مهاڳ
قديم زماني جي گهڻي تاريخ سفرنامن جي صورت ۾ اڄ به مستند سمجهي وڃي ٿي. سفر ڪندڙ اديب هڪ اهڙي ماحول ۽ معاشري متعلق لکندو آهي، جنهن سان هن جو واسطو صرف هڪ سَير ڪندڙ وارو هوندو آهي، هو ان معاشري سان لاڳاپيل نه هوندو آهي ان ڪري سندس راءِ ڪنهن به تعصب/جذبي کان پاڪ هوندي آهي. پڙهندڙن لاءِ معاشرو تاريخي ۽ معاشراتي علوم جي سنجيدن ڪتاب جي مقابلي ۾ وڌيڪ مزيدار ۽ دل لڀائيندڙ هوندو آهي شايد ان ڪري ئي ويجهي دور ۾ سنڌي ادب ۾ سفرنامن گهڻي ترقي ڪئي آهي.
اٽڪل 25 سال کن اڳ الطاف شيخ جڏهن سامونڊي سفر تي روانو ٿيو ته هن مختلف جاين تان مونکي خط لکيا . انهن خطن ۾ ڏاڍو دلچسپ مواد هو. الطاف جي صلاح سان اهي خط ڪتابي صورت ۾ ”منھنجو ساگر منهنجو ساحل“ جي سري هيٺ ڇپيا.
ان وقت سنڌي ڪتاب پڙهندڙ ماڻهو گهٽ هئا. اسان جا نوجوان به اردو جي جاسوسي ناولن ۽ رومانوي ڪتابن جا شوقين هئا. اِها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته سنڌي سفرنامن ان لاڙي کي بدلايو اڄ سفرنامو سنڌي ادب جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدهه صنف آهي.
اڪرم سلطانه وقاصيءَ جو هي سفرنامو ”خوابن جو سفر“ مختلف قسم جو سفرنامو آهي. هيءُ سفر هڪ حساس ادبيه پنهنجي ملڪ ۾ ڪيو آهي، جتي جي مٽيءَ جي مهڪ هن جي ساهن ۾ سنواريل آهي. هو هن ماحول جي پيداوار آهي ۽ هوءَ پاڻ کان ان کي الڳ نٿي سمجهي، ان ڪري هن جي هر سٽ مان سنڌ جي سڪ ۽ محبت جو هڳاءُ اچي ٿو.
هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.
هن کان اڳ سيپٽمبر 1978ع ۾ لطيفي قافلو پاڪستان جي دؤري تي ويو هو. پر ان کي ڪو ابنِ بطوطه نه ملي سگهيو، جو ان سفر کي تاريخ لاءِ قلمبند ڪري سگهي.
اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هند جي اديب وينا شرنگيءَ پڻ سچل ڪانگريس جي حوالي سان پنهنجو سفر نامو لکيو آهي، جيڪو پڻ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
اسان جي پياري سنڌ جا ڪيئي روپ آهن. هن ڌرتي ۾ سوين اسرار آهن. پر اسان ان کي پرکيو ڪونهي.اسان اڃان سنڌ به گهمي نه ڏٺي آهي ته زماني کي ڪيئن سڃاڻنداسون؟ سنڌ جي ماڳ مقانن متعلق تفصيلي سفرنامن جي ضرورت آهي. سلطانه وقاصيءَ هڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندس هيءُ دلچسپ ڪتاب اٽڪل ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهجيو وڃي.
مون کي يقين آهي ته پڙهندڙ هن ڪتاب پڙهڻ سان پنهنجي پياري سنڌ سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندا.آئون پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز ٿو سمجهان جو مون کي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن لاءِ هڪ ادبي شاهڪار متعلق راءِ ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي. منهنجي راءِ ۾ هڪ تاثراتي سفر نامو آهي، جيڪو هرهڪ پڙهندڙ کي چوڻ تي مجبور ڪندو ته:
”سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو، ٻيا دل وارا وسري ويا“
ڊاڪٽر سليمان شيخ
ڪراچي.
7 جون 1991ع