4. بيماري آڻيندڙ يا بيماريءَ جو سبب بنجندڙ شين بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
موت کان اڳ، تپ ٿيڻ به ٻين لفطن ۾، خدا تعالى طرفان نعمت آهي. ان دوران دنيا جي رهيل ڪمن بابت وصيت ڪري سگهجي ٿي. امانت واپس ڪري سگهجي ٿي. مِٽَ مائٽ کان، مزاج پرسيءَ دوران، ڏوهه گناهه بخشرائي سگهجي ٿو.
ان جي برعڪس اوچتو موت خطرناڪ آهي. الله جي برگزيده بندن، اهڙي موت کان پناه گهري آهي. اوچتي موت سبب، ماڻھو مٿي ڄاڻايل مڙني نعمتن کان محروم رهجيو مريو وڃي. اوچتي موت کان هر ڪنھن کي پناه وٺڻ گهرجي.
انھيءَ جو اهو به مطلب هرگز ناهي ته هروڀرو بيماري گهري وٺجي. خدا هر انسان کي هلنديءَ هلائي. ٻئي جو محتاج نه ڪري ۽ سدائين هڙث سان رکي. بھرحال خدا تعالى کان ٻنھي جھانن جي ڀلائي گهرندي، بيماريءَ ۽ بيماري آڻيندڙ شين کان بچندو رهجي.
4.1 اسوءَ ۾ لسي، بيمار ڪرسي. (طبي چوڻي)
اَسُوءَ ۾ لسي گهٽ واپرائجي، نه ته بيمار ڪندي. اسوءَ ۾ چِٽَ ٿئي، جنھن ڌاران لسي، لڱن ۾ موڙھ ڪندي آھي. سڄو ڏينھن بيقراريءَ سان گذرندو آھي.
مطلب:
اونھاري لسي پٽن کي، سياري لسي ڪتن کي.
4.2 اک اٿڻ، زال ويامڻ ۾ ڪھڙي دير؟ (هندي، چوڻي)
زال ڪنھن به وقت ويامي سگهي ٿي، يعني ٻار ٿيڻ/ ڄمڻ لاءِ نه وقت مقرر آهي ۽ نه موسم يا عمر. اهڙيءَ طرح بيماريءَ، خاص طور اک اٿڻ لاءِ به سبب ضروري ناهي. اک ڪنھن به وقت اوچتو ۽ بي سبب اٿي سگهي ٿي. اک نازڪ عضوو آهي. ان جو خاص خيال رکڻ گهرجي. ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي ته ٻن اکرن تي مشتمل نالن وارا عضوا تمام نازڪ ٿيندا آهن، ساڻن کينس نه ڪرڻ گھرجي. جھڙوڪ؛ اک، ڪن، نڪ، چپ ۽ دُن وغيره. اھڙيءَ طرح کير به اوچتو اڀامي هارجي سگهي ٿو. ان ڪري مڙني لاءِ احتياطي تدبيرون اڳواٽ ڪرڻ گهرجن.
مطلب:
بيماري ڪيڏي مھل به اچي سگھي ٿي.
زال ويامڻ، اک اٿڻ ۽ کير اڀامڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه لڳي.
زال ويامڻ ۾، کير اڀامڻ ۾، ويرم نه لڳي، اک اٿڻ ۾.
4.3 انبن آميون، سورن کنيون سيرَ ساهميون. (سنڌ، چوڻي)
آميون؛ انبڙيون.
سير؛ تور جو ماپو
ساھميون؛ ساھمي جو جمع، تارازيون.
انبن جي وڻن ۾ انبڙيون ٿينديون آهن ته موسمي اثراتن سبب، بيماريون به ڪـَرَ کڻنديون آهن. هر ماڻھو، انھيءَ موسم دوران، لڱن ۾ سور/ ٻرو پيو محسوس ڪندو آهي. اهڙن موسمي اثراتن کان پاڻ کي بچائڻ گهرجي.
مطلب:
انبن ۾ ٻور، لڱن ۾ سور.
4.4 انبن ٻور، اکين سور (سنڌ، چوڻي)
فيبروريءَ جي آخر يا مارچ جي شروعات ڌاري، انبن ۾ ٻور ٿيندو آهي. ان دوران اکين اٿڻ جون بيماريون به ڦھلبيون آهن. موسمي حالت ايتري خراب ٿيندي آهي جو اکين مان پاڻي/ گربلو پيو نڪرندو ۽ اکيون سڄي ڳاڙهيون ٿي پونديون آهن. انھيءَ موسم ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن اک جھڙي نازڪ عضوي کي بيماريءَ جي حملي کان بچائي سگهجي. هر وقت، اکين کي مٽيءَ/ رءَ کان بچائجي ۽ صاف رکجي. وقت سِر آرام ڪجي. ڇو جو صحتمند جسم تي بيماريءَ جو حملو گهٽ ٿيندو آهي.
مطلب:
انبن جي ٻور وقت، اکين اٿڻ جون بيمايون پڻ ٿين.
4.5 اوڀڙ ٿي، اوکڙ ٿي. (سنڌ، چوڻي)
جڏهن ڍنڍن ڍورن جو پاڻي سڪي ويندو آهي ۽ منجهن نئون پاڻي پوندو آهي ته اهو پاڻي پاڻ سان مڇين، مڇرن جا لاروا ساڻ کنيو ايندو آهي. اتان جڏھن ساڳيو پاڻي جيئن ئي زمين ۾ پوندو آهي ته اوڀڙ اڀرڻ شروع ڪندي آهي. انھيءَ چائيءَ تي پلجندڙ مڇر به، موسعي هوائن سبب حملو ڪندا آهن. ان سان ڪيتريون بيماريون ڦھلبيون آهن. خاص ڪري اکين اٿڻ واري يا اوکڙ واري بيماري ڦھلبي آهي.
مطلب:
نئون پاڻي پاڻ سان سوين بيمارين جا جيوڙا به کنيو ٿو اچي.
4.6 پاڻي لٿا، مڇر متا (لاڙ،چوڻي)
ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ آيل نئون پاڻي، مڇرن لاءِ آماجگاهه هوندو آهي. خاص ڪري لاڙ ملڪ ۾، مڇرن جي آزار کان دونھيون ڪن. هوائن لڳڻ سبب ڪک ڪھڄر، اڏامي ڍنڍن جي پاڻيءَ ۾ وڃي پون. مال به اتان پيئي، ماڻھو به اهو پاڻي واپرائين. جنھن ڪري مڇر ۽ ٻيون بيماريون منھن ڪڍن.
مطلب:
نئين آيل پاڻيءَ تي مڇر به گھڻا گڏ ٿين ٿا.
4.7 جڏهن حلوو ڪچو هوندو آهي، تڏهن بيماري آڻيندو آهي. (فارسي، چوڻي/ پھاڪو)
حلوو، سوجيءَ ۽ گيھه مان تيار ٿيندو آهي. جيڪڏهن رڌڻ ۾ حلوو ڪچو رهجي ويندو آهي ته هضم نه ٿي سگهندو آهي. ويتر بد هاضمو ڪندو آهي ۽ بيمارُ ڪري وجهندو. هونئن به کاڌو زود ھضم کائجي. دير هضم کاڌو، ڪيترين ئي بيمارين ٿيڻ جو سبب ٿيندو آهي.
مطلب:
اڻ پڪل يا ڪچي شيءِ، دير ھضم ھئڻ سبب، بيماريءَ جو سبب بڻبي آھي.
4.8 جڏهن قضا ايندي آهي ته طبيب پاڳل ٿي پوندو آهي. (فارسي، چوڻي)
بيماريءَ بي سبب به ٿيندي آهي. قدرت طرفان، آفت طور به ايندي آهي ۽ جان ليوا به ثابت ٿيندي آهي. قضا/ تقدير آڏو تدبير نه هلندي آهي. موت جو ڪو به علاج ناهي. اهو پنھنجي وقت تي اچي ئي رهندو آهي.
مطلب:
تقدير آڏو تدبير نه هلندي آهي. (سنڌ، چوڻي)
تدبير ڪند بنده، تقدير ڪند کنده (فارسي)
ڀيٽيو؛ ۱.۱۰ اجل کي اجمل ڇا ڪندو؟ (سنڌ)
4.9 خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جھڙو ڳارو ناهي. (سنڌ، چوڻي)
صحتمند سرير جي سـَڌَ، هر ڪنھن کي هوندي آهي. ان کي صحتمند رکڻ لاءِ کاڌِ خوراڪ تي به هر ڪو ڌيان ڏيندو آهي. مڙني خوراڪن مان اثرائتي/ طاقتواري خوراڪ آهي خوشي. خوش ماڻھوءَ کي سڪي ماني به طاقتور ۽ مَلھه پئي بڻائيندي. جڏهن ته ڳڻتيءَ واري/ غمگين يا غم خور کي، ڪا به خوراڪ اثر نه ڪندي آھي. اھو ويتر اندرئون اندر ويندو آھي ڳارِ ڪندو.
ان لاءِ ھيٺ ڄاڻايل مثل مشھور آهي.
هڪڙي بادشاهه، هڪ درٻاريءَ کي هڪ ڇيلو انعام ۾ ڏنو ۽ شرط وڌائينس ته ڇھن مھينن کان پوءِ ساڳيو ڇيلو ساڳئي وزن سان ڪاهي اچجانءِ نه ته ٻيءَ صورت ۾ سر ڌڙ کان ڌار هوندئي.
اهو درباري پھرين ته ڏاڍو پريشان ٿيو پر جڏهن ڇھن مھينن بعد، ساڳيو ڇيلو، ساڳئي وزن سان ڪاهي آيو ته بادشاهه به حيران ٿي ويو. پڇڻ تي ان درٻاريءَ ٻڌايو ته گاه کارائي، ڇيلي کي بگهڙ جو منھن ڏيکاريندو هئس، جنھن ڪري ڇيلو ساڳائي نه سگهيو ۽ وزن ۾ ساڳيو ئي رهيو.
مطلب:
ڳڻتيءَ واري کي خوراڪ ته اثر نه ڪري هٿائين جهڄندو ۽ جهرندو وتي.
4.10 دکُ دارون، سکُ روڳ. (هندي، چوڻي)
دنيا جي تختي تي جيڪي نازن نخرن سان پلجن ٿا، تن ۾ ڪنڊي سھڻ جي به طاقت نه ٿي رهي ۽ روڳي ٿي ٿا پون. جڏهن ته ڏک جي زندگي گهارڻ وارا، بٺي ۾ پڪل سرن وانگر، پڪا، نِرڄا، عقلمند ۽ صحتمند رهن ٿا. منجهن سھپ، قوت مدافعت (Immunization) وڌيو وڃي. همت ڀريو هئڻ ڪري، سندن صلاحيتون وڌي وڃن ٿيون ۽ ترقيءَ جون منزلون جلد طئي ڪندا ويندا آهن. ڏک/ غم، کين طاقت بخش (Tonic) ٿي لڳندا آهن.
هونئن به حياتيءَ ۾ کلڻ گهٽ، روئڻ گهڻو گهرجي. روئڻ ۾ راحت به آهي، حياتي به آهي ۽ سونھن به آهي. کلڻ ۾ سونھن گهٽجيو وڃي، حياتي کٽيو وڃي ۽ عزت برقرار نه ٿي رهي. جنھن ٻار ڄمڻ وقت نه رنو، ان کي دائيءَ ٿڦون هڻي به روئارڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن اڃا نه رنو ته مٿس ڪنھن به نه رنو، سواءِ دائيءَ جي جنھن کي، سندس جيئري نه ڄمڻ سبب، انعام نه مليو.
مطلب:
ڏک انسان کي جيئڻ سيکاري ٿو.
سک انسان کي کاري ويھاري ٿو.
4.11 ڏٻريءَ تي مڇر گهڻا. (سنڌ، پھاڪو)
ڪمزور جسم تي بيماريءَ جو حملو جهٽ ٿيندو آهي. جيئن جنگي حالتن اندر قلعي جون ڪمزور ديوارون، دفاع نه ڪري سگهنديون آهن ۽ دشمن جي حملي کي فتح لاءِ يقيني بڻائي ڇڏينديون آهن، تيئن ڪمزوري به بيماريءَ/ روڳ جو آماجگاه ٿيندي آهي. پوءِ گهڻين بيمارين جو حملو ٿيڻ جو خطرو هوندو آھي. ڇو جو جسم مان قوتِ مدافعت ختم ٿي ويندي آهي ۽ ڏٻرو/ ڪمزور، آخر حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويھندو آهي.
مطلب:
مصيبت ماريي کي، هر طرف کان طوفان لڳندو آهي. (فارسي)
4.12 راند کان جهل، ڪم جو بار،
ڇوڪر ٿيندو، موڳو ٻار. (انگريزي، چوڻي)
جيڪي ٻار راند روند کان پري رهن ٿا ۽ چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هڪ ئي هنڌ ليلھر بڻيا ويٺا رهن ٿا يا رڳو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندا رهن ٿا، سي يڪسانيت جو شڪار ٿي غبي ۽ ڪند ذهن ٿيو پون ٿا. ذهني ڪم جو بار، ٻار کي مائوف، موڳو ۽ ڪمزور/نٻل بڻايو ڇڏي ٿو.
مطلب:
ڪم جي وقت، ڌيان ڪم ۾ ڌريو،
راند جي وقت، راند روند ڪريو،
ان طرح سان ڪو، ڪندو پيو ڪم،
خوش گذاريندو، سو پيو ھر دم.
All work, no play, makes Jack a dull boy.
4.13 سينکيو مارجي ته گيھه، ڪچو رهي ته وِههُ. (سنڌ، چوڻي)
ڪي حڪيم، جسماني/ شھواني ڪمزوريءَ کان شنگرف/ سينکيو ماري مريض کي کارائيندا آهن. جيڪڏهن سينکيو صحيح طور تي ماريل هوندو ته گيھه وانگر طاقت بخش رهندو ۽ ڪراڙي کي به وقتي جوان ڪري ڇڏيندو. ان جي برعڪس، ڪچو رهجي ويو ته وِھَ/ زهر وانگر موت ڏئي ڇڏيندس.
مطلب:
شنگرف وغيرھ به صحيح طور پچايل ھوندا ته فائدو ڏيندا، ٻي صورت ۾ نقصانڪار آھن.
4.14 شراب علاج ناهي، بيماري آهي. (حديث)
هڪڙا ماڻھو، شراب جا عادي هوندا آهن. پڇڻ تي ٻڌائيندا آهن؛ “ڊاڪٽر ڏَسُ ڏنو آهي!” انھن جي دعوى ڪوڙي آهي. ڇو جو طبِ نبويءَ کان وڌيڪ ڪو طب ناهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن کان وڌيڪ ڪو طبيب به ڪونھي. شراب بيماري آهي، دوا ناهي. ان جو فقط هڪ ئي دليل اهو آهي ته دوا وقتي طور تي کائي پوءِ بند ڪبي آهي. جڏهن ته شرابي عمر ڀر پاڻيءَ وانگر شراب پيئندو آهي ۽ جنھن مرض خاطر پيئندو آهي، سو به قبر ۾ ساڻ کڻي ويندو آهي. مطلب:
الخمر، ام الخبائث
شراب، بيمارين جي جڙ آھي.
شرابيءَ ۽ رنڊيءَ جي، مَلَهه وانگر پڇاڙي تمام خراب هوندي آهي.
4.15 غم، سڀني بيمارين جي پاڙ آهي (سنڌ، چوڻي)
غم/ ڏک/ روڳ/ ڳڻتي، اندر کي ڳاريندڙ ٿيندو آهي. اندران ئي اندران پيو ماڻھوءَ کي کائيندو آهي. انھيءَ جي ڪري ماڻھوءَ تي ڪيترين ئي جسماني/ روحاني بيمارين جو حملو ٿي سگهندو آهي.
مطلب:
ڳڻتي، انسان کي، ظاھري بيمارين جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ڳاري ٿو.
4.16 مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
مڱ پچي، ڪارڙو مچي/ نچي،
مڱ لئو، ڪاروڙو مُئو. (لاڙ چوڻي، پھاڪو)
ڪارڙو، جيت جو قسم آهي جيڪو لاڙ جي علائقي ۾ ٿئي ٿو. مڱن جي نسبت سان وڌندو ويجهندو آهي. مڱ کي ڏانڊي هوندي ته ڪارڙي جو ڏنگ به تيز ٿيندو. مڱ پچندو ته ڪارڙو به موج مستيءَ ۾ ايندو، جڏهن مڱ لبندو ته ڪارڙو به مريو وڃي.
مطلب:
ڪارڙي جيت جي حياتي، مڱن جي فصل تائين محدود آھي.
4.17 نزلو، ڪمزور/ ضعيف عضوي تي ڪرندو آھي. (سنڌ، پھاڪو)
نزلو، لاعلاج مرض آهي ۽ هميشه ڪمزر عضوي تي پوندو آهي. جھڙوڪ؛ نڪ، هٿ، وات ۽ پيرن وغيره تي ڪرندو آهي. انھيءَ ۾، انھن عضون مان بدبوءِ سان پگهر وهندو آهي. انھيءَ ڪري، بيمار ماڻھوءَ جي ڀرسان ٻيا ماڻھو نه ويھي سگهندا آهن.
مطلب:
نزلو، ڪمزوري آھي ۽ بيماري ڪمزوريءَ تي جلد ايندي آھي.
4.18 وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي. (سنڌ، پھاڪو)
جيڪڏهن مينھن وسندو ته به بارشي اثرات ڪمزور/ ڏٻري ڍور تي پوندا. جيڪڏهن مينھن نه پيو ته قحط سالي ٿيندي. ان جا به ڏٻري جانور تي ئي اثرات پوندا. ڪمزوري، بيماريءَ جي آجيان لاءِ دروازو آهي. منجهائنس ڪيئي بيماريون جسم ۾ داخل ٿين ٿيون.
مطلب:
برسات پوڻ سان يا نه پوڻ سان، نقصان ڏٻري ڍور کي ئي ٿيندو آھي.
4.19 وڳ ۾ هڪ گَرِي، وڳ ئي گَرو. (سنڌ، پھاڪو)
ماحول جو اثر، حيوانات، جمادات ۽ سموري انسان ذات تي پوندو آهي. جھڙيءَ طرح عطار جي صحبت ۾ عطر جي خوشبوءِ ملي ٿي ۽ لوهر جي صحبت ۾ چڻنگون نصيب ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح بيمارن سان گڏ رهڻ ۽ احتياط نه ڪرڻ تي بيماريون به لڳي/ وچڙي سگهن ٿيون.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۲۰.۴ هڪ خراب مڇي، سڄي کاريءَ کي خراب ڪري ڇڏي ٿي.
4.20 وڻن ۾ ٻور، لڱن ۾ سور. (سنڌ، چوڻي)
جڏهن وڻن، خاص طور انبن جي وڻن، ۾ ٻور ٿيندو آهي، تڏهن موسمي اثرات پوڻ سبب ماڻھن ۾ گهڻيون بيماريون ڦھلبيون آهن. جن ۾ تپاولي ۽ اکيون اٿڻ وغيره کان علاوه لڱن ۾ سور/ ٻرو جھڙيون بيماريون شامل آهن.
مطلب:
چٽ جي موسم ۾ وڻ ٻور جهلين ته اکين اٿڻ جي بيماري ٿئي.
ڀيٽو؛ ۳.۴ انبن ۾ ٻور، اکين ۾ سور.
4.21 هڪ خراب مڇي، سڄيءَ کاريءَ کي خراب ڪري ڇڏي ٿي (سنڌ، پھاڪو)
ماحول ۽ صحبت جو طبيعت تي وڏو اثر پوندو آهي. خراب/ گندي ماحول ۾ اٿبو ويھبو ته طبيعت تي به خراب/ گندا اثرات مرتب ٿيندا آهن، روحاني، جسماني بيماريون يڪدم اثر انداز ٿينديون. ان لاءِ بھتر آهي ته ماڻھو صحت بخش ماحول/ فضا ۾ گذاري ته جيئن بيمارين/ روڳ کان محفوظ رهي.
مطلب:
تختم تاثير، صحبت اثر (فارسي)
گدرو گدري کي ڏسي، رنگ پڪڙيندو آهي (سنڌ)
هڪ خراب صوف، سڄيءَ پيٽيءَ کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي.
صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند. (فارسي)
چورن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، پوندو ته ڪاٺ نه ته ڪوٺائبو ته سھي.
چڱن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، رڱجي ته لال ٿيندو نه ته ڪڪوربو ته سھي.
4.22 هڪڙي جا سمھي مٿي، ٻي جا پوي ٽِير، ته نه چڙهندا به چڙهن. (سرو، پھاڪو)
ٽير؛ ماڪ پوڻ. نه چڙھندا؛ بخار، تپ.
ٽير/ ماڪ پوڻ واري موسم ۾، بنا لٽي جي مٿي يعني کُڏَ تي يا پيھي تي سمھبو ته نه چڙهندڙ بخار/ تپ به زوريءَ چڙهندو. ان ڪري ضروري آهي ته موسمي اثرن کان پاڻ بچائجي ۽ محفوظ هنڌ تي رهجي.
مطلب:
گھڻيون بيماريون، بي احتياتيءَ جي ڪري به ٿينديون آھن.
خراب ماحول مان به گھڻيون بيماريون وچڙنديون آھن.