سفرناما

خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

سلطانہ وقاصيءَ جو سنڌ جي سفر نامي تي آڌاريل ڪتاب ”خوابن جو سفر“ منفرد حيثيت رکي ٿو. سگا سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُهو سڄو قصو هن پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ اُن وقت اخبار ۾ قسطوار ڇپرائي بہ ڇڏيو هو. هيءُ سفر نامو سچل بين الاقوامي ڪانگريس جي وفدن جو سفر آهي جيڪو 3 نومبر 1989 کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين ڪيو ويو. هن مختصر سفر ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا دانشور- سنڌ ۽ هند جا دانشور، اديب، شاعر، فنڪار۽ سياسي سماجي ڪارڪن گڏ هئا.

Title Cover of book خوابن جو سفر (سنڌ جو سفرنامو)

ليکڪ پاران: روح رچنديون

انسان فاني، دُنيا درگزر، وقت جي ڦير گهير ۽ ويڙهاند، اُن چوسول ۾ چرندڙ پُرندڙ انسان هن زندگي ۾ گذاريل وقت جي پيمائش ۾ ماپا نه ٿو ڪري سگهي، ها پر اُن گذاريل وقت جون پيمائشون ورهين کان پوءِ اوهان جي سامهون اچي وڃن ٿيون ۽ اوهان کي حيران ڪري ڇڏين ٿيون!!!
اڄ ورهين کان پوءِ هڪ منهنجي لکڻي زوريءَ مون کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو آهي، سالن کان وٺي هڪ لفافي ۾ پيل هي لکڻي مان ڏسندي هئس. هاڻ جو مان پنهنجيون لکڻيون گڏ ڪيان پئي ته وري اُهو لفافو ڏٺم، دل چاهيو ته اُن کي پڙهان اُن لکڻيءَ کي پڙهڻ سان ئي مان اُن دور ۾ پهچي ويس ۽ اُهي وساريل ورق منهنجي سامهون اچي ايئن بيهي رهيا ڄڻ ته اُها ڪالهه جي ڳالهه هئي.
سچ پڇو ڪالهه جي ئي ڳالهه ته آهي، جڏهن سگا جي طرفان سال 1989ع ۾ سچل ڪانگريس جي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جو سير ڪرايو هو. اُها ياترا مون هلال پاڪستان جي صفحي ۾ لکي ڪري هفتيوار ڇپائي هئي. اُهو عورتن جو صفحو سورمي هو. جنهن جي مان انچارج هئس. اُهو اکين ڏٺو احوال جنهن جو عنوان هو ”خوابن جو سفر“. الائي هو ڪير هئا جن هن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ چاهيو، اُنهن ڊاڪٽر سُليمان شيخ کان اُن جو مهاڳ به لکرايو. هي سڄو سفرنامو اُنهن ڪمپوز به ڪرايو. خبر ناهي ڇو هِن خوابن جي سفر کي هو ڪتابي صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا. پر هڪ سُٺو ڪم اُنهن اهو ڪيو جو مسودو مون ڏانهن ڏياري موڪليائون. اڄ هيڏن سالن کان پوءِ اُن مسودي کي پڙهيم ته مان حيران ٿي ويس.
ڪيترو نه معصوم وقت ۽ اسان جا احساس هئا. اُن گذاريل وقت کي جهڙي طرح مون لکيو آهي ته منهنجي ذهن ۾ به هڪ فلم هلڻ شروع ٿي ويئي. مان پيرين پنڌ اُن دور ۾ پهچي ويس، سهڻو دور، سچا ۽ ڪميٽيڊ ماڻهو، دنياوي ڏيکاءُ کان پري صرف ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو، پنهنجائپ تمام گهڻي، ڪم ڪرڻ وارن جو قدر، واهه واهه جي ضرورت به ڪنهن کي ڪو نه هئي، سڀ ڪو ڄڻ ته پنهنجو فرض پيو پورو ڪري.
خواب ڏسڻ گهرجن، هر خواب جي تعبير سُٺي ڪجي، خواب اکيون پورڻ کان پوءِ ڏسبا آهن، پر هي خوابن جو سفر جيڪو مون لکيو آهي اُهو اکيون پوري نه پر اکيون کولي هوش حواس سان لکي، پيار جي تسبيءَ ۾ پيار سان پويو اٿم. هن خواب جي سفر ۾ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو، ٻڌو جيئن جو تيئن لکي ڇڏيم.
سالن جي وقفي کان پوءِ هِن خواب جي سفر کي ڇپايان پئي. ڇپائڻ اُن ڪري به ضروري سمجهيم ته هيءَ اُن دور جي هڪ حقيقت آهي، اُن دور جون سچايون آهن. مون کي يقين آهي جڏهن توهان هي خوابن جو سفر پڙهندا ته توهان کي ايئن لڳندو ته توهان به اسان سان گڏ هئا ۽ خوابن جو هي سفر توهان کي پنهنجو خواب لڳندو. توهان جي دل به چاهيندي ته اهڙا پيار ڀريا سفر توهان به ڪيو.
هن خوابن جي سفر ۾ ڪيتريون نه وسارڻ جهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي ياد ڪري مون کي خوشي پئي ملي پر هن ڳالهه ته مون کي کلائي وڌو ۽ مان اکيون بند ڪري اُن وقت ۾ وڃي پهتس، جڏهن سچل سرمست جي مزار تي سگا گمبٽ طرفان جيڪو اهتمام ڪيو ويو هو. اُن وقت مان فهميده، سليم ميمڻ ۽ هدايت بلوچ اُت زمين تي ويهي ديڳ ۾ پچايل ڪافي پيتي هئي. ڇا ته مزو هو اُن ڪافي ۾. سوچيو ته سهي ڪاڏي ديڳ ڪاڏي ڪافي!!!
خوابن جو سفر پڙهڻ کان پوءِ توهان به جتي گڏجي سفر لاءِ وڃو ته ضرور ديڳ ۾ ڪافي پچرائي پيئڻ جو مزو وٺجو. هاهاهاها.
مان ٻيهر شڪرگذار آهيان، اُنهن پيارن جي جن منهنجو هي لکيل پورهيو سنڀالي مون کي ڏنو. هو ڪير آهن؟ مون کي ياد نه آهي.
بس زندگي هڪ سفر آهي، هن سفر ۾ انسان جو وجود سفر ڪندو ٿو رهي، مختلف روپن ۾. ڪي زميني سفر هوندا آهن ڪي وجود جا سفر هوندا آهن. وجود جي سفر ۾ پير پنڌ نه ڪندا آهن، انسان جون سوچون پرواز جو پنڌ ڪنديون آهن.
ڪي سفر (ڏُک) وارا به هوندا آهن، بس زندگيءَ جي اها حقيقت آهي. بس انسان جيئرو هجي، جيئڻ جي اهميت آهي. هن جيئري جهان ۾ توهان به منهنجو خوابن جو سفر پڙهو ۽ مون کي ياد رکجو. مان هجان نه هجان، مون کي ڪڏهن به نه وسارجو.

توهان جي

سلطانه وقاصي