃ! ٽر!“ هن جي ماءُ ڏک ۽ روئڻ لڪائڻ لاءِ ظاهري سختيءَ سان چيو، مگر انهيءَ ظاهري سختيءَ ۾ هوءَ ماءُ جي پرخلوص دل ۾ لڪل جدائي جي غم کي سڃاڻي وئي هئي...
ڪمري ۾ آئي ته دريءَ مان ٿڌڙي هير هن جي پسيل ڳلن کي لڳي، هن کي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. هن جي دل ۽ دماغ به انهيءَ فرحت کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو...
”تون منهنجي جنت آهين“... پرڪيف هوا ۾ هڪ نرم ۽ پياري آواز جو احساس هو جنهن سبب چپن تي مرڪ پکڙجي وئي، اهڙي مرڪ جيڪا صبح جو سويري باغ ۾ مکڙين جي شرميلي منهن تي هوندي آهي!... ڪيترو نه اعتماد هو انهن لفظن ۾! ڪيتري نه محبت هئي!
”مون وٽ صرف تنهنجي لاءِ پيار آهي... ۽ بيحد گهڻو پيار.... پيار ئي پيار...! ٻيو ڪجهه به نه...“ ۽ هنجو پيارئي ته هن لاءِ سڀ ڪجهه هو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي!
پر ڇا هو هميشہ ائين ئي رهندو...؟
هڪ مٿاڇرو خيال هنجي ذهن ۾ آيو، الائي متان ناراض ٿي وڃي...
غلط فهميون پيد اٿين... پوءِ...! ڇا ٿيندو؟
”تون اڃا به ائين سوچي سگهين ٿي؟ آءٌ توکان ناراض ٿي سگهندس؟ آءٌ ڪنهن جي چوڻ تي ڇو لڳندس، ڪير توکي منهنجي خلاف ڪجه چوي ته ان تي اعتبار ڪندينءَ؟ نه، ته پوءِ منهنجي لاءِ ائين ڇو سوچيئي؟ پنهنجي زندگي کان ڪڏهن پري ٿبو آهي؟...“
معصوم ۽ ٿڌڙو آواز هنجي ڪنن ۾ ڄڻ سرگوشي ڪئي... پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن سخت اڃ ۾ ٿڌو ۽ فرحت بخش پاڻي پي وئي هجي!
”آئون توکي پنهنجو اعتبار سمجهندو آهيان... تون خود هاڻي اعتبار آهين...“
”مان توکي ايترو ڀانيان ٿو جو دنيا جون سڀ چاهتون منهنجي چاهت اڳيان نامڪمل آهن.“
صرف عورتون ئي وفادار نه هونديون آهن مرد به وفا جا پتلا ٿيندا آهن.
”آئون ڪيترو به برو سهي، ڪيترو به خراب سهي، مگر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ... مون کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نه سمجهجانءِ... ڪڏهن به نه سمجهجان... ڪڏهن به نه...!“
”ياد؟ ڪنهنن کي ياد ڪريان تون ياد بڻجي دماغ تي ڇانئجي وئي آهين...“
هن مسرت کان بي قابو ٿيندي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، هوا هن کي پنهنجي نرم نرم جهوٽن سان اتي ئي سمهاري ڇڏيو.
ڀر واري هال ۾ ٻارن جي گوڙ کان هن جي اک کلي وئي؛ هن کي ڪاوڙ کان پيشانيءَ تي گهنڊ پئجي ويو هن چاهيو ته وڃي ٻارن کي خوب دڙڪا ڏي، پر اوچتوئي هن کي ڪجهه ياد اچي ويو هوءَ ائين نه ڪري سگهي، هن کي ڏک ٿيڻ لڳو ته ٻارن کي دڙڪن ڏيڻ لاءِ سوچيو ئي ڇو!
هن پنهنجي ڪمري جي هر شيءِ تي نظر وڌي. انهن سڀني جو هاڻ ڇا ٿيندو...؟
۽ پوءِ ڪجهه سوچي هن پنهنجي سڀني شين کي مضبوطيءَ سان تالي ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڀائرن جو تنگ ڪرڻ ياد اچي ويو:
”هاڻي هن ڪمري ۾ تنهنجو حق نه رهندو.“
”ڇو ڪونه رهندو.“
”ڇاڪاڻ ته هاڻي هيءَ اسان جو آهي. هي ڪٻٽ به اسان جو، ميز به اسان جي، ڪتاب به اسان جا، سڀ شيءِ اسانجي!“
”هون، ڇو ڀلا، اهي سڀ شيون منهنجون ئي رهنديون آئون ايندس به ته پيئي نه آخر.“ هن پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني.
”اوهون. اهي قبضا ڪونه هلندا، هاڻي اسين مالڪ آهيون، ڪيئن چينا؟“ وڏي ڀاءُ ننڍي کي هُشي ڏني.
”منهنجي ٻچڙيءَ جو هيانءُ ڇو ٿا ڪڍو.“ ماءُ ٻارن کي دڙڪا ڏيندي ڌيءَ جو پاسو کنيو.
”امان ڏس نه، اڃان به پيا ستائين.“
”نه ڌيءَ توسان ڀوڳ ٿا ڪن، ڪير به تنهنجي شيءِ کي هٿ نه لاهيندو تون ڪوبه خيال نه ڪر.“
کيس وري اطمينان ٿيو، ڀلا مذاق ته ڪونه هو جو پنهنجي سالن جي ساهه سان سانڍيل ننڍڙي دنيا ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهو به جيئري! مگر ڪاش هن کي ڪنهن شيءِ سان به محبت نه هجي ها! هن سوچيو، نه گهر سان نه ماءُ سان، نه ڀاءُ ڀيڻ سان... نه ته انهن سڀني کي ڇڏي وڃڻ جو هن کي بلڪل ڏک نه ٿئي ها. هو پنهنجي نئين منزل ڏانهن، اکين ۾ انهن جي ياد جا لڙڪ ڀرڻ کانسواءِ ئي رخصت ٿي وڃي ها.
اڄ مٿس الوداعي نظرون پئجي رهيو هيون، هن جي زندگيءَ جو هڪ دؤر ختم ٿي رهيو هو... هن تي گهٻراهٽ طاري ٿيڻ لڳي.... هن جو ذهن ڄڻ ته مائوف ٿي ويو ۽ پوءِ اها شام به اچي وئي جنهن ۾ هن کي چادر ۾ لڪايو ويو... الائجي چادر ۾ ڪهڙو اثر هو، جنهنجي پوڻ سان هو خاموش ٿي وئي هئي.... هو ڪجهه نه سوچي رهي هئي... ڪجهه نه ڳالهائي رهي هئي. هن جون سڀ قوتون ڄڻ ختم ٿي ويون هيون. هن پنهنجو جهڪيل سر ٿورو مٿي کنيون... اوچتو هن جي نظر سامهون وئي... اُف! اها ڪهڙي ناقابل فراموش گهڙي هئي....!
هن ڏٺو، هن جو ننڍو ڀاءُ بند ٿيل دروازي جي شفاف شيشي مان معصوميت سان ڏسي رهيو هو... سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ چهري تي مرڪ! مگر اهڙي مرڪ جنهن ۾ لڙڪن کان به گهڻو درد هو... تمام گهڻو درد هو...!
هن جي دل تي زور سان ڌڪ لڳو گلي ۾ جهڙا وڍ پوڻ لڳس ۽ هن هڪ وڏي اوڇنگار سان پنهنجو سِر وري جهڪائي ڇڏيو!