1
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جڏهن هي ميلو مچايو ته ان جا وڏا پروگرام هئا، وڏا انتظام هئا، ڪم ۽ جذبي جي لهر هئي، جڏهن به آفيسن ۾ وڃ سڀڪو ڪم ۾ رُڌل، ڪو فون تي پيو ڳالهائي. ڪو وري ڪارڊن کي پيو سيٽ ڪري، ٽائيپ جو آواز ۽ مظهر ميمڻ جي ڪارڊ گهرڻ وارن کي دڙڪا .... ڊاڪٽر سليمان شيخ جون پروگرام جو سيٽ اپ لاءِ سمجهاڻيون. اها سڄي گهما گهمي هئي، سچل ڪانگريس لاءِ سنڌ گريجوئيٽ وارن سال 1989ع سچل سال ملهائڻ جو ارادو ڪيو. ان سلسلي ۾ هنن ابتدائي ننڍا وڏا پروگرام مختلف شهرن ۾ ڪيا. آخري وڏو پروگرام ڪراچي ۾ رٿيل هو نومبر جي 26،27،28،29، تاريخن تي اهو سڄو پروگرام ترتيب وار رٿيل هو. انهن سڀني پرگرامن ۾ هڪ پروگرام هو سچل قافلي جو سنڌ جو سير. پروگرام پڙهيم دل چاهيو هوند مان به وڃا پر گهرولي مصروفيتن، ٻار ۽ طبيعت جو ٺيڪ نه هجڻ ڪري مان اُن قافلي سان گڏ وڃڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيس. پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ مقالن جي دوران جيڪا به هڪ جيڏي ملي ته اهوئي پڇائين ته سلطانه تون قافلي سان گڏ هلين پئي؟ مان جهٽ ۾ ناڪار پئي ڪئي ۽ چيم پئي مان ڪيئن ٿي وڃي سگهان، ڪن همٿ ڏياري، ڪن زور رکيو، بحث به ڪيو پر مان بلڪل ناڪار پئي ڪئي.. اوڻٽيهين تاريخ آخري مقالن جي نشت کان پوءِ ماني کائي مان جڏهن آئس ڪريم پئي کاڌي، اُن ويل مون کي هڪ ڄاتل سڃاتل چهرو نظر آيو، اُن ادي ارشاد قمر سان پئي ڳالهايو.
منهنجي دل کي ڇڪ ٿي، وڌي ويجهو ٿيس. اها منهنجي پراڻي عادت آهي، مان جڏهن به اهڙي ڄاتل سڃاتل چهري کي ڏسندي آهيان، جنهن مان ڪا پنهنجائپ محسوس ٿئي ته، يا بي اختيار ٿي اُن کان وڃي پڇندي آهيان تون ڪير آهين؟ ڪٿان پڙهائي مڪمل ڪئي اٿئي؟ ڪٿان جي آهين؟ نالو ڇا اٿئي؟ انهيءَ عادت جي ڪري مون کي اڪثر نراسائي ملندي آهي. ڇو ته مان اُن چهري کي سڃاڻي وٺندي آهيان پر اُهو چهرو مون کي سڃاڻي نه سگهندو آهي ۽ مون کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائڻو پوندو آهي. ڪاوڙ سان اُن ويل مان سوچيندي آهيان. مان ڀلا اهڙي ڇو آهيان؟ مان ته سڀ ڪنهن کي سڃاڻي وٺان ٿي، پر مونکي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائڻي پوي ٿي. اهڙي قسم جو ويڌنيون مون سان گهڻا ئي دفعا ٿي چڪيون آهن. ياد اٿم اُهو ڏينهن جڏهن منهنجي امان پتي جي آپريشن لاءِ ڪراچي نيشنل اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. اُت خبر پئي ته هٿ آپريشن ڪرڻ ۾ بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي.
منهنجي امان ٿوري نه پر گهڻي ڊڄڻي هئي. دل جي به ننڍڙي هئي. يڪدم پريشان ٿي ويندي هئي. مان کيس گهڻي آٿت ڏني کيس چيم هت سڀ ڊاڪٽر پنهنجا آهن، وڏي ڳالهه ته اها آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ به هتي آهي. هي ته پنهنجو ڊاڪٽر آهي. هاڻ ته ڪا پريشانيءَ جي ڳالهه ئي نه آهي، جنهن ڏينهن امان اسپتال ۾ داخل ٿي (اڄ کان ٽي چار سال اڳ جي ڳالهه آ) ان ڏينهن شام جو ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڏٺم مان تڪڙي تڪڙي ان ڏي ويس، کيس سلام ڪيم. ان مون کي سلام جو جواب ڏنو هڪ اجنبي وانگر. مان کيس ٻيهر سلام ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته مان سلطانه آهيان، وري به ڊاڪٽر سليمان جي چهري تي اهائي اجنبيت، مان ادي سلميٰ جو پچيو ياسمين جو پڇيو. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي اخلاق سان ڳالهايو پر کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته مان ڪير آهيان؟ مان سمجهي ويس ته ڊاڪٽر صاحب مون کي سُڃاڻي نه سگهيو آهي، ڏاڍو ڏک ٿيم خاموشيءَ سان هلي آيس، امان کي جو خبر پئي ان ڳالهه جي ته چوڻ لڳي. پاڻ کي ته الائجي ڇا ٿي سمجهين ۽ هت ڪير توکي سڃاڻي به نه ٿو. وڏيون ڳالهيون پئي ڪيئي ته ڊاڪٽر سليمان ته پنهنجو آهي ڪا پريشاني جي ڳالهه نه آهي، مان خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ٻڌو پئي ڀلا آءٌ ڪري به ڇا ٿي سگهيس.
مان ته ڪا ايڏي وڏي شاعر يا اديب نه آهيان پر ڄاڻ سڃاڻ جي به ته ڪا اهميت هوندي آهي. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه ته ڃاتل سڃاتل ماڻهو ۽ اهي ئي مون کي نٿا سڃاڻن (ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ فنڪشن ۾ ڊاڪٽر صاحب اچي مون کي سلام ڪيو ۽ چيائين سلطانه ڇا حال آ) مان پڇيو ته توهان مونکي سڃاڻو ٿا چيائين ها ڇو نه اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مان توهان کي نه سڃاڻان .
مان ياد ڏياريومانس ته ڪهڙي طرح ان مون کي نه سڃاتو هو، ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ته ان وقت تون سلطانه ڪونه پئي لڳين ۽ اڄ سلطانه لڳين پئي). پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ ماني جي دوران اهڙي قسم جي ويڌن مون سان ان وقت به ٿي. ان چهري کي مون غور سان ڏٺو. پر يادن جي پڙاڏي ۾ ڪو نالو نه پيو اُڀري. ائين محسوس پئي ٿيو ته تمام قريبي ساٿ وارو چهرو آهي، پر آهي ڪير؟ نالو ڇا اٿس؟ آخر مون کان رهيو نه ٿيو ادي ارشاد قمر کان پڇيم هيءَ ڪير آهي؟ ادي ارشاد ٻڌايو ته هيءَ ڊاڪٽر ليليٰ خواجه آهي، سول هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر آهي. نالي وٺڻ سان ئي منهنجي ذهن ۾ سڀ تصويرون روشن ٿي ويون. رڙ ڪري چيم اڙي ها تون ته ليليٰ آهين، ڀلا مون کي سڃاڻ ته مان ڪير آهيان؟ ليليٰ جو اجنبي ۽ حيران اکيون منهنجي چهري تي ڄمي ويون. هن مون کي هيٺان کان وٺي مٿان تائين ڏٺو۽ پوءِ کلي چيائين مان ته توهان کي نٿي سڃاڻان. دل ۾ ڄڻ وڍ پئجي ويم. هيءَ عادت مونکي هر هنڌ ڏکوئي ٿي ڀلا ائين ڇو؟ ليليٰ ۽ مان ان دور ۾ زبيدهه ڪاليج (گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد )جي هاسٽل ۾ رهنداهئاسين، جڏهن ون يونٽ نئون نئون ٽٽو هو. سياست پنهنجي عروج تي هئي. اسان پاڻ ۾ اٿندي ويهندي سياسي بحث مباحثا ڪندا هئاسين. سنڌ جي حالتن تي پنهنجي عقل ۽ سمجهه آهر تنقيدون ڪندا هئاسين، هاڻ اهائي ليليٰ آهي جيڪا مونکي نه ٿي سڃاڻي. اها ته مونکي ڄاڻ هئي ته مان پنهنجو نالو ٻدائيندس ته هو مونکي ضرور سڃاڻيندي. آخر مان چيو مانس ته ليليٰ مان اڪرم سلطانه آهيان، هاڻ ته مونکي سڃاڻ، هاڻ ته مون کي ياد ڪر. ليليٰ جي اکين ۾ چمڪ ڦهلجي ويئي ۽ حيرانيءَ وچان چيائين اڙي تون اڪرم سلطانه آهين، ڪيتري بدلجي ويئي آهين، تو کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيتري نه ڪمزور ٿي ويئي آهين. سچ پچ مان توکي بلڪل ڪونه سڃاڻي سگهيس، تون ڏاڍي بدلجي ويئي آهين. مان کلي چيو مانس ته اها تبديلي سٺي آهي يا خراب.... پوءِ ته ڏاڍي اڪير ۽ سڪ سان پاڻ ۾ ملياسين. مان ادي ارشاد، ليليٰ ۽ نجمه جوڻيجو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندارهياسين.
ڳالهين ڪندي ادي ارشاد چيو سڀاڻي پاڻ هلون قافلي سان گڏ. حيدرآباد تائين وڃي پوءِ موٽي اينداسين. ليليٰ هڪدم اُڪير مان چيو، الا منهنجي دل ڏاڍي چوي ٿي وڃڻ لاءِ، اڳو پوءِ پروگرام ٺاهيو ته گڏجي هلون. پنهنجون گاڏيون کڻون ۽ ٽيئي ڏينهن گهمي اچون. ڏاڍو مزو ايندو. ادي ارشاد چيو ته سڄي پرگرام ۾ وڃڻ ته ڏکيو آهي مان ته چاهيو پئي ته حيدرآباد تائين هلون. مان ته ماٺ ڪيو ويٺي هيس سوچيم وڌ ۾ وڌ حيدرآباد تائين آءٌ وڃي سگهان ٿي اهو به اگر ادي ارشاد زور ڀريو.... ليليٰ ڏاڍي بي چين هئي اُن چاهيو پئي ته هوءَ قافلي سان گڏ ٽيئي ڏينهن وڃي ۽ خوب گهمي اچي. آخر هن مون تي زور رکيو ۽ چيائين تون ڇو نٿي هلين؟ هل ته گڏجي هلون مان پنهنجي گاڏي کڻڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي صرف ڪمپني کپي. ڏس مان ٽن ڏينهن کان سيمينار ۾ اچان پئي. هاسپيٽل به ڪو نه ٿي وڃان پر هت مون کي ڪير به ڪونه ٿو سڃاڻي. قافلي سان گڏ جيڪي به عورتون ۽ ڇوڪريون وڃن پيون مان انهن کي بلڪل ڪو نه سڃاڻان سڀ ڪنهن جو پنهنجو گروپ هوندو، هاڻ تون جو مونکي ملي ويئي آهين ته هاڻ کڻي پروگرام ٺاهه ته گڏجي هلون. مان حيراني وچان چيو مانس ليليٰ مان هلان؟ اهو ڪيئن ممڪن آ...
مان ليليٰ کي چيو توکي خبر نه آهي ته مونتي گهر جون ذميواريون آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي طبيعت به ٺيڪ نه ٿي رهي. مان ته سوچي به نه ٿي سگهان ته ڪو مان ايڏو وڏو سفر ڪري سگهندس. پر ڇا ڪجي ليليٰ ته ليليٰ ٿي پئي. مونکي سمجهائيندي رهي ته توکي ڇا ٿيو آ ٺيڪ ٺاڪ ته آهين. هروڀرو ٿي پاڻ لاءِ ائين چوين ڏس مان ڊاڪٽر آهيان سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندس. بس توکي هلڻو آ هر صورت ۾ هلڻو. مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس، ڳالهه کي لنوائڻ لڳس پيار مان پنهنجون مجبوريون ٻڌائي ليليٰ کي سمجهائيندي رهيس پر ليليٰ ڪو منهنجو ٻڌي. مان ڀڄي جان ڇڏائڻ چاهي. ان دوران ڇا ٿيو جو سگا وارن پنهنجن مهمانن کي سچل سرمست جي مقبري جو ماڊل تحفي ۾ ڏنو هو. اتفاق سان اهو مونکي به مليو. ان کي پاسي تي رکي مان ماني پئي کاڌي. ڇا ٿيو جو آغا سليم کي مليل ماڊل غلطيءَ وچان ڪير کڻي ويو يا گم ٿي ويو. ان دوران عبدالرحيم سمي جي نظر مون واري ماڊل تي پئي ۽ اهو ان کڻي سمي شيخ کي ڏنو اتان اهو وڃي آغا سليم کي مليو ۽ آغا سليم ان کي کڻي گهر روانو ٿي ويو.... اسان آرام سان ڪچهري پئي ڪئي. ڪافي دير کان پوءِ مونکي خيال آيو ته منهنجو تحفو ڪاڏي ويو، مان ڳولهڻ لڳس ان وقت مونکي ڪنهن ٻڌايو ته هتان ته عبدالرحيم سمون کڻي ويو. مان هجوم مان عبدالرحيم سمي کي ڳولهيو ان مونکي چيو ادي اهو ماڊل توهان جو هو... آغا سليم پئي ڳولهيو مان سمجهيو ان جو آهي، سو ان کي ڏئي ڇڏيو. توهان کي ائين نه ڇڏڻ کپي ها. منهنجو منهن صفا لهي ويو، خبر پئي ته آغا سليم به وڃي چڪوآهي. هاڻ مان ڇا ڪريان؟ بس مونکي پنهنجو ماڊل کپي مان عبدالرحيم سمي ۽ سمي شيخ کي چيو. انهن ٻڌايو ته رات نثار حافظ جي دعوت آهي، ميٽروپول هوٽل ۾ اُت آغا سليم ضرور ايندو.اسان ان کان توهان جو تحفو وٺي ڏينداسين جي نه مليو ته توهان کي ٻيو ڏينداسين، اسان وٽ جام پيا آهن. مان ڏک مان چيو مان ٻيو ڇا ڪندس. مونکي منهنجو پنهجو ماڊل ملي ته هوند چڱو .
مونکي پنهنجي پريشاني ۽ ليليٰ جي منهنجي پٺيان وٺ لڳي پئي هئي. چري ٿي آهين، تون پاڳل آهين. ڪهڙو اهم تحفو هو،گم ٿي ويو يا ڪير کڻي ويو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ڦوٽو ته تنهنجو نڪتو آهي، اهو کڻي سنڀالي رکجان. ڇڏ انهن سڀني ڳالهين کي. سڀاڻي جو پرگرام ٺاهه تو کي هلڻو آهي، تون ضرورو هلندينءَ مان ليليٰ کي سمجهايو ته ڏس راڻي جت ماڻهو ويندو آ ڪمپني ملي ويندي آ. سچ ٿي چوان تون اڪيلي ڪانه ٿيندينءَ. تون منهنجون مجبوريون نه ته سمجهي سگهين. ليليءِ چيو آخر توکي پريشاني ڇاجي آهي، آءٌ پنهنجي گاڏي کڻندس اطمينان سان هلنداسين. ڇپيل پرگرام مان خبر پئي ٿي ته انتظام شاندار آهي، پوءِ مونکي ڇڪي ڊاڪٽر سليمان شيخ وٽ وٺي ويئي، ڊاڪٽر صاحب اسان کي سمجهائيندي چيو ته مان ته سلطانه کي چوان ٿو ته هل ڏاڍو سٺو انتظام آهي. هر ڀرو اهڙي سٺي پروگرام کي ڇڏڻ چڱي ڳالهه نه آهي. باقي توهان پنهنجي الڳ گاڏي نٿا کڻي سگهو. هڪ ته اسان تي ذهني بار پوندو ۽ ٻيو توهان کي به اڪيلائپ ٿيندي. اصل مزو ته قافلي سان گڏ آهي. توهان اسان سان گڏ بس ۾ هلو. هاڻ ته ليليٰ کي وڌيڪ موقعو مليو ڏاڍي پيار سان هجتون ڪرڻ لڳي. مونکي ته پريشاني لڳي پئي هئي پنهنجي تحفي جي، ادي ارشاد قمر ته ائين چئي گهر رواني ٿي ويئي ته فون تي پروگرام ٺاهينداسين. هنن پريشانين ۾ بيٺي هيس ته قاضي منظر حيات مونکي اچي اهو ماڊل ڏنو ۽ چيائين هي هت فالتو پيو آهي، ممڪن آهي ته آغا سليم جو هجي جنهن جي عيوض هو توهان جو ماڊل کڻي ويو آهي. هاڻ ائين ڪيو جو هن کي توهان کڻي وڃو. مان سک جو ساهه کنيو، پر ڏٺم ته ماڊل جون ٻه ڪنڊون ڀڳيون پيون آهن. مان قاضي منظر کي چيو هاڻ ته مونکي يقين آ ته آغا سليم ڄاڻي ٻجهي هن کي ڇڏي مون وارو ماڊل کڻي ويو آهي. زندگيءَ ۾ ڪٿي به آغا سليم سان ملاقات ٿي ته مان پاڻ وارو ماڊل ضرورو وٺندي سانس.... ليليٰ جيڪا ڀر ۾ بيٺي هئي ان چيو چڱو ٿيو هاڻ مليئه اهو ماڊل جنهن لاءِ ساهه پئي نڪتئي هاڻ ٻڌاءِ ڇا ٿي پروگرام ٺاهين، مان ليليٰ کي سمجهائيندي چيو، ڏس ليليٰ تون مونسان ورهين کانپوءِ ملي آهين. توسان مان ڪيترو سٺو وقت گذاريو آهي. اسان جو ساٿ زبيده ڪاليج ۾ ڏينهن رات جو رهيو آهي. مان ته وري به توکي سڃاڻي ويس پر تون مونکي سڃاڻي نه سگهينءَ، ڏس اها تبديلي ڪا معمولي تبديلي نه آهي. منهنجي اهڙي حالت بيمار رهڻ جي ڪري ٿي آهي، سچ پچ مون ۾ ٿوري به همٿ نه آهي جو مان ايڏو وڏو سفر ڪري سگهان. منهنجا ٻار آهن، تن کي ڪنهن جي حوالي ڪيان. منهنجون هزارين مجبوريون آهن، تن کي سمجهي نه سگهندئين جڏهن ڪار ۾ ليليٰ مون کي گهر ڇڏڻ ويئي تڏهن به اها ئي ڳالهه هل ڀلا اڪرم ڇو ڪين ٿي هلين...
ليليٰ جي ايتري هجت ۽ بيچيني مونکي موهي وڌو، دل ۾ چيم سلطانه تون به هاڻي ماڻا ڇڏ همت ڪري نڪري پئو، ڏس ڪيترو نه هوءَ چوي پيئي ۽ تون نخرا پئي ٿي ڪرين. اڄ تائين ڪنهن به توسان ايڏو پيار ۽ هجت نه ڪئي آهي. تڪليف ته ايندي پوءِ ليليٰ جي ڪري برداشت ڪجان. ليليٰ جيڪا ڪار ۾ به مسلسل ڳالهائيندي پئي هلي. مون ان کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ آخري ۽ مڪمل فيصلو ڪري چيومانس چڱو ليليٰ مان هلان ٿي. هاڻ مونکي وڌيڪ شرمندو نه ڪر. ليليٰ چيو پڪو فيصلو نه ته ائين مونکي رولي ڇڏين چيم ته ليليٰ مان فيصلو ڪيو ته هلندس ته پوءِ ضرور هلندس .... پوءِ اسان پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو ته صبح جو ستين بجي ليليٰ مون وٽ ايندي ۽ پوءِ گڏجي پرڪانٽينٽل هلنداسين جتان قافلو روانو ٿيندو .