سفرناما

خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

سلطانہ وقاصيءَ جو سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپرائي بہ ڇڏيو هو. هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.

Title Cover of book خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

4

پهريون مان فون ته ڳالهايو. ڀاڀي شاهده مونکي ٻڌايو ته ٻار بلڪل خوش آهن. اُٿي تيار ٿي حلوو پوري وٺڻ ويا آهن. مان ڀاڀي کان پڇيو مونکي ياد ڪن ٿا؟ ڀاڀي ٻڌايو بلڪل ياد ڪونه ٿا ڪن. مس مس ته ويچارن جي توهان مان جان ڇٽي آهي. هو آزاد ٿيا آهن. ڏاڍا خوش آهن. تون ڀلي اٺ ڏينهن نه اچ اسان کي تنهنجي ضرورت ئي ناهي. ڀاڀيءَ سان فون تي ڳالهائي دل کي سڪون ملي ويو. اندر ۾ جيڪا بيچيني هئي سا ختم ٿي ويئي. هاڻ فهميده پنهنجي ڌيءَ ارونا سان فون تي ڳالهايو. کيس ساگرهه جي مبارڪ ڏني، ٻين ٻارن جي خيريت معلوم ڪئي. فون تي ڳالهائي ٻاهر نڪتاسين ته خبر پئي ته ناشتو تيار آهي. ناشتي جو وڏو اهتمام هو، ڇا ڳالهه ڪجي. ناشتو ڪري مان ٻاهر بنگلو گهمڻ نڪتس. چئني طرف وڻ ۽ ساوڪ هئي. خوبصورت رنگن جا گلاب جا ٻوٽا به پوکيل هئا. جن ۾ گلاب ٽڙيا پيا هئا. ادا نثار حافظ ات ٻڌايو ته، هتان روزانه گلاب جا تازا گل صبح جو سوير پٽي هڪ ماڻهو ڀٽ شاهه تي لطيف سائين جي مزار تي کڻي ويندو آهي. اهو سلسلو مراد علي شاهه صاحب جي ابن ڏاڏن کان وٺي جاري آهي. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو برسات پئجي ويئي ۽ موسم به ڪجهه اهڙو هو جو گلاب جا گل هئا ڪونه. صرف هڪ ٻه گلاب جا گل مليا، گلاب چونڊڻ واري مراد علي شاهه جي والد (جيڪو ان وقت حيات هو) ان وٽ آيو ۽ چيائين سائين اڄ ته گلاب جا گُل آهن ئي ڪو نه صرف هڪ ٻه مليا آهن. ان صاحب حڪم ڪيو ته جيترا به گل هجن کڻي وڃو پر ڀٽ ڌڻيءَ تي ناغو نه پوڻ گهرجي.
”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرينءَ جي“

ناشتو ڪري سڀ واندا ٿيا. مان سمجهيو ته بس هاڻي روانه ٿينداسين، اڃا تائين اسان کي ڪوبه حڪم نه مليو هو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته قيمت راءِ سنگهاڻي صاحب جو ڳوٺ ڀريا جي ڀرسان آهي. سو هو پنهنجو اباڻو گهر ڏسڻ ويو آهي. هو صبح جو سوير نڪري ويو آهي. ڄاڻ ڪي آيو. جڏهن قيمت صاحب موٽي آيو ته ٻڌايائين ته سندس اباڻي گهر ۾ ڪي هندو رهن ٿا. اُنهن جو هن صاحب کي ڏٺو ته سمجهائون متان هي واپس آيو آهي. يا گهر تي قبضو ڪرڻ آيو آهي. سو اُهي ويچارا پريشان ٿي ويا. جڏهن قيمت صاحب کين ٻڌايو ته مان صرف پنهنجا اباڻا ڪک ڏسڻ آيو آهيان مون کان ڊڄو نه. قيمت صاحب جي اُن ويل ڏُک ۽ خوشيءَ واري عجيب ڪيفيت هئي، جيڪا بيان نه ٿي ڪري سگهجي. قافلي وارا سامان کڻي بسن ۾ چڙهڻ لڳا ۽ هي قافلو هاڻ پنهنجي نئين منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.
قافلو هاڻ ڪوٽڙي ڪبير روانو ٿيو. اتي قافلي جي آڌر ڀاءُ ميان غوث محمد پيرزادي ڪيو، ميان صاحب جن زميندار آهن، پر کين علم ادب سان چاهه گهڻو آهي، ڪوٽڙي ڪبير ۾ سوين ايڪڙ زمين انهي اسڪول ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وقف ڪر ڇڏي آهي. هڪ وڏي لائبريري به قائم ڪئي آهي، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا هزارين ڪتاب موجود آهن، ڪيترائي تاريخي ۽ قيمتي ڪتاب اُتي موجود آهن. لائبريري سان گڏ هڪ ننڍو ميوزم به آهي، اُن ميوزم ۾ سوين سال پراڻا نوادرات موجود آهن، قبل مسيح جا قديم خط، کلن تي لکيل خط، قديم ۽ تاريخي ڪتاب جا نسخا، پراڻا سڪا، ٿانو زيور، سنڌي ۽ فارسي جي قديم رسم الخط جا نمونا ڪجهه اهڙيون شيون به هيون جيڪي وقت پوڻ سان پٿر ٿي ويون آهن. اهڙي قسم جو شيون اُتي موجود هيون. خاص ڪري وڻ جا ٿڙ جيڪي پٿر ٿي چڪا هئا، انهن کي ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي، هن ميوزم ۾ شاهه لطيف جي ذاتي استعمال جا ٿانو به رکيل آهن، اِهو سڀ ڪجهه ڏسي محترم غوث بخش پيرزادي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، هڪ ڪمي جيڪا مون محسوس ڪئي انجو پورائو ضرور ٿيڻ گهرجي لائبريري تي ريسرچ ورڪ ٿيڻ گهرجي. دورن جي حساب سان هتان جي ڪتابن ۽ مختلف خطن کي ورهائجي.
ڪتابن ۽ پراڻن قيمتي نسخن جي باري ۾ اهاڄاڻ ضروري آهي ته اهي ڪهڙي دور ۾ ڪهڙين حالتن ۾ ۽ ڪنهن لکيا، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اها لائبريري انهن ماڻهن جي اُڃ وسائي سگهي ٿي جيڪي علم ادب جا اُڃايل آهن.
سڀ ڪجهه ڏسي گهمي ڦري، چانهه پاڻي پي هاڻ سڀ ڪو اچي شاميانن ۾ ڪُرسين تي ويٺو، اُن وقت ڊاڪٽر سليمان شيخ اخبار پڙهي اداس ٿي ويو. هو پاڻ اُٿي مائيڪ ٿي آيو ۽ چيائين ته رات اسان جي قافلي کي رستي ۾ جيڪو ايڪسيڊنٽ نظر آيو اُن ايڪسيڊنٽ ۾ اسان جو پيارو ساٿي ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ صاحب انتقال ڪري ويو آهي. اڃان ٽيون ڏينهن هو اسان جي پرل ڪانٽينٽل هوٽل ۾ سيمينار ۾ آيو هو، اسان سڀني سان مليو هو ۽ ڪچهري ڪئي هئائين، ڪالهه رات اتان لنگهڻ وقت اسان کي ڪهڙي خبر ته هي حادثو اسانجي پياري ساٿيءَ سان ٿيو آهي ۽ هو اسان کي وڇوڙو ڏئي ويو آهي، ڊاڪٽر صاحب سان گڏ سڄي قافلي وارن مرحوم ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ جي لاءِ دعا گهري.
ڪوٽڙي ڪبير ۾ بلوچستان پنجاب، سرحد ۽ هندستان مان آيل مهمانن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. انهن سڀني جي اها راءِ هئي ته اهڙا قافلا جن ۾ پڙهيل لکيل ۽ سمجهو ماڻهو آهن هرسال گڏ ٿيڻ کپن ڇو ته ٽٽل دلين کي جوڙڻ جو تعلق صرف ۽ صرف خلوص ۽ محبت آهي. اسان کي غفلت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن انسان محبت جا رشتا وساري ٿو ڇڏي ته پوءِ هو خود غرضيءَ جي ضد ۾ اچي نفرتن جي بار هيٺيان دٻجي ٿو وڃي. اڄ اَسان هڪ ٻئي جي ڪنڌ ۾ هٿ ويجهو ويٺا آهيون، اُهي سڀ نفرتون اسان وٽ الائجي ڪٿان آيون آهن، اُنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ علم سان دوستي، علم سان با خبر هجڻ ضروري آهي. انهن سڀني ڳالهين جو ذميوار اَسانجو سماج آهي. اگر سگا جهڙا ادارا اڳتي وڌي ههڙا محبتن جا قافلا ترتيب ڏين ٿا ته اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجي ليکي انفرادي ڪوششون ڪيون. انهن اِهو به چيو ته علم ادب ۾ سنڌ جو مان مٿانهون آهي. ماڻهن ۾ سمجهه ۽ عقل آهي تڏهن ته هيڏو پري اسان کي ڪوٽڙي ڪبير جهڙيون لائبريون نظر اچن ٿيون. اسان کي تاريخ کي محض لائبريري ۽ آثار قديم تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي. بلڪ تاريخ کي پنهنجي خون ۾ شامل ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. هي سڀ تقريرون ٻڌي قافلو سچل جي نگري ڏانهن روانو ٿيو.
سچل جي نگري قافلي جي اهم منزل هئي. سگا وارن سال 1989ع کي سچل جو سال قرار ڏنو. هن محبت ۽ امن جي قافلي جو نالو به سچل قافلو هو. سچل سائين 1739ع ۾ پيدا ٿيو، سندن اصل نالو عبدالوهاب هو. سچل ۽ سچوءَ جي نالي سان شاعري ڪئي اٿائين. هن شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي سچ جي صدا ۽ ڪوڙ کان بغاوت جو نالو آهي، هي اهو شاعر آهي جنهن جي لاءِ شاهه لطيف چيو هو ته مون جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُنجو ڍڪڻ هي ٻار لاهيندو. سچل سائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي، سندس شاعري سماج جي ٺاهيل هٿ ٺوڪيل روايتن ۽ مذهب جي نالي تي ماڻهن کي ڦريندڙن لاءِ هڪ جنگ آهي.
سچل سرمست جي مزار تي قافلي جو جهڙي طرح پُرجوش نموني سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو سو لکڻ کان مٿي آهي.... زرينه بلوچ سان گڏ سڀ سرتيون بسن مان ڳائينديون لٿيون:
”ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جو ئي آهيان سو ئي آهيان“
سگا جي گمبٽ شاخ طرفان نهايت ئي خوبصورت انتظام ٿيل هو. رستي کي ٻنهي پاسن کان خوبصورت جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. قافلي وارا لهندا ويا ۽ انهن مٿان گلن جي ورکا ٿيندي وئي. اُت گيڙوءَ رتي لباس ۾ سچل جا فقير موتين جون مالاهون پايو، تنبورا ۽ دهل وڃائيندا، ڳائيندا نچندا قافلي وارن کي سچل سائين جي مزار ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا. اتي مان سائين تنوير عباسي ۽ مصطفيٰ قريشي کي به ڏٺو. سڄي رستي تي ڳاڙها غلم وڇايا پيا هئا. مان لکي نٿي سگهان ۽ پڙهندڙ به تصور نٿا ڪري سگهن ته اُت ڪيڏو مزو هو. دلين جو ڇا حال هو، جذبن جو سمنڊ هو. اسان سڀ قدم سان قدم ملائي اڳتي وڌندا پيا وياسين. سچل سائين جي مقبري ۾ اندر ٻيون به ڪافي مزارون آهن جيڪي سندن جانشينن جون آهن. ماڻهن جا انبوه جاءِ ٿوري. سڀ آهستي آهستي اندر حاضري ڏيڻ لڳا. حاضري کانپوءِ مزار سان گڏ هڪ کليل ميدان ۾ مهمانن جي ويهارڻ جو بندوبست ٿيل هو.
گمبٽ شاخ وارن اتي قافلي وارن لاءِ آڌر ڀائي تقريرون ڪيون. ان کانپوءِ فقيرن جو ڳائڻ شروع ٿيو. فقيرن جي ڳائڻ سان ايڏو ته وجدتاري ٿي ويو جو پنڊال مان ڪيترن بي اختيار ٿي ڌمال هنئي. ڌمال هڻدڙن ۾ ڊاڪٽر سليمان، ناصر مورائي، ننڍڙو ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو، (ڊاڪٽر اعظم ٻگهيو ڊاڪٽر الله رکئي ٻگهئي جو ڀاءُ هو. ڏاڍو ايڪٽو ميمبر هو سگا جو، نوجوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو.) ماستر غلام حيدر کان علاوه ٻيا مقامي ماڻهو به هئا. ماستر غلام حيدر ته صفا مدهوش ٿي ويو. جلد ئي ڳائڻ وڄائڻ جو پروگرام ختم ڪيو ويو ڇو ته منجهند جي نماز جو ٽائيم هو نماز کانپوءِ سگا شاخ طرفان کاڌي پيتي جو انتظام هو. کاڌي ۾ بادام، پستا، اخروٽ نيزا، اوٻاريل بيدا، روسٽ، ڪڪڙيون، ڪيڪ، چانهه، ڪافي ۽ ڪوڪو ڪولا شامل هئي، هن عجيب ۽ منفرد کاڌي، سڀني کي ڏاڍو مزو ڏنو. قافلي وارن ته ٻوڙ پلاءُ ته ڪالهه کان وٺي پئي کاڌا، هنن شين کي کائڻ ۾ سڀني کي ڏاڍو مزو آيو. ميزبانن جي ميزباني جو ته هي حال هو جوڪن جي هٿن ۾ ڪوڪ جو ڪريٽون هيون ته ڪن جي هٿن ۾ ڪافي ۽ چانهه جا ٿرماس هئا. جيڪا شئي جنهن گهر پئي ڪئي ان لاءِ حاضر هئي... مان ۽ فهميده پاڻي ڳولهيندا ٿورو اڳتي وياسين ته ڪي ماڻهو ديڳيون چاڙهيون ويٺا هئا. معلوم پوڻ تي خبر ته هڪ ديڳ ۾ چانهه آهي ته ٻئي ديڳ ۾ ڪافي... مان ۽ فهميده اُتي بيٺاسين ته سليم ميمڻ، هدايت بلوچ به اچي اُتي نڪتا، اسان چئني ڄڻن اُتي زمين تي ويهي، ديڳ مان ڪافي ڪوپن ۾ وجهرائي پيتي. ڇا ته مزو هو اُن ڪافي ۾، حيران ته ان ۾ هئاسين ته ڪاڏي ديڳ ڪاڏي ڪافي....
ڪافي پيئندي هڪ ڀيڻ اچي مونکي چيو ته سرتين مان هڪ سرتي نظر نه ٿي اچي خبر نه آهي هوءَ ڪٿي آهي. مون کانئس نالو پڇيو پر کيس ياد نه پيو اچي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نرگس لطيف ڪافي دير کان نظر نه پئي اچي. ڪن ڀينرن ته اهو وهم دل ۾ ويهاريو ته شايد هوءَ ڪوٽڙي ڪبير ۾ رهجي وئي. ان پريشاني ۾ ڊاڪٽر صاحب ۽ مظهر ميمڻ ڏي ويس کين ٻڌايو ته نرگس لطيف نظر نه ٿي اچي. هو ويچارا به پريشان ٿي ويا. اسان هڪ هڪ ڀيڻ کان پڇا ڪئي. ڪير چوي پيو ته بس مان لهڻ وقت موجود هئي. ڪير چوي پيو ته ماڳين بس ۾ ئي ڪانه هئي. هاڻ ته ويل ٿي ويو ڇا ڪجي. ڳولها ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نرگس لطيف سچل سائين جي مزار جي اندر ويٺي دعائن گهرڻ ۾ مشغول آهي. پنهنجي وجود ۾ گم لڳي ويٺي آهي. عجيب قسم جي ڪيفيت هئس، لڳي پيو ته هن دنيا ۾ ئي ڪانهي. مان کيس چيو ته نرگس تو ته اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو. قافلي جي عورتن سان گڏ رهندي ڪر گهٽ ۾ گهٽ مونکي ٻڌائي ڇڏيندي ڪر ته تون ڪٿي ويٺل آهين. ائين نه ٿئي جو قافلو روانو ٿي وڃي ۽ تون رهجي وڃين. هاڻ جيستائين قافلو درازن مان روانو ٿيو، تيسائين منهنجون اکيون نرگس تي پهرو ڏينديون رهيون. هاڻ خيريت عافيت سان هي قافلو سچل جي نگريءَ مان نڪري نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو.
سکر پهچندي قافلي کي شام جا ڇهه ٿي ويا، سکر جي پُل ڪراس ڪري اَسان جون بسون سکر شهر ۾ پُڳيون. سکر بيراج جي ڀرسان سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ واري ايوبيه پل هئي. ان کي ڏسي محسوس پئي ٿيو ته سنڌوءَ تي ڪنهن وڏي ڪمان رکي ڇڏي آهي. هاڻ قافلي کي ساڌ ٻيلي ڏانهن وڃڻو هو. ساڌ ٻيلي ڏانهن اسان ٻيڙين ۾ چڙهي وياسين. ٻيڙيون پراڻي طرز جون مگر مضبوط ٺهيل هيون. قافلي ۾ شامل ماڻهن جو تعداد گهڻو هو ۽ ٻيڙيون رڳو ٻه هيون ان ڪري ٻيڙين کي ڪافي چڪر ڪاٽڻا پيا. ڇو ته اڄ ڪلهه ساڌ ٻيلو عام ماڻهن لاءِ بند آهي. ڀارت ۾ بابري مسجد جي مسئلي کانپوءِ سنڌ جي هندن جي مندرن ۽ ٺڪاڻن تي به حملا ٿيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انتها پسند مذهبي پارٽي جي مولوين اعلان ڪيو هو ته اگر ڀارت ۾ بابري مسجد جي جاءِ تي مندر ٺاهيو ويو ته هو ساڌ ٻيلي جو مندر ڊاهي ۽ اُت مسجد ٺاهي ڇڏيندا. ان ڪري ساڌ ٻيلو پوليس جي پهري ۾ هو. انتظاميه جي خاص اجازت سان قافلي وارا ساڌ ٻيلو گهمڻ ويا. ساڌ ٻيلي مندر جو بنياد 1863ع ۾ پانڊي پوراج رکيو. ان صاحب ديوتائن کان ڪا من جي مراد گهري هئي جيڪا پوري ٿي هئي، ان ڪري ان صاحب هي مندر ٺهرايو. مندر جي تعمير وقت هت دريا وچ ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون، جن کي سنڌو ڪري محنت ۽ جاکوڙ سان هن مندر ٺاهيو. مندر کي وڌيڪ وسيع ۽ هاڻ ڪشادو ڪري ٺهرايو ويو آهي. هن وقت تائين هت اٺ پروهت گذري چڪا آهن. مندر ۾ مختلف قسم جو مورتيون رکيل آهن. مندر جي هڪ پاسي لائبريري به آهي جنهن جو انچارج باب هنومان يشو آهي. ان لائبريري جو نالو شري ساڌ ٻيلو تيرٿ مک لائبريري آهي، اتي سنڌي، فارسي ۽ اردو جا تقريبن پنج هزار ڪتاب موجود آهن. مندر جي وچ ۾ هڪ وڏي وڻ هيٺان باهه پئي ٻري. هن باهه کي مقدس باهه ڪري ليکيو ويندو آهي، ان باهه کي وسائبو نه آهي مندر جي پنڊت ٻڌايو ته ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اڄ وري هن باهه کي ٻاريو ويو آهي. فوج ۽ پوليس هت ڪنهن کي به اچڻ نٿي ڏي. مندر جي کليل ميدان ۾ قافلي وارن لاءِ چانهه پاڻي جو انتظام هو. اسان چانهه پيئندي سنڌوءَ جو نظارو پسڻ لڳاسين. ڏاڍا خوبصورت منظر هئا. اکين کي ۽ روح کي راحت پئي آئي. ان ويل مونکي شيخ اياز جو هي شعر ياد آيو:
گهاٽ گهاٽ ٿو توکي ساري، سکر نه ايندين يار،
ڪڏهن پتڻ تي پريت ڪنداسين، ڪڏهن دريا جي پار.

مندر جي ايوان ۾ غلم ۽ غاليچن کي وڇائي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. مندر وارن قافلي وارن لاءِ آڌرڀائي جملا چيا. اهو به چيائون ته هنن قافلي وارن جو صحيح طريقي سان تواضع نه ڪري سگهيا آهن. جيجي زرينه بلوچ ”ٻيڙيءَ وارا ٻيڙي هلاءِ لال تي ٿي وڃان“ ٻڌائي سڀني جو دليون موهي ورتيو. زرينه بلوچ جو مڌر آلاپ مندر جي گهنڊڻن جو آواز، سنڌو جي لهرن جو شور، عجيب قسم جو پراسرار ماحول ٺهي ويو. اُت قافلي وارن کي سج لهي ويو. اڃان اسان منجهند جي ماني نه کاڌي هئي، منجهند جي مانيءَ جو انتظام سکر جي اي. ڊي. ايم غلام رسول ڪلهوڙي جي طرفان هو.
قافلو جڏهن ساڌ ٻيلي مان روانو ٿيو ته سڀني کي کارڪن جون ٿيلهيون به پيش ڪيون ويون. قافلو ساڌ ٻيلي کان سڌو تاج ريسٽورينٽ پڳو. اُت دهلن شرنائن سان گڏ قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ان هوٽل ۾ قافلي وارن منجهند جي ماني رات جو ساڍي ستين وڳي کاڌي. جهٽ نه گذري ته قافلي وارا هٿ منهن ڌوئي خيرپور روانا ٿيا. خيرپور يونيورسٽي ۾ رات جي ماني ۽ راڳ رهاڻ جو بندوبست ٿيل هو. مانيءَ جو بندوبست خيرپور يونيورسٽي ۾ ٿيل هو. راڳ رهاڻ جو بندو بست سچل چيئرجي آڊيٽوريم ۾ هو، جت قافلي جو ميزبان ڊاڪٽر تنوير عباسي هو، سکر مان ماني کائي قافلو جڏهن خيرپور پهتو ته رات جا نوَ ٿي چڪا هئا، خيرپور يونيورسٽي جي عمارت ڏاڍي شاندار پئي لڳي. صاف سٿرا ويڪرا رستا، چئني طرف باغ باغيچا، ڏينهن جو وقت هجي ها ته يونيورسٽي کي چڱي طرح گهمي ڏسجي ها. لان ۾ شاميانا لڳائي انتظام ڪيل هو. ٿوري دير ملڻ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گّذري ته خبر پئي ته هاڻ اٿو هلي ماني کائو. هاڻ ته اسان سڀني جو دماغ ئي جواب ڏئي ويو. اڃا هڪ ڪلاڪ کن اڳ سکر ۾ اسان ماني کاڌي هئي. هاڻ ماني ڪير کائيندو؟ سڀ ڪنهن جي چهري تي اهو ئي سوال هو. سگا جي ڪن منتظمين اها صلاح پيش ڪئي ته پهريون هلي سچل چيئر طرفان ملهايل راڳ رنگ جي محفل ٻڌجي پوءِ واپس اچي ماني کائجي. ميزبان ان ڳالهه تي راضي نه ٿيا. انهن جو چوڻ هو ته شام جي پنجين بجي کان هت ننڍا وڏا قافلي وارن جي انتظار ۾ ويٺا آهن. انهن کي بکيو رکڻ چڱي ڳالهه نه آهي. ڊاڪٽر سليمان حيران پريشان ٿي ويو، چوڻ لڳو مان قافلي وارن کي ڪيئن چوان ته هلو هلي ماني کائو !! اُت عادل سخيراڻي چيو. سائين ڏسندا وڃجو سڀني جي پيٽ ۾ جاءِ ڪانهي پر ماني اڳيان ويندا ته ڪجهه نه پڇندو لڳي شرط... ڊاڪٽر سليمان اها ڳالهه ٻُڌي کل ۾ کيرو ٿي ويو چيائين هن قافلي سان گڏ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ٻڌڻيون پون ۽ ڪهڙا تجربا ٿا ٿين، سچ ته اُهي ڳالهيون لکڻ جون آهن. مان جو ڊاڪٽر صاحب جي پوئين واري سيٽ تي ويٺي هئس، کيس چيم توهان پرواهه نه ڪيو لکڻ لاءِ مان ويٺي آهيان. ڊاڪٽر صاحب ڪنڌ ورائي چيو متان سلطانه ڪجهه لکيو اٿئي. اصل سڀني کي ناراض ڪندينءَ ڇا؟ چيم ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. فطري ڳالهين تي ڪنهن کي به ناراض ٿيڻ نه گهرجي. بهرحال عادل سخيراڻي جي دعويٰ سچ ثابت نه ٿي قافلي وارن ساٿ ته ڏنو پر ٿورو گهڻو فروٽ ۽ مٺو کائي ماٺ ٿي ويا. ميزبانن کي به ناراض نه هو ڪرڻو، انهن ويچارن ته وڏي حب ۽ چاهه مان اهتمام ڪيا هئا. هاڻ قافلو بسن ۾ سوار ٿي سچل چيئر جي آڊريٽوريم ڏانهن روانو ٿيو. آڊيٽوريم ڪشادو ۽ خوبصورت ٺهيل هو. مونکي، فهميده ۽ ٻين ڪجهه ڀينرن کي چيو ويو ته توهان هيٺ هال ۾ ويهو باقي ٻيون سڀ عورتون وڃي مٿي گيلريءَ ۾ ويهن مان فهميده ۽ ويناشرنگي اڳيئن سيٽ تي وڃي ويٺاسين، اُ ت اسان سان گڏ هڪ ڀيڻ به اچي ويٺي. اياز گل ان جو تعارف به ڪرايو پر هن مهل مونکي ان جو نالو ياد نٿو اچي. ان وقت رات جا يارنهن ٿي چڪا هئا. هت آڊيٽوريم ۾ شام جو پنجين بجي کان قافلي وارن جو انتظار هو. ميزبانن جن ۾ خواتين ۽ ٻار به شامل هئا سي هاڻ ٿڪجي پيا هئا. هر ڪنهن چاهيو ته جلد از جلد پرگرام شروع ٿئي ۽ جان ڇُٽي، مائيڪ اياز گل سنڀاليو. ان سگا جو پس منظر ٻڌايو، ڳالهائيندي ان ڊاڪٽر سليمان جو نالو هڪ دفعو به صحيح نه ورتو. پهريائين چيائين ڊاڪٽر سليمان شاهه، پوءِ چيائين شيخ سليمان شاهه، پوءِ چيائين شيخ سليمان وري چيائين سيد سليمان آخر ائين ٿيو جو ان صرف ڊاڪٽر صاحب چوڻ شروع ڪيو. دراصل اياز گل جو ڏوهه به نه هو، هت ذهني توڙي جسماني طور سڀ ٿڪيل هئا. سچل چيئر جو پروگرام هلندي خبر نه آهي ته فهميده کي ڇا ٿي ويو. ٿوري دير لاءِ ته مان به پريشان ٿي ويس. جيڪڏهن جنن ڀوتن تي منهنجو اعتقاد هجي ها ته پڪ سمجهو ته منهنجو پهريون ۽ آخري فيصلو اهو هجي ها ته فهميده تي جن اچي ويو آهي. ياد نه اٿم ٿي ڪهڙي ڳالهه تي اُن کلڻ شروع ڪيو. کلڻ جو شروع ڪيائين هاڻ ڪٿي ٿي ماٺ ڪري. مٿان وري مونکي حڪم ته هيڏانهن نه ڏس، چپ ڪري ويهه، ڳالهاءِ نه..... منهنجي دل ۾ وهم ۽ وس وسا اچڻ لڳا. آخر برداشت جي به ته ڪا حد هوندي آهي. آهستي ڪنڌ ڦيرائي فهميده کي ڏسان ۽ پڇان ته ڇو ٿي کلين ته هوءَ وري ٽهڪن ۾ اونڌي، جيئن ته اسان کي اياز گل پهريون ئي ٻڌائي ويو هو ته توهان ٻنهي کي اسٽيج تي گهرائي ڊاڪٽر ابراهيم بخاري ٻين مهمانن سان گڏ توهان کي به ڪتابن جا تحفا ڏيندو. هاڻ انتظار هو ته ڪڏهن ٿو اسان کي سڏ ٿئي ڇو ته خاص تقريرون ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻ مهمانن کي تحفا ملڻ شروع ٿي ويا. ان ويل مان ڏٺو ته ڊائيس اهڙي طريقي سان رکيل هو جو مائيڪ جي تار اُن پاسي کان اُڀي ٿي پئي وئي جنهن پاسي کان مهمان مٿي چڙهيو پيا وڃن. هر مهمان کي تار اورانگهي پوءِ وڃڻو پيو پوي. مونکي اچي پريشاني ٿي سو فهميده کي آهستي چيم توکي ته منهنجي خبر آهي. خيرين سلي سڌن رستن تي به هلندي آءٌ ٿيڙ ٿي کانوان. هرو ڀرون به ٿي ڪريو پوان. اڃان ڪلهه هوٽل پرل ڪانٽينيٽل ۾ ڪري پيس، هاڻ جو مونکي سڏ ٿئي ۽ مان مٿي وڃان ۽ ان تار ۾ وچڙي وڃي هيٺ ڪران ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ فهميده جيڪا اڳ ۾ ئي کلڻ ۾ کيري لڳي پئي هئي. منهنجي ڳالهه ٻڌي ايترو نه گهڻو کلي جو ٻُڏي وئي. مونکي اچي ڊپ لڳو ته وسن جهڙي فهميده هاڻ هٿن مان نه نڪري وڃي، کلندي کلندي دل بيهجي وڃيس ته پوءِ ڇا ڪنداسين. فهميده کي چيم ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي هاڻ منهنجو ذهن فهميده جي کلڻ هٿان هٽي اچي هن مسئلي تي اٽڪيو. منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه اٽڪي ويئي ته اگر اها تار اتان ته هٽي ته پوءِ مان ضرور ان تار ۾ وچڙي ڪري پوندس. اسان جي پٺيان واري سيٽ تي ڊاڪٽر تنوير عباسي ويٺو هو. مان کيس چيو ته ادا هو سامهون ڏسو تار ڪيئن پئي آهي، ممڪن آ ڪو مهمان اتان ڪري پوي توهان ان تار کي اتان هٽرائي ڇڏيو ته چڱو. ڊاڪٽر تنوير عباسي غور سان تار کي ڏٺو ۽ چيائين ته تار سهي آهي اهڙو ڪو مسئلو ڪونه ٿيندو.
هاڻ مان ڇا ڪريان؟ منهنجي ذهن تي بار وڌندو ويو، تصور ۾ ڏسان پئي ته مان مٿي چڙهي آهيان ان تار ۾ وچڙي ڌو وڃي پٽ تي ڪري آهيان. سڀني ماڻهن جا ٽهڪ تاڙيون ۽ کلون...... مان انهن سوچن ۾ئي گم هئس ته ڏٺم ته ڊاڪٽر تنوير عباسي مٿي اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ ان ڇڪي تار کي ڍرو ڪري قالين جي هيٺان ڏئي واپس آيو ۽ مونکي چيائين. سلطانه هاڻ ته ٺيڪ آهي نه. منهنجي مٿان جيل جيڏو بار لهي پيو. هاڻ فهميده ڏي ڌيان ڪيم جيڪا هاڻ کلي ڪانه پئي چپ ڪيو ويٺي هئي. سندس اکيون ۽ نڪ ڳاڙهو لڳو پيو هو. هاڻ مان به خاموشيءَ سان پروگرام ڏسڻ لڳيس.