طبي پھاڪا ۽ چوڻيون
اڪ جو کير، اک ۾ نه ڏھائجي. (طبي، چوڻي) اڪ جو کير، ڪؤڙو ۽ ڪسارو ھئڻ سبب، نازڪ عضون لاءِ ھاڃيڪار آھي.
اگهي امير کان، سَگهو غريب سٺو. (طبي، چوڻي) اگھو؛ بيمار. سگھو؛ چاق چڱو. ۲. بيمار ماڻھو، ھر معاملي ۾ ٻين جو محتاج رھي ٿو، جڏھن ته چاق ماڻھو گھمڻ ڦرڻ ۾ آزاد آھي. ۲. اگھي شاھوڪار کان، سگھو غريب ڀلو. (طبي) اگھو؛ بيمار. سگھو؛ چاق چڱو. ۲. بيمار ماڻھو، ھر معاملي ۾ ٻين جو محتاج رھي ٿو، جڏھن ته چاق ماڻھو گھمڻ ڦرڻ ۾ آزاد آھي. ۲. اگھي شاھوڪار کان، سگھو غريب ڀلو. (طبي) ۳. ڌن دولت واري کان، صحت وارو وڌيڪ امير آھي.
آيل جڏو، ويٺل طبيب. (طبي، چوڻي) مھمان ٻاھران ايندو آھي، تنھنڪري ٿڪل ھوندو آھي. جڏھن ته ميزبان گھر ۾ ھئڻ سبب، اڻ ٿڪل ھوندو آھي. نتيجي طور، ميزبان کي ئي مھمان جي ٽھل ٽڪور ڪرڻي پوندي آھي.
بي مروت طبيب گهرندو آهي ته ساري خلق بيمار هجي. (طبي)
بيدار دماغ، تندرست جسم ۾ ئي رھندو آھي. (طبي، چوڻي) تندرست دماغ لاءِ، تندرست جسم ھئڻ ضروري آھي. ۲. دماغي ڪمن ڪرڻ واري کي، پنڌ ۽ ڪسرت سان گڏ جسم جي خوراڪ پڻ ڪرڻ کپي.
بيمار، بي ميار. (طبي، چوڻي) بيمار/ معذور، پنھنجي جسماني لاچاريءَ سسب ڪنھن به ڪم کان لنوائڻ ۾ بي ميار آھي.
بيمار، پاڻ کڻي پنبا هڻي. (نصيحت، پھاڪو) معذور، ٻين سان وڙهي ڪين سگهندو.
بيماري دوا سان لھندي. (طبي، چوڻي) بک، کاڌي سان لھي ٿي، تيئن بيماري وري دوا سان ھٽي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو فرمايل آھي؛ ھر بيماريءَ لاءِ دوا آھي.
بيماريءَ جو کڏ تي چڙهي واڪو ڪجي. (هندي، پھاڪو) بيماري لڪائي ته علاج نه ٿي سگهندو. ۲. بيماريءَ بابت ٻين کي ٻڌائجي ته علاج به نڪري پوندو.
ڀنگياڻي ٿئي راڻي، طبيعت اها ئي گونھاڻي. (ساهتي، پھاڪو) هڪڙو امير ماڻھو، هڪڙيءَ نوجوان سھڻي ڀنگياڻيءَ تي عاشق ٿي پيو، مائٽن جي مرضيءَ خلاف، ساڻس شادي ڪيائين. شاديءَ جي ڪجهه ڏينھن کانپوءِ شھزاديءَ جي طبيعت ناساز ٿي پئي. حڪيم طبيب ڏاڍا گڏ ٿيا پر طبيعت نه سڌري. هڪڙي حڪيم کي خبر پئي، تنھن گهڻن پئسن وٺڻ پڄاڻان، جواهرن سان جڙيل، دٻليءَ ۾ ڪرفٽي ڪٽي، معجون جو نالو ڏئي، پيش ڪندي چيو؛ ”راڻي صاحبه پنھنجي منھن سان دٻليءَ مان معجون سنگهندي ته طبيعت سڌري ويندس.“ ۲. هريل ماڻھو، ھير کان باز نه ايندو آھي. ۳. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ ”جارا ڏيڻا، مين کاوڻا.“
پلو، تپلو. (ٿر، طبي، چوڻي) ٿر جي ڏهرن ۾ ٻيريون جام ٿين.. انھن جا پن ڇاڻي ڍڳ ڪن، جن کي پلو چئبو آهي. جيڪو سياري جو تپلو/ گرم هئڻ ڪري، مال کي کارائبو آهي ته مال جو سيءَ کان بچاءُ ٿيندو آهي.
پنھنجي صحت جو پاڻ حڪيم رھ، ڪڏھن بيمار نه ٿيندين. (طبي) طبي اصولن تي زندگي گذارڻ سان، پنھنجي پاڻ کي بيمارين جي اچڻ کان بچائي سگھجي ٿو. ائين ڪرڻ وارو حڪيمين طبيبين تات نه ٿو پوي.
پيٽ صاف، بيماري معاف. (طبي، چوڻي) بيماريون جسم اندر کاڌي پيتي جي ذريعي داخل ٿين ٿيون. اگر پيٽ صاف رکبو ۽ منجھس گھڻو اوٽ پٽانگ نه ڀربو ته بيمارين کان بچي سگھبو. ۲. ڀيٽيو؛ وات؛ اڌ حڪيم آھي.
پير-سور وارو، ڪياڙي نه کنھندو. (طبي، پھاڪو) جنھن کي پير ۾ سور هوندو، سو پير ئي ٽڪوريندو، بيھي ڪياڙي نه کنھندو.
پيري، بيماريءَ جو گهر. (طبي، چوڻي) پيريءَ ڪمزوريءَ جي علامت آهي، ڪمزور تي هر بيماري حملو ڪندي آهي. قوت مدافعت ختم ٿيڻ سبب، بيماري سان جهيڙڻ اوکو ٿي ويندو آهي.
تڪڙو کائڻ سان، ھاضمو بگڙي ٿو. (طبي، چوڻي) کاڌو تڏھن آنڊن اندر ھضم ٿئي ٿو جڏھن ڏندن سان چڱيءَ ريت چٻاڙيل ھجي. تڪڙو ماڻھو، چاٻا ڏيڻ وارو وقت، بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، جنھن ڪري کاڌو بنا چٻڻ جي اندر ويندو آھي ۽ اتي معدي ۽ آنڊن لاءِ بيماريءَ جو سبب بڻبو آھي.
تڪڙو ماڻھو، ٻه ڀيرا هنگي. (ساهتي، پھاڪو) تڪڙ سبب، ڪم نامڪمل رهي ٿو، مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيھر ڪرڻو پوي ٿو.
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون. (شاهه، يمن ڪلياڻي، چوڻي) هر درد، بيماريءَ جو علاج خدا تعالى وٽ آهي. ۲. تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا. (شاهه)
ٿوري گرهين، گهڻو کاڄي. (طبي، پھاڪو) ٿورو/ ننڍو گرهه چٻاڙڻ سولو، جلد چٻاڙڻ سبب، جلد کاچي ۽ هضم ٿئي. وڏي گرهه کي چٻاڙڻ سان چاڙيون به ٿڪجن ۽ گهٽ کائي سگهجي. ۲. ٿوري گرهين، گهڻو کائجي. ۳. ٿورين گرھئين، گھڻو کائڻ. ۴. خدا طرفان مليل سھوليتن مان، آهستي آهستي فائدو وٺجي، هڪدم جهاٽڪو نه ڪجي. ۵. ڏهجي گهڻا ڏينھن، ڪُھجي هڪ ڏينھن.
جاءِ ته ھوادار، جوءِ ته حيادار. (طبي چوڻي) ھوادار جاءِ اندر، جسماني بيماريون ورلي داخل ٿين، جنھن سببان اھا جاءِ ڄڻ نعمت آھي. حياءَ واري عورت، جيڪا مرد جي ملڪيت ۽ عزت ۾ خيانت نه ڪري، سا ڄڻ ھڪ غنيمت آھي.
جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناه ڪو. (شاهه، چوڻي) بنا ضرورت جي ڪابه شيءِ ايجاد نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي ان جو ڪو موجد ظاهر ٿئي ٿو. ۲. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ۳. ايجاد، ضرورت جي ڪک مان جنم وٺندي آهي.
جاڻ ته جواڻ. (طبي، چوڻي) جاڻ ڦڪڻ سان ٿڌ جو اثر زائل ٿئي ٿو ۽ جسم ۾ نئين توانائي، جواني اچيو وڃي.
جتي چينگھ ڦري، اتي مال ۾ بيماري ڪا نه پوي. (طبي، چوڻي) چينگھ: چيڪلو. ۲. جتي چينگھ ڦرندي آھ، اتي مال ۾ بيماري ڪا نه پوندي آھ. ۳. چرپر واري جاءِ تي بيماريون گھٽ، پرگھٽ ٿينديون آھن.
جڏهن بک لڳي، تڏهن کائجي. (طبي، چوڻي) پيٽ تي بيجا وزن وجهڻ سان، ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿو.
جلاب اَسُوءَ ۾ وٺڻ، صحت لاءِ فائديمند آھي. (طبي، چوڻي) جلاب سان پيٽ جي صفائي ٿئي ٿي ۽ ماڻھو ڪيترين اڻٽر بيمارين کان بچي ٿو. اھو وٺڻ لاءِ به موسم ۽ وقت نظر ۾ رکڻ گھرجن، ٻي صورت ۾ نقصانڪار آھي. اسوءَ جي مھيني ۾ موسم اھڙي ھوندي آھي جو نه اس وڻندي آھي ۽ نه ڇانءَ. دل اڳي ئي کاڌي سان ڪچي ڪچي پئي ٿيندي آھي. ھاضمو خراب ھوندو آھي. جلاب وٺبو ته پيٽ ئي ٺري پوندو ۽ سال کن صحت لاءِ چڱو فائدو ٿيندو.
جو کائي رُکي، سو سمھي سُکي. (طبي، چوڻي) هلڪو ۽ زود هضم کاڌو کائڻ واري کي سدائين قرار هوندو آهي. ۲. سڻڀا، روغني يا مرغن غذائون کائڻ وارا بيمارين ۾ ورتل ھوندا آھن.
جو ڪري حبيب، سو نه ڪري طبيب.
جي ڀانئين ته بت ۾ وران ته ڪسرت ڪر. (طبي، چوڻي) ورزش ڪرڻ وارو ھڏ-رک ۽ سست نه ٿو رھي پر ڪراڙو به جلد نه ٿو ٿئي. ڀانئين ته بت ۾ وران ته ڪسرت ڪر. (طبي چوڻي) توانو رکڻ لاءِ، جسم کي حرڪت ۾ رکجي.
چڱي دوا ڪڙي ٿيندي آهي. (طبي، چوڻي) فائدو ڏيندڙ شيءِ وقتي اگري لڳندي آهي.
ڇاتيءَ جھڙو ٻر ناهي، اکين جھڙي جوت ناهي. (طبي، چوڻي) پنھنجي همت ۽ طاقت جھڙو ٻيو ڪوبه مددگار ناهي. اکين ۾ ديد آهي ته دنيا به رنگين نظر ايندي. ۲. ڇاتيءَ جهڙو ناهي ٻَر، اکين جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
ڇُٽو ڇڪون ڏيئي، لنگھيو لڪ سڀيئي. (طبي، چوڻي) ڇڪ ڏيڻ يا ڇڪ جو اچڻ به الله جي ھڪ نعمت آھي، جنھن جي اچڻ تي جيترو سندس شڪريو بجا آڻجي اوترو ٿورو آھي. ڇو جو ڇڪ اچڻ سان نڪ، گلي ۽ ڪن جا، اکين جي نارن سميت، نار کلي وڃن ٿا، جنھن سان ساھ کڻڻ ۾ سھنجائي ٿئي ٿي.
ڇڏ گدلائي، ڪر سٺائي، سدا رهه اڇو. (طبي، چوڻي) صفائي سٿرائي، صحت جي اصولن مان اولين آهي. ۲. صفائي نصف ايمان آهي. ۳. ڇڏ گدلائي، ڪر سٺائي، سدا رهه اڇو، ملي ميٽ لڱن کي، تون وهنجي ڌو مٿو.
حاڪم ۽ حڪيم ۾ شل نه پوي تات. (طبي چوڻي) ٻئي ۾ پيل ڪم محتاج ڪري، پر اھڙو ڪم جيڪو گھڻا ماڻھو نه ڪري سگھن، سو اگر ڪنھن ڏکئي ماڻھوءَ ۾ پوي ته گھڻو رڙائي.
حڪيم جو يار، سدائين بيمار. (طبي، چوڻي) جنھن سان ياري رکبي، اھو پنھنجي طاقت جو مطاھرو ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ ضرور ڏيکاريندو. ۲. حڪيم به پنھنجا ٺاھيل نسخا، دوستن يارن تي آزمائيندو آھي، پوءِ ڀلي کين انھن جي ضرورت ھجي يا نه. ھيءُ نسخي آزمائڻ خاطر، کين ھروڀرو به پيو ضد ٻڌي بيمار ڄاڻائيندو.
حڪيمن ۽ حاڪمين، شال نه ڪو تات پوي. (طبي، چوڻي) ڊاڪٽر ۽ وڪيل سان شل نه ڪنھن جو پالو پوي، پنائي مارينس. ۲. حڪيمن ۽ حاڪمين، شل ڪنھن کي ڌڻي نه وجهي. ۳. حڪم حاڪم، مرگ مفاجات (فارسي) ۴. حاڪم جو حڪم، پٽيءَ تي موت.
دک دارون، سک روڳ. (هندي، طبي، چوڻي) سک/ عياشيءَ ۾ پئسي ۽ جسم جو نقصان، ڏک/ تڪليف ۾ سھپ ۽ طاقت وڌي ٿي.
دل درست: تن درست. (ٿر، طبي، چوڻي) تندرستيءَ جو دارومدار دل جي درستگيءَ تي پڻ منحصر آهي.
دوا به ڪجي، دعا به ڪجي. (طبي، چوڻي) دعا کان سواءِ دوا به اثر نه ٿي ڪري. ۲. امر کان سواءِ، ڦڪيون فرق نه ڪنديون تنھن ڪري امر لاءِ دعا ضرور گهرجي.
ڏنڀ، آهي ٿنڀ. (لاڙ، پھاڪو) ڏنڀيل جاءِ تي، وري بيماري مشڪل ٿئي ٿي. ۲. دنيا جون سختيون، ماڻھوءَ ۾ همت ۽ جذبو پيدا ڪن ٿيون.
سائيءَ واري کي، سڀ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. (طبي، پھاڪو) هر ڪو ٻين کي پاڻ جھڙو سمجهندو آهي. ۲. ڀيٽيو؛ سانوڻ جي انڌي کي ساواڻ ئي نظر ايندي آھي.
سردي ڀوڳيُن جي، گرمي روڳين جي. (طبي، چوڻي) (ڀوڳي؛ عياش. روڳي؛ بيمار. سردي عياشن لاءِ ڀلي آھي. گرمي وري بيمارين کان بچڻ لاءِ ٺيڪ آھي.)
سرير سگهو: سنسار سگهو. (طبي، چوڻي) جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن کي اندر ۾ ڪا لنجھڻ ناھي. ۲. ڀيٽيو؛ جيءُ خوش، جھان خوش.
سگهو کائي ان، اگهو کائي ڌن. (طبي، چوڻي) صحتمند جو گذر، ٺلھي مانيءَ تي ٿيو وڃي. جڏھن ته بيمار کي خوراڪ سان گڏ دوا درمل به کپي. ۲. ڀيٽيو: تندرست کائي ان، بيمار کائي ڌن. (چوڻي) بيٺو کائي اَنُ، پيو کائي ڌنُ. (چوڻي)
سؤ دوا، ھڪ ھوا. (طبي چوڻي)
سينکيو مارجي ته گيھه ڪچو ته وِهُه. (طبي، چوڻي) سينکيو ماريل هوندو ته مرداني طاقت لاءِ، گيھه وانگر طاقت بخش ٿيندو.
صبر ۾ حڪمت آهي. (طبي)
طبيبين تات، دشمن به نه پوي.
ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئين الله جو. (شاهه، چوڻي) بيماري/ تندرستي تڏهن ايندي، جڏهن خدا تعالى جو حڪم ٿيندو. ۲. ڦڪيون ڪن نه فرق، جيسين امر ان جو. (لاڙ، طبي)
قدر صحت جو سو ڪري، جو بيماريءَ ۾ ڳري. (طبي، چوڻي) جنھن کي بيماري/ روڳ نه لڳو آهي، تنھن کي ڪو به ڀؤ ناهي.
قضا آئي، طبيب پاڳل ٿيو وڃي. (طبي، فارسي)
کا ڪر مُوتئي سووئي وام، اس ڪو ڪڀي نه وئد سي ڪام. (ھندي، چوڻي)
کاءُ انهن سان کائڻي، کائي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن، کائي خُلق وڃائين. (لاڙ)
کائي گلو، ڀري ھيڪلو. ۲. کائي گلو، سِر وڃي ڪَلهو. (اڪيلو).
کائي ھنگايو، سڀ ڪجھ وڃايو. (طبي، ھندي، چوڻي) ۲. کائي ھنگايو، سو نه ڍايو. (طبي، ھندي، چوڻي)
کائي وات، ڳَنَ ڏئي ڳُئي.
ڪُٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نه گڏيا+ ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
ڪم لٿي کانپوءِ، طبيب وڃي مئو ته حرڪت ناهي. (مرهٽي، طبي)
ڪن کي واڱڻ وائي، ڪن کي بصر بادي. (طبي، پھاڪو) واڱڻ گرم هئڻ سبب سرد نه ٿيندو آهي. بصر بادي ٽوڙ هئڻ سبب بادي نه ڪندو آهي. ۲. هر ماڻھوءَ جي طبيعت مختلف آهي. مختلف حالتن ۾، مختلف شيون، مختلف اثر ڪن ٿيون. ۳. ڪنھن کي بصر بادي، ڪنھن کي واڱڻ وائي. واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن کي بادي. (لاڙ)
ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟ (تيلگو، طبي) ڪو به مرض يا تڪليف، وڻندڙ شيءِ ناهي. ڪو به علاج سولو، سستو ۽ وڻندڙ ناهي.
گندگيءَ سان بيماري ٿئي ٿي. (طبي، چوڻي) صفائي سٿرائي رکڻ وارا، جسماني توڙي روحاني بيمارين کان بچاءِ ۾ رهن ٿا.
گھٽ کائڻ ۽ غم کائڻ، ٻئي ڀلا. (طبي، ھندي، چوڻي) ۲. گھٽ کائڻ سان تن درست، غم کائڻ سان من درست.
گوشت کاڌي وڌس ماس، انَّ کاڌي وڌي اوجهري، کير پيتي وڌي رت، گيھه کاڌي وڌي کوپري. (طبي، چوڻي) هر هڪ شيءِ مان ڪو نه ڪو فائدو ضرور حاصل ٿئي ٿو.
گيھه، زهر جو اُتار آهي. (طبي، چوڻي) اُتار: اها دوا جنھن سان ٻيءَ دوا جو اثر لاهجي، ترياق. ۲. گيھه پيئڻ سان، نانگ، وڇونءَ وغيره جي ڏنگيل جو زهر بي اثر ٿئي ٿو.
ڳڙ سان مرندڙ کي، زھر نه ڏجي. (طبي، پھاڪو) ۲. ڳڙ سان مري، تنھن کي زھر ڇو ڏجي. ۳. ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس؟
ماکيءَ کان وڌيڪ سٺي دوا نه آهي. (طبي، چوڻي) ۱. ماکي، ٻٽيھن (۳۲) مرضن تي پوي ٿي. ۲. ماکيءَ مان نقصان (سائيڊ افيڪٽ) ناهن.
مرض کي روڪڻ، علاج کان بھتر آهي. (طبي، پھاڪو) مرض پکڙجڻ کان اڳ اپاءَ وٺجن، بعد ۾ هر مريض جو علاج ڪرڻ ڏکيو آهي. ۲. دوا کائڻ کان ڪِري/ رک ڪرڻ چڱي آهي.
مرھم ٺاھي نه سگھجي ته ڏنگ نه ھڻجي. (طبي، پھاڪو)
مغز جي سور جو علاج، تاج نه ٿئي. (طبي، پھاڪو) ظاهري ڏيک ويک سان، اندر جون بيماريون ختم نه ٿيون ٿين.
مھربان طبيب، بيمار جي اک تان ڪري پوندو آهي. (طبي، پھاڪو) جراح Surgeon وڍ ڪٽ کان لھرائيندو ته، بيمار جي بيماري ڪيئن ختم ٿيندي؟ ۲. ڀيٽيو؛ گھوڙو گاھ سان ياري رکندو ته بک مرندو.
نرويو نه ڄاڻي، ڪوئي ڏک ڏوار جو. (هندي، چوڻي، طبي.) (نرويو: تندرست. ڏوار: بيمار. ۲. تندرست کي بيمار جي حال جي ڪائي خبر ناهي.)
نزلو ڪمزور، ضعيف عضوي تي ڪرندو آهي. (طبي، پھاڪو) ۱. مصيبت، مسڪينن تي وڌيڪ ڪڙڪندي آهي. ۲. ڀيٽيو: ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا.
نه هڪ ڪِري، نه سؤ دوائون. (طبي، چوڻي) مرض کي روڪڻ لاءِ دوائن کان ڪِري/رک بھتر آهي. Prevention is better than cure.
نيرن کائو بادشاھن وانگي، ڏپھرو/مانجھاندو ڪيو شهزادن وانگي، رات جي ماني کائو مزدورن وانگي. (طبي، چوڻي)
وات ته مُئي نه ته پُئي. (طبي، چوڻي) وات ته مئي، نه ته جھڙو وات تھڙي ڳئي. (سرو) (پُئي: ڪاڪوس خانو (Lateran) ، مُئي: ماچڻو. ڏندڻ کان سواءِ وات ڌپ ڪيو وڃي. ڀيٽيو: وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.)
وات، اڌ حڪيم آهي. (طبي، چوڻي) وات آهي اڌ حڪيم/ طبيب. (ساهتي) ۱. کاڌو واتان کاڄي. ماڻھو کاڌي مان ئي بيمار/صحتياب ٿئي. 2. صحت لاءِ وات تي ضابطو ڪرڻ گهرجي.)
وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي. (سرو، طبي، پھاڪو) (صفائيءَ سٿرائيءَ کانسواءِ، وار به نه ٿا ٺھن.)
واندو ماڻھو، جلد مرندو آهي. (طبي، چوڻي) (غير مصروف ماڻھو، دنيا مان جلد هليو وڃي ٿو.)
وڏو مرض، ڊگهو علاج. (طبي، چوڻي، پھاڪو) (وڏيءَ برائي، بيماريءَ کي پاڙان پٽڻ لاءِ وڏو جھاد ڪرڻو ٿو پوي.)
وقت وڍيندڙ به آهي ته ويڄ ڀي. (سنڌ، طبي، چوڻي) (زمانو، وقت، ڪن کي ٺاهي تهڪن کي ڊاهي ڇڏي)
وڻو لھي وڃي، رئو ڪين لھي. (ابتي، طبي، چوڻي) وڻو وسري وڃي، رڻو ڪين لھي. (ابتي) وڻو ڪين وسري، رڻو لھي وڃي. (صحيح) (ڀيٽيو: رڻو ڪين لھي.)
وهم جي دوا، لقمان حڪيم وٽ به ڪانھي. (طبي، چوڻي) (هر مرض جو علاج آهي پر وهمي، شڪي ماڻھوءَ جو ڪوبه علاج ڪونھي)
وهيءَ جا ڌڪ، پيريءَ ۾ ظاهر ٿين. (طبي، چوڻي) (وهيءَ، جوانيءَ ۾ ڪيل ارڏاين جا نتيجا پيريءَ ۾ لوڙبا آهن.)
ويڄ! ڏنڀيين ڪُھ ٻانھن! سُورَ هينئين کي سامُھان. (شاهه، بروو سنڌي، چوڻي) (اي طبيب، جڏهن سور دل ۾ آهي ته پوءِ ٻانھن جو سور جو علاج ڇو ٿو ڪرين؟!)
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين. (شاهه، يمن ڪلياڻ، چوڻي) (طبيبن جي هٿ شفا ناهي. خدا تعالى کان شفا ملندي.)
ويد ڪري ويدائي، سائين ڪري چڱائي. (طبي، چوڻي) (ويد، حڪيم، طبيب، فقط دوا ڏيندو. شفا الله کان ايندي.)
اوجھ ڀرڻ، آ روڳ ڀرڻ. (طبي)
اڌ حڪيم آھي، ڪِري. (طبي)
اڌ-رنگ، ماري يا کاري. (طبي)
ايترو کائجي، جيترو ھضم ٿئي. (طبي)
آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن، ڪئو وس ويڄن، تان ڪريءَ ريءَ ڪين ٿئي. (شاهه، يمن ڪلياڻ، چوڻي)
بک ڌاران کائڻ، بت جو زيان، گھرج ڌاران ڳالھائڻ، آبروءَ جو زيان. (لاڙ، طبي)
بي مروت طبيب گهرندو آهي ته ساري خلق بيمار هجي. (لاڙ، طبي)
بيماريءَ جو علاج آھي، موت علاج ڪونھي.
دنيا جي تختي تي زندگي گهارڻ لاءِ، هر انسان قدرت طرفان سھڻي صورت، سگهو سرير ۽ عمر جون چار گهڙيون کڻي آيو آهي. اهي چار گهڙيون به کيس تياريءَ واسطي مليل آهن ته جيئن زندگيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿي سگهي. پاس ٿيڻ جي تياري اهو ڪري سگهندو، جنھن جو ڌيان ٻين معاملن کان هٽيل ۽ امتحان واري معاملي ڏانھن يڪسوئيءَ سان مرڪوز هوندو. ڌيان تڏهن مرڪوز رهندو، جڏهن طبيعت بحال هوندي ۽ جيءُ ڪم ۾ لڳندو. اهو سڀ ڪجهه وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻھو طبعي طور سنئين لڱين، تندرست ۽ سگهو آهي.
تندرست، سگهو، جانٺو جوان ئي ڪم جي لائق رهي ٿو. اهو به تڏهن، جڏهن کيس ڪا ٻي لنجهڻ نه هجي. روڳي ماڻھو پاڻ ته بيڪار رهندو پر ٻين کي به کاري بيڪار ڪري ويھاري ڇڏيندو.
سگهائيءَ ۽ جوانيءَ جي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي. سگهه ۽ جواني آهي ته جنگل ۾ به منگل پيا معلوم ٿيندا. سرير سگهو ۽ ترشنا جوان هجي ته گونھن ۾ به سونھن آ. ان جي برعڪس سرير ٻڍو ته ترشنا به مئل. پيريءَ ۽ پوڙهپ، اگهائيءَ ۽ ڪمزوريءَ واري کي، اوچن محلن جي ڪيمخواب بسترن تي به بيقراري ۽ بيزاري پئي محسوس ٿيندي. پيريءَ ۾ ماڻھو فقط جوانيءَ کي ياد ڪري پيو ڪُرڪندو آهي.
عزت ۽ خوبصورتي به سگهه/ جوانيءَ کي آهي. جوانيءَ ۾ گونھن به ڦولارجيو پوي. جواني، پنھنجو قدر پاڻ ڪرائيندي آهي. فوهه جوانيءَ ۾، سادي رنگ وارو ماڻھو به پيو وڻندو. ان جي برعڪس پوڙهپ/ ڪمزوريءَ ۾ بدصورتي آهي. ڪراڙپ خود وڏو مرض آهي. منجهس ظاهري سونھن ختم ٿيو وڃي. منجهانئس هر ڪو بيزار ٿيو وڃي. اوڙو پاڙو، دوست يار، مِٽَ عزيز ته بيزار ٿي ڀڄي وڃن پر پيريءَ، ڪمزوريءَ، بيماريءَ وارو به خود پاڻ مان بيزار ٿيو وڃي ۽ وتي هر آئي وئي کي منٿون ڪندو ته؛ هاڻي دعا ڪريو ته سوير ساجهرو ڌڻي پنھنجو ڪري!
هتي انھن پھاڪن، چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي تندرستيءَ جي تعريف، مرض جي مذمت، بيماريءَ کان بچڻ جي تدبيرن، ڪِريءَ جي تاڪيد، علاج جي ڪوشش ۽ غلط ڊاڪٽرن جي وَرِ چڙهڻ کان بچڻ بابت چيل آهن.