شاعري

منزل ڪٿي آ

جاويد نواز جاويد جي غزلن جي ھن مجموعي جي مھاڳ ۾ بخشل باغي لکي ٿو: ”جاويد نواز جڏهن بہ ڪو غزل لکيو آهي تہ اهو دل جي گَھِراين تائين رسائي پائي وٺندو آهي. هرڻيءَ جي ڇال جھڙا نفيس غزلن جا شعر وڏي پختگيءَ جي رنگ ۾ رچيل، دل جي بٺيءَ ۾ پَچي راس ٿيل سِٽون ڪن رَس سمائي اندر ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏينديون آهن. جاويد نواز وڏي سِٽاءُ سان غزل لکي ٿو، جنھن ۾ تغزل جو رنگ ڄاڱري ٻيرن جيئن رتل ۽ پڪل محسوس ٿيندو آهي. رديف ۽ قافيي جو ڀچاءُ،  يا وزن جي ٺيڪ بيھڪ، لفظن جي سٺي چونڊ، خيالن جي سادگيءَ جو هڳاءُ، ڪڪوريل دل جون ڪيفيتون، خواب، انتظار، وڇوڙا، تنھايون، درد، اوجاڳا، وغيرھہ جاويد نواز جي شاعريءَ جا محرڪ آهن. “

Title Cover of book منزل ڪٿي آ

پيار تنهنجي جو معجزو آهي

پيار تنهنجي جو معجزو آهي

جاويد نواز جي هيءَ شاعري پڙهي مان خوشبو خوشبو ٿي ويو آهيان!
ڇا مان ڪو وڌاءُ پيو ڪيان؟
مان هي تعريفي جُملا ڪتاب جي مارڪيٽ وڌائڻ ۽ دوستي نڀائڻ لاءِ پيو لکان؟ قطعي به نه!
اوهين هيءَ شاعري دل جي نيڻن سان پڙهندئو ته ڄاڻندئو ته مان هي لفظ ايئن ئي دل سان لکي رهيو آهيان، جيئن هي غزلَ دل سان لکيل آهن.
* ٿي پيو جاويد غزل گو آهي،
پيار تنهنجي جو معجزو آهي !
هونءَ به آرٽ آهي ئي دل جي ڳالهه.
دل جي ڳالهه کان وانجهو آرٽ، آرٽ ئي ناهي.
۽ شاعري؟
شاعري ته خود دل آهي!
۽ دل سدائين دل جي ڳالهه ڪندي آهي.
دين دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ جا ٻيا به ڪئي ذريعا آهن. آرٽ دل جي ڳالهه جو اڪيلو رستو آهي.
* مون ڏٺي آ، اوهان جي نيڻن ۾،
زندگي آ، اوهان جي نيڻن ۾،
ڪوئي پيغام آ محبت جو،
ڪا چٺي آ، اوهانجي نيڻن ۾.
(جاويد نواز )
ها، شاعري پيغامِ محبت آهي!
دنيا داريءَ ۽ دماغ جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي سڀ کان گهڻي گهرج محبت جي آهي..احساس ۽ جذبي جي آهي. جنهن کان هو ڏاڍو پري آهي.
* قرب جي بک هئي، پيار جي پياس هئي،
دل کي ماني ڳڀي، ٻوڙ کان پوءِ ڀي،
پنهنجي حصي ۾ آئي سدائين ٻُڙي،
ضرب، ڪٽ، ونڊ ۽ جوڙ کان پوءِ ڀي.
(جاويد نواز)
اڄڪلهه جي نام نهاد نقادي دانشوري دل جي تنها ۽ اداس رستي جي مشترڪ دشمن آهي، ڇو ته اُها دَٻي جهڙي دماغ سان دل جا قصا منطقي نوع ۾ خارجي/سماجي/سياسي پئراميٽرس ۾ ماپڻ تورڻ ۽ ڪڇڻ ڪورڻ ٿي چاهي. ۽ سندن انهن سوڙهن ماپن تي جيڪو آرٽ پورو پوڻ بدران اکين جو لامحدود نيرو گگن بڻجي ٿو وڃي، هُو ان کي ڪهڻ ڪپڻ لاءِ پنهنجي کيسي ۾ ڪاوڙ جي ڪاتي کڻي ٿا گهمن.
۽ نيم پاڳل ٿي ٿا پون.
انهن کي اها خبر ناهي ته آرٽ تاريخ جو محتاج نه هوندو آهي، تاريخ آرٽ جي محتاج هوندي آهي، ۽ هجڻ به گهرجي.
لطيف جو بيت:
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

اڄ به اسان کي ان دور/تاريخ جي تڪليف جو زندهه عڪس ڏيکاري اکيون آگم ٿو ڪري ڇڏي ته اُهو احسان تاريخ جو آرٽ تي نه پر آرٽ جو
تاريخ تي آهي ورنه تاريخ جا سوين هزارين ڪوڙا سچا ڪتاب لائبريرين ۾ سٿيا پيا آهن پر تاريخ جي ڪنهن شاگرد کان سواءِ ٻيو ڪو انهن کي اٿلائي به نه ٿو ڏسي!
مان سمجهان ٿو ته جيڪو آرٽسٽ پنهنجي زندگيءَ/وقت/دور ۾ پنهنجي داخلي درد ۽ حادثن کي آرٽسٽڪ انداز ۾ اظهاري ٿو وڃي، اُهو گويا پنهنجون ۽ پنهنجي دور جون سڀ ذميواريون ادا ڪري ٿو وڃي.
هڪ سچي ۽ فطري آرٽسٽ لاءِ خارجيت ۽ داخليت ٻه هڪ ٻئي کان بنهه الڳ ۽ متضاد Phenonena نه آهن. آرٽسٽ وٽ اگر خارجيت سندس داخليت سان ڳنڍيل/ مليل Inter Connected نه هوندي ته سندس لکڻي سياسي سماجي پمفليٽ ٿي پوندي.
جاويد جي هنن شعرن ۾ خارجيت ۽ داخليت جو اهڙو فطري تخليقي سنگم آهي جيڪو ڏسي سندس سٽن تي پيار ٿو اچي.
* چاهتون، اوسيئڙا يا نوڪري،
هيڪلو جاويد آ، ڇا ڇا ڪري.
* رُڃ جي مان راهه ٿيندو ٿو وڃان،
ڄڻ سنڌو درياهه ٿيندو ٿو وڃان.
* اوڏ هو، گهر اڏيائين پئي لوڪ جا،
پنهنجي ٻارن جي لئه گهر نه ٺاهي سگهيو.
هڪ آرٽسٽ کي پنهنجي اندر جي ڪائنات سان ايئن جُڙيل هجڻ گهرجي جيئن ماڻهوءَ جا پير زمين تي ۽ هٿ هوائن ۾ هوندا آهن.
۽ پياري جاويد جي هيءَ دلڪش غزلاڻي شاعري پڙهندي مان محسوس ڪيان ٿو ته شاعري محبت وانگر آهي جنهن کي لازوال هجڻ نه هجڻ جو ڪو به الڪو نه هوندو آهي. اُها پنهنجي سادگي، سونهن، غنائيت، سرلتا،
جذبي، ڪيفيت ۽ نرالي نواڻ سان موجود لمحي کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ اهُو هڪ لمحو ئي دراصل لازوال بڻجي ويندو آهي ۽ احساس جي گهرائيءَ سان ڦهلجي صدين کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري وٺندو آهي.
بس هڪ آرٽسٽ کي پنهنجي ان هڪ لمحي سان سچو هجڻ گهرجي!
۽ اسانجو هي پيارو شاعر پنهنجي ان لمحي ۽ ڪيفيت سان committed شاعر آهي، انڪري ئي سندس شعرن ۾ شاعري آهي ۽ پوءِ شاعريءَ ۾ زندگي جا ڪئي رنگ روپ آهن.
* دل جي آڪاس تي انڌيرو آ،
ساٿ تنهنجي جو ستارو گهرجي.
* ڪيترو محتاط رهجي تون ٻڌا،
چوطرف آ ڄار تنهنجي سونهن جو.
* ڪنهن کي اچڻو نه آ ته پوءِ منهنجو،
ڌيان اٽڪيو پيو آ ڇو در ۾؟
* دل صفا اڄ منجهي پئي آهي،
ڪو وڏو مسئلو به ڪونهي ڪو.
ڏس اکين جي زمين پياسي آ،
هـيـل سـانـوڻ وٺـو بـه ڪـونهي ڪو.
* ڪيڏي آلودگي وڌي وئي آ،
پنهنجي خوشبو گلاب ڳولن ٿا.
* منهنجي کَل ۾ بگهڙ لڪل آهن،
منهنجون گهرجن ٿيون صورتون مونکي.

* چين گهر ۾ نه رهگذر ۾ آ،
ڪهڙي هلچل اها اندر ۾ آ،
تون ته آئين هليو به وئين ليڪن،
تنهنجي خـوشـبـو اڃا پڌر ۾ آ.
شاعريءَ جي پرک جي پهرين ۽ بنيادي ڪسوٽي Parameter ته اُها پنهنجي Format ۾ توڻي جوهر ۾ شاعري آهي يا ناهي!
ان ۾ موسيقيت ۽ موسيقيت جو اندروني احساس هجڻ، ان ۾ رڌم، سرلتا، ڪَن، رس يا مٺاس جو هجڻ، ان ۾ احساس ۽ جذبي جي موجودگي، ان ۾ شاعراڻي تهه داري، ڀاري نه پوندڙ گهرائي ۽ پنهنجي آس پاس جو تخليقي ادراڪ جو هجڻ، ۽ ان ۾ شاعر جي ذاتي تجربي، مشاهدي ۽ داخلي فطري ڪيفيتن جي آميزش جو هجڻ وغيرهه کي مان شاعريءَ جا فطري پرک جا معيار سمجهان ٿو. واضع رهي ته هر هڪ علم يا تخليقي صنف جي پرک جا معيار ۽ ماپا به انهيءَ علم يا صنف (مثال طور نفسيات، فلسفو، سائنس، سياست ۽ تخليقي ادب، ڪهاڻي ناول، شاعري يا مصوري) جي دائري جا هجڻ گهرجن، ڪهاڻيءَ جي پرک شاعريءَ جي معيارن/اصولن تي نه ٿيندي آهي. شاعريءَ جي پرک لاءِ ناول يا مصوريءَ جا معيار Standards ۽ ماپا Parameters ڪتب نه آڻبا آهن.
ڇا ميڊيڪل سائنس يا انجنيئرنگ جي سمجهه لاءِ شاعريءَ جي ٽرمنالاجي جي ڪم ايندي؟ نه....ته پوءِ شاعريءَ جي پرک لاءِ اسان جا نام نهاد نقاد ڪيئن ٿا دنيا جهان جا ناسي ڳاڙها ڪارا نظريا، فلسفا، انقلابي گهرجون، بغاوتون، نعرا، سماجي تبديلين جا ارادا کڻي اچن. شاعريءَ انهن سڀني مامرن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟
هڪ فطري شاعر هميشه اُهي موضوع ۽ معاملا کڻندو جيڪي سندس تخليقي سڀاءَ وٽان هوندا ۽ جن کي هُو شاعريءَ جي روپ ۾ بهتر کان بهتر انداز ۾ پيش ڪري سگهندو.
فطري شاعر ڪنهن دانشور/نقاد/ماهر کان گهڻو وڌيڪ حساس ۽ ذميوار هوندو آهي. پنهنجي سماج ڏي به، پاڻ ڏي به ته پنهنجي تخليق ڏي به.
سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪميونسٽ روس وارن حڪمرانن وانگر اِها نقادي ڊڪٽيٽرشپ Critic dictatorship زهر کان گهٽ ناهي جيڪا کيس پنهنجي Line تي هلڻ ۽ هلائڻ لاءِ هميشه کان بضد رهندي پئي اچي ۽ آرٽ جا پر ڪٽي کيس محدود کان به محدود ڪرڻ ٿي چاهي.
پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻا تخليقڪار انهي ڊڪٽيٽرشپ جي ڊڪٽيشن تي نه ٿا هلن ۽ هو هوائن وانگر آزاديءَ سان تخليقي عمل ۾ رهن ٿا.
۽ جاويد نواز به انهن فطري شاعرن مان هڪ آهي، جيڪي شاعري کي شاعري سمجهي شاعري ڪن ٿا ۽ پنهنجي دل جي رستي سان هلندي ههڙي شاعري ڪن ٿا:
* مان به تـوسان لُـڇان ٿو پيو،
مون ۾ تنهنجو بدن ٿو رهي.
* ڪيڏا پوپٽ اچي مڙيا آهن،
تنهنجو نالو رڳو لکيو آهي.
* کيس چؤ دور هڪ نه لمحو ٿئي،
هاڻ دل کي نه ٿو سنڀـاليو ٿئي.

* ڪارو دونهون ڪاريهر ٿي،
روز هـڻي ٿو ڏنـگ هـوا ۾.
سچ ته جاويد نواز جي شاعريءَ ۾ جيڪا محبت جهڙي معصوم نهار آهي، جيڪا اداسيءَ جهڙي نرم خاموشي آهي، جيڪا درد جهڙي دلربا گهرائي آهي، جيڪا انتظار جهڙي ڪوسي شام آهي ۽ جيڪا ڪنهن رقاصه جي هلڻي جهڙي تڪيل توريل باوزن، باقافيه ۽ بارديف حُسناڪي آهي ان جو جواب ناهي.
بيشڪ شاعري محبت جهڙو معجزو آهي،
۽ معجزن جي منطقي وضاحت نه ٿي سگهندي آهي.
بس محبت جي معجزن کي دل ۾ محسوس ڪبو آهي...!

مـنـور سـراج