پنهنجي پاران
شاعري خداداد صلاحيت آهي ۽ اهو به سچ آهي ته مالڪ سائين جنهن کان جيڪو ڪم وٺي. منهنجي شاعر بڻجڻ ۾ منهنجي ڪا شعوري ڪوشش نه آهي. مون کان شاعريءَ جو ڪم ورتو ويو آهي. مون کان شاعري منهنجي ڌرتيءَ ڪرائي آهي، منهنجي ٻوليءَ ڪرائي آهي، منهنجي مٽيءَ ڪرائي آهي. منهنجي حساسيت مون لکرايو آهي، بي رخين، محبتن، مُرڪن، اڪيلاين ۽ حادثن مون کي لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آهي.
ائين ئي منهنجي اندر جو اظهار شاعري بڻجي چڪو آهي، جيئن هر انسان پنهنجي اندر جو اظهار مصوري، سنگتراشي، رقص ۽ راڳ ذريعي ڪندو آهي.
مون شاعريءَ جي شروعات 1996ع کان ڪئي، مون کي ياد آهي ته پنهنجي دوست ماڻڪ ملاح کان ضراب حيدر ڪليار جي ايڊريس وٺي اچي ساڻس مليو هئس. ضراب حيدر ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه جو سيڪريٽري هو. سنڌي ادبي سنگت سان وابستگيءَ مون کي ڪيترائي دوست عطا ڪيا. ضراب حيدر ڪليار سان گڏ وسيم سومرو، فياض چنڊ ڪليري، بخشل باغي، منور سراج، گلبهار باغائي، ستار سندر، امداد رند، سارنگ سهتو، عنايت بروهي، غني رند، شريف ميراڻي، بهرام زرداري، ظهير زرداري، حسرت شاهاڻي، پريتم قاضي، محسن جمالي، سيد مختيار شاهه لڪياري، راج ڪنور، وفا يار محمد چانڊيو، سارنگ سنڌو، وجي ڪمار، نديم ڪريم ڀٽي، نثار بروهي، عابد مگسي، عرفان سمون، مير بيتاب پريو، ارشاد چانڊيو، سائل پيرزادو، رحمت پيرزادو، معشوق ڌاريجو، ڄام آدرش، ساحر راهو،ميڪش سومرو، خادم بالادي، مقدر ميمڻ، ڊاڪٽر نور نبي سيال، خليق ٻگهيو، امداد سولنگي، خالد ساحل ڪيريو، فهيم شناس ڪاظمي، محمد ميان سحر آفريدي، سائين عبدالحڪيم ارشد، سائين ميرمحمد پيرزادو، سائين راشد مورائي جهڙن محترم دوستن سان ويجهڙائي ٿي ۽ مون لاءِ علمي ۽ ادبي ماحول جڙي پيو، مون سنڌي ادبي سنگت مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، بخشل باغيءَ جي سنگت، صحبت ۽ حوصله افزائيءَ منهنجي غزل ۾ نکار آندو.
بخشل باغيءَ ۽ ضراب حيدر جي لائبريرين جا دروازا هميشه مون لاءِ کليل رهيا، مون کي ياد آهي ته 1996ع ۾ ئي اردوءَ جي هڪ بزرگ شاعر محمد ميان سحر آفريديءَ مون کي جاويد نواز “جاويد” جو تخلص ڏنو هو ۽ مون کي وزن بحر جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ڏني هئي.
منهنجو ادب سان چاهه به شايد منهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليو آهي، منهنجو والد صاحب “علي نواز بروهي” پڻ ادب سان تمام گهڻو چاهه رکندڙ رهيو آهي، سندس لکڻيون ان دور ۾ ملير ڊائجيسٽ، جيجل ماءُ رسالو، سهڻي رسالو ۽ اردو شمع ڊائجيسٽ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. 1973ع ۾ ملير ڊائجيسٽ ۾ سندس ڇپيل ڪهاڻي “منهنجي محبت” تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کيس 50 روپيه انعام ڏنو هو.
پناهه جگر سنڌي، نسيم سنڌي، وزير سنڌي ۽ ملير ڊائجيسٽ جو ايڊيٽر ۽ منهنجو والد صاحب گڏجي ملير ڊائجيسٽ ۾ لکندا رهيا، 14 آگسٽ 1973ع تي حڪومت جي خلاف مواد لکڻ تي منهنجي والد صاحب، ايڊيٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ وزير سنڌيءَ کي DPR تحت گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدر آباد ۾ موڪليو ويو هو ۽ حڪومت جي طرفان ملير ڊائجيسٽ تي پابندي لڳائي وئي هئي.
منهنجو مامو انور سولنگي ناليوارو ڊارما آرٽسٽ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو انائونسر هئڻ سان گڏ هدايتڪار، ڊرامه رائيٽر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پارکو، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر پڻ هيو، سندس لکيل ڪهاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب “وٽيون وِهه گاڏڙيون” 2005ع ۾ شايع ٿيو هو.
مان شڪر ادا ڪيان ٿو ته مالڪ سائين مون کي پيار ڪرڻ وارا رشتا\ناتا عطا ڪيا آهن، سندن محبتون مون لاءِ سرمايو آهن، اهي آهن ته مان آهيان ۽ اهي آهن ته مان دنيا جو امير ترين ماڻهو آهيان.
مان شڪر ادا ڪيان ٿو الله پاڪ جو جنهن مون کي هڪ پيار ڪرڻ واري ماءُ جهڙي نعمت ڏني ۽ کائنس اهڙي بي لوث ممتا عطا ڪئي جنهن جي آڏو دنيا جهان جون محبتون بي معنى آهن، جنهن جي پيار محبت جون لوليون سمورن سُرن کان مٺڙيون ۽ نراليون آهن. سندس شفقت جي ٿڌڙي ڇانوَ تان ٻنهي جهانن جون خوشيون ۽ مسرتون قربان ڪري ڇڏجن.
الله پاڪ مون کي “انيسا بي بي” جي صورت ۾ هڪ وفادار ۽ پيار ڪرڻ واري جيون ساٿي عطا ڪئي آهي جنهن جي پيار مون کي ڪڏهن به زندگيءَ کان مايوس ۽ دلشڪستو ٿيڻ ناهي ڏنو. سندس محبتن سدائين مونکي سنڀاليو آهي، سدائين حوصلا ڏنا آهن ۽ وک وک تي منهنجو ساٿ ڏنو آهي، جنهن جي محبتن جي مهڪار سان منهنجو گهر مهڪيل آهي. ڪائنات، ڪشف، حسيبا ۽ هالار جهڙا معصوم گل مهڪيل آهن.
الله پاڪ مون کي منور سراج، خادم حسين خشڪ، اختر سيال ۽ ساگر بلاول جي روپ ۾ سڳن ڀائرن جهڙا دوست عطا ڪيا آهن، جن ڏکن سکن ۾ مون کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو. جن مان مونکي هميشه Positiveness جو سبق مليو آهي، حوصلا مليا آهن، مُرڪون مليون آهن ۽ مونکي خبر آهي ته منهنجا هي چند لفظ سندس محبتن جو حق ادا نه ٿا ڪري سگهن!
مان ٿورائتو آهيان سائين محمود ڏاهريءَ جو جنهن منهنجي ڪتاب جي اشاعت واري خواب کي تعبير عطا ڪئي ، سوچيان ٿو ته الاءِ ڪهڙي نيڪيءَ جي عيوض الله پاڪ مون کي اهڙي محبتي ماڻهوءَ سان ملايو جنهن پنهنجي خرچ تي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان ڇپائيءَ جي آخري مرحلي تائين مون سان تعاون ڪيو.
وڏا وڙ سائين خاطي ڪيريو ۽ سندس پٽ راشد ڪيريو جا، جن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ تمام پيار، محبت ۽ باريڪ بيني سان ڪئي.
بخشل باغيءَ، منور سراج، خاطي ڪيريو، صفيه بلوچ، هوش سرهاروي، ڄام آدرش، علي خان خاصخيلي، زين سرهاروي، محمد شريف ڀٽي، وسيم سومرو جا لک ٿورا جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي شاعريءَ کي مان بخشيو. مهاڳ، مضمون ۽ چند سٽون فليپر ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکي ڏنيون.
ٿورائتو آهيان پنهنجي آرٽ جي استاد پير مظفر علي خياروي جو، جنهن مونکي ڪيليگرافيءَ جي فن کان روشناس ڪرايو ۽ هن ڪتاب جي نالي جي ڪيليگرافي ڪري ڏني ۽ خوبصورت ٽائٽل جي چونڊ ڪندڙ بخشل باغي جا پڻ ٿورا...
آخر ۾ اهو اعتراف به ڪندو هلان ته شاعري منهنجي اندر جو آئينو آهي، منهنجي احساسن جو عڪس آهي، مان پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه آهيان. مون ته فقط پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي پني تي اتارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مان ته پنهنجي اڻ پوري وجود ۽ ڪچي ڦڪي شاعري سميت پڙهندڙ جي دل جي دوار تي بيٺو آهيان.
مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي وجود سميت منهنجي شاعريءَ ۾ به ترتيب، وزن بحر ۽ خيال جون انيڪ اوڻايون موجود آهن.
ڏسئون ته ڪير ٿو مون کي ۽ منهنجي شاعري کي انهن انيڪ اوڻاين سميت ڀاڪر ۾ ڀري! اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو. ڀلي اُها تعريفي يا تنقيدي هجي، اوهانجي راءِ مون لاءِ مانائتي آهي.
جاويد نواز جاويد
0301-3819339 0334-3482596