3
حيدرآباد منهنجو شهر اسان سڀني جو شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ ڪهاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات ٻاهر نڪرندو هو. جهڙو ڪارو پاڻ تهڙي ڪاري رات، چنڊ ستارا به لڪل، هٿ کي نه ڏسي هٿ، هو ڪنهن به ويجهي انسانن جي گهرن تي حملا آور ٿيندو هو. ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو. باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ ئي خالي ڪري هليا ويندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لانگهائو ٿيندو آ، ڇا ڏسي ته مار ڀيڻان گهر سامانن سان ڀريا پيا آهن. ڪلن ۽ رسين تي ٽپڙ ٽنگيا پيا آهن. سڀ ڪجهه جيئن جوتيئن آ پر نه آهي ته اُت انساني مخلوق نه آهي. جڏهن ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته ڪو راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران آهي. هو بهادر شهزادو پوئتي وري ٿو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي بهادري سان ان راڪاس جو انت ٿو آڻي.....
پر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ته ڳالهه ئي ابتي آهي. راڪا س هڪ نه پر سوين هزارين آهن. هو ڏينهن جي روشني ۾ حمله آور ٿين ٿا. هو انسانن کي مارين ٿا. گهرن گهاٽن جو سمورو سامان ٻهاري ٿا وڃن، جيڪا شيءِ نٿا کڻي سگهن، ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪري ٿا ڇڏين. هو جيڪي رهزن ظالم ۽ خوني آهن سي ڪنهن کان به ڪونه ٿا ڊڄن. اسان کي توهان کي ۽ ”هُن کي“ سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن؟ هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين؟ سڀڪو چپ آهي. ٻڌي ڪونهي، ساٿ سمر ڪونهي. عام ماڻهو ڊنل ۽ پريشان آهي. ڄڻ ته واري جي انتظار ۾ آهي، ڪڏهن ٿو ڪات انهن جو ڪنڌ ڪوري..... هي منهنجو حيدرآباد جنهن جي گهٽين ۾ بي خوفي سان سڀڪو گهمندو هو اڄ ات گهر مان نڪرڻ محال آهي. ٽوپي اجرڪ پائڻ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ڄڻ گناهه آهي. هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پايو رت جي راند کيڏندا پيا وتن، ڊنل لاوارث ماڻهو شايد انتظار ۾ آهن، ڪنهن شهزادي جي جيڪو ايندو اچي سڀ سور لاهي ويندو. ڪڏهن ايندو اُهو شهزادو؟ ايندو به الائجي نه؟ شهزادا به ته واندا ڪونهن هو به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن.
شهزادا به اچي ڇا ڪندا. اسان ته، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي اٿئون. پنهنجن گهرن ۾ پاڻ کهاٽ هنيا اٿئون. اسان جا شاعر اديب چون ٿا جاڳ ڀٽائي جاڳ وري ٿا چون جاڳيا آهن، دودا، دريا خان ۽ بلاول سڀ سور لاهيندا. اسان جا ماڻهو ٻانهن سيرائيندا ڪيو ستا پيا آهن. هو انتظار ۾ آهن ته ڀٽائي، دودو، دريا خان ۽ بلاول قبر مان نڪري اچي هنن جي واهر ڪندا. پاڻ انهن کي ڪجهه به ناهي ڪرڻو. نوان سورما انهن مان پيدا ئي ناهن ٿيڻا. وري چوي ڪو اديب سڌي سنئين ڳالهه ته چون اديب امن جو پيامبر آهي هو ماڻهن کي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي ته اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪير حمله آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همٿ هئڻ کپي. قوم جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ آهي ڪو جو هن ڏتڙيل قوم جي مٿي تي هٿ رکي؟ اهڙا ڪيترائي بي ترتيب ۽ ڇڙو ڇڙ خيال منهنجي ذهن ۾ ايندا رهيا. تان جو خبر پئي ته ميوزم اچي ويو آهي.
سنڌ ميوزم ۾ ڀاءُ ظفر ڪاظمي قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ ميوزم ۾ به سنڌالاجيءَ وانگر سنڌ جي ثقافت جو نماءُ ٿيل آهي. هڪ سنڌي گهر جو مڪمل ماڊل اُت ٺهيل آهي. سامان اهڙي ته ترتيب سان رکيل آهي جو ڏسندڙ کي سٺو پئي لڳو. کٽ تي ويٺل سنڌي ماڻهو، پينگهي ۾ ويٺل سنڌي عورت، ٻار ۽ ڪم ڪرڻ واري مائي، خوبصورت ترتيب سان ڪمرو سجايل هو .گهر جي سامهون زنجيرون لڳل هيون جيئن عام ماڻهو ان ڪمري کي ٻاهران ڏسن پر اندر نه وڃن ان وقت خبر نه آهي ڇو منهنجي دل چاهيو ته مان ان ڪمري ۾ اندر وڃان ۽ انهن مجسمن سان وڃي تصويرون ڪڍرايان مان جڏهن ان خيال جو اظهار ڪيو ته ات بيٺل سرتين به ها ۾ ها ملائي. مان به همت ڪري زنجير مٿي ڪري وڃي کٽ تي ويٺل ماڻهو (مجسمي) سان گڏ ويهي رهيس. ات شمع کيبر منهنجا فوٽو ڪڍيا. مونکي ڏسي نسرين، پروين سومرو، نسرين حيدري ۽ ٻيون ڀينرو ۽ ڀائر اندر هليا آيا. انهن به اتي ويهي تصويرون ڪڍرايون. مان پينگهي ۾ ويٺل عورت سان گڏ تصوير ڪڍرائي. ان وقت ڪنهن ڀاءُ چيو هي سڀ مجسما آهن، تڏهن ته سڀ عورتون ويٺيون انهن سان تصويرون ڪڍرائين. اگر اصل ۾ هي مرد ۽ عورتون هجن ها ته اهي سڀ انهن جي ويجهو ئي نه وڃن جا، اُت بيٺل هڪ ٻئي ڀاءُ چيو هي به ته ويجهو ئي نه وڃن ها پر کٽ تي ويٺل ماڻهو به هنن کي گڏ ويهڻ نه ڏي ها. اهڙي طرح سان کل ڀوڳ ٿيندي رهي، اُتان نڪري اسان سڄو ميوزم گهميو.گهمندي گهمندي شمع خيبر ٻڌايو ته هن ميوزم جي پٺئين طرف سنڌ جي هڪ ڳوٺ جو مڪمل ماڊل ٺاهيو ويو آهي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته مان سڀني مهمانن کي هت وٺي وڃان ۽ ڳوٺ گهمايان مان شاهده گهانگهرو، خورشيد عباسي شمع سان گڏ وياسين. اڃان ٿورو اڳتي ٿياسين ته سامهون ڪيترائي گروپ ڳوٺ گهميو موٽيو پيا اچن. شمع کيبر يڪدم رڙ ڪري چيو اڙي هي سڀ ته اسان کان پهريان پهچي ويا ۽ گهمي به آيا. ڏس مونکي هروڀرو چيو اٿائون ته مان سڀني کي گهمايان. اڄ ڪلهه ڪنهن کي به ڪنهن جي ضرورت نه آهي اسان ڏي منهن ڪري چيائين توهان سان گڏ مان هلان؟ اسان چيوس ها ها ڇو نه اسان کي ته تنهنجي جي ضرورت آهي، توکان سوا اسان به ڪو نه وينداسين. اسان ميوزم جي پٺيان ٺهيل ڳوٺ جو ماڊل گهميو. هڪ طرف ننڍڙي ڍنڍ نار، گهاڻو ۽ اوطاق هئي ته ٻئي طرف هڪ اميراڻو، باقي ٻيا غريباڻا گهر ٺهيل هئا. چو طرف هرڻين پئي ڇانگون ڏنيون. ڪڪڙيون ۽ هڪ عدد ڪتو به نظر آيو، ڪچا گهر، منهه ٺهيل، سڪل وڻ بنڊيون هڪ مڪمل تصوير هئي سنڌ جي ڳوٺن جي غربت جي ... مان سوچيندي رهيس، اسان جي سنڌ ۾ هزارين اهڙا ڳوٺ آهن، جتي جا رهواسي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن، سنڌ جي ڳوٺ معنيٰ غربت بک... هزارين ماڻهو انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن. انهن جي گهرن ۾ اگر سڪو اٽو به آهي ته شڪر ڪن ٿا ته ان اٽي مان ڍوڍو پچائي هو رکو يا لسيءَ لپ سان کائي پيٽ ڀريندا. باقي رهيا وڏا شهرته ات هر قسم جا مزا آهن. نوڪريون به آهن ته مزدوري به جام آهي. هڪ مزدور به ڏهاڙيءَ سو ڏيڍ سو ٿو ڪمائي، منجهند جي مانيءَ ۾ برياني ٿو کائي چڱو گهر اٿس. ڳوٺاڻو سنڌي ويچارو پيٽ بکيو ۽ انگ اگهاڙو، پنهنجي اولاد کي ڪشالن سان ڪجهه تعليم ڏياري ٿو. اهو سنڌي نوجوان جڏهن شهرن ۾ اچي ٿو ۽ روزگار سان لڳي ٿو، چاهي اها ڪلارڪي آهي يا وري آفيسري شهري ماڻهو جي اک جو ڪنڊو ٿي ٿو پوي. اُهو شهري نفرت جي نگاهه سان اُن ڳوٺاڻي کي ڏسي ٿو. اهو شهري ماڻهو جنهن جو پيٽ به ڀريل آهي ۽ کيسا به ڀريل آهن اُن ڳوٺاڻي جي هٿ مان اُهو اڻڀو سڻڀو ٽڪر به کسڻ چاهي ٿو. ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ مختلف قسم جون هلائون ڪندو رهي ٿو. حرفتون هلائيندو رهي ٿو. اسان سنڌ جا رهواسي ائين ته ڪونه هئاسين. سنڌين جو اصل نسل ته موهن جو دڙو آهي، جتي نقشي مطابق پڪا گهر هئا، يونيورسٽيون ڪاليج سڀ ڪجهه هو پڙهيل لکيل محنت ڪش سنڌي هن حيثيت ۾ ڪيئن پڳا؟ ٿورو ڏوهه ٻين جو پر گهڻيون ڪوتاهيون سنڌين جون پنهنجون آهن. منهنجي ذهن ۾ خيالن جي پٺيان خيال ايندا رهيا . زهريلا ۽ ڏکوئيندڙ، بس سنڌين کي کپي ته هو اِن ئي حال ۾ رهن اهڙن ئي ڳوٺن رهن. هن ايٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ انهن کي ڪا به چڱائي نه ملڻ گهرجي. دنيا جي سڀني خوشين جا دروازا انهن لاءِ بند هجڻ گهرجن اِِهو سڀ ڪجهه سوچي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا مان نڪري ٻاهر بيٺل بس م اچي ويهي رهيس مان نه پئي چاهيو ته ان حالت ۾ مونکي ڪير ڏسي. ٿوري دير کان پوءِ ڪجهه ڀينرون آيون ۽ اچي بس ۾ ويٺيون ۽ پنهنجو سامان هٿيڪو ڪرڻ لڳيون. منهنجو ذهن ٿورو هلڪو ٿيو ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳس. گهڙيءَ ۾ سڀ بسون ڀرجي ويون ۽ هي قافلو پنهنجي اڳيئن منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. قافلي کي هاڻي ڀٽ ڌڻي۽ تي حاضري ڏيڻي هئي. ڀٽائيءَ سان سنڌين جي ذهني وابستگي آهي. بس ڪجهه آهي جيڪو شاهه سائين سان اسان کي ڳنڍيون ويٺو آهي. شاهه عظيم شاعر آهي، شاهه دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، بس خبر نه آهي ته شاهه ڇا ڇا آهي. سچ پچ وڏو سچ اهو آهي ته شاهه سائين سنڌين جوسرواڻ آهي. ڏکن سکن جو ساٿي آهي. هر واٽ جو رهبر آهي. سنڌي اديبن جي ته شاهه سائين سان ايتري وابستگي آهي جو ڪوبه ذڪر ٿيندو ڪا به ڳالهه ٿيندي شاهه سائين جو حوالو ضرور ڏنو ويندو آهي، شاهه لطيف هن ڀٽ جو ڌڻي جت حاضري ڏيڻ سان روح ڌڪيو وڃي. اندر ۾ عجيب قسم جي پنهنجائپ ۽ بيچيني جي لهر اچيو وڃي. مان شاهه سائين وٽ ننڍپڻ کان وٺي تمام گهڻيون حاضريون ڏنيو آهن. هاڻ به جڏهن اسان کي پري کان مزار جو قبو نظر آيو ۽ تاڙين جي آواز ۾ سڀني گڏجي زرينه بلوچ سان ڳائڻ شروع ڪيو آهي ”ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجون تو پڄايون“ نه پڇيو ان وقت اندر جو ڇا حال هو. جيئن جيئن پئي مزار ويجهو اچي تيئن تيئن آوازن ۾ جوش ۽ جذبو وڌندو پئي ويو. شاهه لطيف اُن زماني ۾ پئدا ٿيو. جڏهن سنڌ ۾ اڄ جي دور وانگر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هيو. لڳي ائين ٿو ته سنڌ جي ڌرتيءَ ڪڏهن به سک جو ساهه نه کنيو آهي. سنڌ جو هي عظيم شاعر 1689ع ۾ پيدا ٿيو. سندن جاءِ پيدائش ڀٽ شاهه جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ هالا حويلي آهي. جت هاڻ ٿورڙا گهڻا کنڊر وڃي بچيا آهن. چئني طرف زمينون پوکيل آهن. ڪجهه سال اڳ اُهي کنڊر مون ڏٺا هئا. اڄ آهن به الائجي نه؟ منهنجي گذارش آهي، سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر جي کاتي کي ته اُن جاءِ کي هو قبضي ۾ وٺي ان جي مرمت ڪرائين. اُن تاريخي ورثي کي بچائڻ اُنهن جو فرض آهي. اُن وقت برصغير ۾ اورنگزيب عالمگير جي حڪومت هئي. شاهه لطيف پنهنجي شاعري جي حوالي سان هڪ تاريخ لکي آهي، هڪ پيغام ڏنوآهي. هو پاڻ موسيقيءَ جي فن جا ماهر هئا. اُنهن ڪيترائي ساز ايجاد ڪيا، جن ۾ تنبورو به شامل آهي. شاهه لطيف سڄي سنڌ پيرين پنڌ گهميو. سنڌ جا سور پنهنجين اکين سان ڏٺائين، تڌهن ته سندس شاعريءَ ۾ ايڏو جولان آهي. 1752ع ۾ سندن وصال ٿيو ۽ کين ڀٽ تي ڪراڙ جي ڪپ وٽ دفن ڪيو ويو. سندن مزار جي تعمير ان وقت جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي ڪرائي_ لطيف سائين جي مزار تي قافلي وارن حاضري ڏني. اتان وري مان ۽ فهميده لطيف سائين جي والد شاهه حبيب جي مزار تي وياسين. اتان ٿي جو ٻاهر نڪتا سين ته سامهون هڪ مائي اسان کي سڏ ڪري چيو: ”امان پاڪن وٽ به پير ڀري وڃون“، فهميده پڇيو ان پاسي ڇا آهي؟ مان ٻڌايومانس ته بيبين جو قبرستان پٺين پاسي کان آهي ۽ عورتن کانسواءِ اوڏانهن ڪير نه ويندو آهي. جڏهن اسان ان مائيءَ جي ويجهو وياسين ته فهميده منهنجو هٿ پڪڙيندي چيو ٻيون سڀ اچن ته پوءِ ٿا هلون. هن مائيءَ به بيٺي ڳالهايو ۽ بيبين جي قبرستان بابت پئي ٻڌايائين. جهٽ گذري ته مان فهميده کي چيو ته ٻين جو انتظار ڇو ڪيون اچ ته اندرا ٿي اچون. فهميده منهنجو هٿ اڃان به وڌيڪ زور سان پڪڙيو ۽ چيائين ترس ٻين کي اچڻ ڏي. اچانڪ اسان کي ڪنهن سڏ ڪيو. فهميده چيو هل ته واپس هلون. مان جواب ۾ چيو ته هل ته اندران تڪڙا ٿي پوءِ ٿا هلون. آخر فهميده کان رهيو نه ٿيو. مونکي چيائين هن عورت جي چهري کي غور سان ڏس هاڻ جو مان غور سان ڏٺو، هئي ته اسان جهڙي عورت مگر چهري تي ايتري وحشت ۽ سختي هئس منهنجي اک اُن جي چهري تي بيٺي ئي ڪانه فهميده مونکي ٻانهن کان ڇڪيو ۽ اسان تڪڙا تڪڙا واپس ٿياسين. پٺيان ان عورت الائجي ڇا ڇا پئي چيو. ويچاريءَ کي ڪجهه پئسن جي اُميد هئي، ٿورو اڳتي هلي فهميده مونکي چيو، مان ته شروع ۾ ئي اُن عورت جي چهري کي ڏسي ڊڄي ويس تڏهن ته توکي پئي چيم ته ترس ته ٻيون اچن. دراصل مان اندر وڃڻ ئي نه پئي چاهيو، مان فهميده کي چيو غربت، بک مٿان وري ڏينهن رات قبرن جي وچ ۾ رهڻ پوءِ ڀلا شڪليون اهڙيون نه ٿينديون ته ڪهڙيون ٿينديون. مان ۽ فهميده عمر بن دائود پوٽو ۽ عبدالحسين سانگيءَ جي مزارن تان ٿيندا وڃي شاهه لطيف جي هجري طرف نڪتاسين ننڍڙين ڇتين ۽ ننڍڙن دروازن وارو هجرو جت شاهه لطيف جو استعمال ٿيل پلنگ به رکيل آهي. اِهو سڀ ڪجهه ڏسندا اسان موٽ کاڌي وڃي بسن ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح سان ڀٽ ڌڻيءَ تي حاضري ڏئي قافلو پنهنجي اڳئين منزل ڏانهن روانو ٿيو.
هاڻ قافلي جي منزل هالا شهر هو. هالا شهر جيڪو علم و ادب وارن جو، پيرن ۽ مريدن جو شاعرن، اديبن جو شهر اڄ به پنهنجي اوج جا آثار کنيو بيٺو آهي. هالا۾ قافلي وارن کي منجهند جي ماني کائڻي هئي. پر جيئن ته قافلو ڪراچيءَ مان ئي دير سان نڪتو هو، ان ڪري ان کي هالا پهچندي تقريبن ساڍا چار ٿي ويا هئا، روشن تارا اسڪول جيڪو سنڌ گريجويٽ ايسوسيئيشن جو ئي قائم ڪيل آهي. ات سڄي قافلي جي ماني ۽ ويهڻ جو انتظام هو. قافلي جي پهچڻ تي انهن وڏي اڪير سان آڌر ڀاءُ ڪيو، مردن جو الڳ انتظام هو عورتن جو الڳ. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻين قافلي جي سڀني عورتن کي وٺي ڪلاس رومس ۾ ترتيب ڏنل ڪرسين تي ويهاريو. هو ويچاريون به ڏاڍيون ٿڪل پئي لڳيون، انتظار کان وڌيڪ ڪو عذاب ڪونهي، شابس آ انهن ويچارين کي جيڪي صبح کان وٺي انتظام ڪرڻ ۽ پوءِ اسان جي انتظار ۾ ويٺيون هيون. هڪدم گرم گرم ماني ٽيبلن تي لڳائي وئي. ماني کائي اسان سڀ آرام سان ٽنگون ڊگهيري ڪرسين ۽ صوفن تي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. اڃان سفر وڏو هو منزل گهڻي هئي. فهميده ته اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي سان ڳالهائڻ ۾ پوري هئي. منهنجا ڪن به ان پاسي هئا. ان هيڊ ماسترياڻي جيڪا پاڻ به نوجوان هئي تنهن ٻڌايو ته گذريل سال تائين هالا شهر جون نياڻيون ڇوڪرن جي ڪاليج ۾ پڙهنديون هيون، ڳوٺاڻو ماحول هئڻ جي باوجود به ٻن سون کان وڌيڪ نياڻيون اُت پڙهنديون هيون. هن سال کان گرلس ڪاليج قائم ٿيو آهي، پر افسوس اُت ٻاهريون اسٽاف رکيو ٿو وڃي، جيڪو ٿورن ڏينهن کان پوءِ بدلي ڪرايو وڃي. ائين ڇوڪرين جي تعليم رُلي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته شهر ۾ ٻه چار نه پر پنج ڇهه سئو ايم اي پاس ڇوڪريون ويٺيون آهن. جيڪڏهن حڪومت هن ڪاليج کي واقعي هلائڻ چاهي ٿي ته مقامي ڇوڪرين کي نوڪريون ڏئي. فهميده جي پڇڻ تي ان ٻڌايو: هن وقت ملڪ جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۾ هالا شهر جون سٺ کان وڌيڪ ڇوڪريون پڙهي رهيون آهن، ٿوري دير کانپوءِ مان ادي سلميٰ (ڊاڪٽر سليمان جي گهر واري) ادي فوزيه، ادي فوزيه جي ڀيڻ اڱڻ ۾ پيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين. عورتن جون تنظيمون ۽ انهن ۾ عورتون ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اِهي سڀ ڳالهيون اسان جو موضوع هئا. ادي سلميٰ ڏاڍي بيچين هئي. هن چاهيو پئي ته هوءَ پنهنجي گهر وڃي ۽ وڃي پنهنجن مائٽن سان ملي اچي. سندس ڪجهه مائٽ اُت به بيٺا هئا. مون کي ٻڌايائين پئي فلاڻو منهنجو مامو آهي، هو منهنجو سوٽ آهي، هو منهنجو ماروٽ آهي، ياسمين پنهنجي والده کي پئي چيو توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته وڃو، وڃي ٿي اچو، پوءِ دير ٿي ويندي. ادي سلميٰ دل من پئي هڻي، اسان کي ڇڏي وڃڻ به نه پئي چاهي. اِهو به پئي چوي الا امان بابا ڇا چوندا ته هالا آئي به ۽ منهن به ڪونه ڏيکاري وئي. اُن وقت گرم گرم چانهه ٺهي آئي ان وقت چانهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. چانهن ايترو ته مزو ڏنو جو اسان چانهه جا ٻه ٻه ڪوپ پي وياسين. پيئندي ۽ ڪچهري ڪندي وقت جو احساس ئي نه رهيو ته سڏ شروع ٿي ويا. هلو هلو هاڻي بسن ۾ هلي ويهو. اسان سڀني اُٿڻ جي ڪئي، سامان سنڀاليو. اڃان در تائين مس پهتاسين ته خبر پئي ته هڪ بس ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي، اها اسٽارٽ ئي ڪانه پئي ٿئي. اسان کي حڪم مليو ته واپس هلي ويهو. اسان جڏهن واپس آياسين ته فهميده چيو ته سلطانه هلو ته هالا بازار مان ڪجهه خريدار ڪريون هاڻ ته ڪافي وقت آهي. خبر نه آهي ڪيڏي مهل بس ٺهي اسان وڃي ادي سلميٰ کي پروگرام ٻڌايو ۽ هوءَ به هلڻ لاءِ تيار ٿي. اهڙي طرح سان ليليٰ، وينا شرنگي، فوزيه، نسرين، پروين سومرو ۽ ٻيون ڪيتريون ڀيڻون هلڻ لاءِ تيار ٿيون. ات ادي سلميٰ وري پريشانيءِ مان چيو هالا ۾ ته مان برقعو پائيندي آهيان. ٻاهر ڪيئن هلان، ياسمين (سندس نياڻي) چيو هتان جي ماسترياڻين مان ڪنهن جو برقعو وٺي ڏيانءِ. ادي سلميٰ هڪدم چيو ڀلا ڇا ٿي پيو سڀ گڏجي پيو هلون. ڀلا مان ٺهندس جو وچ ۾ برقعو پائي پئي هلان. وڏيون چادرون ته هونئن اسان کي اوڍيل آهن. مان مذاق ۾ کلي چيو مانس، نه نه توهان کي برقعو پائڻ کپي توهان تمام سٺا لڳندا. اهڙي طرح سا ن اسان کلندا ڳالهائيندا ٻاهر نڪتاسين. مان ۽ فهميده هڪ گاڏي ۾ ويٺاسين. ادي سلميٰ، وينا شرنگي، ليليٰ ۽ ٻيون ڀينرون هڪ وين ۾ وڃي ويٺيون. اسان نڪتا جو الڳ هئاسين ته مختلف دڪانن تي وڃي پڳاسين. فهميده پنهنجن ڌين لاءِ سوسيءَ جا جوڙا ۽ پنهنجي گهرواري لاءِ کاڌيءَ جا ڪپڙا ورتا. ٿوري گهڻي خريداري ڪري اسان واپس آياسين. واپس اچڻ کانپوءِ خبر پئي ته مون واري ليليٰ ته اڄ الله ڏي پئي وئي. ٿيو ائين جو ليليٰ جيڪا جسم ۾ ٿوري صحتمند آهي. ٻيا ته سڀ وين ۾ تڪڙا تڪڙا چڙهي ويا، ۽ هو آخر ۾ چڙهي. وين واري سمجهو ته شايد سڀ ويهي رهيا آهن، سو ان کڻي وين هلائي، ان وقت ليليٰ جو هڪ پير اندر هڪ پير ٻاهرهو. بس قدرت هئي جو ليليٰ کي عقل اچي ويو هن مضبوطيءَ سان وين کي جهلي ورتو. وين ۾ به ويٺلن هن کي پڪڙي ورتو ۽ وٺي رڙيون ڪيون، جنهن تي وين واري وين کي بيهاريو. ليليٰ هن واقعي کان پوءِ ماٺ ٿي ويئي. هوءَ ويچاري منهنجي ڪري آئي هئي. هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ منهن تي ڳنڊ پيو هو. ڪجهه ڪڇي ته نه پئي پر اهو محسوس ٿيو پئي ته هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس پئي ڪري. ڀلا مان به ڇا ڪريان. مان به ته هن سان گڏ ويهي نه پئي سگهان. هت قافلي ۾ هلندڙ کوڙ ساريون منهنجون ساٿياڻيون هيون. مان سڀني سان ڪچهري پئي ڪئي. مان پنهنجي طبيعت کان مجبور هئس ۽ هوءَ پنهنجي طبيعت کان مجبور هئي. هاڻ بس به تيار ٿي چڪي هئي. قافلو پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو پئي ٿيو. قافلي کي هاڻ موري پهچندي رات جا ساڍا نوَ ٿي چڪا هئا. هاڻ ٿڌ به وڌي وئي هئي. سڀني سوئيٽر ۽ شالون ڪڍيون ۽ پاتيون. موري ۾ قافلي جو آڌر ڀاءُ اتان جي سگا جي ميمبرن ۽ روشن تارا اسڪول وارن ڪيو. هالا روشن تارا اسڪول جي عمارت ڪافي وڏي هئي. موري واري اسڪول جي عمارت به ڪافي ڪشادي هئي. اها ڳالهه ته واضح آهي ته سگا هڪ سماجي ادارو آهي. خاص طرح انهن جيڪي اسڪول کوليا آهن اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. سچ به ته اهو آهي ته ڪنهن به قوم ۾ اگر خوشحالي آڻڻي آهي، يا سجاڳي آڻڻي آهي ته ان لاءِ پهريون قدم علم آهي. علم شعور پيدا ڪري ٿو. علم سان انسان کي حق ۽ ناحق جي خبر پوي ٿي. ائين کڻي چئجي ته علم اهو سنڌو آهي، جنهن سان قومون پنهنجا طرف ۽ لاڙا مقرر ڪنديون آهن. اسان جي سنڌ ۾ اڃان به تعليم جي کوٽ آهي. خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي. سگا وارن جا هي اسڪول ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. هي ته اڃا ابتدائي قدم آهن. اهڙا ڪيترائي قدم اڃا به کڻڻا آهن، منزلون ماڻڻ لاءِ پنهنجي قوم کي سڌارڻ لاءِ، جاڳرتا جي جوت لاءِ اڃا به گهڻيون علم جون روشنيون ڦهلائڻيون آهن....... روشن تارا اسڪول ۾ اندر کليل ميدان ۾ ويهڻ جو انتظام هو. سچل سرمست جي شعر سان سجايل خوبصورت آجيان وارا بينر لڳا پيا هئا ات قافلي وارن لاءِ چانهه جو انتظام هو. اها چانهه قافلي وارن کي شام جو پيئڻي هئي، جيڪا اسان رات جو ڏهين وڳي پيتي، وقت جو ته ڪو احساس ئي نه رهيو هو، قافلي وارن لاءِ رات ۽ ڏينهن هڪ ٿي پيا. جيئن ته ڪافي گهڻو سيءُ هو ۽ ميدان به کليل هو، ان ڪري ڪيتريون عورتون ڪرسيون سيري وڃي ويرانڊي ۾ ويٺيون. سگا جي موري جي ميمبرن، ڊاڪٽر سليمان شيخ، گوبند مالهي، قيمت راءَ، وينا شرنگي، ننڍڙو ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو، انهن سڀني پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. تقريرون ٻڌي هاڻ قافلو ڀريا روڊ روانو ٿيو. موري مان جڏهن بسون روانيون ٿيون ان وقت ڊاڪٽر سليمان شيخ، سليم ميمڻ، برڪت علي چوهاڻ، ممتاز علي ڪلهوڙي ٻين اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ عورتن جي الڳ بس نه هجي رات جو پهر آهي، حالتون به صحيح نه آهن، اُن ڪري هاڻ عورتن جي بس ۾ ڪجهه ڀائرن جو هجڻ ضروري آهي، فهميده خورشيد عباسي، فوزيه ميمڻ، شاهده گهانگهرو، نسيم ۽ انيس حيدري مونکي ۽ ٻين ڪجهه ڀينرن کي لاهي ٻي بس ۾ ويهاريو ويو ۽ اسان جي جاءِ وڃي ڪن ڀائرن ورتي. هاڻ اسان ان بس ۾ هئاسين، جنهن ۾ سڀ خاص مهمان هئا. رات جو وقت هو چئني طرف خاموشي ڦهليل هئي. بسون پنهنجي سفر تي روانه هيون. مان ۽ فهميده ڪچهري ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، اهو سڄو ڏينهن مان ۽ فهميده گڏ ويٺا هئاسين. سفر جي دوران اسان ٻنهي ڏاڍي سٺي ڪچهري ڪئي.اندر جا حال اورياسين پنهنجون ڳالهيون ٻچڙن جو ڳالهيون، بس اسان پنهنجو اندر ڪڍي هڪ ٻئي جي سامهون رکيو هو. زندگيءَ جي انيڪ خوبصورتين، بدصورتين ڏکن سکن جو ڳالهيون اسان پاڻ ۾ ويهي ڪيون. هونئن به فهميده مان پاڻ ۾ گهڻا ٺهندا آهيون. اڪثر جڏهن فون تي ڳالهائيندا آهيون ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇٽو. اڄ به اسان کي موقعو مليو هو حال اورڻ جو. انيڪ ڳالهيون ڪندي ڄڻ ته هانو ئي هلڪو ٿي پيو هو. ڪن ڳالهين ڪندي اسان جا ٽهڪ پئي نڪتا ته ڪي ڳالهيون ڪندي اسان جا پبڻ پئي ڀڳا، وقت ۽ حالتون انسان کي ڪيترن ئي موڙن تي وٺي ٿيون وڃن. ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جهڙيون نه سلهڻ جهڙيون، پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته پوءِ دفتر کليو وڃن. سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا، لکندڙ به ته هن معاشري ۾ رهندڙ هڪ فرد آهي، هڪ حساس ۽ ڏات رکندڙ فرد جي حوالي سان هو ٻٽيون ڀوڳنائون ٿو ڀوڳي، پاڻ تي ٿيندڙ ڀوڳنائون هو هڪ ته لکي نه ٿو سگهي. اگر لکي به ٿو ته حوالا ٻين جا ٿو ڏئي ۽ ڪردارن جا نالا ٿو مٽائي ايترو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به اگر ڪير ان لکت کي سمجهي وڃي ته هي ڪنهنجي لاءِ لکي ويئي آهي ته پوءِ سائين بس مصيبت، لکندڙ جو بُج بُج پٽيو ٿو وڃي. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي ته دنيا جون ڳالهيون لکو، پرايا سور پٽيو پر پنهنجي ڳالهه نه ڪيو پنهنجا سور نه سليو، پنهنجو هانءُ کولي ڪنهن کي نه ڏيکاريو.
ڀريا ڏانهن ويندي واٽ تي قافلي وارن کي هڪ وڏو ايڪسيڊنٽ نظر آيو. ڪجهه پوليس وارا ۽ ڳوٺاڻا اُتي بيٺا هئا. اسان مان هر ڪنهن جي دل ۾ اهو هٽڪو هو ته الائي ڪير هئا؟ الائجي ڪهڙي حالت ۾ هوندا؟ اسان مان ڪيترن بس جي درين مان جهاتي پاتي ٻاهر ڏٺو ٻاهر انڌوڪار لڳي پئي هئي، حادثو ٿيل گاڏي بيٺي هئي ۽ اسان جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو هو. دنيا جي هن وهندڙ وهڪري ۾ جيڪو بيهي ويو بس اُهو بيٺو ئي رهيو. وقت جا قافلا پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هوندا آهن. ڪير به ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري. قافلي وارن کي سڄي ڏينهن جو ٿڪ، ننڊ جوغلبو، سڀڪو ماٺ ڪيو پنهنجي سيٽن تي ويٺو هو، آخر ڀريا روڊ به اچي ويو. وسيع ڪشادي بنگلي جي چوڌيوار اسان جون بسون اندر هليون آيون. پري کان ئي شاميانه نظر آيا. ويجهو اچڻ تي ڏٺو سي ته چئني طرف صاف سٿرا کٽن تي هنڌ وڇايا پيا هئا. بنگلي جي اندر عورتن جي لاءِ انتظام هو. ڀريا ۾ قافلي جو ميزبان مراد علي شاهه هو. رات جو وقت، ٿڌ جو زور، ٿڪ ۽ ننڊ، رات جا ٻارنهن ٿي چڪا هئا. دل پئي چاهيو سوڙن ۾ گهڙي خاموشيءَ سان سمهي پئجي. ان ويل حڪم ٿيو ماني تيار آهي، اها اچي کائو هاڻ ڀلا ڇا ڪجي؟ پيٽ ۾ ته گنجائش ئي ڪانه هئي، پر اخلاقن ساٿ ڏيڻو هو. ٻاهر هڪ وڏي شامياني ۾ مانيءَ جو انتظام هو. مان السر جي مريض هلڪي کاڌي کائڻ واري. ڏسندي ويس کاڌي کي ته من منهنجي کائڻ جي ڪا شيءِ هجي. کاڌي ۾ طعامن جو تعداد ايترو ته گهڻو هو، جو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا کائجي. اهو ڪهڙو طعام هو جيڪو موجود نه هو. مان به ڪڪڙ جو اڇو ٻوڙ ۽ ٿورا چانور کڻي وڃي ڪنڊ ورتي. ڏٺم هر ڪنهن پئي چيو بک ڪانهي پر کائڻ ۾ سڀ پورا هئا. ماني به ڏاڍي لذيذ هئي. سفر ۾ هونئن به هروڀرو کائڻ لاءِ دل چوندي آهي ۽ جت هجن اهڙا طعام ۽ بندوبست ته پوءِ ڪير ٿو چپ ڪري ويهي. ات ڪن ڀائرن ائين چيو ته اسان جي کائڻ جي رفتار اها رهي ته پوءِ اسان جي هاضمن جو ڇا حال ٿيندو؟ڪن ائين به پئي چيو هاڻ ته کائي وٺون پوءِ جي ڳالهه پوءِ ڏٺي ويندي. وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ ته رڳو ڀاڄيون پئي کاڌيون. ماني کائي اسان اندر وڏي هال ۾ ڪرسين ۽ صوفن تي اچي ويٺاسين، اسان ته هئاسين حڪم جا بندا ۽ اسان تي حڪم هلائڻ وارا هئا مظهرميمڻ ۽ سليم ميمڻ. سڀ کان پهريون مهمانن لاءِ بندو بست ڪيو ويو. وينا شرنگي ۽ سندس ڀيڻ کي ڪمرو ڏنو ويو. هو پنهنجا ٽپڙ کڻي ڪمري ڏانهن روانيون ٿيون. اسان به پنهنجي واري جو انتظار پئي ڪيو، جهٽ کان پوءِ سليم ميمڻ مونکي سڏ ڪيو ۽ چيائين ويناشرنگيءَ واري ڪمري ۾ توهان وڃو. اندر ڪمري ۾ ٽي پلنگ هئا مان به وڃي خالي پلنگ تي قبضو ڪيو. سامان هٿيڪو هڪ جاءِ تي رکي ٽوال کڻي مان باٿ روم ۾ منهن ڌوئڻ ويس، منهن ڌوئي جڏهن ٻاهر نڪتس ته ڏٺم خورشيد عباسي پنهنجي ڀاڻيجي عرفان سان گڏ منهنجي پلنگ تي قبضو ڄمائي ويٺي آهي، توهان هتي ڪئين؟ خورشيد چيو مونکي به هيڏانهن موڪليو ويو آهي. مان خورشيد کي چيو مهرباني ڪري مونتي ظلم نه ڪر، هي ته منهنجو پلنگ آهي. ائين چئي مان تڪڙي ٽپ ڏئي پلنگ تي چڙهي، سوڙ متان ويجهي سمهي پيس. هاڻ خورشيد ويچاري ڇا ڪري. مان به سوڙ مان ليئو پائي سڀ لڪاءُ پئي ڏٺو. ان وقت نسيم حيدري، شاهده گهانگرو ۽ انهن سان گڏ ٻيون به ڄڻيون آيون ات وڇايل قالين تي هنڌ وڇائڻ شروع ڪيا. خورشيد وينا شرنگي جي ڀيڻ کي چيو ته مان توهان سان گڏ سمهان ڇو ته اهو پلنگ ڪافي موڪرو هو. هن خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي. خورشيد منهنجي پلنگ ڏي آئي ۽ منهنجي منهن تان سوڙ لاهيندي چيائين. ادي سلطانه مونکي خبر آهي توهان جاڳو پيا. عرفان کي توهان پاڻ سان گڏ سمهاريو ائين کڻي سمجهو ته توهان جو پٽ امر توهان سان گڏ ستو پيو آهي. عرفان اچي منهنجي پاسي ۾ ستو ۽ منهنجو ذهن وڃي ڪراچي پڳو. مان پهريون دفعو پنهنجن ٻارن کان جدا ٿي هئس. منهنجو پٽ امر ته مون کان سواءِ سمهندو ئي نه آهي. ان کي ننڊ ئي نه ايندي آهي. جيستائين مان ان جي ڀر ۾ نه وڃي سمهان. منهنجي ڌيءُ روماسه به مون کي ياد اچڻ لڳي. اهي سڀ ڳالهيون سوچيندي سوچيندي مونکي ننڊ کڻي ويئي. جڏهن منهنجي اک کلي ۽ ٽائيم ڏٺم ساڍا ڇهه ٿيا هئا. ڪمري ۾ سڀ ستا پيا هئا، صرف خورشيد ڪانه هئي. سمجهيم ته باٿ روم هوندي. گهڙيءَ کان پوءِ خورشيد باٿ روم مان بلڪل تيار ٿي نڪتي. مونکي جاڳيل ڏسي چيائين توهان به اٿي جلدي تيار ٿي وڃو پوءِ وارو نه ملندو ڇو ته باٿ روم گهٽ آهن. مان به تيار ٿيڻ لڳيس تيار ٿي ڪمري مان نڪري وڏي هال ڏي آيس ته فهميده تيار ٿيو، هڪ تول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو اکيون بند ڪيون ويٺي آهي. مان سمجهيو ته ويٺي ويٺي ننڊ کڄي وئي اٿس. اتي ئي فهميده ڇڪون ڏيڻ شروع ڪيون. ڏٺم ته فهميده جي هٿ ۾ ڪافي ٽشو پيپر هئا، مان فهميده کان پوڇيو هي ڇا؟ فهميده ٻڌايو ته کيس سائنس آهي. خاص ڪري صبح جي وقت ذري گهٽ پنجاه سٺ ڇڪون ڏيندي آهي. روزانو هڪ دٻو ٽشو پيپرن جو خراب ڪندي آهي. مان وڃي فهميده جي ڀر ۾ ويٺس. آهستي آهستي سڀڪو اٿڻ لڳو پوءِ سائين قطارون لڳي ويون. هر ڪو پيو چاهي ته هو باٿ روم وڃي ۽ تيار ٿيئي ۽ باٿ روم ۾ اندر ويندڙ وري ٻاهر اچڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ان ويل مان شڪر ڪيو ته اسان ته تيار ٿي وياسين. چانهه ٺهي آئي. فهميده چانهه سان گڏ دوائون پئي کاڌيون. ان کان پوءِ فهميده جيجي زرينه ۽ ٻيون ڪجهه ڀينرون ٻاهر نڪري ويون هاڻ مان فون جي پڇا ڪئي. خبر پئي ته هٿ ڊائريڪٽ ڊائل فون آهي. جيڪو قافلي جي ميزبان پنهنجي خرچ تي لڳرايو آهي. مان بنگلي جي مينيجر کي چيو ته مونکي ڪراچي ڳالهائڻو آهي. ان ويچاري چيو حاضر امان توهان آفيس ۾ هلي فون تي ڳالهائيندا يا مان هت فون کڻي اچان. مان چيو مانس ٿوري دير ترسو مان سوچيو اڃان سويل آهي. ڀل ٻار ننڊ مان اٿن ته پوءِ فون ڪندس. وڏي ڳالهه ته فهميده به پئي اچي ڇو ته ان کي به پنهنجن ٻارن سان ڳالهائڻو هو. خاص طرح سان سندس ڌيءَ ارونا سان ڳالهائڻو هو، جنهن جي ان ڏينهن سالگرهه هئي. فهميده مونکي ٻڌائي چڪي هئي ته ارونا ڏاڍي اداس هئي، ڇو ته فهميده جو گهر وارو به ملڪ کان ٻاهر ويل هو ۽ هوءَ پاڻ قافلي سان گڏ هلي آئي هئي. ان ارونا سان واعدو ڪيو هو ته مان تنهنجي لاءِ تحفو وٺي ايندس ۽ جت به هوندس فون ڪري توکي سالگرهه جي مبارڪ ضرور ڏيندس. فهميده جڏهن گهمي فري واپس آئي ته سندس هٿ ۾ ڪڻڪ جي سنگ ۽ ڪپهه جا ٻوٽا هئا. ان ٻڌايو ته هي شيون اسانجا ٻار شهرن ۾ ڏسن ئي ڪونه. انهن کي ڏيکارڻ لاءِ مان کڻي آئي آهيان. مان کيس چيو هت فون جو انتظام آهي. هل ته هلي فون تي ڳالهايون.