جيئڻ ڪارڻ جيڏيون
”يار وارو ڪر! ڏاڍي بک لڳي آهي.“ کڳي پنهنجي گرانٺ کن ڊگهي سڪل کاڏي، جا ڳالهائڻ مهل اڃان به انچ کن اڳتي کسڪي ايندي هئس؛ سا کڙڪائي ۽ تاش جا پتا کٽ تي اُڇلي، روڳ جهڙي پگهر ۾ پسيل گوڏ کي، ٿورو ڇڪي ٻڌو. الائي سندس گوڏ ۾ ڪهڙو خلل هو، جو هلڻ مهل مکين جو وڏو جلوس به پٺيان اُٿي هلندو هئس ۽ فضا ۾ ککيءَ ڌپ جا ڀڀڪا محسوس ٿيڻ لڳندا هئا.
”آخ ٿو...!“ پلي پنهنجي ناس گڏيل هيڊي کانگهاري سان پٽ تي رکيل گگهيءَ جي پاڙ لِمبي ڇڏيو ۽ ماني کڻي کٽ تي رکيائين.
ڏاڍي دير ڪيئي ير!“ گانگٽ کوهه جهڙي کٽ جي هڪ پاسي کسڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، پلي کي جاءِ ڏيندي چيو.
بش ير“ رنن جو راڄ ڀلا، جڏهن ماني ڏين مار پوين قلندر جي، ڪاڙهي ۾ بيهي بيهي لاهه نڪري آيا، گرميءَ کان آشل ”مگز ٽڙڪو ڏيئي ٻاهر ٿي نڪتو.“ پلي پٿلي هڻندي چيو. کڳو جيڪو ترڪي اچي ساڻس لڳو هو تنهن کي دڙڪو ڏيندي چيائين.
”اڙي! پري ڪر پنهنجا اُڀا گوڏا، پاسراٽيون ڀڄي وڌيون اٿئ.“
کڳي، جنهن جا ڍڪڻين سوڌو سُڪل گوڏا گوڏ مان ظاهر پي ٿيا سو ڦڪائيءَ مان کلندي اوڪڙو ٿي ويٺو.
”مار پوئي شولو ٿي ويهه، ڏشين نٿو ماني رکي آهي، انشان خطا جو گهر آهي.“ پلي ٻيهر حملو ڪيس پر تڏهن به جهڙو نرجو، لاچار هڪ گوڏي کي ليٽائي ٻيو گوڏو اڀو ڪري ويٺو رهيو.
ٽئي ڄڻا ڳجهن ۽ سرڻن وانگر جهپٽا هڻي ماني کائڻ لڳا.
”واه مرڻ وارا واه! جنت ۾ جايون هوندئي، موج ڪرائي ڇڏيئي!“ گانگٽ کي نري چوسيندي ڏاڍو مزو آيو.
”پر يار پيٽ نه ڀريو!“ ڏاٺ مان ٻوٽيءَ جو ڦاٿل ذرو ڪڍي وري چٻاڙيندي کڳي چيو. ڦاٽل گنجيءَ مان سندس ڇاتيءَ جا وار برباد آکيرن جي تيلين وانگر پکڙيل نظر اچي رهيا هئا.
”مار پويئي، شڄي ماني ته کائي وئين، ڪا تولاءِ ته ڪونه ملي هئي، پنهنجي گهر نٿي کاڌئي“
”گمُ نه ڪر دلبر! جهونا سلامت ته مانيو کوڙ، ڄاڻ آيا رهيا!“ کڳي، پلي جي پٺي ٺپيندي ٻه دفعا چپٽي وڄائي. ”پاڻ واري چاچي ربوءَ جوبه چاڙهو ڪونه اٿئي، بنهه هڏڙن جي مٺ وڃي بچيو آهي رڳو اٿس زبان، سا به ڪڙيون ڪساريون دوائون گوريون کائي کائي ڄڻ جتي جو ترو بڻجي وئي آهيس، چڱي مٺي ڳالهائڻ جي ڪا خبر ئي نٿي پويس... ڪالهه ڀائٽس قبر لاءِ جاءِ به جاچي ويو اٿس... واٽ الله جي ماني جي ماني کائڻ واري پاڙي ۾ اسان جهڙا مسڪين ۽ بي روزگار وري ڪي پيا هوندا ڇا؟ ڪيئن ٿو ڀانئين ڙي! کڳي، گانگٽ ڏانهن پنهنجي ٻاڏيءَ اک جو تير اڇليو.
”بابا، موليٰ مڙئي پيو سڻائي ڪري اسين ته دعاڳو آهيون سڀني جا.“ گانگٽ ڄڻ پنهنجي قبر ۾ نهاريندي چيو.
اوڳرائيءَ سان گڏوگڏ، ’آفيمي اسٽائيل،‘ جو نعرو بلند ڪري کڳي ٻوڙ وارا هٿ پنهنجي گوڏ سان اگهيا. گانگٽ اهو ڪم پنهنجي مڇن کان ورتو ۽ پلي منگهڻن سان ڀريل ڪڙي تيل واري رليءَ سان هٿ اُگهندي، تاش جا پکڙيل پتا ميڙيا.
حسن علي، اسانجي پاڙي جو چڱو مڙس ته نه، باقي بزرگ ضرور آهي. ستر ورهين جي عمر ۾ به ڪنوارو رهڻ جي ڪري نانا يا ڏاڏا ته ٺهيو، پر مجال جو کيس ڪو چاچو يا مامون چئي سگهي، البت ادا يا اَبا سڏائڻ ۾ کيس ڪو اعتراض نه هو، پر تنهن هوندي به ڪي سر ڦريا پرپٺ کيس گانگٽ جي خطاب سان ياد ڪندا آهن. ڇو ته سندس مڇون، گانگٽ جي مڇن کان به گوءِ کڻي ويون آهن. سندس ڍرڪيل چپ اُٺ جي چپ کي به شهه ڏيئي ويو آهي. گويا اُٺ سندس سهڻي چپ اڳيان شرمسار آهي. اها چوڻي ته: ’اچئي ٿو ڪانگ ڪارو هڻنئي ٿو چهنب چپن ۾‘ ساڻس بلڪل ٺهڪيو اچي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مرض ناهي جيڪو کيس نه هجي. هڪ گهمندڙ ڦرندڙ لاش... پر ’لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.‘ هڪ سيٽ آهي جا هنجو جياپو آهي!
جڏهن پٽيواليءَ تان رٽائر ٿيو ته اچي حيدرآباد ۾ پنهنجي اباڻي ڪوٺڙي وسايائين.
معمولي پينشن، مهانگائيءَ جو دور، نه ڪو پڇڻ وارو ۽ نه ئي ڪو ڏيڻ وارو. همراهه جا تاڪ لڳي ويا. جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته روز ٻه ٽي رپيا مٿين آمدني به هوندي هئس پر هاڻ ته بنهه ڀينگ هئي.
اڳ ئي پاڙي ۾ ٻن مستقل بي روزگارن پلي ۽ کڳي تپڻ تپائي ڏنا هئا، ويتر جو هي ٽيون به اچي سهڙيو ته ڄڻ سندن الله کڻي جوڙ جوڙي. اڳ ئي نينگر نچڻي ويتر پيس گهنگهرو ٿورن ئي ڏينهن اندر هن به پنهنجي ٻن ساٿين جيان پاڙي ۾ ڌاڪ ويهاري ڇڏيو.
پلو اڌ وهيءَ جي ويجهو هوندي به اڃا ڇڙو ڇانگ هو ائين به نه هو ته ڪو نڌڻڪو ۽ غيباڻو هو. پنهنجي وڏي وڳر ۽ ويڙهي وارو هو پر مهذب نموني سان پنڻ سندس پيشو ۽ عادت هئي. هنجي نڪمي؛ بداعمال ۽ بيڪار هئڻ ڪري سندس مائٽن به کائنس پاڻ پلي ۽ آسرو لاهي ڇڏيو هو. راتين جون راتيون اوتارن ۾ موالين شوالين سان گڏ ڪونڊا گهوٽي پيو ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جي پوئين پهر گهر جي ڀت ٽپي يا ڪڙا ڪنڊا کولي اچي ڊهندو هو، پر جڏهن گانگٽ سان ياري ٿيس تڏهن کان ساڻس گڏجي رهڻ لڳو.
مٿس پلو نالو پوڻ به هڪ عجيب اتفاق هو بلڪ نهايت ئي معمولي واقعو. پاڙي ۾ جهيڙا جهٽا ٿيندا ئي رهندا آهن، اهڙي ئي هڪ جهيڙي ۾ واٽ ويندي ڀورل ماءُ جي طرفداري ڪندي ٽپي پيو تڏهن ڀورل ماءُ گهر جي ڀاتين کي کلندي چيو هو ته اهو پلو پيو وڙهي، يعني سندس مراد اها هئي، جيئن ته هن کي تازو پلي جو پلاهه کارايو ويو هو تنهن ڪري سندس پاران وڙهڻ لڳو. اُنهي ڏينهن کان پوءِ سندس نالو ئي پلو پئجي ويو.
انهي واقعي کي ڪئي سال گذري ويا آهن پر اهو نالو مٿس ائين ئي قائم آهي، ڀل انهيءَ حقيقت جي کڻي ڪنهن کي سُڌ نه هجي.
طبيعت جو جيترو نرم ۽ مسڪين ايترو ئي وري تيز ۽ بي لحاظ. هڪ دفعي پاڙي جي ڪنهن شرير نينگر کيس چغلي هنئين ته ڀورل ماءُ توکي ’پلو‘ ڪري سڏيندي آهي، تنهن تي ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ ڀنگ پي اکيون ڳاڙهيو ڪري مقابلي جي خيال کان در وٽ اچي بيٺس.
”ماشي! توکي اشان پنهنجي ماءُ شمجهندا آهيو ۽ تو اشان کي پلو ٿي شڏين!“
”نه منهنجا ٻچا، توکي الله رکي! آءٌ ڇو توکي چونديس. مون ته پاڻ تنهنجي ساراهه ڪندي زماني جي ڳالهه پي ڪئي ته ويچارو پلي وانگر ٿڌو مَنو ٿيو پنهنجو پاسڙو وٺيو ويٺو آهي نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾!“ ڀورل ماءُ هُنجي اکين ۾ شور ڏسي صاف پلٽو کائي وئي.
”هان! هان! شو نه... شونه... آخر اسان جي ماءُ آهين نه! پلو ائين چوندي ٿڙندي ٿاٻڙندو اڳتي وڌي ويو.
”ٻيو نه ته ابا!“ پلي کي ويندو ڏسي ڀورل ماءُ کي پيٽ ۾ ساهه پيو.
”متان وري اِنهن ڪوڙن ڇورن جي چوڻ تي لڳو آهين.“
کڳي کي انهيءَ سان نوازڻ ۾ سندس ڊگهي وڌيل کاڏي، ڏرا ڏنل مُنهن ۾ تند جهڙي ڳچي جو وڏو هٿ آهي. ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو صرف کڳوئي ٿي سگهي ٿو.
کڳو هو ته ٻارن ٻچن وارو، غريباڻي حال پنهنجي ابي جو اجهو به هيس، پر سندس هڏ به حرام تي هريل هئا، زندگيءَ جا ڪجهه سال ڀورل جي گهر بورچيءَ جي حيثيت ۾ گذريا هئس، پر جڏهن کان ٻوڙ ۾ چچي، مانيءَ ۾ مکيو ۽ آمليٽ ۾ پنهنجي ممڙي جهڙي ٽنگن ۽ گهوڙي جهڙي ناسن جا ڇڻيل وار وجهڻ لڳو ته لاچار کيس رٽائر ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ کڳو لائي چائي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڪم جو نه رهيو. لائي چائي جو پيشو به ’خاشو‘ ٿيندو آهي، سدائين پئي ٻن ڌرين ۾ چخ چخ هلندي. جيڪڏهن ’مخالف ڪيمپ’ ۾ هوشياريءَ سان ’خبر‘ پهچائبي ته خاطرداري به ڏاڍي زورن تي ٿيندي آهي. پر اهو پيشو به گهڻا ڏينهن ڪونه هليس، ۽ کڳو چغل خور سڏجڻ لڳو. وس هلندو نه ڏسي آخري ۽ سڀ کان فائدي وارو پيشو، مهذب طرح سان پنڻ شروع ڪيائين. ’پارٽ ٽائيم‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي گهرن جو خرچي وٺي ننڍو سنڍو ڪم به ڪري ڏيندو هو. سندس گهر جون شريف ۽ ساديون زائفائون ويچاريون سڄو ڏينهن اڳٺ اُڻي رليون سبي ڇڪي تاڻي پيون پورت ڪنديون هيون پر کيس ڪا ڳڻتي ئي ڪانه هئي اُٽلندو کانئن ماري پئسا وٺي وڃي نشو پاڻي ڪندو هو.
گانگٽ جي ڪوٺڙيءَ ۾ پلي ڄڻ ننڍي پيماني تي ساقي خانو کوليو. جتي پاڙي جا سڀ ڇوڪرا ڀنگ تي هيريائين. گانگٽ وڏي عمر جي ڪري جيتوڻيڪ پاڻ ڀنگ پيئڻ جي لائق نه رهيو هو، ڇو ته سندس چوڻ آهي ته؛ ’هنجو مغز هينئر خالي ٿي چڪو آهي. نه ته مائٽ، اسان اُهي ڀنگون پيتيون، جو اڄڪلهه جي جوانن جي طاقت ئي ناهي‘- سو اڄلڪهه صرف نماڻي ٻوٽيءَ جي ساراهه ڪندو آهي ۽ اِنهيءَ جي تعريف ڪندي پاڙي جا الهڙ ڇوڪرا پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي پلي ڏانهن Pass on ڪندو آهي ۽ ڀنگ جي ڪمائي ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کڻندا آهن. وري جو خدا انهن جي ٻڌي ۽ ڀورل جهڙو نوجوان جو پاڙي ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسي وارو هو، سو سندن ور چڙهي ويو ته موليٰ هنن جا ٻيڙا ئي پار ڪري ڇڏيا. پلي ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو. پراڻي پيچش جو مريض گانگٽ، جنهن جا چوويهن مان چوڏهن ڪلاڪ ڪاڪوس ۾ گذرندا هئا تنهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي ڀر ۾ هڪ ’اٽيج ڪاڪوس‘ ٺهرايو نه ته آڌيءَ مانجهي سرديءَ گرميءَ ٺڪر جو ڪونئرو کڻي ڀر واري مسجد جي ’بيت الخلا‘ ۾ ڪاهي پوندو هو. هاڻي ڄڻ سُک ٿي پيس. بنا اوني ٿيو ويٺو هوندو هو. کڳي جون ڌيئرون پٽ ۽ زال بک ۾ پاهه پيا ٿيندا هئا تن به پيٽ ڀري کائڻ شروع ڪيو. پاڙي ۾ شال نه ڪنهنجو نوڪر ڀڄي وڃي تنهن گهر جو ٻوڙ ٻاڙي وٺي اچڻ جو بار به هنن مان ڪنهن هڪ تي رحم جي صورت ۾ نازل ٿيندو هو، ٻاهران ٻوٿ بڇڙو هوندن ۽ دل ۾ دهل پيا وڄندن. گانگٽ پريان ئي رڙ ڪندو ۽ ان سان گڏ وڏو ڪلمو ۽ چار وڏا قسم ٺڪاءُ جي صورت ۾ ظاهر ڪري چوندو. ”ملڪ ۾ مهانگ وڌي ويو، بنگال جو ڏڪر پئجي ويو! ماسي خدا جو قسم بصر ٽين رپئي سير!“ ماسي ويچاري به گهُرجائو ۽ مجبور، ٻچن کي ماني جو کارائڻي ٿيس سو ڪيڏانهن وڃي. يڪدم معصوم صورت ڪري چوندي: ”ابا مونکي سڄر خبر آهي. تون ڪلما نه پڙهه، گناهگار نه ٿي- تون سَون ۾ سرهو، توکي الله رکي، جيڪو تون چئين ٿو سو سچ اڃان به ساڍي ٽين رپئي هوندو اهو توکي ڏسي ٿا ٽين رپئي ڏين“ اتي گانگٽ جون مڇون خوشيءَ ۾ لغڙ بڻجي ڦڙڪڻ لڳنديون هيون. ”ماسي، اٿم ته ڪم گهڻا، پر تون ماءُ ويٺي آهين، توکي ناراض نٿو ڪري سگهان.“
ان بعد ٻوڙ جي پئسن کانسواءِ اٺ آنا پنڌاڻي ۽ سير مان پاءُ گوشت پنهنجي لاءِ تڳائي وٺندو هو. رهيو سوال وڌيل اگهه جو، سي پئسا ته هئا ئي سندس کيسي ۾، جيڪڏهن ڪنهنجو نوڪر نه ڀڄندو هو ۽ ڪجهه وقت جٽاءُ ڪندو هو ته گانگٽ پنهنجا سڀ گُر هلائيندو هو. جن ۾ پهريون گُر ته ان گهر جي گِلا سان شروع ڪندو هو، ۽ نوڪر کي چوندو هو ته: ”آءٌ انهن جو رت آهيان پر هي اهڙا خنوص (خنذير) آهن جو منهنجي ڏاڏيءَ جا جهومڪ ۽ دُهري به کائي ويا! ابا توکان پهرين به هت گهڻئي آيا پر هڪڙو ته مائي گاريال، سڄوڏينهن پئي وڙهسون ڪري ڪم ته ابا ڪنهنجو وڻيس ئي ڪونه.“ ان بعد جلد گانگٽ پنهنجو مٿيون چپ سڄائي ۽ منهن چٻو ڪري چوندو هو ”ابا جيڪو بدنصيب مهنو رهي نوڪري ڪري ته پگهارکان آڱوٺو! هڪ نه ٻيو بهانو ڪري مائي چوندي ته: منهنجا ٿانوَ چوري ٿي ويا ائين ڪري غريبان مار تي هري ويا آهن“- نتيجي ۾ سنئون سڌو نوڪر ٻئي ڏينهن غائب ٿي ويندو هو ۽ وري بار کڻن باري. اِهي ڳنڌڻ وٺڻ جا بار سڀ گانگٽ ۽ سندس ساٿين مٿان. هٿن جون ٻُڪيون ڏيئي ٻئي ڏينهن ساڌ ٿي چوندو هو: ”ماسي اِهي نوڪر وڏا خُنوص اٿو هينئر وري جو ڀُٽي صاحب مزور ڀاءُ، مزرو ڀاءُ ڪري مٿي تي چاڙهيو اٿن ته مالڪياڻيءَ کي ٿُڪ ئي ڪونه هڻن!“
”ٿُڪون هڻن پاڻ کي ڳالهائين ڇا ٿو!!“
”ماسي مون توکي ٿورئي چيو، ڳالهه ڪئي زماني جي. هڪڙو توهانجو ڪم ڪريون، وري مٿان سيٽ! وڃي ٻئي ڪنهن کان گهرايو سودو.“ گانگٽ جو منهن وساڻيل ڦوڪڻي وانگر ڍرڪي پيو ۽ چپ ذري گهٽ اچي گوڏن تي پيس.
”ابا مون توکي ٿوروئي چيو.“ اتي ماسي سُسي وئي.
”چڱو ڀلا ڏينم پئسا ته وٺي اچان.“
پلي جڏهن ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو هو تڏهن کان سچ پچ ته پاڙي لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو هئائين. سڄو ڏينهن رڪشا تي گهمي، واپسيءَ مهل پاڙي ۾ مائٽن جي هڪڙي گهر مان لنگهي ۽ سندس گهر جي ٻئي در يا دري مان ٽپي وڃي پنهنجي اباڻي گهر نشي ۾ چور ٿي کونگهرن ۾ پئجي ويندو هو ۽ رڪشا وارو ويچارو تنگ ٿي جڏهن هارن وڄائڻ شروع ڪندو هو ته کڳو ۽ گانگٽ اچي رڪشا واري جي نڙيءَ کان وٺندا هئا. ”اڙي شريفن جي پاڙي ۾ ڇوٿو هارن وڄائين، اهل بيتن جي گهر جي اڳيان! بي شرم آل رسول جو به خيال ڪونه ٿو پئيوَ. پنج تن پاڪ جي اولاد، تنهنجي گهر جي اڳيان گستاخي، تون ته ڪو يزيد جو اولاد آهين!!“ اڙي سائين مون ڪهڙو گناهه ڪيو! چار ڪلاڪ ماڻهو کي رڪشا تي گهمايو اٿم. ڪلاڪ هتي بيٺو آهيان، هينئر اجهو هن گهر ۾ گهڙي ويو آهي.“
”بي شرم! شريفن جي گهر ۾ ڪير گهڙي ويو؟ ڪتا، تنهنجي ايڏي همت. ڪلاڪ ٿيو آهي شريفن جي پاڙي ۾ بيٺو آهين! هي ته ڪو گڏهه ٿو ڏسجي!“ گانگٽ رڪشا واري کي گاريون ڏيندي آخر ۾ کڳي ڏي تڪيندي چيو.
”اڙي مردار تنهنجي اها مجال!“ کڳو به سِنگهه ڪڍي ساڄو ٿيو. ٻنهي ڄڻن گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو. رڪشا وارو وٺي ڀڳو، ان بعد ٻنهي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو: ”يار، پلو آهي ته پنهنجو، پر ائين واجب ڪونه هئس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن لال اکيون ڪري پلو ننڊ مان اٿندو هو ته کيس ڄڻ يادگيري به ڪانه هوندي هئي ته هن ڪنهن سان ويل وهايو هو.
ٽرن... ٽرن.. ٽن! ڪنهن يڪو ڊور بيل تي آڱر رکي ڇڏي.
”ائي گلان! ڇوري اُٿ ڏس ڪير پيو ٽرڙائي ڪري.“ ڀورل ماءُ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي بيزاريءَ مان چيو. ”اِهو مئا کڳا هوسي!“ گلان ٿانو ڌوئڻ اڌ ۾ ڇڏي اٿي در ڏانهن وئي.
”جيجي، مائين اڳهين آکيا ته اِهو نپٽا کڳا هي. اٽا منگڻ آيا هي اُڌارا.“ گلان واپس اچي چيو.
”ٻڌڻ ويو وسري لُڏڻ آيو ياد! شرم ئي ڪونهي ماڻهن کي.“ ڀورل ماءُ چڙندي چيو. ”سوَ دفعا اُڌي کُٽي ورتي اٿن، آءٌ ته واپسيءَ جو نالو ئي ڪونه وٺان ڪهڙو مسڪينن کان وٺبو، پر تڏهن به سيٽ نٿا ڇڏين جو اُڌار جو ٺپو لڳو اچي. وڃ ڏيئي اچينس ڪڻڪ داڻا.“
”جيجي مائين ڦڪي پيئي ٿيندي هان، ڪون ويسان، اڄ ول مُڇان به ڪاليان ڪر کڙا هي، ڪيس وٺو ڪِتا هِس، مئيڪون ڏيک کنگهڪار به ڪِتائين.“ گلان هٻڪندي چيو.
”اهڙو مڙس ٿي پيو آهي؛ آءٌ هڏ هڏ تي ڀڃرايانس، رڳو سائين اچي. جيڪو جيو سو جيو.“ ڀورل ماءُ گلان کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ڪڻڪ جي هڙ کڻي در ڏانهن وئي، کڳي کي ڏسندي ئي عجب مان چيائين:
”اڙي اَبا، ڇا ٿي ويو، تون معصوم ڪالهوڪو، جهڙو کوپ ٿي ويو اٿئي وات! شيخون ڏندن جون نڪتيون پيون اٿئي تنهن ۾ وري ڳاڙهو پان کاڌو اٿئي سو واڇن مان پيو وهيئي! سڙيا شڪل ته ڏس، ڄڻ نور پيو لڳين.“
کڳي ڦڪي کل کلندي پنهنجون مير ڀريل ٽن منڊين واريون آڱريون يڪدم ڏاٺن ۾ وجهندي وڏو وات ڦاڙي وراڻيو: ”رڳو هي اڳو پوءِ نڪرن ته نوان ڏند وجهرائيندس، نزلو ڇڏيئي ڪونه ٿو ان ڪري ڀڄي پيا.“ کڳي عمر جو الزام نزلي تي وڌو.
”پر ابا ڪو پڪو پوڙهو هجين ته به ٺهيو مس ٻاونجاهه ٽيونجاهه جو هوندين. مونکان ڪو ٻه ٽي سال ننڍو هوندين. پر تڏهن به منهنجو اولاد، ڇو ته منهنجا رشتا وڏا- آءٌ اڃا ٻٽيهي کنيو ويٺي آهيان، تون سرمي جي لپ پائي ڪِنا ڦسا ڏند کنيو بيٺو آهين، وڃي سين سان ڏند ڪڍرائي.“
”جيجي هاڻي وڃي ٿو وجهرايان.“ ڏندن کي لوڏو ڏيندي چيائين. ”غلام آهيون توهان جي در جا. بس اسان جي پارت هجيئي.“ کڳي ٻئي هٿ جوڙيندي ڳالهه ڪئي ۽ ڪڻڪ وٺي دعائون ڪندو اڳتي وڌي ويو.
”توبهن روح ڦيرائي ڇڏيو موئي.“ ڀورل ماءُ ٿُڪ اڇلائيندي چيو، ”ٽڪرڀور تازو کاڌم، اهو به زهر ٿي ويو!“
”جيجي تائين به ڪونه گهٽايا، ککر وچ وٺو کڙا ماريئي. ڏندين دا حال ٻِٺينس پڇڻ!“ گلان مشڪندي چيو.
”امان مون ته مارئي کي هيسائڻ لاءِ ائين ڪيو مونکي ڪهڙي خبر ته مئو انڌي کوهه وانگر اونهو ۽ ڪارو وات کولي پنهنجا ڀڳل ڪٽيل ڏند ڏيکاريندو.“
ڀورل ماءُ هڪ دفعو وري پٽ تي ٿڪ اڇلائيندي ڪٻٽ مان ڦوٽا ڪڍڻ چٻاڙڻ لڳي.
گانگٽ جي بواسير جي پراڻي شڪايت اهڙو ته زور ورتو جو رهيل سهيل رت به نچوڙجي ويس، اڃان انهيءَ نامراد ’ڪشني‘ جو اثر باقي هئس جيڪو شاهه صاحب کي زورن ڏيڻ مهل وجهه وٺي معجون سمجهندي هنجي پلنگ جي سيرانديءَ کان تڳائي ورتو هئائين، جنهن کي گذريل سياري ۾ شاهه صاحب سيوهڻ جي نامي گرامي حڪيم کان سوين رپيا خرچ ڪري ٺهرايو هو. ڪشتو وري اهڙو هو جو هوند مردو کائي ته هڪدم کڙو ٿي وڃي، پر گانگٽ ڄاڻيءَ وانگر فرڙين سان ڀرجي ويو. سڄو شهر جاچين، هيلٿ سينٽر ۽ جرمن هيلٿ سينٽر رلي رلي اڳيون سوجهرو به وڃائي ويٺو.
ڪم ڪار کان ته اڳئي لاچار هو هن بيماري ته مرڳو کٽ داخل ڪري وڌس. ليٽي ليٽي هيراڦيريءَ لاءِ نيون اٽڪلون پيو سوچيندو هو؛ نه ته يادن جي ڄار ۾ پيو تڙپندو ۽ ڦٿڪندو هو.
ڪڏهن اُهي به ڏينهن هئا جڏهن اوڙي پاڙي ۽ برادريءَ جي سڀني نياڻين سياڻين کي سندس منهن نه پوڻ ڏبو هو. ڄڻ هو کين کائي ٿي ويو. اتفاق سان جي کڻي ڪڏهن گانگٽ جي مٿن نظر پئجي ويندي هئي ته شرم کان وٽجي سٽجي ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون، ساهه تکو کڄڻ لڳندو هئن. هٿ پير ٺري ڄڻ برف ٿي ويندا هئن. ڀلا ايترن ساريون جو کائنس شرمائينديون هيون ته ويچارو ڪو فيصلو به نٿي ڪري سگهيو. ڪڏهن شاهوءَ تي ساهه ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر بڻجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر بڻجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڀنڀئيءَ جو پڄاري بڻجي ويندو هو، پر هاڻي ته سال گذري ويا، دنيا کيس خطري جي حدن کان ٻاهر سمجهڻ لڳي هئي. سڀني کانئس شرمائڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻيو ته ٺهيو ڀنگياڻي لڇميءَ جي چُچي سَس جيڪا صبح شام سندس اٽيج ، ڪاڪوس مان بالٽيون ڀري کڻي ويندي هئي. سا به اکين ۾ اکيون وجهي ساڻس ايئن ڳالهائيندي هئي ڄڻ هو ڪو اڳڙيءَ جو گُڏو هجي. سندس مڱ حوا، جنهن کي سندس اچڻ جي خبر ٻڌي هسٽيريا جو دورو پئجي ويندو هو ۽ ڏندڻجي ويندي هئي؛ سا به سندس آڏو پنهنجي پوٽي کي پيرن تي ويهاري ڦِس ڦِس ڪندي هئي، سندس حيثيت حوا جي اڳيان ڄڻ هڪ ڦِس، بنجي رهجي وئي هئي.
اها حوائي ته هئي جنهن کي هن ٺڪرائيندي ماڻس کي چيو هو ”مان دوريءَ واريءَ سان شادي نه ڪندس. جڏهن ٻڌ تڏهن ڏند شيڪيو پئي آهي!“ ڪيترو نه غرور هئس پنهنجو پاڻ تي. مڱڻو ٽوڙي جڏهن عاشيءَ سان نڪاح ڪرڻ جو خيال ماڻس اڳيان ظاهر ڪيائين تڏهن ماڻس اُمالڪ پنهنجو کنڊو وات کولي کنوڻ وانگر مٿانئس ڪڙڪو ڪيو ”مئا ڇتو ٿيو آهين، ڀيڻ سان پرڻين! خبر نه اٿئي ته عاشي تنهنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ آهي!“ انهي اوچتي انڪشاف سندس اُميدن کي ڪفن پارائي ڇڏيو. هن کان ٿڌو اونهو ساهه کڄي ويو. کيس اڳئين زماني جي ڪراڙين تي ڪاوڙ اچڻ لڳي جيڪي هروڀرو ٿڃ پياري رومينٽڪ رشتن جو ستياناس ڪنديون هيون. حوا سان مڱڻو ٽوڙڻ کان پوءِ ڪنهن به کيس سڱ نه ڏنو جيڪا ٿوري گهڻي گهوٽ ٿيڻ جي اميد هئس سا به ماءُ جي مرڻ بعد ختم ٿي ويس ۽ اهو شهر ئي ڇڏي هليو ويو هو.
اهو ته قسمت جو لکيو هو جو ورهين کان پوءِ وري پنهنجي اباڻي شهر موٽي آيو. هڪ بيماري ٻيو بک، بيماريءَ کي ته گانگٽ ليکيندو ئي نه هو، پر بک سندس برداشت کان ٻاهر هئي، جنهن کي وندرائڻ لاءِ هو ڏاڍي ڳوڙهي ويچار سان سوچي رهيو هو. پنڻ جي معبتر ڌنڌي ۾ اڄڪلهه چاڙهو ئي ڪونه هو. مهانگائي ايتري ته وڌي وئي هئي جو خيرات ڏيندڙ سکيا ستابا ماڻهو به سوچي رهيا هئا ته پنڻ شروع ڪري ڏجي پر ڪي اڻٽر مجبوريون هيون جو هو کليو کلايو پلي ۽ گانگٽ وانگر پني نٿي سگهيا باقي ذهني طرح ته هتي هر ماڻهو پينو آهي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ نالو تري آيو... شاهو...! ماسي شاهو!
”اڙي مار پوئي، ماسي ڪين؟“ هن کي پنهنجي ئي سوچ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، هن کي پلي ته به ڪاوڙ اچڻ لڳي ته هو سندس معذوريءَ جو ناجائز فائدو وٺي کيس نه فقط بي وقتي ماني پهچائي ٿو پر تازا ۽ سوادي کاڌا واٽ تي ئي هضم ڪيو ڇڏي.
شاهو، جا ڪڏهن سندس منظور نظر هئي ۽ هاڻ عاروءَ جي ماءُ ٿي ويئي هئي تنهنجي باري ۾ هو رکي رکي سوچي رهيو هو... پر ڇا؟ تنهن لاءِ کيس پلي جو انتظار هو.
عاروءَ ماءُ هئي ته اصل ۾ دائي پر دنيا جو ڪوبه اهڙو پيشو نه هو جو هن اختيار نه ڪيو هجي. شروع کان ئي اوڙي پاڙي جي ڪم ڪار ۾ پاڻ کي هيري ڇڏيو هئائين، ڪنهن گهر جا ٿانوَ، ڪنهنجي ٻهاري، ته ڪنهنجا ڪپڙا، ڪٿان کاڌو مليو ڪٿان ڪپڙو، کيس مستقل نوڪرياڻي جي ڇاپ لڳائي ڪنهن گهر جو پابند ٿيڻ نه وڻندو هو. جڏهن کان عارو پرڻايو هئائين تڏهن کان سڀ ڌنڌا ڇڏي رڳو ڍڳين ۽ مينهن پويان تغاري کنيون انتظار ڀريون اکيون ڄمايو پئي ڦرندي هئي ته من ڪو ڇيڻو لهي، عام طرح سان ڇيڻو تغاريءَ ۾ ئي لهندو هو پر اتفاق سان جي اچي پٽ پيو ته جهٽ هڻي ورائي تغاريءَ ۾ ڦهڪو ڪرائيندي هئي. هڪ ڀيري ڀورل ماءُ جو اتان اچي لنگهي تنهن چادريءَ جو نقاب هٽائيندي چيس: ”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين عاروءَ جي ماءُ ڪيترا ڀيرا چيو اٿماءِ ته اچي مون وٽ فضيلت سان ڪم ڪر، ڪپڙو لٽو، ماني ٽڪر پيو ملندئي عزت سان.“
”جي...! ڇا؟“ عارو ماءَ ڪن اڳتي ڪري پاڻ کي ڄڻ ٻوڙو ظاهر ڪيو.
ڀورل ماءُ ساڳي ڳالهه ورجائي.
”ائي امان، چاڪ ئي ڪونه ٿي رهان، عارب ڇورو سڄو سارو زال جو ٿي پيو- مون کي ته بنهه ليکي ئي ڪونه، خرچ به ڪونه ڏينم، تڏهن ٿي اهي ڪم ڪريان، من چار پئسا ٿي پون.“ هوءَ پنهنجا سور روئيندي اڻ پورو جواب ڏيئي عادت مطابق گُڪي ٿي چنگهڻ لڳي.
”رن تڏهن ته چوانءِ ٿي ته اچي مون وٽ ويهه.“
”ائي امان ڇا ڪريان، لاچار ٿي پئي آهيان.“
”هونءَ سڄا شهر پئي لتاڙين، مونکي ڏسي سڀئي ڇٽا لڳيو وڃنئي. ٻوڙي به ٿين ۽ جڏي به ٿيو پوين.“ ڀورل ماءُ طعنو هنيس.
”ائي نه منهنجي مٺي! اها ڳالهه ئي ڪونهي، سنڌن جو سور ڇڏيم ته ٿانيڪي ٿي ڪم ڪريان، هلڻ کان هلاخ ٿي پئي آهيان، گوڏن جي سور وڃائي ڇڏيو اٿم.“ عاروءَ ماءُ چنگهندي ۽ موڙا ڏيندي چيو.
”خدا جو تغاري مٿي تي کڻائي اٿئي ته پئي ڇائي پاءِ!“ ڀورل ماءُ ڇڙ مان چادري هيٺ ڪري بڙ بڙ ڪندي اڳتي وڌي وئي.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مينهن گهڻو اڳتي نڪري وئي ۽ عاروءَ جي ماءُ وائڙي ٿي وي ڊوڙپاتي.
پنهنجي انهي پيشي ۾ هوءَ ايتري ته ماهر ليکي ويندي هئي جو ڪنهن به مينهن يا ڳئون کي ڏسي اندازو لڳائي وٺندي هئي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي گهٽيءَ ۾ رستي ۾ ڇيڻو ٿيون ڏين!
مانيءَ جي مهل ناسون هڻي سُنگهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ڪنهنجي گهر ۾ ڇا رڌو آهي ۽ چڱي چوکي سوادي ٻوڙ جي خوشبوءَ جو ڏور جهلي هو ان گهر ۾ گهڙي پوندي هئي.
”ائي امان ڪنوار، ڇا ويٺي ڪرين؟“ ڪنوار کي چُلهه وٽ ويٺل ڏسي به اجايو سوال کڙو ڪندي هئي ۽ وري پاڻ مرادو ئي چوندي هئي: ”گوشت جو ٻوڙ چاڙهيو اٿئي! ائي امان بيهه وڌا اٿئي ٻوڙ ۾؟“ آهستي آهستي رڙهي رڌڻي جي چونٺ وٽ اچي لاپرواهي مان بهندي هئي.
نه ماسي عارو جي ماءُ ڪٿي ٿا ملن اڄڪلهه بيهه، پٽاٽا پيا هئا سي کڻي وڌم-“ ڪنوار، ديڳڙي تي ڍڪ ڏيندي وراڻيو.
”صدقي رب تان! ڪهڙي نه سٺي خشبون آهي. الله مرحيات عارب جو پيءُ، پٽاٽن ۽ واڱڻن تي اصل ساهه ڏيندو هو. سدائين چوندو هئم ته ڪڏهن ٿي پٽاٽن وارو ٻوڙ کارائين!“ عارو ماءُ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”ويچارو مئو به انهن پٽاٽن جي وگهي! اها نڀائي مُٺي ريح جي تڪليف- ريح مُنجهي پئي جنهن وڃي هانءُ ورتس!“
هاڻي ته مهينا گذريو وڃن جو پٽاٽن وارو ٻوڙ اکين به نٿو ڏسجي.“ عاروءَ ماءُ ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي ڄڻ ڪن کڻايو. ظاهر آهي ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ بعد کيس اک ڏنڀاڻي ئي سهي ٻوڙ ڪيئن نه ملندو.
سڄي پاڙي کي خبر هئي ته جوانيءَ ۾ گانگٽ مٿس ساهه ڇڏيندو هو. گانگٽ جي ٻيهر واپس اچڻ ڪري سندس هم عمر ڪراڙيون ته ٺهيو ننڍيون به کيس ستائڻ لڳنديون هيون.
”ائي عارو ماءُ، نڪاح ڇو نه ٿي ڪرين!“ شريفان کيس چيو:
”ڪنهن سان ڪريان! مڙسهين سان کڻي ڪرائيم!“ هو ڪاوڙجي پئي. ”گانگٽ سان ڇو نٿي ڪرين ويچارو اڃا به صدقي صدقي به پيو ٿينئي، پيريءَ ۾ لٺ ملي پوندس.“ ۽ جواب ۾ عارو ماءُ، گارين جو وسڪارو لاهي ڏيندي هئي، اهڙيون گاريون، جو ماڻهو جون وايون بتال ٿي وينديون هيون.
”ملي ته سهي... مڇون ته پٽيانس نه چئجانءِ!“ پر گانگٽ جڏهن ٺڪر جي ڪونئري سوڌو رستي پنڌ ملي ويندو هئس ته ماٺڙي ڪري پاسو وٺي لنگهي ويندي هئي.
گانگٽ کي پور پچائيندي پچائيندي ننڊ اچي وئي، ننڊ وري ڪهڙي بلغم سندس ڇاتيءَ ۾ رستا ڪٽڻ واري انجڻ وانگر پي هليو. گلي جون رڳون دم جي دوري جي ڪارڻ ڌونڪڻي وانگر ڪڏهن ڦنڊيون ٿي، ڪڏهن سسي ٿي ويون، مکين به وجهه ڏسي ڪوٺڙيءَ ۾ پيل گند ڪچري مان هانوَ پلي زبان جو ذائقو بدلائڻ لاءِ مٿانس سرڙاٽ ڪري هلڻ شروع ڪيو، ڪن سندس واڇن ۾ گڏ ٿيل پڪ تي مارو ڪيو، ته ڪي وري سندس ڏرا ڏنل اکين جي کوپن ۾ گهڙڻ لڳيون. آخر ڪار مکين جي لڳاتار حملي کان ڪڪ ٿي گانگٽ اٿي کڙو ٿيو. پلو به اوڏيءَ مهل پان جون پچڪاريون اڇلائيندو اچي پهتو.
”يار ڏاڍا پان پيو کانئين، ڪهڙا حال آهن“ گانگٽ مکين جي ڇڪتاڻ کي ويساري ڇڏيو جيڪي هاڻ پلي جو معائنو ڪرڻ لاءِ سدنس واڇن تان هيٺ لهي آيون هيون.
ادا حال ٻال اشان غريبن جا ڪهڙا هوندا، مار پوي ٻليءَ کي، ڪونڊو پيو آهي ڀڄي، هاڻي ٻه رپيا ڪٿان آڻيان؟ ڀورل شائين به هاڻ پڪو ٿي پيو آهي پئشو به نٿو ڏي!“
”ٻيلي منهنجي دماغ ۾ گهڻن ڏينهن کان هڪ ڳالهه پئي ڦري!“
”ڪهڙي؟“ پلي اک جي تُنلي مان مک کي اڏائيندي پڇيو.
”اهائي جوڳيءَ واري.“ ساڳي مک گانگٽ جي واڇ تي اچي ويٺي. جوڳي واري! پلي حيراني مان وات پٽيو. ”اڙي ڪن هيڏانهن ڪر ته ٻڌايانءِ ڀتين کي به ڪن آهن.“ گانگٽ واڇ کي اوچتو ٽپو ڏياري، مُک اڏائيندي چيو ۽ پلي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين.
”يار هي ته وري شوني مرغي آهي شونن آنن واري!“ پلي جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو.
”مان نه چوندو هومانءِ“ گانگٽ ڦونڊجي ويو،
”بش يار، شڀاڻي پيو ڏش! ٻيڙائي پار!“
”موليٰ ئي موليٰ“
صبح سان عاروءَ جي ماءُ جڏهن تغاري مٿي تي ڪري ڇيڻان چونڊڻ نڪتي ته اوچتو جو سامهون نظر پيس ته تغاريءَ سوڌو ڏندڻجي ڪري پئي! اکيون ڦاٽي ويس! پلو جو اتي اُجرا ڪپڙا پايو ٻانهون ٻڌيو ويٺو هو تنهن بروقت کڳي کان پاڻي گهرائي کيس ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندو.
”آ... اب... آبا! هيءَ!!“ عارو ماءُ مست ڍڳيءَ وانگر تارا ڦوٽا ريا. ”ماشي مُٺ رک!“ پلي عمليءَ طرح سان مُٺ ڀيڪوڙيندي سندس ڪن ۾ ڀڻڪيو.
”هائو ابا!!“ عاروءَ ٻهڪندي چيو ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ سندس منهن تغاريءَ وانگر گول ٿي پيو.
”ٻچڙا، آءٌ به اوهان جي آسري ويٺي آهيان باقي هن ڇوري مان ته ڪجهه ٿيو نه ٿيندو.“ عاروءَ ماءُ پنهنجي ڳيري جهڙي ڄنگهه تان ڦرڙيءَ جي سڪل ڪڙي نهن سان کرڙيندي پٽس لاءِ چيو.
”ماشي رک الله تي، رک الله تي! اشين ڪي مري ڪونه ويا آهيون پرينهن چئين بجي شام جو هتي ضرور پهچي وڃجانءِ!“ پلي ڏاڍي رازداريءَ ۾ کيس صلاح ڏيندي چيو. پلي سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد هوءَ خالي تغاريءَ سوڌو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.
اڃان پورا چار به نه وڳا هئا ته عاروءَ ماءُ سنجن سوڌو اچي پڳي پر سندس نمونو ئي اور ٿي ويو هو. لڳي نٿي ته ڪا اها ساڳي عارو ماءُ آهي.
”وٺ ماشي موج ڪر! ڏاڏهين جوڳي به ڇا ياد ڪندءِ“ پلي سندس ڇيڻن هاڻي تريءَ تي ڪجهه رکندي چيو.
”اَبا مونکي هي ٿا ڏيو، پنج ٺڪريون!“
عاروءَ ماءَ پنج رپيا تِريءَ تي پکيڙيندي چيو. جهولي جهولي ڪنڌ سڪي پيو رڳون سيٽجي پيم، پيٽ جا وکا پيا ڏکن. رپئي جا ته رڳو مصريءَ ڦوٽا ورتم. سي به اڌارا تنهن کانسواءِ مڻڪن ۽ ڪڙڻ جو ته الائي ڪيترو حساب ڏيڻو پوندم!“
”ماشي ڪهڙي ڪوڏر هنيئي! ڏاڏهين کي مئي ٿيا شٺ شال، دعا ڪر اشان جهڙن مولائين کي جن نئين شئين اولياءُڪري اُجاريش! تو وري اجايو ٽر ٽر ڪري لاتي آهي.“ پلي لهجو بعزتي ڪرڻ جهڙو هو.
”ٽر ٽر ڪرئي ماڻهين!“
”ڀينران ڪم ذات، وري وات ٿي ڪرين، شرافت انهي ۾ اٿئي ته چپري ڪري هلي وڃ.“
”هلي وڃان جو پڻهين جو راڄ ٿو هلي. سِڌا ٿي مونسان هلو، نه ته خلق ۾ خوار ڪندي سانوَ!“ عارو ماءَ جي انداز پلي کي ڊيڄاري ڇڏيو
”ماسي دل ننڍي نه ڪري هيءَ ته شروعات آهي، اڃا ته ميلا لڳندا پڙ چڙهندا باسون باسبيون، ٻڪريون ڪسنديون، ڪڃريون نچنديون.“ کڳي کڳيون هڻندي چيو.
”گهٻرائن ڇو ٿي ماشي! گانگٽ پوين پشاهن ۾ آهي، رات ڪڍيائين ته وڏي ڳالهه اڄ نه مئو ته شبحاڻي، انهيءَ مان به ته حِشو ملندءِ نه!“ پلي هار کائيندي عاروءَ ماءُ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.