6
ڪنهن ٺاهي آهي اها تصوير؟ هاڻ ڀلا هن تصوير جو ڇا ٿيندو؟ آهي ڪنهن کي همٿ جو هن تصوير کي ڪڍي ٻاهر ڪري... ميوزم مان نڪري هاڻ اسان موهن جي دڙي جي کنڊرن ڏانهن روانا ٿياسين.
هدايت منگي اسان کي ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو پئي هليو. ڪن ڀينرن ايئن به چيو ڪيترو ته سٺو گائيڊ اسان کي ملي ويو آهي. ان جي هٿ ۾ ڪئميرا ڏسي ڪيترن ڀينرن تصويرون ڪڍرايون ۽ مون تي اهو ڪم رکيائون ته اهي تصويرون هٿيڪيون ڪري مان انهن کي پهچائيندس (اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن تصويرن جو نالو نشان به ڪونهي) ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ان دؤر ۾ موهن جي دڙي جو نقشو ٺاهڻ وارا ڪيترا نه عقلمند ۽ انساني فطرت ۽ ضرورت جا ڄاڻو هئا. نقشو ڪجهه اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هڪ طرف رهائشي علائقو ته ٻئي طرف بازار. اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي شهر کان ٿورو پاسيرو ٺهيل هيون، عبادت گاهون مختلف جاين تي هيون ۽ هڪ وڏي عبادتگاهه اهڙي جاءِ تي ٺهيل آهي جو ننڍيون عبادت گاهون عبادت ڪرڻ مهل ڪنهن کي تڪليف نه ٿئي. اڪثر گهرن جي ڪمرن ۽ باٿ رومن ۾ ننڍڙا جارا ٺهيل آهن، جيڪي اڃان تائين به اسان جي ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ نظر ايندا آهن، جت هٿ بتي يا چمني ٻاري رکبي آهي.
باٿ رومن ۾ دڪيون ٺهيل آهن. اهڙي قسم جون دڪيون اڄ به اسان جي گهرن ۾ هونديون آهن، جت صابڻ دانيون، بالٽيو ۽ ٻيو وهجڻ جو سامان رکيو ويندو آهي.
ڪاليج ۽ يونيورسٽي سان گڏ هاسٽل به ٺهيل آهي، هاسٽل جي ڪمري جي آخر ۾ هڪ وڏي لائين باٿ روم جي آهي، جيڪي هاسٽل جي رهواسين لاءِ هوندا هئا، ان مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جو تعليمي ماحول ۽ معيار ايترو ته اعليٰ هو جو پري پري کان ماڻهن هت اچي تعليم حاصل ڪندا هئا.
هي سڀ ڪجهه لکندي مونکي هڪ روايت ياد پئي اچي جيڪا ڀاءَ ارشد انڊڙ ڪنهن فنڪشن ۾ ٻڌائي هئي، ته هڪ دفعو حضور صلي الله عليه وسلم جي محفل ۾ اهڙا ماڻهو آيا، جيڪي پنهنجي لباس، اٿڻي ويهڻي جي ڪري ٻين سڀن کان مختلف هئا. ان ڪري هو هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز هئا. ڪن ماڻهن جڏهن اها پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن ته حضور جن فرمايو هي سنڌ جا ماڻهو آهن، سنڌي ڳالهائيندا آهن ۽ علم ۽ عقل وارا آهن!! موهن جي دڙي جا گهر ڪشادا، هوادار بورچي خانن ۾ چمنيون ٺهيل، ڪشادا رستا، پاڻي جا کوهه جن ۾ گول ۽ بيضوي نموني جا کوهه موجود آهن. لڳي ٿو ته موهن دڙي جا ماڻهو عقلمند هئڻ سان گڏو گڏ حسن پرست به هئا. ايجادون ڪرڻ ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ جا ماهر هئا... پاڻ کي ٺاهڻ جوڙڻ لاءِ مختلف زيور جيڪي الائجي ڪيترن قسمن جا آهن. اهي زيور جڏهن اتان حسينون پائي هلنديون هنديون ته ڪهڙا نه رنگ وکرجي ويندا هوندا. هلندي ڏسندي، گهمندي ائين پيو لڳي ته اسان ئي هن وستي جا رهواسي هئاسين هيءِ وستي جنهن اوج جا آثار ڏٺا شايد اسان سڀ هن وستي جا اهي ڀٽڪندڙ روح آهيون جيڪي ڪنهن وقتي هاج جي ڪري هتان ٻاهر نڪري وياسين جو پٺيان هي وستي تباهه ٿي ويئي. اڄ تائين هي روح سک جو ساهه نه کڻي سگهيا آهن. بيچين آهن ڪنهن سان ملڻ لاءِ ڪنهن سان کلڻ لاءِ ڪنڌ جو ٽي ڪنهن سان ڏک سک جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اهو به ممڪن آهي ته هن وستي ۾ ننڍي هوندي اسان انهن ڪڏاڻن سان ڪڏيا هونداسين جيڪي اڄ ميوزم ۾ سجايا پيا آهن، هن روڊن ۽ رستن تي رانديون ڪُڏيون هجن ڊوڙون پاتيون هجن.
دُهل ۽ ڏنڊين وارا مسلسل نچندا وڃائيندا پئي هليا ان آواز ۾ مونکي ائين پئي لڳو ته چانڊوڪيءَ رات آهي ۽ هوءَ موهن جي دڙي واري ناچڻي نچڻ ۾ مشغول آهي ٿڌي ٿڌي چانڊوڪيءَ ۾ ان ناچڻي جو لڏڻ لمڻ، منهنجو ذهن الائجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پڳو ته فهميده جي رڙ ٻڌم. سلطانه تون ڇو پوئتي رهجي ويئي آهين تڪڙي آ دير پئي ٿئي.
مان اکين ۾ آيل لڙڪن کي اگهيو ۽ سوچيم ها دير ٿي ويئي آهي، تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي.
موهن جي دڙي تي گهمندي ڦرندي مختلف ڀائرن سان ملاقاتون ٿيون جن مونکي ڪافي ڪتاب ڏنا. هاڻ مان ڪتاب پاڻ سان هڏ کنيو هلندي پئي وتيس. منهنجي هٿ ۾ ايترا ڪتاب ڏسي شمع خيبر چيو اهي ڪتاب ڪجهه دير لاءِ مونکي ڏي مان به ڏسان ڪهڙا ڪتاب آهن. مان ڪتاب ان جي حوالي ڪري وري هدايت منگي جون ڳالهيون جيڪي موهن جي دڙي جي کوٽائي متعلق هيون ٻڌڻ لڳس. هاڻ اسان سان گڏ پشاور بلوچستان ۽ پنجاب جا ڀائر اچي گڏيا. هو علم جا ڄاڻو ۽ دانشور هئا. انهن جا رايا ۽ سوچون پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون. شايد انسان زندگي ۾ ايترو حاصل نٿو ڪري سگهي جيڪو ڪن چڱن ماڻهن جي ڪجهه ڪلاڪن جي صحبت ۾ حاصل ڪري سگهيجي ٿو. اُت هڪ مهمان جنهن جو تعلق پشاور سان آهي. تنهن موهن جي دڙي ۽ سنڌ جي شان تي هڪ نظم پڙهيو، جيڪو ان انهيءَ ئي وقت لکيو هو. اتفاق سان اسان سڀ ان جاءِ اُت بيٺا هئاسين جيڪو اتان جو مکيه وڏو هال هو پنهنجي محبت ۽ جذبن جو اظهار ڪري رهيو هو. اسان خاموشي سان ان جو نظم ٻڌو پئي افسوس اٿم جو اهو نظم مون وٽ موجود ڪونهي نه ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ها ته ان نظم ۾ سنڌ جي عظمت کي ڪيترو نه خلوص محبت سان بيان ڪيو ويو هو هو دُهل ۽ ڌنڊين وارا اڃا تائين وڄائڻ ۽ ڳائڻ ۾ مشغول هئا. مون کي ٿورو جوش اچي ويو سو مان انهن کي ٻڌائڻ لڳس ته ڪو وقت اڳ جڏهن مان فرسٽ ييئر ۾ پڙهندي هئس ان وقت مان موهن جي دڙي تي آئي هئس ۽ مون به هڪ ننڍڙو شعر لکيو. هو سڀ حيران ٿي ويا چوڻ لڳا ته توهان شاعر آهيو. چيو مان مڙوئي اڏوهي کاڌل لٺ جا ٻه ٽڪر ڪيا اٿم ڪي ڦاڙها ڪونه ماريا اٿم. انهن ٻڌايو ته اسان سان توهان جو ڪو تعارف صرف اهو ڪرايو ويو آهي ته توهان هڪ عورت جي تنظيم جي حوالي سان آيا آهيو بحرحال مان انهن کي اهو شعر ٻڌايو جيڪو هن ريت هو.
مان موهن جي دڙي جو کوهه،
هر آيل
ڏول ڀري، هٿن کي ڌوئي،
مان ان شعر جو اردو ترجمو به ٻڌايو پهريان ته واه واه ڪيائون پوءِ يڪدم پڇيائون ان شعر جو حاصل ڇا آهي ۽ توهان ڇو لکيو هي شعر ڇو ته پاڻ کي کوهه سان تشبيه ڏيڻ ۽ ڏول ڀري هٿ ڌوئڻ ڇا مطلب آهي؟ هاڻ مان منجهي پيس ڇا جواب ڏيان هنن جو اصرار ته هر شعر جو جذباتي ۽ بنيادي ڪارڻ هوندو آهي. مان هنن کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيس. جيڪا ڳالهه اڄ تائين مان نه سمجهي سگهي آهيان انهن کي ڇا سمجهايان. ڪو زمانو هو منهنجو لکيل هي شعر جيڪو سوجهرو رسالي ۾ ڇپيو هو ان تي ڪافي بحث مباحثا ٿيا هئا.
اُهي قبرون،
جن تي ڪوبه نالو نه آهي،
اُهي سڀ منهنجون آهن.
اُن وقت ياد اٿم نصير مرزا ته فون تي بحث ڪري بيهي رهيو ته توهان اسان کي ٻڌايو ته هي شعر توهان ڪهڙي سوچ رکي پوءِ لکيو آهي. امداد حُسيني کي به هن شعر بي حد متاثر ڪيو هو. مظهر ميمڻ (ادي زرينه ميمڻ ۽ سيمي جو ڀاءُ) کي جڏهن مون وٽان ڪو واضع جواب نه مليو ته پاڻ ئي مونکي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ لڳو ته ڪهڙن سببن جي ڪري مون اهو شعر لکيو هوندو. ڪيترا ته سهڻا ۽ پنهنجا وقت هئا، جيڪي گذري ويا. رهجي ويون آهين يادون ۽ انهن ماڻهن جو ڳالهيون.
ها ته سائين مان موهن جي دڙي تي وري حاضر ٿي آهيان پنهنجيون ساررڻيون کڻي وچ ۾ وڏو ويڇو آهي وقت جي تجربن جو ۽ مشاهدن جو فهميده ته موهن جي دڙي جي مٽي کڻي اکين تي رکي ۽ چيائين ته مان به ته هڪ دراوڙ آهيان هڪ ڀٽڪيل روح آهيان. پنهنجي اصل نسل ڏانهن ورڻ چاهيان ٿي. هاڻ اسان موهن جي دڙي جي مٿاهين حصي تي وڃي بيٺاسين. حد نظر تائين کنڊر ۽ کنڊر نظر پئي آيا مان هٿ وڌائي اتان مٽي کڻي کائي ڇڏي. ياسمين(ڊاڪٽر ياسمين ڊاڪٽر سليمان جي نياڻي) مون کي مٽي کائيندو ڏسي وٺي رڙ ڪئي توهان مٽي ڇو کاڌي خبر اٿو هن ۾ ڪيترا جراثيم هوندا. هو پنهنجي ڊاڪٽري پئي هلائي ۽ مون ته پئي حيران ٿي. مان کيس ٻڌايو ته مان مٽي کائڻ جي شوقين آهيان هن وقت تائين الائجي ڪيترا سير مٽي کائي چڪي هوندس. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مان هت اچان ۽ هتان جي مٽي نه کاوان پر مان مٽي زمين تان نه پر مٿان ڀت سان پٽي کاڌي آهي. ياسمين چوڻ لڳي هاڻ مان سمجهي ويس توهان جي بيمار رهڻ جو ڪارڻ. ان کانپوءِ هن هڪ ڊاڪٽري ليڪچر ڏنو جيڪو مون خاموشي سان ٻڌو ۽ دل پئي سوچيم جڏهن پَڪل گهڙي ۾ ڪَنا پوندا تڏهن مان به سُڌري پوندس.
اتان کان هيٺ جت اسان بيٺا هئا سائين سوڀو گيانچنداڻي جن بيٺا هئا. مون فهميده ۽ ٻين کي سائين جي باري م ٻڌايو ۽ پڇيو ته سائين سان ملاقات آهي. فهميده چيو ته ڪيترن فنڪشنن ۾ ڏسڻ جي باوجود به مان اڃان تائين سوڀي گيانچنداڻي سان ملي نه سگهي آهيان. ان ويل مون فخر سان سڀني کي ٻڌايو ته مان صرف سائين سوڀي گيانچنداڻي سان ملي چڪي آهيان پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان سان ڪچهري به ڪئي اٿم. سندس گهر ۾ چانهن پيتي اٿم. کاڌو به کاڌو اٿم. وسارڻ جهڙيون ئي نه آهين. اهي ڪچهريون سوڀي گيانچنداني سان ڪيون اٿم. ٻين قافلي جي ساٿين کي ته اها به خبر نه هئي ته هي شخص جنهن جو نالو سو ڀو گيانچنداڻي آهي اُهو ڪير آهي؟ اسان هيٺ لهي وڃي ان سان ملياسين. اسان سڀني کي ڏسي ۽ اسان سان ملي هو ڏاڍو خوش ٿيو. هاڻ اسان وري اڳتي وياسين ته پريان قافلي جي ساٿين سڀني کي سڏڻ شروع ڪيو. جلدي واپس اچو دير پئي ٿي. مجبورن اسان کي واپس اچڻو پيو. ڏٺم پئي ته سڀ قافلي وارا واپس هلڻ لاءِ تيار نه هئا ڇو ته اڃا ڏٺو ئي ڇا هو. پر ڇا ڪجي. ان وقت کي جيڪو اسان وٽ ٿورو هو. ڪاش اهو وقت اسان جي قبضي ۾ هجي ها ته هوند ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏجي ها. ٽيئي بسون ڀرجڻ شروع ٿي ويون سڀ ڪنهن پنهنجي پنهنجي جاءِ وڃي ورتي اسان جي بس ۾ سڀني ڄڻن زيتون پئي کاڌا. اُهي زيتون موهن جي دڙي ۾ اُنهن پوکيل وڻن مان پٽيا هئا. قيمت هريسنگاڻي ۽ گوبند مالهي ته هڪ ٻئي کي زيتون ڏيکاريندي چون پيا. ڏسو ته سهي هنن زيتون جي اندر ڪو داڻوئي ڪونهي هيءَ خاص نشاني آهي لاڙڪاڻي جي زيتونن جي منهنجي ۽ فهميده جي دل به چاهيو ته اسان به زيتون کائون. اسان کي رهيو نه ٿيو ويٺل ڀائرن کي چيوسين واهه واهه توهان زيتون پيا کائو اسان جي پُڇائي ڪونهي. يڪدم ڊاڪٽر خادم سنڌي اسان کي زيتون ڏنا. هاڻ ٻين ڀائرن به اسان کي زيتون ڏيڻ شروع ڪيا. هاڻ ته اسان وٽ ڪافي زيتون گڏ ٿي ويا هئا.
بس ۾ ويهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجا ڪتاب ياد آيا جيڪي شمع خيبر وٽ رهجي ويا هئا. مون کي پنهنجن ڪتابن جو فڪر اچي لڳ. بسون پنهنجي منزل ڏانهن هاڻ روان دوان هيون. لاڙڪاڻي کان ٻاهران ئي ٻاهران بسون وڃي ميهڙ روڊ کان نڪتيون هاڻ بس جي ويٺل سڀني کي لاڙڪاڻي جا بهه ۽ لوڙهه ياد اچڻ لڳا الا نه ڪو بسون لاڙڪاڻي ۾ بيٺيون نه ئي اسان ڪجهه وٺي سگهياسين. هاڻ خيرپور ناٿن شاه ايندو ميهڙ ايندي دادو ايندو اتان ته اسان ضرور ڪجهه نه ڪجهه وٺنداسين.سڀني هڪ ٻئي کي پئي آٿت ڏني.