لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

1. تندرستيءَ جي اهميت بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

تندرستي، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان جو قدر، وڃڻ کانپوءِ ئي ٿيندو آهي. قدر ڪرڻ جو وقت اهو آهي، جنھن وقت ماڻھوءَ کي تندرستي آهي. وئيءَ وَٿُ لاءِ، فقط پڇتائي ئي سگهجي ٿو ۽ بس. هٿان نڪتل شيءِ لاءِ هٿ هڻڻ مان ڪي ڪين ٿو وري.
1.1 اگهو کائي ڌنُ، سگهو کائي انُ. (هندي، چوڻي)
تندرست کي سڪي ماني به پئي مزو ڏيندي. ڪمزور ۽ بيمار کي قيمتي جواهرن مان جڙيل دوا کائڻ کانپوءِ به نه ساڳي طاقت ملندي، نه اهڙو طبيعت ۾ مزو هوندس.
مطلب:
بيمار جو زنده رهڻ آهي ئي گهڻن، پئسن خرچ ڪرڻ سان.
تندرست ماڻھو، سڪي ڳڀي تي به پيو پلبو.
1.2 تندرستي، هزار نعمت آهي. (فارسي، چوڻي)
دنيا جي تختي تي، ٻيون هزار نعمتون هجن ۽ هڪ تندرستي نه هجي ته ڪا به نعمت خوشي نه ڏيندي. ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ فقط تندرستي هجي ته به سڪون، سرور ۽ جُثو جاءِ هوندو. تندرست ماڻھوءَ کي، مٽيءَ مان به هڳاءُ ۽ تراوت پئي ايندي.
مطلب:
يڪ تندرستي، هزار نعمت است. (فارسي)
ايڪ تندرستي، هزار نعمت. (اردو)
ايڪ صحت، ھزار نعمت.
صحت، مڙني نعمتن کان وڌيڪ آھي.
صحت کان وڌيڪ ٻي ڪا نعمت ناهي.
تندرستي آھي نعمت عجيب، جھڙي شاھوڪار لاءِ، تھڙي ڪاڻ غريب.

1.3 جيءُ آهي ته جھان آهي، نه ته جيئري ئي مڙهه مُقام آهي. (ساهتي، چوڻي).
جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن جي جان ۾ مزو ۽ قرار آهي. جنھن کي جان ۾ مزو ۽ قرار ناهي، سو ته چوندو؛ جيڪر قبر ۾ هجان! اتي شايد هي تڪليفون نه هونديون.
مطلب:
ھيءُ جھان به ھتي ھجڻ سان آھي. مئي پڄاڻان، مري وئي سڄي دنيا.
جيءُ ته جھان، نه ته مڙهه ۽ مقام. (ساھتي)
جھان ان لاءِ آهي، جيڪو جيئرو آهي.
تندرست ماڻھوءَ کي دنيا ۾ مزو ايندو آهي.
جيءَ ته جھان.
جيءُ آهي، جھان آهي.
جان آهي ته جھان آهي.

1.4 جيءُ خوش، جھان خوش. (سنڌ، چوڻي)
جھان جي خوشي به ان کي محسوس ٿيندي، جيڪو پنھنجي پاڻ مان خوش هوندو. پنھنجي پاڻ مان اهو خوش هوندو، جيڪو جسماني طرح خوش، چڱو ڀلو هوندو. ان جي برعڪس بيمار کي سڄو جھان، بيمار پيو محسوس ٿيندو.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۱۱.۱۱ سائيءَ واري کي، سڀ ساوا نظر ايندا آهن.
1.5 ڇاتيءَ جھڙو ناهي ٻـَرُ، اکين جھڙي ناهي جوت. (ساهتي، چوڻي)
ٻين تي نه ڀاڙجي پر پاڻ تي ڀاڙ جي. بيمار ماڻھو ٻين تي ڀاڙيندو آهي. سگهو يا تندرست پنھنجي سيني/ ڇاتيءَ جي زور تي تمام گهڻا ڪم ڪري وٺندو آهي. جڏهن ته بيمار/ روڳي، آسپاس جي ماحول کي روئي ڪري رُسائي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اکين جي جوت به محتاجيءَ کان بچائي ٿي. جنھن کي اکين جي روشنائي ناهي، سو ٻين ٻن کي سيڙائڻ کان پوءِ به سڌو/ سنئون ڪم نه ڪري سگهندو آهي.
مطلب:
ھرڪو سيني جي ٻر تي ٽڏي ٿو. ھر ڪنھنکي پنھنجيون اکيون ئي ڪم اچن ٿيون.
1.6 قدر صحت جو سو ڪري، بيماريءَ ۾ جو ڳري. (هندي، چوڻي)
نعمت يا صحت جو قدر هميشه، وڃڻ کانپوءِ ئي پوندو آهي. تندرست ماڻھو دڙيون پيو ٽپيندو آهي ۽ احتياط نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنھن غلط ڪم سبب صحت/ سگهه وڃائجي به سگهي ٿي. پوءِ پڇتائڻ کان، اڳي قدر ڪندي، ان جي حفاظت ڪجي.
مطلب:
اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت. (هندي، پھاڪو)
1.7 نور آهي ته جھان آهي، ان آهي ته ايمان آهي. (لاڙ، چوڻي)
ماڻھو دنيا جي رنگينيءَ جا مزا، اک سان ماڻي ٿو. کائڻ جا مزا، وات سان وٺي ٿو. جڏهن ته گهڻي کائڻ سان بيماريون وچڙي سگهن ٿيون پر گهڻي ڏسڻ سان نه.
گهڻو تڏهن ڏسي سگهبو، جڏهن اکين ۾ نور ۽ ڏسڻ جي جوت هوندي. نور هوندو ته جھان به ڏسي سگهبو ۽ ان جي هجڻ جي هام به هڻي سگهبي.
مطلب:
اکين/ ديد کانسواءِ، دنيا جي رنگيني نظر نه ايندي.
1.8 نور ته مُور، نه ته جيئري کڻي پور. (ساهتي، چوڻي)
دنيا جي مُوڙي يا مُور آهي مشاهدو، جيڪو اک سان ٿئي ٿو. اک به اها جنھن ۾ بينائي، بصيرت، نور، جوت هجي. ٻيءَ صورت ۾، اکيون اکين جھڙيون، ديد لڀ ئي نه. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھو ڄڻ جيئري ئي قبر ۾ دفن آهي ۽ ٻين جو محتاج هئڻ ڪري قبر واري کان به پري آهي. ڇو جو قبر وارو هاڻي ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽل آهي.
مطلب:
بنا اکين واري کي، رستو اکين آڏو ھوندو آھي.
1.9 نور کان سواءِ، سڀ ڪوڙ. (ساهتي، چوڻي)
ٻئي جي ٻڌايل ڳالهه تيستائين ڪوڙ آهي، جيستائين ظاهري اک سان يا باطني نور سان، ان جو مشاهدو نه ماڻجي. مشاهدي سان يقين ايندو آهي، بنا مشاهدي جي شڪ ئي رهندا آهن. انڌو ماڻھو شڪي مزاج هوندو آهي. شڪي ماڻھوءَ کي هر شيءِ ڪوڙ پئي معلوم ٿيندي. اک/ نور، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان نعمت کان وانجهيل لاءِ، سڄي دنيا ڪوڙ مثل آهي.
مطلب:
ھن رنگين دنيا جو مزو آھي ئي کيس ڏسڻ سان.