2
هاڻ مان سامان ٻڌڻ شروع ڪيو. ان وقت شام جا ست ٿي چڪا هئا. مان نثار حافظ جي دعوت تي وڃڻ جو پرگرام ڪينسل ڪيو. منهنجا ٻئي ٻار منهن سڄايون بيٺا هئا. هو مون کان ڪڏهن به جدا نه ٿيا هئا. مان انهن کي سمجهايو ته توهان مونسان گڏ بلڪل نٿا هلي سگهو. توهان صرف اهو سوچيو ته هي پهريون موقعو مون کي مليو آهي ائين گهمڻ جو، جنهن ۾ خرچ به ناهي ڪرڻو ۽ نه وري رهائش جو بندوبست. وڏي ڳالهه اها آهي ته گڏجي سفر ڪرڻ ۾ جيڪو مزو آهي سو وري نه ملندو . بهرحال سوين واعدا پيار فرمائشون سڀ قبول ڪري مان ٻارن کي راضي ڪيو....
ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي چئين بجي مان اٿيس. باقي رهيل سامان پيڪ ڪيم. ائين اچي ڇهه ٿيا. روماسه ۽ امر کي ننڊ مان اُٿاريم کين اسڪول لاءِ تيار ڪيم، ناشتو ڪري ستين بجي تائين مان بلڪل تيار ويٺي هيس. ان دوران ٻارن کي سمجهائيندي رهيس، هو ٻئي ڏاڍا منجهيل هيا، اُداس هئا، منهنجي پٽ امر کي ته اندر ۾ ڇا به هجي پر ٻاهران بولڊ لڳو پيو هو. مونکي پئي چيائين، امي توهان ڀلي وڃو اسان به خوب مزا ڪنداسين، علي ۽ الميرا سان گڏ بوٽ بيسن وينداسين، ريڊ ڪارپيٽ وٽ وڊيو گيم جي دڪان تي خوب وڊيو گيم کيڏنداسين. مون واري ڌيءُ روماسه چپ چاپ سڏڪا پئي ڀريا، اکين ۾ ڳوڙها پيا ڀرجيو اچنس، جيڪي گهڙي گهڙي ان اگهيا پئي. مان کيس ڀاڪر پاتو پيار ڪيو، خوب سمجهايو پر هو سمجهڻ جي ڪاٿي، جيئن پيار ڪيانس تيئن پئي وڌيڪ ڳوڙها ڳاڙي، مون کي ليليٰ جو انتظار هو جيڪا اڃان تائين ڪانه آئي هئي، ان ويل وري منهنجي دل ڊاما ڊول ٿي ويئي، سوچيم اگر ليليٰ نه آئي ته پاڻ چڱو منهنجي جان ڇٽي آءٌ به ڪونه ويندس... وري ٻيو خيال دل تي تري آيو، هاڻ ته پروگرام به ٺهي چڪو آهي، تياري به مڪمل آهي، هاڻ وڃڻ ۾ ڇا آهي؟ مون کي ضرور وڃڻ کپي جڏهن سوا ست ٿيا ته پاڙي وارن جو در کڙڪائي زبير کي سڏڪيم ته مون کي پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ڇڏي آ.. اهڙي طرح سان مان ٻارن کي خوب پيار ڪيو ۽ کين خدا حافظ چئي رواني ٿيس.
هوٽل تي پهچڻ تي ڏٺم ته ڪي ٻاهر ڪي اندر قافلي وارا پنهنجو سامان کنيون انتظار ۾ بيٺا هئا. مان سک جو ساهه کنيو ، ڇو ته مان سمجهيو پئي ته ٽائيم مطابق قافلو روانو ٿي چڪو هوندو. هوٽل جي اندر جڏهن پالر ۾ پُهتس ته سامهون فهميده نظر آئي. ان سان گڏ شاهده گهانگهرو، نسيم حيدري ۽ جيجي زرينه بلوچ بيٺي هئي، مان وڌي وڃي فهميده سان مليس، اُن ٻڌايو ته سڀ قافلي وارا اچي چڪا آهن پر بسون اڃان نه آيون آهن، ٿوري دير اسان اُت بيٺا رهياسين، گهڙيءَ کانپوءِ هڪ ڪوسٽر آئي اسان سڀ عورتون ۽ ڇوڪريون وڃي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين، عورتن جو تعداد ايترو گهڻو هو جو ڪوسٽر ننڍي ٿي پئي، مان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريو. ان مهل اچي اٺ ٿيا هئا. ليليٰ جو ڪو اتو پتو ڪونه هو، مونکي سندس ان ويساه گهاتيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، مون کي تيار ڪري هوءَ پاڻ نه آئي هئي، مونکي رکي رکي پنهنجن ٻارن جو خيال به پئي آيو، ڪوسٽر ۾ مان ۽ فهميده هڪ سيٽ تي ويٺا هئاسين. اسان جي سامهون واري سيٽ تي جيجي زرينه بلوچ ويٺي هئي، ڀرسان واري سيٽ تي نذير ناز پنهنجي پٽ سان ويٺهي هئي. بس ۾ ڪا به سيٽ خالي نه هئي، اڃان به ڪجهه ڀينرون بيٺيون هيون. ان وقت مظهر ميمڻ ۽ سليم ميمڻ اچي ڪوسٽر جي درين سان جهاتي پاتي، ڏٺائون ته ڪافي ڀينرون بيٺيون آهن، انهن اطمينان ڏياريو ته توهان پريشان نه ٿيو، اسان توهان کي ٻئي بس ۾ شفٽ ڪنداسين جيڪا وڏي هوندي توهان ات آرام سان ويهجو، ان وقت ليليٰ به اچي پهتي، ڪوسٽر جي در مان گهڙندي ئي مونکي چيائين منهنجو ٻه منٽ به انتظار نه ڪيئي، مان تنهنجي گهر ويئي هيس، چوٿين منزل تي چڙهي ويس ڏٺم ته هيڏو سارو تالو لڳو پيو هو، سمجهه ۾ نه پئي آيم ته تون هوٽل ويئي آهين يا ڪاليج، آخر مان هوٽل آيس سڀني کان پڇان پئي ته اڪرم ڪٿي آهي. توکي هت اڪرم جي نالي سان ڪوبه ڪونه سڃاڻي... ڪنهن ٻڌايو سامهون ڪوسٽر ۾ سڀ عورتون ويٺيون آهن، سو مان هيڏانهن هلي آيس، مان ليليٰ کي چيو ڏس ليليٰ ستين بجي جو ٽائيم هو مان سوا ستين بجي تائين تنهنجو انتظار ڪيو، مونکي پاڻ تنهنجو فڪر هو ته مونکي تيار ڪري پاڻ ڇو ڪين آئي آهي. تقريبن ساڍي نوين بجي ٻيون بسون آيون سڀ قافلي وارا بسن ۾ سوار ٿيڻ لڳا. ان وقت مظهر ميمڻ اچي چيو اهي عورتون جن کي سيٽ نه ملي آهي اهي ٻئي بسن ۾ اچن، باقي جيڪي سيٽن تي ويٺل آهن سي ويٺيون هجن.
بسن جي هلڻ ۾ ٿوري دير هئي. مان ۽ ڪجهه، ٻيون ڀينرون ڪوسٽر مان لهي اندر هوٽل ۾ وياسين ڇو ته هاڻي سفر شروع ٿيڻ وارو هو، اسان سوچو اندران واندا ٿي اچون ته چڱو، اسان جڏهن هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ته خبر پئي ته ٻيون بسون هلي ويون آهن، باقي اسان واري ڪوسٽر اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. مظهر ميمڻ، نثار حافظ ٻين پري کان ئي اسان کي تڪڙو اچڻ لاءِ اشارو ڪيو، مان جيئن تڪڙي هليس تئين ڌو وڃي زمين تي ڪريس، کڙي جو هيڏي وڏي هئي مٿان وري هوٽل جي زمين ترڪڻي، مظهر ميمڻ هٿ مٿي کڻي رڙ ڪئي، ادي، ادي سنڀاليو، نثار حافظ ٿورو مشڪي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ٻين بيٺلن تي ماڳهين رخ ڦيرائي ڇڏيو شايد تمام گهڻي کل پئي آين. مان به ڪرڻ سان ئي يڪدم ٽپ ڏئي اٿي کڙي ٿيس. ڌڪ ته ڏاڍو آيم پر برداشت ڪري ويس، جڏهن ڪوسٽر جي ويجهو ويس ته کل ۽ تاڙين جو ڦهڪو ڪن تي پيو. پڪ سمجهيم هي سڀ مونتي پيون کلن، مون کي شرم ته ڏاڍو پئي آيو پر ڇا ڪجي ڪوسٽر ۾ چڙهڻو ته هيم سو چڙهي ويس. فهميده کي چيم ڏٺئي آءٌ ڪيئن ڪريس ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم ۽ توهان سڀ پيون تاڙيون وڄايو ۽ کلو فهميده چيو چري اسان کي ته خبر ئي ڪانهي ته تو ڪو ڌڪ کاڌو آهي اسان ته هت جيجي زرينه بلوچ کان سگهڙين سٿ رسالي مان شاعري پيا پڙهايون اهو نظم ڏاڍو سٺو هو ۽ زرينه به ڏاڍي سٺي انداز ۾ پڙهيو. ان تي اسان تاڙيون وڄايون اسان جو ته ٻاهر ڌيان ئي ڪونه هو. هاڻ مان تفصيل سان فهميده کي ٻڌائڻ لڳيس ته مان ڪيئن ڪريس. فهميده مون کي دڙڪو ڏئي چيو. ٺهيو هاڻ پنهنجي ذهن تي هر ڳالهه سوار نه ڪندي ڪر. چپ ڪري ويهه. هت ڪنهن کي به خبر نه آهي ته تون ڪري آهين. ڀلا ڇا ٿي پيو اگر ڌڪ کاڌئي تون ڳالهه ڪندينءَ ته جن کي ناهه خبر انهن کي به خبر پئجي ويندي. مان به کڻي ماٺ ڪئي، پر ذهن تي بار هيم، مان ڀلا هروڀرو ڇو ڪريس؟ مون سان ائين ڇو ٿيندو آهي؟
هاڻ بس هلڻ شروع ڪيو. ان کان اڳ ۾ مظهر ميمڻ آيو ان چيو ته فهميده ۽ سلطانه توهان ٻئي هن بس جو انتظام سنڀاليو، حساب ڪتاب رکو ته ڪيتريون عورتون هن بس ۾ آهن. سڀني جي نالا ائڊريسون ۽ فون نمبر لکو. اهو رڪارڊ رکڻ ضروري آهي. مان پين ۽ پنو سنڀاليو ۽ نالا لکڻ شروع ڪيا. ڪوسٽر هلڻ لڳي. جيجي زرينه آهستي آهستي سر ڪڍڻ لڳي. سڀ ڇوڪريون ۽ عورتون تاڙيون وڄائڻ لڳيون. اسان جي ڪوسٽر ۾ جيڪي ڀينرون هيون تن جا نالا هي آهن. سلمه شيخ، (ڊاڪٽر سليمان جي گهر واري) سعيده شيخ، ياسمين شيخ، (ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نياڻي) فهميده حسين، جيجي زرينه بلوچ، ساجده شيخ، ڊاڪٽر ليليٰ، عفت جعفري، نسيم حيدري، انيس حيدري، شيرين جعفري، نزهت جعفري، شاهده گهانگهرو، فوزيه ميمڻ، پروين سومرو، زرين افشان قادر، دانشمند فاروقي، نورالنساءِ فاروقي نرگس لطيف، شمع ڪبير، شاهين قريشي، خورشيد عباسي، حميده قاضي، نور جهان قاضي وغيره...
بس جڏهن ڪراچيءَ کان ٻاهر ٽول پلازه وٽ پهتي، اُت بسن جي اڳيان سچل ڪانگريس قافلي جو بينر لڳايو ويو. اسان جي ڪوسٽر ۾ صرف عوتون هيون. ڀلا جت ايتريون عورتون جمع ٿين اُت ماٺ ڪرڻ ته مشڪل آ، سڀن ڇوڪرين ڳيچ پئي ڳاتا، تاڙيون پئي وڄايون جيجي زرينه به ساٿ پئي ڏنو. هڪ ٻئي جي سرن تي کلون ڪرڻ، بس رنگ لڳا پيا هئا، جو خبر ئي نه پئي ته ڄام شورو اچي ويو.
ڄام شوري جون ٿڌيون هوائون پري کان ئي محسوس ٿيون جيئن ته قافلي کي ڪراچيءَ مان نڪرڻ ۾ دير ٿي هئي، ان ڪري ڄام شوري ۾ به دير سان پهتو. اتي پهچڻ سان ئي سڄو قافلو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ محترم ايلسا قاضي جي مزار طرف روانو ٿيو. اتي پهچي ٻاهران آيل مهمانن ۽ مختلف صوبن مان آيل مهمانن گلن جون چادرون چاڙهايون دعا گهري. علامه آءِ آءِ قاضي جن جو پورو نالو امداد علي، امام علي قاضي آهي. پاڻ 1886ع ۾ پيدا ٿيا. ۽ 19 اپريل 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر مقرر ٿيا.
علامه صاحب گهڻن ئي علمن جو ماهر هو، جئين فلسفو، آرٽ، علم ڪيميا، نباتات، علم نجوم، موسيقي، فن تعمير ۽ شعر وغيره. سندس زال محترمه ايلسا قاضي جرمن هئي. اها به شاه جي شيدائي هئي، هڪ بهترين آرٽسٽ هئي. سهڻيون تصويرون ٺاهيندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جو قيام 3 اپريل 1947ع ۾ پيو هو، ان ڪري علامه صاحب جڏهن هن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو، اهو ابتدائي زمانو هو يونيورسٽي جو. علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. انهن خدمتن جي عيوض ۾ جڏهن علامه صاحب 31 اپريل 1968ع ۾ وفات ڪئي ته کين سنڌ يونيورسٽي جي ڪيئمپس ۾ دفن ڪيو ويو. اُت مزار تي علامه صاحب جي سوانح عمري ۽ ادبي خدمتن جي باري ۾ ڪتابن جا تحفا مهمانن کي پيش ڪيا ويا. اتان قافلو واپس سنڌالاجي پهتو. سنڌالاجي ۾ قافلي جو پرتپاڪ خير مقدم ڪيو ويو. خوبصورت سرسبز لان ۾ قافلي جي ماڻهن لاءِ پر تڪلف چانهن پاڻي جو بندوبست هو. کائي پي واندا ٿي سڀڪو گروپ ٺاهيو اندر گهمڻ ويو. مان فهميده ۽ ليليٰ به اندر وياسين. سنڌالاجي ان جي جيڪا تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، جهڙي خوبصورت بلڊنگ آهي، اوڙهو ئي اندر سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت ۽ ڀرپور عقاسي ٿيل آهي. ميوزم جي هڪ پاسي سنڌ جي مشهور، ادبي ۽ علمي ۽ سياسي شخصيتن جا پورٽريٽ، انهن جي زندگيءَ جو احوال ۽ انهن جي ذاتي استعمال جون شيون رکيل آهن ميوزيم جي ٻئي حصي ۾ سنڌ ۾ آباد مختلف ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي طرز زندگي ۽ انهن جو ڪرتون باقاعده شيشي جي شوڪيسن ۾ مجسمن کي روايتي لباس پهرائي ڏيکاريون ويون آهن. مُجسما اهڙا ته خُوبصورت ٺهيل آهن جو حقيقت جو گُمان پئي ٿيو. سنڌ جي هٿ جي ڪم جو به مُڪمل نماءُ ٿيل هو. لائبريري ۽ مُيوزڪ وارو حصو سڀ شيون قابل ديد هيون گهمندي ڏسندي مان فهميده کي چيو ته ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪندو ته هن سڄي ڪم جو اصل مهندار ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن آهن. محنت، جاکوڙ ۽ ريسرچ ورڪ جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي زماني ۾ ٿيو، ان ڪري ئي اڄ سنڌالاجي جو مان مٿانهون آهي. ڪٿان کان ڪهي ماڻهو اچن ٿا ڏسڻ لاءِ. هاڻ اسان ان جاءِ تي اچي بيٺاسين جت هڪ سنڌي هندوءَ جو گهر ڏيکاريو ويو هو، جنهن ۾ هڪ طرف مرد مخصوص صندليءَ تي ويهي بنديءَ ۾ حساب ڪتاب ڪري رهيو هو ۽ عورت ويلڻ چڪري تي پاپڙ ويلي رهي هئي. ان ويل ڪنهن چيو واڻيو هتي به بندي کنيو ويٺو ليکا ڪري، اهو ٻڌي وينا شرنگي ترت چيو عورت ويچاريءَ کي ڏاڍا پاپڙ ويلڻا ٿا پون. ٿورو اڳتي هلي سنڌ جو ميمڻ گهراڻو پنهنجي آڏاڻن ۽ ائٽ سان پنهنجي ڪوريءَ واري ڪرت کي لڳو پيو هو. اسان جي پويان ٻين مهمانن سان گڏ سحر امداد ۽ هدايت بلوچ به پئي آيا، هدايت بلوچ جي وات مان بي اختيار هي لفظ نڪتا ميمڻ ڇو لکيو اٿن ڪوري لکن ها. هدايت بلوچ چوڻ ۾ ته چئي ويو، پوءِ ڪجهه سوچي ماٺ ٿي ويو. سحر امداد (بلوچ) مشڪي ڏنو پر جواب نه ڏنائين. نثار ميمڻ جنهن هدايت جو هي جملو ٻڌو هو تنهن هي شعر پڙهڻ شروع ڪيو.
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
ان وقت ماحول ڪجهه ائين ٿي ويو جو فهميده سمجهيو ته جيئن ته هوءَ ميمڻ آهي تنهن ڪري هدايت بلوچ ان تي طنز ڪري ويو آهي، فهميده مون ڏي منهن ڪري ٿورو وڏي آواز ۾ چوڻ، بلڪل ٺيڪ آ ڪوري لکڻ کپي ها، ڇو ته پورهئي جو مان هوندو آهي، ڪرت جي اهمت هوندي آهي، هدايت بلوچ جنهن کي اُ ن جواب جي توقع نه هئي ۽ نه ئي هن ويچاري جو مقصد ڪنهن کي ڏکوئڻ جو هو. هن ته غير ارادي طور هڪ ڳالهه چئي هئي، سو هو چپ ٿي ويو. سحر امداد ۽ هدايت بلوچ مهمانن سان گڏ ٿورو اڳتي نڪري ويا ته ڪنهن چيو ٻروچ ڪٿي ٿا ڪنهن جي ڳالهه ٻڌن، ته نثار ميمڻ وري رڙ ڪري چيو :
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.