3. مرض لڳڻ کان اڳ تدبير ڪرڻ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
ڏينھن تتي جو پنڌ ڪري وهنجبو ته سرسام ٿيندو. مٽجندڙ موسم ۾ تـڙُ ڪري پکي آڏو بيھڻ سان اَڌ-رنگ جو حملو ٿي سگهي ٿو. گندو پاڻي واپرائڻ سان پيٽ جون بيماريون لڳي سگهن ٿيون. پليديءَ ۾ رهڻ سان جسماني بيماريون ته لڳنديون پر جنات وغيره جو واسو به ٿي سگهي ٿو.
پيئڻ بلا جي حملي کان بچڻ لاءِ، بصر ٻڌجي يا ساري رات روشني ڪري جاڳي گذارجي. ڇو جو پيئڻ بلا ستل ماڻھوءَ تي اوندهه ۾ حملو ڪندي آهي ۽ ويندي ويندي، پڇ هڻي جاڳائي به ويندي آهي.
اهڙيون تدبيرون ڪرڻ سان، مرض جي حملي کان بچي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دانائن چيو آهي؛
هٿُ نه وجهجي سـَرَ ۾، نانگ نه وجهجي وَرَ ۾،
گهوڙو نه ٻڌجي دَرَ ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾،
چئني مان چڱائي نه ٿيندي. (ساهتي)
3.1 اڳ اسوءَ ۾ جلاب، صحت بخش. (طبي، چوڻي)
سيپٽمبر ڌاري چِٽَ ٿئي، جنھن ۾ رات جو ٿڌ ۽ ڏينھن جو مونجھ واري گرمي ٿئي. جنھن سبب رات جو ٿڌ تي نڪ بند ٿيو وڃي ۽ ڏينھن جو وري پيٽ بميل رھي. ان صورت ۾ جلاب ئي بھتر نسخو آھي. ان سان پيٽ صاف ٿيو وڃي ۽ مونجھ لھيو وڃي. ماڻھو ھشاش بشاش ٿيو پوي.
مطلب:
مرض لڳڻ کان اڳ احتياط ڪجي.
3.2 اڳ اُپاءَ وٺجي، علاج کان بچجي. (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
بيماريءَ جي تڪليف، ڪنھن کان به برداشت نه ٿيندي آهي. بيماري لڳڻ کان پوءِ هرڪو علاج لاءِ پيو حيلا هلائيندو آهي. پئسا لٽائيندو آهي ته جيئن وري صحتياب ٿئي. ان ڪري بھتر آهي ته بيماريءَ جي حملي کان پھرين، کانئس بچڻ لاءِ تدبيرون ڪجن. جھڙوڪ؛ موسمي اثرات کان بچڻ لاءِ ڪپڙا پائڻ، پاڻ کي صاف سٿرو رکڻ، جايون جوڙي منجهن رهڻ. سٺو، صاف ۽ تازو کاڌو کائڻ. صاف، شفاف، وڻندڙ پاڻي پيئڻ. تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا واپرائڻ. پاروٿين، سڙيل ڳريل، بدبودار ڀاڄين، ميون، شين واپرائڻ کان احتراز ڪرڻ. موذي جانورن جي ويجهو نه وڃڻ. بيمار/ روڳي جانورن سان گڏ نه رهڻ.
مطلب:
مرض لڳڻ کان اڳ احتياط ڪجي.
3.3 ٿورَ-کائڪ، ٿورَ-ڳالھئو، گهڻو ساڱائيندڙ، مرض ۾ مبتلا نه ٿيندو. (هندي چوڻي)
گهڻي کائڻ سان، گهڻيون بيماريون لڳن ٿيون. اهڙيءَ طرح گهڻي ڳالھائڻ وارو به پنھنجي پاڻ کي پريشانيءَ جي جھنم ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. ان جي برعڪس گهڻو پنڌ ڪندڙ/ چرپر ڪندڙ/ ڏسندڙ/ سوچيندڙ، مرض/ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کان آجو رهي ٿو.
مطلب:
گھٽ کائجي، گھٽ سُمھجي، گھٽ ڳالھائجي.
اڪثر بيماريون، گھڻي کائڻ سبب لڳن ٿيون.
ڀيٽيو؛ ۳.۱۵ وات، اڌ حڪيم آھي.
3.4 ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌ ڪوس پر جنگل جاوي، اس ڪي دمڙي، ويديه نه کاوي. (طبي، چوڻي)
جيڪو ماڻھو کاڌو ٺاري کائي ٿو، وھنجڻ وقت نيم گرم پاڻي استعمال ٿو ڪري ۽ جھنگ جي خيال سان اڌ ڪوھ يا ميل سوا پنڌ ڪري ٿو، تنھن کي پيٽ جون بيماريون، نه ٿيون لڳن. بيمار نه ھجڻ سبب، کيس ڊاڪٽرن ۽ طبيبن وٽ پنڌ نه ٿا ڪڻا پون. حڪيمن وٽ وڃڻ سستو ناھي. وٽن پھچڻ جي دير آھي. ڦُرڻ کائڻ لاءِ، اوزار تکا ڪيو ٿا وتن.
مطلب:
ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌا ڪوس پيدل جاوي، اس ڪي ڪوڙي ويديا نه کاوي.
پير گرم، پيٽ نرم، مغز ٺنڊو، ڊاڪٽر اچي ته ٺڪاءُ ڏنڊو.
3.5 پراتھ ڪال جو ڪري اسنانا، دوک روڳ تانڪو نھين آنا. (هندي، چوڻي)
پراتھ ڪال؛ پرهه ڦُٽيءَ جو اشنان ڪرڻ.
جيڪو پرھ ڦُٽيءَ جو تـَڙُ ڪندو، سو دوک/ روڳ/ بيماريءَ کان بچيل رهندو. هندن جي شاسترن ۾ لکيل آهي ته؛ پرهه ڦٽيءَ جو پويتر پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان بيماري/ ڏک ماڻھوءَ کي نه ٿا لڳن.
مطلب:
سوير سمھجي، سوير اٿجي، اول نالو ڌڻيءَ جو ڳنھجي.
3.6 پير گرم، پيٽ نرم، مغز ٺنڊو، ڊاڪٽر اچي ته ٺڪاءُ ڏنڊو. (هندي، چوڻي)
پير گرم: گهڻو پنڌ ڪرڻ. پيٽ نرم؛ سادو کائڻ، هلڪي غذا کائڻ. مغز ٺنڊو؛ پريشانيءَ کان بچڻ، طبيعت ۾ ڌيرج.
گهڻو پنڌ ڪندڙ، گهٽ ۽ سادو کاڌو کائي پيٽ تي بوجهه نه وجهندڙ ۽ دماغ کي پريشانين کان بچائيندڙ ماڻھوءَ کي جسماني بيماريون گهٽ لڳنديون آھن. جنھن سبب کيس وٽ وڃي ڊاڪٽر پاڻ نه ٿو ڦرائڻو پوي. نه ئي وري کيس اھڙي بيماري چنبڙندي جو ڊاڪٽر کي وٽس سڏائي وٺجي. اگر اھڙي ماڻھوءَ وٽ ڊاڪٽر پاڻ-مرادو آيو ته کيس ڏنڊو کائڻو پوندو. ڇو جو اھڙي قسم جو ماڻھو صحتمند ھئڻ سبب، ڊاڪٽرن ۽ دوائن کان بچيل رهي ٿو.
مطلب:
سست ماڻھوءَ کي گھڻا مرض وچڙن ٿا.
ھر وقت کلندڙ دروازي کي اڏوھي نه ٿي کائي.
ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌا ڪوس پيدل جاوي، اس ڪي ڪوڙي ويديا نه کاوي.
3.7 جاتي کير، تاتي کنڊ، جاتي جهڻ، تاتي لوڻ. (سنڌ، پھاڪو)
هڪڙي حڪيم کي، پنھنجي تر ۾ گهڻو روزگار نه ٿي لڳو، سو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ٻيا ڳوٺ چتائڻ لڳو، جتي کيس گهڻا مريض مِلن ۽ ججهو روزگار ٿئيس. منزلون هڻندو، آخر هڪڙي ڳوٺ ۾ پھتو. اتي ڏٺائين ته ھر ڳوٺاڻو جَهڻِ پيو پيئي. حڪيم دل ۾ چيو؛ “هتي ضرور ماڻھو بيمار پوندا هوندا. ڇو جو جَهڻِ پيئڻ سان ڪنھن کي ليس، ڪنھن کي کنگهه ته ڪنھن کي تپ ۽ ٻيون بيماريون ضرور ٿينديون هونديون.”
ٻه چار ڏينھن، انھيءَ ڳوٺ ۾ ترسيو پر وٽس ستيءَ ڦڪيءَ يا دوا درمل لاءِ ڪو ڪو نه آيو. تڏهن عجب ۾ پوندي، اتان جي هڪڙي رهواسيءَ کان پڇائين؛ “هتي ماڻھو جَهڻِ پيئن ٿا ته به بيمار ڪونه ٿا ٿين. ان جو ڪھڙو سبب آهي؟!”
“جيئن کير ۾ کنڊ وجهبي آهي. تيئن هتان جا ماڻھو.” ان همراهه حڪيم کي حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو؛ “جهَڻ ۾ لوڻ وجهي پيئن. هونئن به جهَڻ ۾ ٻه ڪَڏا لوڻ جا وجهبا ته وائيءَ وارو اثر زائل ٿي ويندو. لڱن ۾ سور، ٻرو يا ليس وغيره نه ٿيندو. هٿائين هاضمو به درست رهندو.”
مطلب:
لسيءَ ۾ لوڻ ۽ کير ۾ کنڊ ملائي پيئڻ، صحت لاءِ ڀلا آهن.
هڪڙي شيءِ، ٻيءَ لاءِ لازم هجي ته ائين چيو ويندو آهي.
3.8 جِتِ روشني ۽ هوا، تِتِ ڪانھي تانگهه طبيب جي (انگريزي ، چوڻي)
صحتمند ماحولُ، روشنيءَ ۽ صاف هوا سان ميسر ٿئي ٿو. فضا ۾ آلودگي ۽ اوندهه هوندي ته صحت نٻل رهندي. جن علائقن ۾ روشني ۽ هوا موجود آهي، اتي سينيٽوريم وغيره جوڙيندا آهن ۽ بيمار ماڻھن کي انھن ماڳن تي رهڻ جي لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو آهي.
مطلب:
جنھن گهر ۾ هوا ۽ روشنيءَ جو گذر آهي، اتي ڊاڪٽر نٿو اچي. (هندي)
جيڪي گهر ۾ اس ۽ هوا نه ٿا اچڻ ڏين، انھن کي گهر ۾ ڊاڪٽر گهرائڻو پوندو. (چيني)
جتي روشني ۽ هوا، تتي ڪانهي تانگهه طيب جي.
. Where light and air enter, the doctor doesn’t
3.9 جڏهن بک لڳي، تڏهن کائجي. (نصيحت، چوڻي)
گهڻي کائڻ مان ئي، ماڻھوءَ کي بيماريون سنجرن ٿيون. ان لاءِ بھتر آهي ته جڏهن بک لڳي تڏهن ٿورو کائجي. خاص طور تي بخار وغيره جھڙيءَ بيماريءَ وقت کائڻ ۾ احتياط ڪجي. هونئن به صحت/ چڱڀلائيءَ واريءَ حالت ۾ اجايو پيٽ نه ڏَلهجي.
مطلب:
پيٽ کي ٽن حصن ۾ ورھائجي؛ ھڪ کاڌي لاءِ، ٻيو پاڻيءَ لاءِ ۽ ٽيو ھوا لاءِ.
3.10 سوير سمھڻ، سوير اٿڻ، ڪري ٿو ماڻھوءَ کي چست، چالاڪ ۽ چرڳند. (انگريزي چوڻي)
سوير سمھڻ وارو ئي، سوير اٿي ٿو. جيڪو ماڻھو سوير اٿي، ٿڌيءَ هوا ۾ ٿڌا ساهه کڻي ٿو، تنھن کي سڄو ڏينھن نه سستي ٿئي ٿي ۽ نه ئي ڪا پريشاني يا مونجهارو رهيس ٿو. جيڪڏهن ڪير چاهي ته چست ۽ ڦڙت، چالاڪ، چرڳند ۽ سکي رهي ته کيس وقت سِرِ آرام ڪرڻ گهرجي. ڇو جو رات کي خدا تعالى خلقيو آهي آرام ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ڏينھن کي خلقيو اٿائين روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ. انھن وقتن تي اهي ئي ڪم سونھن ٿا.
مطلب:
اشتداقي نه خالي، زاني نه مالي (فارسي)
سوير سمھڻ، سوير اٿڻ، آهي اهو وڏو گڻ.
سوير سمھڻ واري کي جسماني، دماغي ۽ روحاني بيماريون ورلي لڳنديون آهن.
Early to bed, early to rise, makes a man healthy, wealthy and wise.
3.11 صبح جو گرهه بھتر آهي، مرغ ۽ مڇيءَ کان. (فارسي، چوڻي)
صبح جو سوير اٿڻ کانپوءِ، ٿورو ڪجهه کائڻ گهرجي. ڇو جو رات جي پيٽ ۾، پيٽ وارو کاڌو هضم ٿي ويندو آهي پر چرپر نه ڪرڻ سبب هڪ هنڌ ٽڪ ڪيون پيو هوندو آهي. ٻيو کاڌو کائبو ته اهو ان جي جاءِ والاريندو ۽ هضم ٿيل کاڌي کي خارج ٿيڻ ۾ مدد ڪندو.
مطلب:
جيڪڏهن چاهين ته سدا صحتمند رهان ته پوءِ سمھڻ کان اڳ ۽ اٿڻ کان پوءِ، ٿورو کاءُ. (حضرت علي رضه)
سمھڻ کان اڳ ۽ سمھڻ کان پوءِ، ڪجھ کائڻ صحت لاءِ تمام ڀلو آهي.
3.12 صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري
ڏيار ڪي هزاري، ته چڙهي ڪيون هسواري. (سنڌ، چوڻي)
هيءَ واپاري/ دڪاندار قسم جي ماڻھن جي چوڻي آهي. صبح سان سوير، الله جي آسري تي دڪان کولڻ کانپوءِ ائين چوندا آهن. سندن ان مان مراد اھا هوندي آهي ته صبح جو اٿڻ واري کي ڏک بيماري ته نه ٿي ٿئي پر نـَرَ ٻُھڻيءَ طور به گراهڪ سٺو مليو وڃيس. جنھن ڪري ڌنڌي ۾ برڪت رهيس ٿي.
مطلب:
صبح جو سوير جيڪو سمھي رھي ٿو، ان جو نصيب به سمھي رھي ٿو.
3.13 ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ويڄ پاس نه جاوي. (هندي، چوڻي)
جيڪو سواد ۽ لذت گرم کاڌي ۾ آهي، سو ٿڌي کاڌي ۾ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو گرم کاڌو کائڻ وارو، سواد جي ڪري گهڻو کاڌو کائي ٿو ۽ ٿڌو کاڌو کائڻ وارو گهٽ کاڌو کائي ٿو. گهڻو کاڌو کائڻ وارو، پيٽ تي بوجهه وجهي پاڻ کي بيمار ڪري ٿو، جڏهن ته ٿورو کائيندڙ پاڻ کي بيمارين کان بچيل رکي ٿو. اهڙيءَ طرح نيم گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ واري جي چمڙيءَ جا مسام کليل رهن ٿا ۽ منجهانئن مٽي مـَرُ نڪريو وڃي. صاف سٿرو هئڻ ڪري ماڻھو بيمارين کان بچيل رهي ٿو.
نيم گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ ۽ کاڌو ٺاري کائڻ سان بيماري گهٽ لڳي ٿي.
ڪوسا ناوڻ، ٿڌا کاوڻ، ته ويڄ پاس نه جاوڻ.
مطلب:
ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارڻ سان، مردو جيئرو ڇو نه ٿو ٿئي؟ عجب ڳالهه آهي. (لقمان حڪيم)
ڪوسو کاڌو کائڻ واري جا ڏند، جلد ڀڄي پون ٿا.
3.14 گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو چڱو. (ساهتي، چوڻي)
گهڻو کائڻ وارو/ هٻڇي ماڻھو، آخر مِٺن پيشابن، دل جي عارضي ۽ پيٽ جي بيمارين؛ بواسير، موڪا وغيره جھڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ٿيو وڃي. آخر انھن ۾ لوڙي لوڙي مري ٿو. ان جي برعڪس، گهڻو ڏسڻ وارو يا گهمي ڦري ڏسڻ وارو، صحتمند رهي ٿو. دماغ ۽ عقل سالم رهنس ٿا. پنھنجي نفعي نقصان بابت ڄاڻ رهيس ٿي. کاڌي تي گهڻو خرچ ڪرڻ بدران گهڻو ڏسڻ تي خرچ ڪجي.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۴.۶ چـَکَ کان، رَکَ چڱي (لاڙ)
3.15 منجهند جي ماني بعد آرام ڪجي، رات جي مانيءَ بعد پنڌ ڪجي. (انگريزي، عربي، چوڻي)
جھڙيءَ طرح اڌ رات جو اٿي، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ وارو فعل طاقتوارو آهي. اهڙيءَ طرح منجهند جو جهٽ پلڪ سمھڻ به جسم لاءِ طاقتوارو آهي. انھيءَ سان کاڌو هضم ٿيندو آهي ۽ پيٽ تي ڦوڪ وغيره نه ٿيندي آهي.
اهڙيءَ طرح رات جي ماني کائڻ بعد سمھڻ سان پيٽ تي ڦوڪ چڙهي پوندي آهي. ڇو جو سمھڻ جو وقفو وڏو هوندو آهي. هضم ٿيل کاڌو، آنڊن وغيره ۾ پيو رهندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سمھڻ کان اڳ ڪجهه پنڌ يا چھل قدمي ڪجي ته جيئن کاڌو معدي مان هضم ٿي اڳڀرو ٿي وڃي.
مطلب:
اذا تغدا تمداً، و اذا تعش تمش (عربي)
After lunch rest a while, after dinner walk a mile (English)
3.16 نيرن کائو بادشاھن وانگي،
ڏپھرو/مانجھاندو ڪيو شهزادن وانگي،
رات جي ماني کائو مزدورن وانگي. (طبي، چوڻي)
نيرن جو وقت صبح اٿڻ سان شروع ٿئي ٿو. ان وقت ماڻھوءَ جو پيٽ خالي ھوندو آھي. ڇو جو رات جو کاڌل کاڌو، ان وقت تائين ھاضمي جا سمورا مرحلا طئي ڪرڻ بعد آخري حد تي پھتل ھوندو آھي. ان وقت تازو کاڌو کائڻ سان، اڳئين کاڌل کاڌي کي ڌڪو ايندو ته جيئن آسانيءَ سان خارج ٿي وڃي. تنھنڪري جيترو وس پڄي اوترو ناشتو ڪجي؛ بيدا، سيرو، ڌونئرو ۽ اوڦراٽو وغيرھ کائجن. کاڌو بادشاھ جي دسترخوان جھڙو ھجي ته بھتر.
منجھند ڌاري مانيءَ جي طلب گھٽ رھندي آھي. جيئن ننڍڙا شھزادا، نٽائيندا کائيندا آھن، جو ماءُ گرھ ٺاھي، کائڻ لاءِ ايلازو ھوندي اٿن ۽ پاڻ ڀڄندا وتندا آھن. ائين، مانجھندي کائڻ کان لھرائڻ چڱو آھي.
رات جي مانيءَ کائڻ کانپوءِ، ستت سمهڻ جو وقت شروع ٿئي ٿو. اگر ان وقت پيٽ ڏلهي کاڌو کائبو ته هضم نه ٿيندو. سمهڻ ۾ بيقراري ٿيندي ۽ دلي تي بوجھ پڻ- دل جو عارضو ٿيڻ سان گڏوگڏ موت جا امڪان پڻ آهي. تنهنڪري ان وقت غريب مزدور وانگر ٿورو کائجي ۽ جيڪو کائجي سو محنت مزدوري يا پنڌ ڪرڻ سان هضم ڪري پوءِ ليٽجي.
مطلب:
صبح جو پيٽ ڀلي ڀري کائجي، باقي ٻين وقتن تي کائڻ ۾ احتياط ڪجي.
3.17 نه ئي خراب گهٽي ڏي وڃجي، نه ئي ڪتو کائي. (سنڌ، پھاڪو)
جنھن گهٽيءَ ۾ گندگي هوندي، ان ۾ ئي ڪتا هوندا. ڪتن واريءَ گهٽي مان لنگهبو ته ڪتا ڏاڙهيندا يا ڏهڙيندا. پوءِ ويٺو ماڻھو دُنَ ۾ چوڏهن سُيون هڻائي. ان کان بھتر آهي ته اها واٽ ئي نه وڃي. جنھن دڳ/واٽ/ رستي اختيار ڪرڻ سان مرض/ بيماريءَ لڳڻ يا جان کي جوکو رسڻ جو انديشو/ امڪان هجي ته اها واٽ نه وٺجي. جان جي حفاظت ڪرڻ ۽ جان بچائڻ چڱو ڪم آهي.
مطلب:
ڪتو به ان کي کائي، ڦِٺِ ڦِٺِ به ان کي ٿئي. (سرو)
3.18 وات، اڌ حڪيم آهي. (ساهتي، چوڻي)
ڳالھائڻ/ کائڻ پيئڻ لاءِ وات ڪم اچي ٿو. وات جي ذريعي سٺو به کائجي/ ڳالھائجي ٿو ته خراب. وات تي ڪنٽرول هئڻ به اڌ حڪمت آهي. وات تي ڪنٽرول واري کي بيماريون ورلي لڳن ٿيون. ڇو جو اڪثر بيماريون، وات جي چشڪي وٺڻ وارن کي لڳن ٿيون. حديث سڳوريءَ ۾ به آيل آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي؛ ٻن ڄنگهن ۽ ٻن ڄاڙين جي وچ واري گوشت جي ٽڪڙي جي ضمانت تون ڏي، جنت جي ضمانت مان ٿو ڏيان.
مطلب:
ڄنگھن ڏارائيءَ کان، وات ڏارائي خراب. چوڻي
اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اھا ئي زبان اُسَ ۾ ويھاري. چوڻي
زبان آھي ننڍڙي، پر ڄاڻ وھَ جي ڳنڍڙي. چوڻي
3.19 وات ته مئي، نه ته پُئي (سرو، چوڻي)
هر شيءِ واتئون کاڄي ٿي، نڪئون نه ٿي کاڄي. يا چئبو آھي؛ واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو نه کاڄي. ڏينھن ۾، ماڻھو الائي ڪيترا ڀيرا وات سان کائي ٿو.
هر کائڻ واري شيءِ جا ذرڙا مھارن جي وٿين ۽ زبان جي ورمن ۾ رهجيو وڃن ۽ پنھنجي ذائقي/ رنگ جو اثر ڇڏيو وڃن. اهي رهيل ذرڙا مسلسل ڳرڻ (Decaying) جي ڪري بدبودار ٿي ويندا آهن. مٿان ٻيو کاڌو کائڻ سبب، ان کاڌي جي ذرڙن جو تھه چڙهندو آهي، جيڪو اڳئين تھه جي موجودگيءَ ۾ جلد ڳري ڌپ ڪندو آهي. ائين مسلسل گند بلا کائڻ کان پوءِ وات ڌپيارو ۽ بڻاس وارو ٿي پوندو آهي. ان کي ستت ملبو، مھٽبو، صاف ڪبو اچبو ته خوشبودار رهندو. ٻيءَ صورت ۾ پُئيءَ/ ڪاڪوس خاني وانگر منجهانئس ڍونڍ جي ڌپ ۽ ڪرڀ پئي ايندي ۽ ان جي ذريعي پيٽ جون بيماريون آسانيءَ سان لڳي سگهن ٿيون.
مطلب:
ڦڻي ڏيندي وار کُسي ته کُسڻ ڏينس،
ڏندڻ ڏيندي ڏند گَسي ته گَسڻ ڏينس،
دال روٽي کاڌي ڌنُ کٽي ته کٽڻ ڏينس،
حق سچ چوندي يارُ رُسي ته رسڻ ڏينس.
3.20 وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي. (سرو، چوڻي)
وارن جي به جيستائين سيوا ڪجي ٿي، تيستائين سونھن جو سبب آهن. جيڪڏهن ڌوءَ ڌپوءَ ۽ ڦڻي ڦوڪارونه ڪرين ته جونئن، ليکن، ڄِون جي رهائشگاه بنجيو وڃن. آخر چمڙيءَ جون بيماريون لڳيو وڃن. ان کان علاوه ڦڻي نه ڏيڻ سبب، وار ڳوڙهل، ڀِنڊر ۽ بي زيبا ٿيو پون ٿا ۽ ماڻھو ڪچھريءَ ۾ به ويھڻ جھڙو نه ٿو رهي.
مطلب:
زال ته چوٽو، نه ته مٿو ئي لوٽو.
3.21 هَٺَ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي. (سرو، چوڻي)
کاڄ هميشه ايترو/ اهو کائجي، جيڪو جان ۾ هضم ڪري سگهجي. اهڙو کاڌو نه کائجي، جنھن جي سَٽَ جسم سھي نه سگهي. ڄاول ٻار، ماءُ جي کيرکان علاوه ٻيو ڪجهه کائيندو ته هضم نه ڪري سگهندو ۽ جان جي وڃڻ جو خطرو رهندس. اهڙيءَ طرح وڏي ماڻھوءَ جي کائڻ جي به حد آهي. حد کان وڌيڪ گهڻو/ ٺوس کاڌو به لڱ موڙهي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ مجبورًا دوا جون شيشيون هٿ ۾ کڻڻيون پئجيو وڃن.
اهڙيءَ طرح لٽو ڪپڙو به اهڙو پائجي، جيڪو ٻيا سھن. سٺو لٽو ڪپڙو، ٻيو ڪير لھرائي ته نه وٺندو پر ان جي نظر ته لڳي سگهي ٿي. يا جسم کرندو يا اهڙا ڪپڙا نه ملندا. ان ڪري ٻين جو خيال رکي، جسماني نماءُ ڪجي.
مطلب:
من پسند کائجي، لوڪ پسند پائجي (ساهتي)
کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند (ساهتي)
جيڏا بوتا، تيڏا ڏوتا (سرائڪي)