5
صبح جو اک کلي ڏٺم صاف شفاف روشني ڦهليل آهي. فهميده تيار ٿيڻ ۾ مشغول آهي. مون کي جاڳيل ڏسي چيائين هاڻ جلدي اُٿي تيار ٿي. دل نه چاهيندي اُٿڻو پيو. تيار ٿي ناشتو ڪري اسان ٻاهر نڪتاسين، اتان بس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ وري وڃي تاج ريسٽورنٽ پڳاسين. اسان ٻئي ڄڻيون جنهن بس ۾ ويٺيون سين اها جاءِ ڪنهن ٻئي جي هئي. سامهون واري بيٺل بس ۾ اسان شروع کان ئي سفر ڪيو هو. فهميده مون کي چيو هل ته پاڻ واري بس ۾ هلي ويهون. اسان ٻنهي پنهنجو ٿيلو کنيو اڃا در تي پهتاسين اڳيان مان هئس. اسان کي لهندي ڏسي هيٺ بيٺل سليم ميمڻ زور سان ٻين قافلي وارن ڏي منهن ڪري چيو ڀلا هي ڇا آهي؟ هاڻ بس مان لهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ جيڪو جت ويٺو آهي اُت ويٺو هجي. مان پوئتي منهن ڪري فهميده کي چيو ته هل ته ماٺڙي ڪري هلي ويهون. هن مهل اِن ڊئريڪٽ دڙڪا پيا آهن متان پوءِ ڊئريڪٽ دڙڪا کائون مان ۽ فهميده واپس اچي سيٽن تي ويهي رهياسين، فهميده چوڻ لڳي، لڳي ٿو ته سليم ميمڻ اسان تي ڪاوڙيل آهي. جنهن تي ذميداري هوندي آهي ان کي ڪم جو احساس هوندو آهي. ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه اسان کي ته ڪلهوڙي صاحب منع ڪئي نه ته هوند اسان هليا وڃون ها.
سکر مان نڪري هاڻ قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو. اسان جنهن بس ۾ سوار هئاسين ان ۾ سڀ خاص مهمان ۽ ڪافي ڀينرون ويٺيون هيون. هاڻ قافلي وارن کي لاڙڪاڻي پهچڻو هو. لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪندي سڀن کي بهه ۽ لوڙهه ياد اچڻ لڳا. ڏڌڙي جيڪا گهورڙيا ٿالن ۾ کڻي وڪڻندا آهن. ان جو ذڪر ڪندي سڀني جي وات ۾ پاڻي اچڻ لڳو. مان چيو ته منهنجي دل ته اوٻاريل بهه جيڪي گهورڙيا مٽن ۾ کڻي وڪڻندا آهن ۽ وٺڻ مهل انهن بهن جي مٿان لوڻ مرچ ٻرڪي ڏيندا آهن مان ته اهي کائيندس. فهميده چيو ته بهه ۽ لوڙهه ته مان ٻارن لاءِ به وٺيو ويندس، سچي بهن ۽ لوڙهن کي اوون ۾ سيڪي پچائي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي. فهميده ڊاڪٽر سليمان کي چيو ادا لاڙڪاڻي ۾ بس کي ضرور بيهارجو اسان اتان بهه ۽ لوڙهه وٺنداسين. ڊاڪٽر صاحب جنهن وٽ ها جي کوٽ ئي ڪا نه هئي، تنهن خوشيءَ سان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
هن بس ۾ اسان کي سهي معنيٰ ۾ مزو آيو. ڇو ته مختلف صوبن جا دانشور ۽ تعليمي ماهر هندستان کان آيل اسان جا اديب هن ئي بس ۾ ويٺا هئا. ڏاڍيون ڳالهيون ٿيون ڏاڍا بحث مباحثا ٿيا. پشاور مان آيل ڀاءُ چيو ته مونکي ته ائين ٿو لڳي ته هت سنڌ ۾ ماحول رهڻي ڪهڻي ۽ غربت اوڙهي آهي جيڪا اسان جي صوبي جي رهواسين جي آهي. بلوچستان مان آيل ڀاءُ چيو ته مونکي ان ڳالهه کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. ته سنڌ جون عورتون ڪيتريون نه بولڊ ۽ همت واريون آهن. اها تبديلي ته سڀ کان سٺي آهي ته چاليهه کن سنڌي عورتون ۽ نياڻيون هن قافلي سان گڏ آهن، پنهنجائپ جو احساس ايترو گهڻو آهي جو اهو احساس ئي نه رهيو آهي ته هت ڪير مرد آهي، ڪير عورت، هڪ خاندان جي فردن وانگر اسان گڏ پيا هلون. سفر جي دوران ياسمين (ڊاڪٽر سليمان جي نياڻي) ڪا ڳالهه ڊاڪٽر صاحب کي چئي جنهن ۾ هن بابا جو لفظ استعمال ڪيو. اُت قيمت هريسگاڻي چيو بابا امان، پڦي، چاچي، ماسي، ڪيترا نه پيارا لفظ آهن. ڪيتري نه محبت ڀريل آهي هنن لفظن ۾ اسان وٽ هندستان جي سنڌين وٽ هي لفظ اوپرا ٿي پيا آهن. هرڪو ممي، ڊيڊي، پپا ۽ آنٽي جا لفظ استعمال ڪندو آهي. اسلام آباد يونيورسٽي مان آيل ڀاءُ سنڌ جي غربت ڏسي حيران پريشان هو. رستي تي هڪ ٻڪرار نظر آيو جيڪو ٻڪرين کي هڪلي پيو پر وٽس ڪا ڏنڊي به هٿ ۾ نه هئي، وات مان آواز ڪڍيائين. ات ويٺل ٻه ڀينرون جن جو تعلق اردو پريس سان هو انهن کي مان چيو ته توهان جي پريس سنڌ جو ماحول اهڙو پيش ڪندي آهي جو لڳندو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص وڏو جاگيردار ۽ زميندار آهي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ باقي سڀ ڌاڙيل آهن هر هڪ جي هٿ ۾ ڪلاشن ڪوف آهي. هاڻ توهان به سڄي سنڌ گهمو پيا. هن ٻڪرار کي ئي کڻي ڏسو هن جي هٿ ۾ لٺ ئي ڪانهي، جيڪا اصولن هن کي کڻڻ کپي ها. توهان سڀني جي واويلا آهي ته ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو، توهان کي سڄي سنڌ ۾ ڪو اهڙو اسڪول ڪاليج نظر ۾ آيو، جنهن جو مقابلو ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن سان ڪري سگهجي، تعليمي معيار جيڪو وڏن شهرن ۾ آهي ان جو ته هي ڳوٺاڻا تصور به نٿا ڪري سگهن. توهان کي حق جي ڳالهه يا برابري جي دعويٰ تڏهن ڪرڻ گهرجي جڏهن سامهون وارا به ان پوزيشن ۾ هجن، ها جڏهن سڄي سنڌ ۾ هڪ جهڙو ماحول، هڪ جهڙا تعليمي ادارا ۽ هڪ جهڙيون بنيادي ضرورتون ميسر ٿي پون ته پوءِ ڀلي برابري جي ڳالهه ڪجي. هت ته زمين آسمان جو فرق لڳو پيو آهي. وڏن شهرن جو رهندڙ خوشحال ماڻهو ته اهو چاهين ٿا ته هن ڳوٺاڻي اٻوجهه ماڻهوءَ جي وات جو سڪل ٽڪر به کسي وٺن، چئي اهو به اسان جو حق آهي.
قافلو جڏهن لاڙڪاڻي جي ٻاهران پهتو ته تمام خوبصورت نموني سان گلن جون ورکائون ڪري قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هر هڪ مهمان جي هٿ ۾ ننڍڙا گلن جا گلدستا به پيش ڪيا ويا. سگا جي لاڙڪاڻي شاخ جو صدر غلام سرور عباسي پنهنجي ساٿين سان گڏ موجود هو. هت لاڙڪاڻي ۾ قافلي وارن جو ميزبان ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي- بي رند صاحب جن هئا. پر ان وقت اهي ڪاٿي ٻاهر ويل هئا. ان جاءِ تي ڊپٽي ڪمشنر جن قافلي وارن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جڏهن لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿياسين ان ويل فهميده وڏي آواز سان چيو هي اٿو لاڙڪاڻو جنهن جي لاءِ ماڻهن اها پروپگيڊا ڪئي هئي ته لاڙڪاڻو هاڻ پيرس ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ جي آمدني لاڙڪاڻي تي خرچ ڪئي وئي آهي. هاڻ ڏسو هي اٿو غريباڻو سريباڻو لاڙڪاڻو. لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جنهن حساب سان لاڙڪاڻي کي ترقي ڪرڻ کپي ها اها به ڪونه ٿي آهي. ٻن اردو پريس وارين ڇوڪرين کي خاص طرح اشارو ڪري فهميده چيو . ڏٺو!! هي لاڙڪاڻو هاڻ سچ لکڻ جي همت اٿو ته لکو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي.
تلخيون، زندگي جون حقيقتون چوندي لهجو به ٿورو ڏکائتو ٿيو وڃي. ڪنهن کي ٻڌائجي؟ ڇا ٻڌائجي. حالتون ته اهڙيون ٿي ويون آهن جو سچ ڪوڙ ۽ ڪوڙ سچ ٿي پيو آهي. ظالم ظلم ڪري به هاءِ گهوڙا ٿو ڪري ته مان ئي مظلوم ته مظلوم ويچارو ڪاڏي وڃي؟ ان جو آواز ڪير ٻڌي؟ ڪير آهي ان اندر ٻاهر جي ڏکن کي ٻڌڻ وارو...... قافلي ۾ گڏ هلندڙ مختلف سوچن جا دانشور اديب ۽ تعليمي ماهر، هر هڪ شهر ڳوٺ ۽ واهڻ جو تجزيو ڪندا پئي هليا. هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته جن ماڻهن جو پيڙهيون هڪ ئي هنڌ دفن آهن. جن ماڻهن جو پاڙون زمين جي پاتال تائين پکڙيل آهن، اُهي ٻين جو ڏک سک سمجهي سگهن ٿا. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ غلط قسم جو ڳالهيون. سچ ۽ حقيقت جو فرق انهن ماڻهن کي ڏاڍو عجيب پئي لڳو . انهن مان ڪيترن ئي اهو به چيو ته اسان پنهنجن صوبن ۾ وڃي هن قسم جو ڪانگريسون ڪوٺائينداسون توهان سڀني کي ات گهرائينداسين. اسان جو پاڻ ۾ گڏجڻ سان ۽ گڏ ويهي ڏکن سکن جو ڳالهيون ڪرڻ سان ئي وچ ۾ پيل هي وڇوٽيون ختم ٿينديون. اسان جي وچ ۾ پيل وڇوٽين جي ڪري غلط پروپيگندا ۽ نفرت جو پرچار ٿئي ٿو. جڏهن اسان سڀ گڏ ٿي پونداسين ته پوءِ ڪنهن کي به همت نه پوندي.
بسون لاڙڪاڻي مان نڪري موهن جي دڙي واري رستي تي تيزيءَ سان هليون پئي ۽ مون دريءَ مان ٻاهر ڏسندي سوچيو پئي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جو ظالم جي ظلم جو خاتمو ٿيندو ۽ هن ڌرتي جي رهواسين جي دانهن سڀني ڪنن وٽ پهچندي. اُهي سڀ جن جو هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان صدين جو لاڳاپو آهي، اُهي ٻين صوبن جا ماڻهو جن جو واسطو هن ڌرتي واسين سان ثقافتي ۽ جذباتي طور هميشه رهيو آهي. ڇا انهن کي اسان وساري ٻيهر اهو ٻڌايون ته اسان ڇا آهيون؟ ڇا هو اسان کي نٿا سڃاڻن؟ ڇا هي انهن جو ڏوهه نه آهي ته هو صدين جو وابستگيون وساري ويٺا آهن؟
هاڻ قافلو جي منزل موهن جو دڙو هئي. موهن جو دڙو يا وري موئن جو دڙو ڳالهه مڙيئي برابر. جت بسون اچي بيٺيون ات هڪ وڏو دروازو هو جنهن تي موهن جي دڙي واري لکت جي نموني ۾ موهن جو دڙو لکيل هو. اندر وڃڻ کانپوءِ ڏٺوسين ته هر هنڌ اهڙوئي لکت جو نمونو استعمال ٿيل آهي ۽ ڏاڍو سٺو پئي لڳو. چئني طرف ساوڪ ڦهليل هئي، گلن جون ٻاريو ۽ وڏاوڻ به هئا هڪ وڏي خوبصورت لان ۾ شاميانا لڳائي قافلي وارن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هو. ريسٽ هائوس جي عمارت ٻاهران چڱي پئي لڳي. هڪ وڏي ديوار تي موهن جي دڙي جي مخصوص نشاني ڍڳو اڪريل هو. قافلي وارن لاءِ اُت آڌرڀائي جملا چيا ويا. اهڙن قافلن جي منعقد ڪرڻ کي ساراهيو ويو. اتان اُٿي قافلي وارن کي چانهه پياري ويئي.
هاڻ وقت ٿورو هو، ۽ گهمڻو گهڻو هو. سڀڪو ٽوليون ٺاهي پئي هليو. ماڻهن جي هڪ گروپ دهل ۽ ڏنڊين وارن ناچ سان قافلي وارن جي آڌر ڀاءُ ڪيو هو. هو مسلسل وڃائڻ ۽ نچڻ ۾ پورا هئا. اتي قاضي منظر حيات پنهنجي ڀاءَ مقصود گل جو تعارف ڪرايو، جيڪو پاڻ شاعر هو. ان مونکي پنهنجا ڇپيل ڪتاب ڏنا اتي ڏٺم ته هڪ ڀاءَ منهنجي تصوير پيو ڪڍي غور سان ڏٺم ته هو هدايت منگي هو. هو ڀاءَ اچي مليو ۽ حيران هو ته مان هتي ڪيئن! کلي چيو مانس بس زماني جا ڦيرا آهن نه ته اسان جي قسمت ۾ ائين گهر مان نڪرڻ ۽ گهمڻ ممڪن ڪٿي آهي. هاڻ ته ڪيترين ڀينرن سان گڏجي ميوزم طرف روانا ٿياسين ات هدايت منگي چيو جيئن ته توهان وٽ وقت گهٽ آهي، ان ڪري مان چاهيان ٿو ته مان توهان کي هلي اُهي اهم هنڌ ڏيکاريان جن جو ڏسڻ تمام ضروري آهي. ميوزم ۾ گهڙڻ سان ئي ديوار تي موهن جي دڙي جي ماڻهن انهن جي رهائش، انهن جي ڪِرتن بابت هڪ خيالي تصوير لڳل آهي. ان تصوير کي ڏسي فهميده سوچ ۾ پئجي وئي. ٿوري دير کان پوءِ چيائين ته هن تصوير ۾ موهن جي دڙي جي رهواسين کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، مردن کي گوڏ يا وري ننڍي لنگوٽي ٻڌل آهي. عورتن جو به لباس صحيح ڪونه ڏيکاريو ويو آهي. اِها ڳالهه ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن موهن جي دڙي مان ڪپهه جي پيدائش ۽ ڪپڙي اُڻڻ جي خبر پئي آهي ته پوءِ ان ڪپڙي کي پائڻ جو نمونو ۽ طريقو به انهن کي ايندو هوندو. وڏي اهم ڳالهه ته اها آهي ته موسم جي لحاظ کان هي حصو گرمين ۾ گرم ۽ سردين ۾ ڪافي سرد آهي. انهن ٻنهي موسمن ۾ بچاءَ جو طريقو ڪپڙا آهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ مزدور ۽ بار کڻندڙ ماڻهو کان ويندي امير ماڻهو تائين هڪ جهڙو مختصر لباس هجي.... مان فهميده کي چيو سچ ٿي چوين موهن جي دڙي جي عورت جڏهن اُن دؤر ۾ رلهي ٺاهي سگهي پئي ته ان کي ڪپڙي پائڻ جو ڍنگ ڇو ڪين هوندو. هونئن به موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جو لباس اُهو عورت جو هجي چاهي مرد جو هجي کليل وڏو ۽ ويڪرو آهي. جنهن مان ستر پوشيءَ جي خبر ملي ٿي. هاڻ اهو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو ته هت اهڙي غلط قسم جي تصوير سالن کان وٺي لڳي پئي آهي. جنهن کي لکين ماڻهن ڏٺو آهي. مان سمجهان ٿي ته اسان سنڌين کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙين ڳالهين تي توجه ضرور ڏيڻ کپي. جنهن مان اسان جي ثقافت کي ضرب لڳندي هجي، ڇا اهڙي غلط تصوير جو هتي هجڻ ضروري آهي.