نئين مارئي
”اَو... اَو!“ ساڳيءَ طرح پَني پنهنجن پکن اندران وراڻيو.
”ائي سيگهه ڪر،“ شريفان دڳ تي بيٺي بيٺي وڏي واڪ چيو. ”سڀئي سرتيون وڃي کوهه تي پُڳيون، مُک اوير پئي ٿئي.“
”اِجهو، اِجهو، اچي ”پُڳس.“ پني چونئري ڪڇ ۾ ۽ دلو مٿي تي ڪري پنهنجي چنڊ جهڙي گول روشن چهري تي مسڪراهٽن جا موتي پکيڙيندي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي اچي شريفان ڀيڙي ٿي.
”ايڏي اُوير!“
”هائو.“
”اڄ مڙيوئي ڪجهه اُوير اُٿي هئس.“
”ڪٿي اکيون ته نه اَڙيون اٿئي؟“
”چري، اکين جي اڙجڻ جو ڀلا اُوير اُٿڻ سان ڪهڙو واسطو.“ پَنيءَ اڳيان پيل پٿر کي ٿڏيندي چيو.
”بلي بلي! ڪهڙو واسطو! اکيون اڙيون ته دل وئي. دل وئي ته ننڊ ۽ آرام به ويا!“
”تون پانجو حال ته نه پئي اورين.“ پَنيءَ کيس چيڙايو.
”ائي اَلا مري ويس!“ شريفان پنيءَ جي ڪلهي جو سهارو وٺي، پير مٿي ڪندي رڙ ڪئي.
”ڇا ٿيئي!؟“ پنيءَ جي منهن جو پنو لهي ويو.
”ڀانيان ٿي ته ڪنڊو لڳو.“
”توبهه! ساهه ئي ڪڍي ڇڏيئي، ڀلا ويهه ته ڏسان.“
ٻنهي دلا ۽ چنئوريون پٽ تي رکي ڇڏيا، پَني، کُڙيءَ تان مِٽي هٽائيندي آڱر سان پڪ لاتي ۽ پنهنجي گهَگي ۾ لڳل ٽاچڻي ڪڍي ڪنڊو کوٽڻ لڳي.
”الا! مارينم ته نه.“ شريفان ٽاچڻيءَ جو سور پيئندي چيو.
”هڪ ته چڱائي ڪري ڪنڊو ٿي ڪڍانءِ مٿان وري تارا ٿي ڦوٽارين.“
”چڱو چڱو، ڪڍي ڇڏ، ڪنڊي جي بهاني سان سڀ باهيون.“
”مان وري ڪٿي ٿي باهيون ڪڍانءِ، پاڻهي ته بدلو مليئي، اڃان هڻيم تهمتون.“ پنيءَ ڪنڊو ڪڍي سندس تريءَ تي رکندي چيو.
”چڱو مائي، معافي ڏي، کڻي بخش ڪر سڀ خطائون.“ شريفان اکين ۾ شرارت ڀريندي، هٿ جوڙي چيو. ۽ پوءِ ٻئي ڄڻيون کل ڀوڳ ڪنديون آهستي آهستي وکون کڻي کوهه ڏانهن وڃڻ لڳيون.
ڪهڙي نه رونق هوندي آهي کوهه تي، خاص ڪري ساوڻ جي مند ۾ جڏهن پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي ۽ پَٽن کي ريج ايندو آهي ته هرڪو گسِ، گاهه سان گلزار ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪارا ڪڪر وسندا آهن تڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ جلبن کي سائي پوشاڪ پهريل هجي، هر طرف قدرت جو نور ئي نور پکڙيل هوندو آهي. جيڏين سرتين جو چهچٽو ته اصل زورن تي هوندو آهي، ڄڻ سندن ننڍپڻ موٽي آيو هجي. کوهه تان پاڻي ڀريندي خوشيءَ جا گيت سندن اندر مان ڪنهن آبشار وانگر پيا ڇُلڪندا آهن. هر چهرو خوشيءَ ۾ پيو ٻهڪندو آهي، منجهن اڳ جيان هڪجهڙائي نه هوندي آهي. ٻيو ته ٺيهو پر پڪا پوڙها، هلڻ کان هلاڪ، به انهيءَ موسم ۾ چنگڻ، ڪنجهڻ ۽ ڪُرڪڻ ڇڏي کٽ تي ويهي پاڻ جيڏن سان جوانيءَ جا قصا، چشڪا وٺي وٺي بيان ڪندا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن جا سکيا ستابا ماڻهو انهيءَ مند ۾ سير ۽ تفريح ڪرڻ لاءِ اچي پهچندا آهن. ڊاڪ بنگلو جنهن تي سدائين ڪاريءَ وارا ڪک پيا وسندا آهن، اُهو سڀني خوشين ۽ راحتن جو مرڪز بڻجي ويندو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه ساوڻ تائين. انهن جي وڃڻ کان پوءِ ٻڍڙو ربُو، جيڪو هتي سالن کان چوڪيدار آهي، اڪيلائيءَ ۾ چنڊ تارن سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي يا پوءِ اُنهن شهرين بابت سوچيندو آهي، جيڪي وڃڻ مهل پنهنجي نشاني سگريٽن جا ٽوٽا، وسڪي ۽ شئمپين جون خالي بوتلون ڇڏي ويندا آهن، جن جا اجايا ۽ خالي ٽهڪ ننڊ ۾ به انهيءَ وقت تائين کيس ٻڌڻ ۾ پيا ايندا آهن، جيستائين صبح ساجهر پني کير کڻي اچي کيس اُٿاريندي هئي. جڏهن ربو شهر جي جيم خاني ۾ چوڪيدار هو تڏهن ڪيترو نه خوش گهاريندو هو، سندس سموري ڪائنات هڪ زال ۽ ڌيءَ هئي، جن کي ڏسيو پيو جيئندو هو. پگهار کانسواءِ سٺي ٽِپ به ملندي هئس. مهيني ماسي لاري ۾ چڙهي جڏهن جبل طرف ويندو هو ته ڌيءَ سونيءَ کانسواءِ پنيءَ لاءِ به شيون شڪليون ۽ رانديڪا وٺي ويندو هو. پر هڪ سج ٻه پاڇا- سندس خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي. سوني، ماتا نڪرڻ ڪري مري وئي- ربو مري ته نه سگهيو، پر سندس جوانيءَ کي ڏکن ۽ ڏولائن جي راڪاس ڳهي ڇڏيو- ۽ جڏهن کان هن شهر ڇڏي اچي ڊاڪ بنگلو وسايو. پني، جيڪا سونيءَ جي سرتي هئي اها سندس آخري آس ۽ خوشين جو آخري ڪرڻو هئي، جنهن جي موجودگي ۽ قرب کانئس پنهنجي پيارن جي ياد ڪنهن حد تائين گهٽائي ڇڏي هئي.
اڄ ڪا مهل ٿي هئي سج کي اُڀري پني اڃان وٽس کير کڻي نه پهتي هئي، کيس ڪجهه اُڻتڻ ٿي، هو، اُٿيو- بنگلي جي پٿريلي ڏاڪڻ تان پاڻ بچائيندي هيٺ لٿو، پريان کوهه تان پنيءَ کي سرتين سميت ايندو ڏسي کيس ڄڻ ساهه پئجي ويو.
”ڇو امان پنل، خير ته هو- اڄ پنهنجي بابا کي کير ڇو نه ڏيڻ آئين؟“ پنيءَ کي ويجهو ڏسي ربوءَ چيو
”بابا، اڄ مينهن ڪجهه اوير سان مِڙي، سرتين به کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي سڏ ڪيا، چيم ته اڳو پوءِ پاڻي ڀري اچي ٿي کير ڏيان.“
”مُک تنهنجي اون هئي ڌيءَ... چيم ته الائي ڇا ٿيو... رب رحم ڪري.“
”بابا توکي ته اجايا وهم ٿيون پون، تون هل ته آءٌ کير کنيو بس اِجهو ٿي اچان.“ پنيءَ سرتين کي اڳتي وڌندو ڏسي چيو.
”ڀلي امان ڀلي؟....“ ربو واپس بنگلي طرف ويندي چيو.
سرءُ جي ساڙيندڙ مند پوين پساهن ۾ هئي. ڪارا ڪڪر اَگم ۾ اُڀري رهيا هئا، اونداهين راتين ۾ کڻيتي کنوڻيون، سڄي ڪوهستان کي جرڪائي رهيو هيون، ساوڻ جي سڀاڳي مند ۾ ٿوري ڪا دير هئي، جابلو ماڻهو، جيڪي مينهن نه پوڻ ڪري پنهنجا ڍور ڍڳا ڪاهي سنڌ طرف هليا ويا هئا، سي موٽي رهيا هئا.
پني پنهنجي دل ۾ غيرارادي طرح سان خوشيون محسوس ڪري رهي هئي. هن سيگهه ۾ گهڙاونجيءَ تي دلا رکي ڇڪي مان چونري هيٺ لاٿي ۽ ان مان ڪجهه کير لوٽي ۾ اوتي، بنگلي طرف وڌڻ لڳي. هوءَ پٿرن تان پاڻ سنڀالي هلي رهي هئي. هن جڏهن اکيون مٿي ڪيون ته کيس بنگلي جي چمنيءَ مان هلڪو دونهون نڪرندو نظر آيو. ڏاڪا اُڪري هن بنگلي جي ڪمپائونڊ وال ۾ پير پاتو ته کائنس ڇرڪ نڪري ويو. قدم اتي ئي رڪجي ويس.
”ايڏو جلدي وري ڪير آيو!“ هن سامهون بيٺل جيپ کي ڏسي سوچيو.
”بابا! او بابا!“ پنيءَ زورائتو سڏ ڪيو.
”آءٌ پَنل! آءٌ هت رڌڻي ۾ آهيان.“ ربوءَ دونهين کان کنگهندي وراڻيو. ”بابا ڪير آيو آهي؟ تو ته سوير ڪين ٻڌايو.“
”ها ڌيءَ! ٿوري ڪا دير ٿي آهي جو هڪ مسافر آيو آهي. چوي ٿو ته پهاڙن ۽ ان جي نظارن جون تصويرون ٺاهيندس. مون اُن لاءِ پاڻي پئي گرم ڪيو. ڪاٺيون اصل ڪي آليون آهن، ٻريون ئي نٿي، تون هي لوٽو مُک ڏي، وڃي کانئس ڪافيءَ جو دٻو وٺي اچ!“ ربو اکين کي بوڇڻ سان اُگهندي چيو.
”بابا! بيت ۽ ڪافيون به اڄ ڪلهه دٻن ۾ بند ٿين ٿا؟“ پنيءَ معصوماڻيءَ مان پڇيو.
”نه ڌيءَ! شهري ڪؤڙي چانهه کي ڪافي سڏيندا آهن... پر تون هاڻي سوالن کي ڇڏ، جلدي ڪر.“ ربو کيس پيار مان تڙي ڏني ۽ هوءَ اَلبيلائيءَ مان جهومندي مسافر جي ڪمري ڏانهن وئي.
ڪمري ۾ گهڙڻ کان اڳ سندس دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. شهرين بابت ٻڌل ڪيئي ڳالهيون هڪ ئي وقت ياد اچي ويس ته ڪهڙا ڏنگا ٿيندا آهن- سندن اکين ۾ نيڪي گهٽ شيطاني وڌيڪ هوندي آهي- گهور ڪري ڏسندا آهن-
پر جڏهن هوءَ ڪمري ۾ وئي ته اُتي ڪير به گهورڻ وارو نه هو. رڳو سامهون پلنگ تي ڪجهه ٿلها ۽ ڊگها ڊگها ڪاغذ پکڙيل هئا، جن تي ڪيئي رنگ هاريل هئا، ڄڻ ڪنهن ڄاڻي واڻي رنگن جون بوتلون، ڪاغذن تي اوتي ڇڏيون هجن، پاسي ۾ پيل ٽپائيءَ تي ڪتاب، برش، پينسلون ۽ ننڍيون ننڍيون مس جي ڪپڙين جيتريون ڪيئي دٻليون پکڙيون پيون هيون. انهن سڀني شين کان تعداد ۾ جيڪا شي گهڻي هئي اهي سگريٽن جا پاڪيٽ هئا- هن آٿت جو ڊگهو ساهه کنيو ۽ جيئن ئي پوئين پير موٽڻ لڳي ته در جي ڪنڊ وٽ کڙڪ محسوس ٿي، هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته شلوار ۽ پهراڻ ۾ هڪ قدآور نوجوان بيٺل نظر آيس. جنهن جون وڃايل وڃايل ۽ وساڻيل اکيون خبر ناهي زمين تي ڇا ڳولي رهيو هيون. ٻرندڙ سگريٽ سندن ڊگهين ۽ سنهين آڱرين ۾ دُکي دُکي دم ٽوڙي رهيو هو.
”هي وري ڪهڙو شهري آهي جيڪو اک کڻي به نٿو ڏسي!“ هنجي سوچ ۾ هڪ اهڙي خواهش هئي، جنهن اڄ تائين سندس دل ۾ جنم نه ورتو هو. هن سگريٽ تان نظرون هٽائي، هيٺ پنهنجي پير جي آڱوٺي کي ڏٺو، جنهن سان هوءَ بيخوديءَ ۾ ڪمري جي پڪي فرش کي اُکيڙي رهي هئي.
”بابا ڪافي گهري ٿو-“ هن وڏي مشڪل سان پاڻ سنڀالي چيو.
”هان!... ڇا؟... ڪافي!... او هو سامهون ناسي دٻو ميز تي رکيو آهي کڻي وڃ“ مسافر ائين ڇرڪي جهڪيل نظرن سان جواب ڏنو، ڄڻ صدين کان ننڊ ۾ الوٽ هو.
”پنج ئي آڱريون سچ پچ ته برابر نه ٿينديون آهن.“ هنجي دل ڌڙڪڻ لڳي.... هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄو ڪمرو رنگ، پيار ۽ موسيقي جي سمنڊ ۾ لڙهي رهيو هو. هن جي اکين ۾ انڊلٺ جا رنگ تري رهيا هئا.
”تون هتي ڦوٽو ٺاهڻ آيو آهين؟“ پنيءَ البيلائيءَ سان پُڇيس.
”ها...“ هن ڪنڌ مٿي ڪندي جواب ڏنو.
”مونجو ڦوٽو به ٺاهيندين؟“
”ها.“ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”مونجون سرتيون چون ٿيون ته تُوجو ڦوٽو ڏاڍو سٺو نڪرندو!“
”هون-“
”ڀلا پوءِ مونجو ڦوٽو ڪڍندين نه؟“ پني ڄڻ پڪ ٿي ڪئي.
”ها، پر پهرين ڪافي ته ٺهرائي اچ.“ ۽ هوءَ ڪافي جو دٻو کڻي رڌڻي ڏانهن وئي.
”بابا توجو هيءُ مسافر ته ڪو ڏاڍو چڱو ماڻهو ٿو ڀانئجي.“ پَنيءَ ٻارن جهڙي معصوميت سان پنهنجو خيال ظاهر ڪيو.
”سڀئي شهري ٻاهران اهڙا ٿيندا آهن پر اندران-“
”نه بابا! هي ته اندر جو به اُجرو ٿو ڀانئجي.“
”هوندو-،“ ربوءَ جواب ڏيندي کيس ياد ڏياريو،“ چڱو ڌيءَ تون هاڻي وڃ سرتيون تنهنجي راهه پيون نهارينديون هونديون.“
”بابا، تون ٿڪل ٿو لڳين، مُک ڏي ته آءُ ٿي مسافر کي ڪافي ڏيئي اچان.“ هن ربوءَ جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي سندس هٿن مان ڪافيءَ جو ڪوپ وٺي ڪمري ڏانهن رخ رکيو.
”اچي.“
”ڪافي تيار ٿي وئي!“ نوجوان مسافر سگريٽ پٽ تي اُڇلي، پنيءَ ڏانهن هٿ وڌايو پر سندس آڱريون ڪوپ جي بجاءِ پني جي ڀوري، نرم ۽ نازڪ هٿ ڏانهن وڌڻ لڳيو. پنيءَ کي ائين لڳو ڄڻ ٻرندڙ سگريٽ سندس هٿ تي اچي پيو هجي.
زور سان ڪوپ ڪرڻ جو آواز ٿيو، ڪافي زمين تي ڪري ٻرندڙ سگريٽ وسائي ڇڏيو، آواز ٻڌي ربو رڌڻي مان ٻاهر نڪري آيو. ڏٺائين ته پني ڏاڍي تيزيءَ سان ڪمري کان ٻاهر نڪري رهي هئي.
”ڇا ٿيو ڌي؟“ ربوءَ گهٻرائيندي پُڇيو.
”ڪجهه نه بابا! پني ورانڊي ۾ پيل کير جو خالي لوٽو کڻندي چيو. ”مان وڃان پئي، سرتيون سڏين پيون.“ ۽ هوءَ تيز وکون کڻندي هلي وئي!!