ڪھاڻيون

پرهہ کان پھرين

ھي ماھتاب محبوب جي ڪھاڻين جو ڇپيل ٻيو مجموعو آھي، جنھن ۾ ارڙھن شاھڪار ڪھاڻيون شامل آهن. ماھتاب سنڌي عورت ڪھاڻيڪارن ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻيڪار آھي. ماھتاب جي ڪھاڻين جا ڪردار نج ۽ سچا، سماج جي ريتن، رسمن ۽ ڪار وھنوار مان کنيل آھن. ماھتاب جي ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ أسلوب نرالا ھوندا آھن. 

Title Cover of book پرهہ کان پھرين

ويهه ڏينهن

نٿوءَ ماءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو. ستر ورهين جي عمر ۾ کيس اڄ خط پهتو هو ته اچي پنهنجي ماءُ واري گادي وسائي. سندس ماءُ، جا به سرڪاري دائي هئي، تنهن کي به سرڪار سٺ ورهين جي عمر ۾ ٽڪيٽ وٺائي هئي، پر نٿوءَ ماءُ ستر ورهين جي عمر ۾ نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجو هوش وڃائي ويٺي. سندس موڪلاڻيون ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون کٽيون ئي ڪين ٿي. ڄڻ ڪنهن وڏي محاذ تي وڃڻ جو وقت اچي چڪو هئس، پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي رڙ ڪندي چيائين، ”امان سيگهه ڪر، ڪا چانورن لپ، ڪا اٽي لپ، ڪا چانهه ذري، ڪا کنڊ چپٽي منهنجي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي وٺ.“
”امان ڪو هنڌ بسترو به ته کنيون وڃ نه.“
ڌيڻس کيس ٺلهو سنڀرندو ڏسي چيس. ”انهيءَ جي ڪا ضرورت ناهي، سرڪاري نوڪري آهي، اتي سڀ ڪجهه پاڻهي ملندو.“ نٿوءَ ماءُ رعب ۾ وراڻيو.
سندس نهون، جي عذرائيل وانگر مٿانس اکيون ڦاڙيون بيٺيون هيون ته هيءَ آفت ڪا وقت ٽري ته نويڪلو ٿي ٽڪر کائنون، سي بظاهر نماڻيون اکيون ڪيون بيٺيون هيون، تن کي رڙ ڪري چيائين:
”ڇوريون! گهر جو خيال ڪجو، جي توهان جي مڙسن ۾ ڪو حال هجي ها ته پيريءَ ۾ ڌڪا نه کان ها، هاڻي وڃانوَ ٿي، گهر جي پارٽ اٿوَ.“
پوڙهي مڙس کان هڪ وڏي اوڇنگار سان ڀاڪر پائي موڪلايائين ۽ برقعو مٿي تي رکي ننڍي پٽ کي ساڻ وٺي نواب شاهه وڃڻ لاءِ اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيائون.
ڪنهن زماني ۾ سندس برقعي جو نقاب هيٺ هوندو هو، پر جيئن جيئن پاڙي جا پڪا پوڙها مڙس اُسهندا ويا، يا نيم انڌا ٿي پيا ته نٿوءَ ماءُ به نقاب کي هميشہ لاءِ خيرآباد چئي ڇڏيو. پر برقعي جي ٽوپي سا سدائين مٿي ۾ کتل رهيس، پوءِ اڳيان ڀل سنهڙي پهراڻ هيٺ گنجي نه هيس، انگيءَ چوليءَ جي اهميت کي ته بيڪار سمجهي ڪڏوهڪو ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين.
ڀلو ٿئي، ’هڪ ته ڀاوين ڏون، اهو جهُڳا اِهو تون‘ واري خاندان سان تعلق رکندڙ، ليڊي هيلٿ وزٽر خانم جان جو، جنهن جي ذريعي پيريءَ ۾ نٿوءَ ماءُ کي سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ ٿي هئي.
خانم جان جي نٿوءَ ماءُ سان واقفيت ٽريننگ دوران حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي کيس معلوم ٿيو هو ته نٿوءَ ماءُ نه فقط شهر جي جهوني پر نهايت ئي قابل دائي آهي. گهٽ ۽ وچولي طبقي کان وٺي اعليٰ طبقي جون بيگمات به کانئس ئي علاج وغيره ڪرائي چاڪ چڱيون ڀليون ٿي وينديون هيون. خانم جان جيتوڻيڪ ڪنواري نياڻي ڌيءَ هئي، تنهن هوندي به گهاگ زالن واري هوشياري حاصل هيس، جنهن جو ڪارڻ سندس چاليهن کان چڙهيل عمر هئي. عالباً انهيءَ ڪري ئي سندس لومڙيءَ جهڙين ننڍين ۽ تيز اکين نٿوءَ ماءُ تي پنهنجو ڪرم ڪيو. هوڏانهن نٿوءَ ماءُ به ڪچيون گوليون ڪونه کاڌيون هيون، ڀانيائين ٿي ته خانم جان اڃان سيکڙاٽ هئي، نئين نئين ليڊي هيلٿ وزيٽر ٿي آهي، انهي ڪري ’بازي‘ سندس ئي هٿ رهندي. کيس ڪهڙي خبر ته قضا سندس لاءِ ڪهڙو تير کنيو ويٺي آهي.
نٿوءَ ماءُ کي سندس مڙس، ڌيڻس، پٽن ۽ ٻاهرينءَ دل سان ننهن به گهڻوئي سمجهايس ته پيريءَ ۾ پرديس وڃي پنهنجا هڏ نه رلائي، موليٰ جي مهر سان هٿ ۾ شفا اٿئي، گهر ويٺي ئي سڀڪي مليو وڃنئي، پر توبنهه! پئسي ۽ ڪراڙي زائفان هئي. پيريءَ ۾ سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ، ڪا معمولي ڳالهه ته نه هئي، ۽ وري خانم جان کيس گهڻئي دم دلاسا ڏيئي راضي به ته ڪيو هو.
نٿوءَ ماءُ جو نوابشاهه پهچڻ تي سٺي طرح خير مقدم ڪيو ويو.
کيس ۽ پٽس کي اڌ بک اڌ ڍئو جي مصداق ماني ڏني وئي، جنهن ڪري سندس پٽ ته موڪلائڻ بنا ٻئي ڏينهن سان ئي حيدرآباد جي ٽڪيٽ ورتي، پر سندس ماءُ انهيءَ خيال ۾ ماٺ رهي ته وري هڪ دکي رپين جي زمين اندر پوري ٻيهر حج ڪنديس. مطلب ته شيخ چليءَ وانگر گهڻائي گيهه جا گهڙا دل ئي دل ۾ گهڙي رکيائين.
ٻه ٽي ڏينهن ته سانت ۾ گذريس، هڪ ڏينهن جيئن ئي گلاس کڻي دليءَ مان پاڻي ٿي اوتيائين ته اوچتو کيس ’مڪار رانڊ‘! جا لفظ ڪنن تي پيا، گلاس هيٺ رکي هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺائين؛ ٻيو ڪير ڪونه هو. اهي لقب کيس ملي رهيا هئا، ايتري ۾ ڇڙٻ جهڙي آواز ۾ حڪم مليس ته ”اسان جي دليءَ کي هٿ نه لاءِ پنهنجي گهگيءَ مان پاڻي پيئندي وڃ.“ خانم جان، ڪاڪوس جي در وٽ رکيل سسيءَ لٿل گُگهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
”امان اِها ته ڪاڪوس وٽ رکيل آهي.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو، ٻاهر پئي آهي، اندر ته ڪونهي رکيل.“
نٿوءَ ماءُ ويچاري اکين ڏٺي مک نه ڳهي سگهي لاچار ڪمپائونڊ ۾ لڳل نل مان ڪوسو پاڻي پيئڻ ئي غنيمت ڄاتو.
خانم جان هڪل ڪندي چيس، ”جلدي ڪري ڪپڙا ڌو، ۽ تنهن کان پوءِ هيءَ کٽ ٻاهر ڪڍي هنڌ وڇائي.“
”امان آءُ پوڙهي زال آهيان، سڀ ڪجهه ڪنديس پر کٽ ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهنديس. ڪپڙا به سنها سنها ڌوئي سگهنديس.“
”جي اهڙي نازڪ بدن هئين ته گهر ويٺي هجين ها، هت ڌڪا کائڻ نه اچين ها.“
”امان مان ته سرڪاري نوڪري ڪرڻ آئي آهيان!“
”چل سرڪار ڪي بچي!“
نٿوءَ ماءُ زهر جو ڍڪ ڀري ڪپڙن تان وڏيون اڇون جُيون چونڊڻ لڳي، جن خانم جان جي ڏنل ميري تيل واري بستري ۾ سڄون راتيون نٿوءَ ماءُ جو رت چوسيو هو.
”آخ گندي! اسان جو گهر ٿي خراب ڪرين!“
”امان هي بستري مان چڙهيون اٿم!“
خانه خراب تيرا! پنهنجي گهران چهٽائي آئي آهين، هاڻي ٿي چوين بسترو خراب آهي. جي اهڙي صفائيءَ واري هئين ته پنهنجو بسترو کڻي اچين ها؟“
”امان مون ته سمجهيو هو هتي سڀ ڪي ملندم.“
”چل دفعا هو مردار، بيڙا غرق!!“ ٻئي ڏينهن صبح جو خانم جان ويم ڪرائڻ وئي جت سڄو ڪم نٿوءَ ماءُ کان ورتو ويو. پاڻ پنجاهه رپيا مٺائيءَ جا ورتائين پر نٿوءَ ماءُ کي صرف هڪ رپيو ڏياريائين، ان تي به ظلم اهو جو ٻاهر نڪري کانئس پنجاهه پئسا زوريءَ کسي ورتا.
نٿوءَ ماءُ جا گهڙيل گهڙا سڀ ڀڄي پيا! کيس هينئر پڪي طرح سان معلوم ٿي چڪو هو ته سندس مقابلو هڪ بدمزاج بخيل زال سان هو. کيس هينئر معلوم ٿيڻ لڳو ته ناڻو شينهن جي ڪن ۾ آهي ۽ پنهنجي پوزيشن مائي نوران وانگر، جا سندس ماءُ وٽ پٽيوالي هئي جهڙي نظر اچڻ لڳي.
خانم جان نٿوءَ ماءُ کان زنانين بيمارين ۽ ويمن وغيره جي باري ۾ خاص مشورا ۽ ديسي دوائن جا نسخا وغيره لکائي چڪي هئي، جنهن ڪري سندس ڪم ۾ گهڻي برڪت ٿي پئي هئي. نٿوءَ ماءُ تي ته هاڻي سندس اک ئي ڪونه ٿي ٻڏي- نه ته هوند سوني مرغي ڄاڻي سندس قدر ڪري ها. پر ڀانيائين ته آهي پوڙهي سان به سنڌياڻي ٻن ٽن روپين ۾ ئي سرڪاري نوڪريءَ جي نالي تي خوش ٿيو ويٺي هوندي.
نٿوءَ ماءُ پنهنجي من ۾ سٽيل اسڪيم مطابق ڪم شروع ڪري ڏنو هو. خانم جان جي غير موجودگيءَ ۾ مريض زالن کي ڦاسائڻ شروع ڪيائين جي ”امان انهيءَ ڏائڻ کي ڪهڙي خبر علاجن جي، سمورا ڏس مونکان پڇيو وڃي، اجايا ڏوڪڙ ٿي ڦريوَ مان ٿي علاج ڪريانوَ.“ نتيجو اهو ٿيو جو لِڪ چپ ۾ ڪيئي زالون نٿوءَ ماءُ کان دوائون وغيره وٺي وينديون هيون. اهڙي ريت نٿوءَ ماءُ ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري ورتا. هڪ ڏينهن اوچتو اسپتال جي ڊاڪٽر جو نٿوءَ ماءُ کي سڏ ٿيو، جتي کيس معلوم ٿيو ته ڪو سندس مائٽ ساڻس ملڻ آيو آهي. نٿوءَ ماءُ جنهن کي مڪمل طرح سان خانم جان ’ٿاليان پاڻيان‘ ڪڍي ڇڏيو هو ۽ کيس ڪنهن به شيءِ کي هٿ لائڻ جو امر ڪونه هو، سا وڏيءَ خوشيءَ مان مائٽ سان گڏ سندس گهر وئي ۽ اتي رات گذارڻ بعد چار سير چڻا، چار سير مُستي، ٿالهي، وٽو، ديڳڙي ۽ گلاس سميت واپس اچي اسپتال پهتي. سرخرو ٿيڻ لاءِ هڪ دفعو وري پنهنجي قسمت کي آزمائڻ جي خيال کان چئن سيرن چڻن مُستيءَ مان اڌ جو داءُ هيائين، پر هت به قسمت مٿانئس کلي رهي هئي. ٻئي ڏينهن خانم جان جو ست ڦٽو ڀاءُ جو ”ڦيٿي“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ بلڪل سڌي ڪاٺيءَ وانگر سمهندو ڳالهائيندو، اٿندو ويهندو آهي سو اچي وارد ٿيو ۽ هڪ ڏينهن جي قيام بعد نٿو ماءُ جا چڻا، مستي ۽ ڀيڻ (خانم جان) جي ڪمائيءَ جا پئسا ۽ ڪڪڙيون کڻي روانو ٿيو. نٿو ماءُ اهو سڄو ڏينهن ڀڳل گوشت جون واسون لڌيون ليڪن کيس رَس ۽ پٽاٽو به نصيب نه ٿيو البت صبح جو وڃڻ مهل ڦيٿي، هڪ گرانهن سين جو اک ڏنڀاڻي کيس ڏنو ۽ باوجود انڪار جي کيس قبول ڪرڻو پيو.
نٿوءَ ماءُ هڪ گرانهه جي همدرديءَ مان فائدو وٺندي دٻيل لفظن ۾ ڦيٿي سان سندس ڀيڻ جي زيادتين جو ذڪر ڪيو ڦيٿو جو ان مهل سيون کائي چڪو هو ۽ ڏندن تي زور سان آڱر مهٽي رهيو هو، تنهن گرڙي ڪندي پنهنجي گول اکين جي ڇنڀ سان تعاون جو يقين ڏياريو ۽ نٿو ماءُ هڪ نئين اُميد جي ڪرڻ پنهنجي دل ۾ روشن ڪئي. ڏجها ڏسندي ۽ سور سهندي کيس پنڌرهن سورهن ڏينهن گذري ويا هئا اهو به وقت هو جڏهن پنهنجي گهر ۾ کٽ تي ويهي حڪومت هلائيندي هئي. زالن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو علاج لاءِ هميشہ گهر ۾ موجود رهندو هئو. سُکيا ڏينهن وساري سندس چپ بي اختيار ڏڪڻ لڳا ۽ ڳلن تان ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيس. جيئن ئي خانم جان ٻه سير ڪڙهيل کير جا پي ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتي تيئن نٿو ماءُ تي نظر پيس، کيس روئندو ڏسي هڪدم سندس ناسون ڪاوڙ کان ڦنڊجي ويون ”مڪار رانڊ! هاڻي تنهنجي مجال ايتري ٿي آهي جو منهنجي ڀاءُ کي چغليون هڻڻ کان به نه ڊنئين!“
”نه امان، مون ته خير صلا جي ڳالهه ڪئي هئي مانس.“ نٿو ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو.
نه صرف ايترو پر هاڻ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ زالن جو اعلاج به ٿي ڪرين!“
”امان پاڻهي اچي صلاح وٺنديون آهن، مون به بکئي پيٽ لاءِ ناڪار ڪونه ڪئي.“
”خاموش! مان وڌيڪ ڪجهه نه ٻڌنديس. توکي خبر آهي ته آءٌ ڪير آهيان؟ ’ليڊي هيلٿ وزيٽر‘ آهيان، ڪا معمولي نرس دائي ناهيان جو تون اهڙي گستاخ ٿي پئي آهين، اڄ آءٌ توکي جيئرو ڪونه ڇڏينديس.“ ائين چئي خانم جان اُبتيون اکيون ڪري پنهنجن اُڀن گوڏن سوڌو نٿو ماءُ ڏانهن وڌي نٿو ماءُ وٺي هيان ڦاٽيون دانهون ڪيون.
”گهوڙا ڙي! خون! خون! مونکي ماري ٿي بچايو...“
”چپ ڪر ته ساهه نه ڪڍئين.“
دانهون ٻڌي چوڪيدار ننڍي ڀت ٽپي اندر آيو. نٿو ماءُ مددگارکي ڏسندي ئي وٺي اوڇنگارن پٺيان اوڇنگارون ڏنيون. خانم جان کي ته خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ڪو حالتون اهڙي ڊرامائي شڪل اختيار ڪنديون. سا هڪدم وائڙي ٿي وئي.
چوڪيدار نٿو ماءُ کي اسپتال جي ڊاڪٽر وٺ وٺي ويو جنهن سڄو حال ٻڌي کيس دلجاءِ ڏني. نٿو ماءُ، ڊاڪٽر کي پنهنجو همدرد ڄاڻي روئي روئي ٻڌايو ته پرديس ۾ ساڻس ڪهڙو نه ذلت وارو سلوڪ ٿيو آهي.
ڊاڪٽر، خانم جان کي گهرائي خوب دڙڪا ڏيئي شرمندو ڪيو. پاڻ طبعاً شريف انسان هو، تنهن زال سميت نٿو ماءُ جي ڏاڍي خاطر توازه ڪئي ۽ اهو سڄو ڏينهن پاڻ وٽ رهايو ۽ ٻئي ڏينهن نٿو ماءُ کي چوڪيدار سان گڏ ٽانگي تي چاڙهي حيدرآباد وڃڻ لاءِ اسٽيشن اماڻيائون.
نٿوءَ ماءُ جو ٽانگو جڏهن خانم جان جي ڪواٽر اڳيان لنگهيو، تڏهن ويهن ڏينهن جي باهه، دانهن رستي هڪ جگر ٽوڙ گار جي ذريعي ڪڍيائين، ۽ خانم جان، جا ان مهل در تي ڀاڄيءَ واري کان پٽاٽا خريد ڪري رهي هئي سا اکيون ڇِنڀندي رهجي وئي