6. پرهيز، ڪريءَ يا رکَ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
ان ڪري ڀٽائي سڳوري به فرمايو آهي؛
ويڄن سان وائي پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
اگهن اِن اهڃاڻ، پسيو سور سجهائيا. (يمن ڪلياڻ)
مطلب:
حڪيم جي هدايت تي هلندي، ڪِري ڪجي. ان جي خلاف ورزي نه ڪجي.
6.1 آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن،
ڪِئو وس ويڄن، تان ڪِريءَ ريءَ ڪين ٿئي. (شاهه، يمن ڪلياڻ)
حڪيم/ طبيب ته گهڻي ئي چاهي ٿو ته سندس هٿان مريض کي شفا ملي. پر شفا مريض کي تڏهن ملندي، جڏهن حڪيم جي هدايت تي ڪِري به ڪندو. پرهيز ڪرڻ وارو ئي هدايت جي راهه تي هلي سگهندو ۽ اصل منزل ماڻيندو.
مطلب:
ڪريءَ کانسواءِ دوا اثر نه ڪندي آھي.
ڪري/ پرهيز پڻ، علاج جو حصو آھي.
6.2 اگهن جي ٻُڪي، سگهن لاءِ نه هوندي آهي. (سنڌ، پھاڪو)
بيمار لاءِ تيار ڪيل کاڌو يا دوا، سگهي/ صحتمند کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندا. منجهانئن کيس نه فرحت ايندي، نه سڪون. مريض کي ساديون ۽ زود هضم شيون کپن. جڏهن ته صحتمند ماڻھوءَ کي طاقتور/ طاقت بخش کاڌا گهرجن.
مطلب:
صحتمند کي، کائڻ لاءِ بيمار واري دوا ڏبي ته بيمار ٿي پوندو.
6.3 پرهيز، علاج کان بھتر آهي. (ساهتي، پھاڪو)
بيماريءَ جي ڪارڻن جي جيستائين خبر نه ٿي پوي، تيستائين علاج ممڪن ناهي.
علاج ۾ به دوا پوءِ اثر ڪندي، جڏهن بيماريءَ جو سبب نه ختم ڪبو. جنھن شيءِ مان بيماري ٿئي ٿي، سا واپرائڻ بند نه ڪبي، تيستائين دوا به اثر نه ڪندي.
مطلب:
پرھيز ۾ خرچ ناھي. علاج تي تمام گھڻا پئسا ڳرن ٿا.
دوا کان ڪري/ رک ڀلي آهي.
علاج کان پرهيز بھتر آهي.
6.4 چَکَ کان، رَکَ چڱي. (سنڌ، پھاڪو)
چکڻ، کائڻ، وات کي چسڪا وٺرائڻ سان ئي بيماريون وچڙنديون آهن. جڏهن ته رک، ڪريءَ، پرهيز، بک ڪاٽڻ سان بيماريون نه لڳنديون آهن ۽ ماڻھو بيماريءَ جي حملي کان به محفوظ رهندو آهي.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۱۲.۳ گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو.
6.5 روڳ گهٽي، ڪڇ اوکت کايا. (ٿر، چوڻي)
هڪ هندي ڪويءَ، داس بھاريءَ، جي ڪوتا آهي؛
مانُ گهٽي ڪڇ مُک سين مانگت، پريت گهٽي نِت پَرَ گهر جايا،
گيان گهٽي نِرمونڍ ڪي سنگت، ڌيان گهٽي چِت ڪو ڀرمايا،
تيج گهٽي پَرَ نارِ ڪي سنگت، ٻُڌِ گهٽي ٻهو ڀوڄن کايا،
شوڪ گهٽي ڪڇ ساڌ ڪي سنگت، روڳ گهٽي ڪڇ اوکت کايا،
داس بھاري ڏک ڏار ڊر گهٽي، گووند گووند گايا.
وات سان گهرندي، مانُ گهٽجي ٿو. هر هر پرائي گهر وڃڻ سان محبت گهٽجي ٿي. غلط عورتن جي سنگت ۾ عبادت جو شوق گهٽجي ٿو. بد نيتي ڪرڻ سان ڌڻيءَ جو ڌيان گهٽجي ٿو. چھري جي رونق، پراين عورتن سان سنگت رکڻ سبب گهٽجي ٿي. گهڻو کاڌو کائڻ سان سمجهه ۽ عقل گهٽجي ٿو. ساڌن جي سنگت ۾ غلط ڪم جو ڌيان گهٽجي ٿو. گهٽ کائڻ سان بيماري گهٽجي ٿي. ڌڻيءَ جو نالو وٺڻ سان اندر جو خوف گهٽجي ٿو.
روڳ/ بيماري تڏهن گهٽبي، جڏهن اوکت/ گهٽ کائبو. گهٽ کائڻ واري تي بيماري به ورلي حملو ڪندي آهي ۽ بيمارين نه لڳڻ سبب مرندو به جلدي ناهي. ڇو جو منجهس قوتِ برداشت گهڻي هوندي آهي. جڏهن ته گهڻو کاڌو کائڻ واري ۾ قوتِ برداشت گهٽ هوندي آهي. مٿس بيماري به جلد حملو ڪندي آهي ۽ موت به ستت ايندو اٿس. ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو.
آڳاٽي دور ۾ هڪڙي بادشاهيءَ ۾ ٻه همراه؛ هڪڙو سنھڙو ۽ عمر کان موٽيل، ٻيو جوان ۽ هٽڪو ڪٽو، اچي لانگهائو ٿيا. سپاهين کين جاسوس سمجهي قيد ۾ اڇلي ڇڏيو. ٽن ڏينھن تائين ٻئي همراه قيد ۾ پيا رهيا. جڏهن ٽن ڏينھن کانپوءِ کين ڪڍيو ويو ته جوان همراهه مئو پيو هيو ۽ موٽيل همراهه زنده هيو. انھيءَ تي سپاهي ڏاڍا پريشان ٿيا. اتي هڪ حڪيم کي وٺي آيا. ان کي سڄي ماجرا حيرت سان ٻڌايائون. ان تي حڪيم ٻڌاين؛ “مون کي ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ها، جي سنھو همراهه مري ها ۽ ٿلھو زنده رهي ها!”
ان تي سپاهين، کانئس سبب پڇيو. جنھن تي حڪيم کين ٻڌايو؛ “نوجوان ۽ هٽڪي ڪٽي همراهه ۾ بک برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هئي. جڏهن ته سنھي ۽ سيپڪڙي همراهه ۾ بک برداشت ڪرڻ جي سگهه هئي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان فوت ٿي ويو ۽ ڪراڙو زنده رهيو!”
مطلب:
گھٽ کائڻ واري کي، بيماريون گھٽ وچڙن ٿيون.
6.6 صبر ۾، حڪمت آهي (نصيحت، چوڻي)
بيماريءَ ۾ صبر ڪرڻ اشد ضروري آهي. اٻھرو نه ٿيڻ گهرجي. اُٻھرائپ ۾ ورتل دوا يا پاڻمرادو تشخيص ڪيل/ منتخب ڪيل دوا، هاڃو رسائيندي آهي. حڪمت/ شفا، صبر ۾ آهي. حضرت ايوب عليه السلام به بمياريءَ وقت صبر ڪيو. جنھنڪري کيس تندرستيءَ سان گڏ جواني/طاقت به موٽي ملي. انعام طور سندس گهر واريءَ کي به خدا تعالى جوان ڪيو.
مطلب:
صبر واري سان اللھ تعاليٰ گڏ آھي.
واذا مرضت فھو يشفين.
6.7 ڪني مڇي، کاريءَ مان ڪڍي نه اڇلبي ته کارو ئي ڪن ٿي ويندو. (سرو، پھاڪو)
بيماري ڦھلائيندڙ شيءِ/ ماڻھوءَ کي ماحول کان الڳ نه ڪبو ته ان بيماريءَ جا اثرات ٻين تائين به پھچي ويندا. پوءِ سڀني جو علاج ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. برائيءَ کي جڙ/ منڍ کان ڪاٽي ڇڏجي. جيئن ڪا برائي، بيماري، گندگي منھن ڪڍي، ان جو منھن اتي چِٽي ڇڏجي ته بھتر آهي.
مطلب:
ڪني آڱر وڍي ڀلي آهي.
6.8 نه هڪ ڪري، نه سو دوائون. (انگريزي، پھاڪو)
جيڪو هڪ ڪِري نه ٿوڪري، تنھن کي سَوَ دوائون به اثر نه ٿيون ڪن. جيستائين بيماريءَ جي داخل ٿيڻ وارن درن کي بند نه ڪبو، تيسائين دوا اثر نه ڪندي. پھرين بيماريءَ جي شدت کي گهٽائبو، پوءِ علاج ذريعي مرض جي پاڙ پٽي سگهبي. ان لاءِ ضروري آهي ته بيماريءَ جي الرجيز Allergies بابت ڄاڻ رکجي ۽ پوءِ علاج ۾ هٿ وجهجي.
مطلب:
پرهيز علاج کان بھتر آهي.
Prevention is better than cure
6.9 نيم نان، صحت جان. (فارسي، چوڻي)
نيم نان؛ اڌ ماني.
گهٽ کاڌو کائڻ، جان/ سرير کي صحتمند رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي. ان وقت کاڌي مان هٿ هٽائي ڇڏجي، جڏهن اڃا بک هجي. ڇو جو گهٽ کائڻ واري کي، بيماريون گهٽ وچڙهن ٿيون.
مطلب:
نيم نان صحت جان، نيم ملا خطره ايمان.
نيم نان، راحت جان.
پيٽ کي ٽن حصن ۾ ورھائجي؛ ھڪ کاڌي لاءِ، ٻيو پاڻيءَ لاءِ ۽ ٽيو ھوا لاءِ.
ڀيٽيو؛ ۵.۶ روڳ گهٽي، ڪڇ اوکت کايا.
6.10 وِهِه جي ٻوريءَ تي ويٺو رهه، کائيندين نه ته مرندي به نه. (هندي، پھاڪو)
زهر، وِهُه به ان ماڻھوءَ تي اثر ڪندو، جيڪو کيس کائيندو. بيماري آڻيندڙ شيون، جھڙوڪ؛ پاروٿيون ڀاڄيون، ميوا، گوشت، گندا انڊا وغيره واپرائڻ سان بيماريون منھن ڪڍن ٿيون ۽ پوري جسم/ ماحول ۾ ڦھلجي وڃن ٿيون.
مطلب:
بيماري به کائڻ واري کي وچڙي ٿي.
بيماريون، کاڌي جي ذريعي وچڙن ٿيون.