10. لاعلاج مرضن بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
10.1 اجل کي اجمل ڇا ڪندو؟ (هندي، پھاڪو)
اجمل، دهليءَ جو مشھور حڪيم هيو. سندس هر نسخو مجرب هيو. موت يا اجل جو، وٽس به نسخو نه هيو. موت کي ٽارڻ لاءِ، ڪا به دوا ايجاد نه ٿي آهي. ڇو جو موت مرض ناهي. بلڪ مرض کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي.
هر ساهدار تي موت ايندو. فقط رب مٺي جو نالو باقي رهڻ وارو آهي. شفا جي اميد به کانئس رکجي.
مطلب:
اجل ايندو آهي ته حڪيم پاڳل ٿي پوندو آهي.
ازل کي ڪير وجهي جَهلَ.
جڏهن قضا ايندي آهي ته طبيب پاڳل ٿي پوندو آهي.
10.2 بد مزاجيءَ/ خراب طبيعت لاءِ ڪا دوا آهي ڇا؟ (تامل، چوڻي)
جنھن جو مزاج، طبيعت خراب آهي، ان کي دوا ڪھڙو اثر ڪندي. پھرين ذهن ۽ دل ٺيڪ ڪجن، تنھن کانپوءِ ئي روحانيت ٺيڪ ٿيندي. مزاج ازخود ٺيڪ ٿي ويندو. مزاج ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هٽن تي سُتيون، ڦڪيون ڪين وڪامنديون آهن .
مطلب:
جسماني مرض کي دوا اثر ڪري ۽ روحاني مرض کي دعا اثر ڪري.
10.3 پنھنجي ڪِئي جو، ويڄ نه طبيب. (سنڌ، پھاڪو)
پنھنجي هٿ سان پنھنجو پاڻ کي پھچايل نقصان جو ڪٿي به تدارڪ ناهي. پنھنجو عيب ٻئي جي آڏو، ڪير به نه اگهاڙي سگهندو. ان لاءِ ان جو علاج به نه ٿي سگهندو. بھتر آهي ته بجاءِ پنھنجي پاڻ کي لڪل/ ڳجهن مرضن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪنھن ڄاڻوءَ کان علاج وٺجي.
مطلب:
پاڻ-وڍيي جو؛ ويڄ نـه طبيب.
پنھنجي پاڻ کان پيل نقصان جي تلافي، سڄي عمر نه ٿي ڪري سگهجي.
پنھنجي ڪيل لاءِ، تدبير ناهي. (فارسي)
پنھنجي ڪئي جو؛ نڪو ويڄ نڪو طبيب.
پنھنجي ھٿ سان وڌل نقصان جو ازالو، ڏاڍو ڏکيو.
پنهنجي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ نه طبيب.
خود ڪردني را، علاجي نيست. (فارسي)
هٿ جي ڦٽي، نه دارون نه پٽي.
هٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب.
ھٿ سان پھتل نقصان جو ازالو ڏکيو آھي؛ نه پاڻ ڀري سگھجي، نه ٻئي تي الزام ڌري سگھجي.
هٿ-وڍئي جو؛ ويڄ نه طبيب. (لاڙ)
10.4 جنھن درد جو دارون نه هجي، سو سَتُ/ مِٺو ڪري ڀوڳجي. (هندي، پھاڪو)
دنيا جي تختي تي ڪي اهڙا درد ۽ لنجهڻون به آهن، جن جو بظاهر ڪوبه علاج ناهي. جيترو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آھي، اوترو اهي اُگمبا ۽ تباهي آڻيندا آهن. ان لاءِ بھتر آهي ته بجاءِ علاج سان بيماريءَ کي چيڙائڻ جي، صبر ڪجي ۽ اللھ تي ڀاڙجي. ان ۾ به خدا تعالى جي طرفان مدد پھچندي.
مطلب:
ڀيٽيو؛صبر ۾ حڪمت آهي.
10.5 ڄٽ ۽ ڦٽ، نه کُٽي نه ڇُٽي (ساهتي، چوڻي)
جھڙي نموني ڄٽ، بي سمجهه هئڻ سبب ڳِڪَ ٿي لڳندو آهي ۽ ضد نه ڇڏيندو آهي. تھڙيءَ طرح ناسوري ڦٽ به ڪنھن دوا تي نه ڇُٽندو آهي. جھڙيءَ طرح ڄٽ، تقريرن ڪرڻ جي باوجود ڪڌن ڪمن کان باز نه ايندو آهي، تھڙيءَ طرح ناسوري ڦٽ به نه ڀرجندو ۽ نه چونئرا ورندا اٿس.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ڄٽ، ڦٽ، ھٿ، سر ۽ سوئر ٻڌا ڀلا.
10.6 خدا جي لڪڙيءَ کي آواز ناهي، جيڪو کائي تنھن جو علاج ناهي. (فارسي، چوڻي)
اللھ تعاليٰ جي طرفان آيل عذاب، ظاهري يا باطني، لاعلاج هوندو آهي. ان کان ڇوٽڪارو وري به اللھ پاڪ پاڻ ڏياري ته ٿيندو، نه ته بچڻ جي ٻي صورت/ واهه ئي ڪانھي.
مطلب:
اللھ جو عذاب، اوچتو ڪڙڪندو آھي.
10.7 عشق ۽ وهم جي مرض جو علاج، لقمان حڪيم وٽ به نه هيو. (سنڌ، چوڻي)
عشق ۽ وهم، اهڙيون بيماريون آهن، جن جو ڪوبه علاج ناهي. عشق به چڱي ڪم جو هجي ته اللھ جي نعمت آهي. جيڪڏهن بري ڪم جو آهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو عذاب ئي ناهي. اهڙيءَ طرح وهم به نفسياتي بيماري آهي. جنھن سان جهيڙن جهٽن لاءِ ٻنڀو پٽجي ٿو. ٻنھي کان ڇوٽڪارو، اللھ ئي ڏياري. باقي ڪنھن حڪيم جي جاءِ ناهي.
مطلب:
عشق پر زور نهين، يه وه آتش هي،
جو لگائي نه لگي اور بجهائي نه بجهي. مرزا غالب
10.8 مئل گهوڙي ۾ ساهه ڪين پوندو (انگريزي، پھاڪو)
مئل کي زنده ڪرڻ تي فقط خدا تعالى وَسَ وارو آهي. مئل کي وقتي، اللھ جي حڪم سان، قم باذن الله چئي جيئرو ڪرڻ، فقط حضرت عيسى عليه السلام جو معجزو هيو. ٻيءَ صورت ۾، هر جيوَ کي زنده ڪرڻ، اللھ تعالى جو خاصو ۽ فعل آهي. ڪنھن حڪيم کي طاقت ناهي جو مئل کي زنده ڪري سگهي.
مطلب:
ميت/ ميٿ/ مردي جي مُنھن کي، مَکَڻُ مَکِڻَ سان، حياتي نه موٽي ملندي.
Don’t flog dead horse.
10.9 مئي پڄاڻا، دارون ڪھڙي ڪم جو (سنڌ، پھاڪو)
دوا، زنده تي اثر ڪندي آهي. مئل تي اثر ڪين ڪندي آهي. دوا جو سڌو واسطو زندگيءَ سان آهي، موت سان نه. موت خود علاج آهي. زندگيءَ جي بيمارين/ عذابن کان آجپي ملڻ جو رستو آهي. ٻن محبوبن کي ملائڻ لاءِ پُل آهي. عاشقن/ مريضن لاءِ نعمت آهي. موت جو قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن جھنم جي عذاب کان تنگ ٿي، موت گهربو ۽ گهرڻ تي به نه ملندو. تڏهن موت جو قدر ٿيندو. بھرحال، مئل لاءِ، موت کان وڌيڪ ڪو به ڀلو علاج آهي ئي ڪونه.
مطلب:
مئي پڄاڻا، مري وئي سڄي دنيا.
عيد کان پوءِ، ڪپڙا ڪھڙي ڪم جا؟
10.10 مئي پڄاڻا، سج اڀري نه ته ٻي جھاني (ساهتي، پھاڪو)
هڪڙي همراهه کي هڪڙي بادشاهه ڪنھن ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏياري. کانئس آخري خواهش پڇي وئي ته موٽ ۾ چيائين؛ “جڏهن سڀاڻي سج اڀرندو ئي نه ته خواهش ڪھڙي ڪم جي؟”
اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه به وائڙو ٿي ويو. کيس خوف ۽ دهشت ورائي وئي. يڪدم پڇيائينس؛ “توکي ڪيئن خبر پئي ته سڀاڻي سج ڪونه اڀرندو؟”
“مان اکين سان ڏسان ٿو پيو.” ان همراهه يڪدم ٻڌايو.
بادشاهه کي سندس ڳالهه تي ويساهه اچي ويو ۽ چيائينس؛ “اصل حقيقت ٻڌاءِ ته توکي ڦاسيءَ جي معافي ٿا ڏيون!”
“حضور والا!” ڦاسي ايندڙ همراهه وراڻيو؛“جڏهن سڀاڻي منھنجو سر ئي هن دنيا ۾ نه رهندو ته ڄڻ مون لاءِ سج ئي نه اڀريو. هاڻي ڪھڙي خواهش ڪيان! هونئن به مري وڃڻ واري لاءِ سج جو اڀرڻ بي فائدي آهي.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۱۱.۵ سر کان پوءِ سج اڀري نه ته ٻي جھاني.
10.11 نانگ جهليو وڇون، چي؛ ڇڏيانس ٿو ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان. ڳھانس ٿو ته پيٽ ٿو چيري. (هندي، پھاڪو)
ڪڏهن ڪڏهن اهڙا حالات پيدا ٿيندا آهن جو منجهن انسان ويچارو، ڪوڙڪيءَ وانگر چؤکنبو ڦاسي پوندو آهي. نه جاءِ رفتن، نه پاءِ ماندن واري حالت ٿي پوندي آهي. يعني ڪي اهڙيون به بيماريون ٿينديون آهن، جيڪڏهن انھن جو علاج نه ڪبو ته پاڻ ختم ٿينديون پر دوا جي side effect طور ٻيون بيماريون ٿينديون آھن. جيڪڏھن علاج نه ڪبو ته انھن بيمارين ۾ پيو ڳربو/ لوڙبو.
مطلب:
خدا تعالى طرفان پڪڙ/ عذاب، جڏهن ايندو آهي ته ڀڄڻ جون راهون ئي بند ٿي وينديون آهن.
ٿڪ ڦٽي ڪر ته ماءُ ٿي مري، ڳِھُ ته پيءُ ٿو مري.