ڪرفيو ۾
”آئي نوري! ڏس ته در تي ڪير آهي!“
”ادي! ادي! ناني رحمت آئي آهي!“ سندس ڀيڻ نوري، خوشيءَ مان ڪڇون ٺوڪيندي آئي.
نانيءَ جو ٻڌي زرينه جو منهن جو پنو لهي ويو، ”ائي مٺيس! مهمانن سان گهر ڀريو پيو آهي، وري هيءَ دوزخ جو ٽڪر هينئر ڇو ٿي آئي؟ ڀانيان ٿي ته اهي ماميءَ وارن جا ڪم آهن جو اها جزا، ڪڪ ٿي هيڏانهن اماڻي اٿن.“
”امان زرينه ڪٿي آهين،“ ناني رحمت گهر ۾ گهڙندي ۽ کٽ جو سهارو وٺي ڏڪندي چيو. ”دل چيم ته وڃي ڏسي اچان، ٻار ڪيئن خوش اٿئي؟“
زرينه جي سس، زينب جي، اوچتو جو مٿس نظر پئي ته منهن دُهل ٿي ويس. ڄڻ ککر کاڌو هجيس. مڇي، جيڪا هٿ ۾ هئس سا به ڇڏائجي ويس. ”ائي منهنجي لاءِ ته ويل ٿيو، هو ڪنڍي کائڻ وارو اڳيئي مٿان ويٺو آهي ته سنجن سوڌو هيءَ به اچي سهڙي!“ پاڻمرادو ائين چئي سڄي خار مڇيءَ کي زور سان ڇليندي ڪڍيائين. نيٺ سور پي اُٿي ۽ لاچار ٻرندي سڙندي وڏو ڀاڪر ڀاتائينس.
”ماسي ڀلي ڪري آئينءِ!“ اکر نڙيءَ مان نه پيو اُڪليس، پر جيئن تيئن ڪري زبان چوريائين.
ايتري ۾ نوڪرياڻي ستابي، جيڪا ڪرفيو جي ڪري ٽن ڏينهن کان گم هئي سا به اچي نڪتي. زينب کيس ڏسندي رڙ ڪئي:
”ائي امان توکي شابس هجي! موت جي منهن ۾ مونکي ڇڏي هلي وئين؟“
”جيجي ڇا ڪريان، ماريو ڪرفيو جو هو!“
”چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي، وڃي مڇيءَ کي لوڻ ڏي.“
”جيجي مڇي! ڪٿان آئي مڇي؟ غريبن کي ته ڇڏ، چڱن چوکن کي دال به ڪانه ٿي ملي.“
”ائي امان، الله ڀلو ڪري پاسي واري صوبيدار موليٰ بخش جي زال جو، جنهن اڌ مڇي قرب ڪري ڏياري موڪلي آهي.“
”چيم ته وڃي ٻه ٽي ڏينهن ڇوڪريءَ وٽ ٽڪي اچان، ساهه پيو ياد ڪريم.“ ناني رحمت قرب مان چيو. اهو ٻڌي زرينه دهلجي وئي. سسڻس جا سور سجهيس پئي، ڏٺائين ته هڪڙو اڳيئي ڪرفيو لڳا پيا آهن، ٻيو وري مٿان مينهوڳي. مهمان اڳيئي گهر ۾، هن مصيبت کي ڪيڏانهن ڪنديس، سو نه ڪيائين هم نه تم سڌو ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي ماءُ ڀنڀيءَ وٽ ويئي، جيڪا هڪ ڏينهن اڳ ننڍي ڌيءَ سوڌو لٿل هئي.
”امان ڏٺئي ناني رحمت جا ڪم! هينئر وٺي ڀڳي آهي. چئي ٿي ته ٽڪنديس! منهنجا ننڍا ٻار، سس منهنجي اڳيئي اُڀ وٺي ڏاريا آهن سو ڇا ڪريان؟“
”آءٌ پاڻي ٿي ڀونڊو هڻانس!“ ڀنڀي، پنهنجي ماسيءَ رحمت لاءِ چوندي اٿي کڙي ٿي.
”ماسي خوش آهين، تون ڪوهه پنڌ پئي آهين ڪرفيوءَ ۾؟“ ڀنڀيءَ چيو.
”ائي ڌيءَ ٻارن لاءِ ساهه پئي سڪيم!“
”اسين ٻه اڳيئي ويٺيون هيوسين وري تون ٽين به مٿان اچي لٿي آهين. ڪنهن کي ڀي سولو ويهڻ ڏنو اٿوَ!“
”ائي دڙين ڪوهه پئي، آءٌ وڃان ٿي.“
”نوري! ڇڏي اچينس اڪيلي ڪيئن ويندي!“
”آءٌ ڊڄان ٿي.“ نوري لاڏڪي بڻجي وراڻيو.
”ڪنڌ لهيئي، تون نه ويندينءَ ته آءٌ وينديس؟“
اونهه... اونهه... آءٌ ڀلا پنهنجو شام جو وري موٽي ايندس.
”ائي ماڪڙ پيا هلن تون ڪٿان موٽي ايندينءَ، چئو وڃي سومر کي ته رڪشو وٺي اچي!“
”اون..... آءٌ موٽي اينديس.“
”وڃي ڌوڙپاءِ ڇوري!“
”ماسي رحمت، تون ڇو ٿي وڃين، ماني ٽڪي ته کائي وڃين ها زينب، رحمت کي ٽرندو ڏسي مٿئين دل سان صلاح هنئي.
”ائي امان ماني ڪهڙي کان! ڏٺو اٿئي ته ماءُ ڌيئن مون سان ڪهڙا حال ڪيا آهن.“
”ائي مٿو ڪوهه پئي هڻين؟“ ڀنڀيءَ ڪوٺيءَ اندران رڙ ڪئي.
”امان ڪونه ٿي هڻان. ڪير ايندو اوهان وٽ، وڃان پئي.“
ايتري ۾ سومر رڪشا وٺي ڊوڙندو آيو.
”جلدي ڪريو، ڪرفيو جو ٽائيم پورو ٿيڻ وارو آهي.“
”ائي وَرَ ڪوهه پئي کائين، وڃي ڇو نه ٿي. رخشو بيٺو اٿئي وڃي چڙهه.“ ڀنڀيءَ ٻيهر رڙ ڪئي.
”ائي امان، مونکي ڪاڪوس ته ڏيکار. گهران نڪتي آهيان ته پيٽ ۾ گهمرو اهڙو ٿيو اٿم جو بيهي به نٿي سگهان.“ نانيءَ رحمت، ڀنڀيءَ کان لنوائيندي، زينب ڏي منهن ڪري چيو.
”ماسي! ڪاڪوس ۾ پير رکڻ جي به جاءِ ڪونهي وڃي ڇا ڪندينءَ، ماڪڙن جي جهيڙي ۾ اڄ اٺون ڏينهن ٿيو آهي، جو ڀنگين جو پتو ڪونهي. تنهن کان ته ٻه سرون کڻي هو وٿاڻ وارو پريون پاسو اٿئي اتي وڃي ويهه!“
”آءٌ نياڻيءَ ڌيءَ، سرون کڻي وڃي ميدان ۾ ويهان شاباس هجيئي!“
”سؤ ورهين ۾ به مائٽن نياڻي ڪيئي تنهن ۾ منهنجو ته ڏوهه ڪونه ٿيو. پِٽِ پنهنجن مائٽن کي جن وهي وڃايئي.“
ايتري ۾ سومر وري در مان ظاهر ٿيو، ”اي بابا رڪشا وارو ڀڳو پيو وڃي جلدي ڪريو!“
اهو ٻڌي ناني رحمت ڊُڪ پائي وڃي رڪشا ۾ ويٺي ۽ رڪشا زوڪاٽ ڀريندو اڳتي وڌي ويو.