ڪھاڻيون

پرهہ کان پھرين

ھي ماھتاب محبوب جي ڪھاڻين جو ڇپيل ٻيو مجموعو آھي، جنھن ۾ ارڙھن شاھڪار ڪھاڻيون شامل آهن. ماھتاب سنڌي عورت ڪھاڻيڪارن ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻيڪار آھي. ماھتاب جي ڪھاڻين جا ڪردار نج ۽ سچا، سماج جي ريتن، رسمن ۽ ڪار وھنوار مان کنيل آھن. ماھتاب جي ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ أسلوب نرالا ھوندا آھن. 

Title Cover of book پرهہ کان پھرين

پرهه کان پهرين

”انجم، جيڪر تو مونکي غلط سمجهيو، ته اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هوندو.“
خدا نه ڪري.“ مون بي اختيار ارشد جي وات تي هٿ رکندي چيو. ”اهڙيون وايون نه ڪڍندو وڃ.“
”تون هميشہ اهڙي رهندينءَ نه؟“ هن منهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”ها... ۽ تون...؟ مون سندس سمنڊ جهڙين گهرين نيرين اکين ۾ ڪي پَل خاموشيءَ سان نهاريندي چيو.
”جيئن تون ڏسڻ چاهيندينءَ...“
ڇت جو پکو تيز هلي رهيو آهي- مان پلنگ تي ليٽي ڪيتريءَ دير کان انهيءَ کي پئي ڏسان ۽ گذريل هر ڳالهه به ساڳيءَ تيزيءَ سان ذهن ۾ ڦرندي پئي محسوس ڪريان. اسان جا ارشد جي گهراڻي سان ڏاڍا سٺا ۽ پراڻا تعلقات هئا، تنهن ڪري هو به امان وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ادب تي، آرٽ تي، سياست تي ۽ موقعو ملڻ تي پنهنجي باري ۾ به....
امان ارشد کي سندس سٻاجهي ۽ نوڙت ڀريل طبيعت جي ڪري گهڻو ڀائيندي هئي؛ پر بابا کي هميشہ اعتراض رهيو. ڇو ته ارشد وچولي طبقي جي مائٽن جو پٽ هو. وٽس بابا وانگر ٻنيون ٻارا ۽ زمينون ته ٺهيو پر ڪا ڊگري به نه هئي ۽ اڃا ته مس انٽر سائنس پڙهندو هو.
جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندو هو، تنهن ڏينهن بابا جو موڊ سخت خراب رهندو هو ۽ انهيءَ ڏينهن بابا کٽمٺا چوسڻ جي بجاءِ ڏاٺن سان ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. امان جي ناراض ٿي وڃڻ جي ڊپ کان ڪجهه چئي نه سگهندو هو. پرِ ڌڪار ڀريل نظرن کي ڪير ٿي لڪائي سگهيو، ارشد انهن کي محسوس ڪندي اچڻ ڇڏي ڏنو.
ڪڏهن پَٽ ڇَٽن تي، ڪڏهن ڇَٽ پَٽن تي! ڪنهن جي نصيب جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا مان ڇا ٿيو وڃي. ارشد جو به نصيب موچارو ۽ بخت ڀلارو هو. جڏهن هو ٻاهران ڊگريون وٺي آيو تڏهن سندس شمار علائقي جي سٺن انجنيئرن ۾ ٿيڻ لڳو. هاڻي ته بابا به کيس پسند ڪرڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن امان سان اهڙو اظهار به ڪيائين:
”مان ڇوڪرو پسند ڪري چڪو آهيان.“
ڇوڪرو! ڇو اچي پيريءَ ۾ خوار ٿيا آهيو.“
”انهيءَ ۾ خواري جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ۽ آءٌ کيس انجم لاءِ پسند ڪري چڪو آهيان!“
”ته ائين کڻي چئو نه...“
بابا مشڪندي منهنجي حسين مستقبل ۾ گم ٿي ويو ۽ منهنجي دل ۾ اميدن جون وساڻيل شمعون ڄڻ هڪ ئي وقت ۾ روشن ٿي ويون. ۽ پوءِ اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن شهناين جي گونج ۾ ارشد هميشہ لاءِ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو.
ارشد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو، مونکي بيحد گهڻو ڀائيندو هو، دنيا مون تي رشڪ ڪرڻ لڳي. گهڙيءَ گهڙيءَ رسڻ جي عادت کانئس ڄڻ بلڪل وسري وئي هئي، نه ته پهريائين ته معمولي ڳالهه تي به رسي پوندو هو.
”ڇا ڪري رهي هئين؟“
”ناول پڙهي رهي هئس.“
”ٺيڪ آهي وڃي پڙهه، اجايو توکي ڊسٽرب ڪيم، مان وڃان ٿو....“
”مان ته ائين ئي پڙهي رهي هئس، تنهنجي انتظار ۾ وقت گذارڻ لاءِ.“
”جي ها، مونکي خبر آهي، ناولن پڙهڻ مان اوهانکي فرصت ئي ڪٿي آهي جو ياد ڪريو.“ اهڙن موقعن تي هو ’اوهان‘ چئي مخاطب ڪندو هو.
”اهڙو شڪ ڪرڻ به ٺيڪ ناهي.“
”مان ته شڪي آهيان، خراب آهيان، بس اجهو اهڙوئي آهيان!“ هڪدم سنجيده ٿي ويندو هليو هو، ڄڻ وري ڪڏهن نه ايندو.
هڪ دفعو آءٌ گهر ۾ اڪيلي هئس، ارشد جو فون آيو، ڏاڍو موڊ سٺو هئس ايتري ۾ ڏٺم ته امان جي هڪ پراڻي سهيلي پي آئي. ظاهري آهي ته گهر ۾ ٻيو ڪير نه هو ان لاءِ ڏهه ڪم ڇڏي به منهنجو ملڻ ساڻس لازمي هو. مون ارشد کي ڪجهه دير بعد فون ڪرڻ لاءِ چيو.
”نه انجم- اڃان نه وڃ.“
”ڏس نه- “
”ها ڏسي رهيو آهيان!“ هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي طنز ڪئي – مان ڦڪي ٿي ويس.
”ٻڌ نه....“
”ها، ها ٻڌاءِ.“
”هوءَ سامهون اچي وئي آهي، ڪهڙي نه بداخلاقي ٿيندي، جو مان هن کي ائين نظرانداز ڪندس.“
”ڀلي....“ هن ٻارن وانگر ضد ڪيو.
هوءَ بلڪل ويجهو اچي وئي ۽ مان ايتري ته مجبور هئس جو هڪ لفظ به ڳالهائي نٿي سگهيس، ماٺ ڪري رسيور رکي ڇڏيم.
ڪلاڪ کن بعد جڏهن هوءَ وئي ته مون ارشد کي فون ڪيو. هن رسيوَ ته ڪيو، پر منهنجو آواز ٻڌنديئي رسيور کي زور سان ڪريڊل تي ڦٽو ڪيو. ٻه چار دفعا مون ڪوشش ڪئي، آخر هن رسيور ئي لاهي رکي ڇڏيو!
سندس اها عادت مون کي زهرلڳندي هئي، مان سوچيندي هئس ته اسان جي آئينده زندگيءَ تي انهيءَ جو اثر ضرور پوندو- مان انهيءَ ڪري ساڻس نفرت به نٿي ڪري سگهيس. محبت جيڪڏهن چڱايون ۽ برايون پرکي ڪجي ته پوءِ اها محبت ته نه ٿي. مان کيس منٿون ڪندي هيس، پرچائيندي هيس؛ پر هو نه مڃندو هو ۽ پوءِ ڪيترا ڪيترا ڏينهن اسان وٽ نه ايندو هو. منهنجي حالت اهڙي هوندي هئي، جهڙي روح کان سواءِ جسم جي. روئيندي روئيندي اکيون سُڄي پونديون هيون. گهر وارن جي نظرن کان پاڻ بچائڻ لاءِ سارو ڏينهن ويهي سوئيٽر ٺاهيندي هيس يا مٿي جي سور جو بهانو ڪري بيمار پئجي رهندي هيس. ڪيترن ڏينهن بعد وڃي هن جي صورت نظر ايندي هئي.
معصوم شڪل ٺاهي اچي امان وٽ ويهي رهندو هو. جيئن ئي امان ڪنهن ڪم سان اٿندي هئي؛ هو فوراً مون وٽ اچي پهچندو هو:
”انجم!“ پيار ۾ ٻڏل آواز.
”......“ آءُ چپ.
”ناراض آهين؟“
”مون کي ڪهڙو حق آهي، ناراضگيءَ جو....“
”ٻيو ڪنهن کي ٿي سگهي ٿو ڀلا؟“
”.....“ آءٌ ماٺ.
”انجم... مون کي معاف ڪر.... الائجي مونکي ڇا ٿي ويندو آهي؟ توکي ستائڻ ۾ مزو ايندو آهي.“
”۽ آءٌ مري وڃان ته....؟“
”ڪهاڻي اڌوري نه رهندي...“
”.......“ مون وٽ ڪوبه جواب نه هو.
”تون مون کي تمام گهڻو وڻندي آهين.... ٻڌاءِ ڇو؟“
”آءٌ انجي قابل ته ناهيان.“
”ائين ڇو چيئي....انجم.... ٻڌاءِ ڇو؟“
”اها حقيقت آهي نه....“
”انجم ائين ڇو چيئي... چئو ته آءٌ قابل آهيان....“
”...........“
”چئم آنجم.....“
”ڪيترو نه ضدي آهين توبهن!“
”چئو نه انجم....“
”ها...“
”ائين نه....، چئو ته آهيان....!“
”ها بابا آهيان ستائين ڇو ٿو؟“
”بابا....؟!“
”شرير....“
گذريل ڪيترن ڏينهن کان آءٌ محسوس پئي ڪريان ته ارشد ضرورت کان ڪجهه گهڻو مصروف رهڻ لڳو آهي. آفيس جي ڪم مان واندو ٿي، جڏهن ٿڪجي گهر اچي ته هڪ سلسلو ماڻهن جو شروع ٿيو وڃي. هر پنجن منٽن بعد ڪال بيل وڄي، ڪو دوست ملڻ آيو، ڪو دوست ساڻ هلڻ تي اسرار ڪرڻ لڳو، ڪو ماڻهو ڪم سانگي اچي ويو. ڪيترا ڀيرا اسان جي انهيءَ ڳالهه تان چخ چخ به ٿي آهي. ڪم جي گهڻائي ڪري هو هر وقت ٿڪل ٿڪل رهڻ لڳو هو. صبح جو ناشتي ڪرڻ کانسواءِ ويندو هو ۽ رات جو ٿڪو ماندو دير سان موٽندو هو. ۽ هت آءٌ گهر ۾ بلڪل اڪيلي يا پوءِ هي بي سمجهه معصوم عاصم، مون به خار ۾ اچي منجهند جو ماني کائڻ ئي ڇڏي ڏني. ڀلا اها به ڪا زندگي، صبح کان رات تائين انتظار. خاموشي من ماندو ڪري ڇڏيو هو. ڪاش! ديوارون، پلنگ، کٽون، ميزون، ڪرسيون، چمچا ۽ پليٽون به ڳالهائي سگهندا هجن!! اڪيلائيءَ ۾ منهنجي اڪثر اها خواهش هوندي هئي.
سوچي سوچي منهنجو ذهن ٿڪجي پيو. اڃا ننڊ پئي آيم ته ارشد جي آواز تي جاڳي پيس. هو نوڪر سان ڳالهائي رهيو هو.
”شڪر آهي، اڄ سوير آيا آهيو.“ مون طنز مان چيو.
”نوڪري به ته ڪرڻي آهي، پيٽ به ته پالڻو آهي.“
”جهنم ۾ وڃي پوي اهڙي نوڪري، جنهن ۾ ننڊ آرام ۽ صحت وڃائجي.“
”تصوراتي دنيا جون ڳالهيون نه ڪندي ڪر.“
”مان غلط ته نه ٿي چوان، منهنجو نه، ته پنهنجي صحت جوئي ڪجهه خيال ڪريو.“
”ڇا ٿيو آهي مون کي؟ توکان ته ڏٽو مٽو آهيان.“
”خدا ڪري ته سدائين هجو، پر ڪم جي زيادتي آخر به ته صحت کي متاثر ڪندي.“
”بس ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي باقي....“
”اهو گذريل ڪيترن ڏينهن کان ٻڌان پئي.“
”پوءِ، آءٌ ڀلا ڇا ڪيان انجم، آخر ڪم به ته ڪرڻو آهي.“ هن رکائيءَ سان چيو.
”مون کي ڏک ٿيو، آءٌ ماٺ ٿي ويس. هو شايد ناراض ٿي هليو ويو! مس مس جلدي گهر آيو سو به مون ڪاوڙائي ڇڏيومانس. ’خير منهنجو انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه؟‘ مون پاڻ کي دلاسو ڏنو.
شام ٿي ته مان لان تي اچي ويٺس- عاصم پنهنجي پنڌ سکڻ واري نئين گاڏيءَ ۾ پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو.
”بيگم صاحب چانهه!“ نوڪر چانهه کڻي آيو.
”ڪيترا ڀيرا توکي چيو اٿم، بيگم صاحب نه سڏيندو ڪر! جيجي يا ادي ڪري چوندو وڃ، سمجهيئي.“
”چڱو بيگم صاحب.“
”بدبخت.“ مون ڀڻڪيو.
”الائي ڇو مون کي لفظ ’بيگم صاحب‘ کان سخت چڙ آهي بلڪ نفرت آهي. منهنجي تصور ۾ هڪ خوفناڪ ۽ چرٻيءَ جي تهن سان سٿيل غرارو يا ساڙهي پهريل ٿلهي ۽ بندري عورت اچي ويندي آهي؛ جنهن کي هڪ ئي وقت ۾ گئس، بلڊ پريشر، ڦيري دل جي دوري جون بيماريون هجن،
چانهه ختم ڪري مان بظاهر مطالعي ۾ گم ٿي ويس؛ پر ڌيان سڄو ارشد ڏانهن هئم.
شام موڪلائي رهي هئي. ايتري ۾ مون ڏٺو، ارشد ۽ سندس بي تڪلف دوست طارق مسڪرائيندا اچي رهيا هئا. مون دل ئي دل ۾ سک جو ساهه کنيو. ”سلام!“ ارشد صلح پسنداڻي نموني سان مُرڪندي چيو. ”سلام“ مون سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
طارق به سلام ڪيو ۽ ڪرسيون ريڙهي هو اتي ئي ويهي رهيا. هو منتظر هئا ته شايد آءٌ ڳالهائينديس؛ پر آءٌ بلڪل بي تعلق بڻجي ويٺي رهيس.
”ادي ڇا حال آهي..... ٺيڪ آهيو؛ مطالعو ٿي رهيو آهي؟“ آخر طارق کان نه رهيو ٿيو.
”جي بس ائين ئي.“ مون ڦِڪي مُرڪ سان وراڻيو.
”هيڏانهن ته اچ عاصم! هڪ پپي ڏي انڪل کي.“ هو عاصم سان ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو، پر هن جو ڌيان اسان ڏانهن ئي هو. غالباً ارشد کيس ٻڌايو هوندو ته اسان ۾ چخ چخ ٿي آهي. تڏهن ته هو ڄاڻي اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي رهيو هو. ارشد مون کي ڏسي مشڪيو ۽ چيائين:
”هل، ته پڪچر ڏسي اچون.“
مان خاموش رهيس، مطالعو جاري رهيو.
ارشد ۽ طارق پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا.
مون محسوس ڪيو ته ارشد وساڻل لڳي رهيو هو. ڪجهه دير پهرين واري مرڪ ۽ شوخي سندس چهري تي پنهنجو هلڪو نشان به نه ڇڏيو هو. مون غيرارادي طرح چاهيو پي ته ارشد اڃا به منهنجي خوشامد ڪري پر ڏٺم ته هو خلاف قوقع جلد اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين:
”اوهان اڃا مصروف آهيو؟“ سندس لهجو خشڪ هو. آءٌ ماٺ رهيس.
”چڱو، اسين وڃون ٿا.“ هُن اُٿندي چيو.
منهنجي دل تي هڪ ئي وقت ڄڻ ڪيترائي پٿر وسڻ لڳا!
”ارشد ڇو هليو ويو...؟“ مون کي پنهنجي بي رخيءَ جو احساس ٿيو، مان ڪيتري نه بداخلاق آهيان؛ گهٽ ۾ گهٽ سندس دوست جي اڳيان ته اهڙي روش نه اختيار ڪرڻ کپندي هئم. هو ڇا سوچيندو هوندو؟ ارشد کي ڪيترو نه رنج ٿيو هوندو. مان دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳس. اسان لاءِ ئي ته هو سڀڪجهه ڪري ٿو، گهڻو وقت ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهيو ته ڇا ٿيو- اهڙا اتفاق ٿيندا رهندا آهن- ڪڏهن ڪم وڌندو آهي، ڪڏهن گهٽ به ٿيندو آهي- مون کي سندس همت افزائي ڪرڻ کپندي هئي- مان پاڻ کي سمجهائڻ لڳس. زندگيءَ جي سٺي ساٿي کي رنجائي مون چڱو نه ڪيو. مون کي خبر به هئي ته هو ڪيترو نه حساس آهي- پوءِ مون هي ڇا ڪيو- مان پنهنجي ڪئي تي شرمسار هئس- پڇتائي رهي هئس ۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان لان تان اٿي اندر هلي آيس.
عاصم کي کير پياري سمهاري ڇڏيم گهر ۾ مون کان ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هو. نوڪر ڪم ختم ڪرڻ بعد هليو ويو هو.
پنهنجي بيڊ روم جو دروازو هميشہ بند ڪري سمهندي آهيان. ارشد دير ڪئي. مون در بند ڪري ڇڏيو خيال ڪيم ته جڏهن ايندو، تڏهن پاڻهي کڙڪائيندو. باقي ٻاهرين گيٽ جي چاٻي ته هميشہ پاڻ وٽ ئي هوندي آهيس.
ننڊ جا جهوٽا پي آيا ٿوري دير لاءِ پنڪي به اچي ويم. پر اکين ۾ انتظار، ننڊ ڪٿي ٿي ڪرڻ ڏني. اٿي ٽائيم پيس تي نظر وڌم... يارهن لڳي ويا هئا... هو اڃا نه آيو هو. منهنجي ننڊ ڄڻ بلڪل اڏامي وئي... هن ڪڏهن به ايتري دير نه لڳائي هئي، نه ته يارهن ته ڪو خاص ٽائيم ڪونه هو، پر هو ڪڏهن به رات جو اڪيلي گهر ۾ ائين نه ڇڏيندو آهي. خبر اٿس ته سندس دير سان اچڻ ڪري آءٌ ڪيترو نه گهٻرائجي ويندو آهيان ۽ ڪهڙا نه خراب خراب ڀوائتا خيال ايندا اٿم.
ممڪن آهي اڄ هو واقعي سنجيدگيءَ سان ناراض ٿيو هجي ۽ مون کي سزا ڏيڻ لاءِ شايد فلم جي آخري شو ۾ هليو ويو هجي. ٽيبل ليمپ روشن ڪري، هن جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب کنيم. پريم اسٽوڪر جو ’ڊريڪولا‘ پڙهيل ته اڳ ئي هئم پر وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه پنا پڙهي ڇڏڻ ۾ ڪهڙو هرج هو... هونئن به اهڙا ڪتاب رات جو اڪيلائي ۾ پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپ لڳندا آهن. پر اڄ هي ڪتاب پهرين کان وڌيڪ ڀوائتو لڳي رهيو هو... مون ڪتاب بند ڪري ڇڏيو... اُف.... هي مڇر به ڪنهن ڊريڪولا کان گهٽ ڪونهن، سڄي رات رت چوسي سج اڀرڻ کان اڳ غائب ٿيو وڃن. مڇرن کي ڪن وٽ ڀون ڀون ڪندو ڏسي سوچيم.
ٻارهن لڳا...... بس ڄاڻ آيو.... پر دير ٿيندي وئي، هو نه آيو... منهنجي بيچيني وڌندي وئي... مون ڄاريءَ ڏنل دريءَ مان رستي تي نهاريو... پورو علائقو اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو..... گهڻو پري ڪنهن ڪنهن گهر جي دريءَ مان هلڪي هلڪي روشني نظر اچي رهي هئي.... هوا معمول کان تيز هئي... زون...زون.... گهون... گهون...!
وڻ عجيب شڪليون ٺاهي دريءَ سان لڳل ڪمپائونڊ وال تي پاڇو وجهي رهيا هئا.
ياالله! خير ڪجان.... ائين ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي. هڪ لڳي چڪو هو، پوليس واري سيٽي وڄائي. دل چاهيو ته کيس سڏي چوان ته ارشد کي تلاش ڪر... پر اها ته بيوقوفي هئي. آخر مان ڇا ڪريان؟
ڪو حادثو ته... نه نه!! ان کان وڌيڪ ڪجهه سوچي نه سگهيس... مون زور سان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون....
ارشد جي خالي بستري تي نظر وڌم، منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا... مان برف جهڙي ٿڌي ٿي ويس ٻه به لڳي ويا دل چيو ته خوب رڙيون ڪريان، جيئن سڀ پاڙي وارا مون وٽ هليا اچن. ارشد مون کان کڻي ڪيترو به ناراض هجي پر هو هر گز هر گز اهڙي سزا مونکي نٿو ڏئي سگهي. ضرور ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي، جنهن سبب هو اڃا تائين گهر نه آيو آهي... آخر رات جو ننڍڙي ٻار کي ڇڏي آءٌ اڪيلي ڪنهن وٽ وڃا... نئون گهر، نئون شهر، هتي آئي ڪي ٿورا ڏينهن ته ٿيا آهن. هڪ هنڌان ٻئي هنڌ بدليون ته نوڪريءَ ۾ ٿينديون ئي رهن ٿيون.
اُف خدا! مون کي معاف ڪري ڇڏ آءٌ ڪڏهن به کيس ناراض نه ڪنديس... ڪڏهن به کانئس ناراض نه ٿينديس! آئون نٿي ٻڌائي سگهان ته منهنجي حالت ڇا هئي.. ٽي به لڳي ويا! هاڻي مون کان صبر نٿي ٿي سگهيو، مان روئيندي روئيندي بي هوشيءَ جهڙيءَ حالت ۾ اٿيس ۽ طارق کان مدد وٺڻ لاءِ سندس گهر وڃڻ جو خيال ڪيم... مون در کوليو... ڪمري مان پير ٻاهر رکيم... خاموشي ۽ سناٽو ڄڻ منهنجو پيڇو ڪري رهيا هئا... ڀر واري ڪمري جو در کليل ڏٺم... پکي هلڻ جو آواز به هو! ٻه قدم اڳتي وڌي ڏٺم ته هو بي خبر پلنگ تي ستل هو.
مون هڪ ڊگهو ساهه کنيو، حيرت ۾ اتي ئي بيهي رهيس ۽ پنهنجن سڏڪن تي قابو نه پائي سگهيس... آواز تي هن اکيون کوليون، پر پوري طرح سان سجاڳ نه هئڻ ڪري گهٻرائجي ويو ۽ هڪدم مون وٽ اچي مون کي جهنجوڙڻ لڳو:
”ڇو انجم...! انجم...؟ ڇا ٿيو!؟“
”ڪجهه نه...“ آءٌ توکي ڳولهڻ پي نڪتس... ايترو انتظار تو ڪڏهن به نه ڪرايو هو...“
”پر آءٌ ته ڏهين بجي ئي اچي ويو هئس. در کڙڪايم، ته تو ڪو جواب نه ڏنو، مون تنهنجي ننڊ خراب نٿي ڪرڻ چاهي ۽ اچي هتي سمهي رهيس.“
”الا....! چه... چه... شايد مون کي ان مهل ڪجهه پنڪي اچي وئي هئي... مون کي معاف ڪر ارشد... آءُ هاڻي ڪڏهن به توکي نه رنجائينديس... ڪڏهن به نه... مون کي گهڻي سزا ملي چڪي آهي.“ مون سڏڪا ڀريندي چيو.
”بس انجم... بس.“ هن پيار مان منهنجا ڳوڙها اگهندي منهنجو سر پنهنجي سيني تي رکي ڇڏيو.