5. علاج طور ڪتب ايندڙ ٽوڻن ڦيڻن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
هونئن ته سڄي دنيا ۾ انگريزي دوائون ۽ سُيون مشھور آهن پر هر ملڪ کي ڪي پنھنجا علاج ضرور ٿين، جيڪي قديم زماني کان هلندا اچن ۽ انھن جي فائدي کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
سنڌ ملڪ ۾ به ڪي اهڙا علاج اول کان وٺي رواج ۾ آهن. جيڪي مثال طور ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
وڏي کنگهه لاءِ، ناريل جو تيل مفيد آهي.
هرٻو کائڻ سان کنگهه، دم ۽ ساهه جي مرض ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
اخروٽ، بد هضمي ختم ڪندو آهي ۽ سگهه بخشيندو آهي.
بخار باهه آهي، آڳ کي پاڻيءَ سان اجهائجي.
گجرن جي رس، کير ۾ ملائي پيئڻ سان ڪمزوري ختم ٿي وڃي ٿي.
صبح جو پاڻي پيئڻ سان، قبضي نه ٿي ٿئي.
ٽماٽا کائڻ سان بک لڳندي آهي ۽ ماني جلد هضم ٿيندي آهي.
ماکيءَ جي مک ڏنگي ته ڪافور هڻڻ سان سور ختم ٿي ويندو.
اهڙيءَ طرح ڪي اهڙا به ٽوٽڪا/ ٽوڻا آهن، جيڪي چوڻيءَ/ پھاڪي جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. تن منجھان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
5.1 اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ. (سنڌ، چوڻي)
اک اٿي پوي يا جسم تي زخم رسي ته ٻنھي کي دوا مکڻ کانپوءِ پٽيءَ سان ٻڌجي. پٽي ٻڌڻ سان ٻنھي کي موسمي اثرات کان بچائي سگهجي ٿو. ان بعد ئي، مٿن علاج اثر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ليس ۽ بخار به پيٽ جي خرابيءَ سبب ٿيندا آهن. کائڻ بند ڪرڻ سان، پيٽ ۾ ڦاٿل کاڌو، جنھن جي فساد سبب بخار/ تپ/ ليس ٿيو آهي، آهستي آهستي هضم/ خارج ٿي ويندو آهي. جنھن کانپوءِ بيمار تي دوا اثر ڪرڻ شروع ڪندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بنا دوا جي، فقط بک تي، بيمار صحتياب ٿي ويندو آهي. حديث پاڪ ۾ آيل آهي ته مريض کي کاڌي کائڻ لاءِ زور نه ڀرجي ڇو جو اللھ تعاليٰ کيس رزق کارائي ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو مريض ڪنھن شيءِ کائڻ لاءِ وڏي اشتھا ڏيکاري ته اها کيس کائڻ ڏجي. ڇو جو اهو ئي سندس علاج آهي. يا هيئن سمجهجي ته انھيءَ شيءِ جي نه ملڻ ڪري، اهو ماڻھو بيمار ٿيو آهي.
مطلب:
ڪي بيماريون احتياط ڪرڻ سان به ڇڏي وينديون آھن.
اٿيل اک ۽ رسندڙ ڦٽ، ٻڌڻ سان ڇٽندا آهن. ليس ۽ بخار، بک ڪاٽڻ سان لھندا آهن.
5.2 الله ڪو به مرض نه ٿو موڪلي، جنھن لاءِ شفا، دوا نه ٿو موڪلي (حديث)
بيماري لڳي ته مايوس نه ٿجي. ڇو جو بيماري به حڪمت کان خالي نه هوندي آهي. ان ۾ به انسانن لاءِ جسماني، روحاني، معاشرتي ڀلائي مضمر هوندي آهي. جھڙيءَ طرح تپ لاءِ چيل آهي ته دوزخ جي باهه جو درمان آهي ۽ ليس لاءِ چيل آهي ته ان جو ٽن ڏينھن تائين علاج نه ڪيو. جيڪڏهن ڪبو ته لاعلاج مرض وچڙندا. مطلب ته ليس ٿيڻ سان، لاعلاج مرض ٽريو وڃي. اڄ جيڪي به ماڻھو وڏن موذي مرضن ۾ مبتلا آهن، اهي گهڻو ڪري ليس کي ٽن ڏينھن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش سبب وچڙيل آهن. اهڙيءَ طرح پيشاب روڪڻ يا ڪاڪوس جهلڻ وغيره سان به جسم تي خراب اثر پون ٿا.
مطلب:
هر مرض لاءِ، خدا تعالى علاج خلقيو آهي.
5.3 جن کي سور ٿيندا، سي ئي داين جا ڏس پڇائيندا. (سنڌ، پھاڪو)
علاج لاءِ اهو ڦٿڪندو، جنھن کي تڪليف هوندي. جھڙي قسم جي تڪليف هوندس، اهڙي قسم جي ماهر معالج ڏانھن ڀڄندو. جسماني بيماري هوندس ته ڊاڪٽرن/ طبيبن ڏانھن ڀڄندو. روحاني مرض وڪوڙيل هوندس ته ڪامل مرشد/ رهبر يا شيخ ڏانھن ويندو.
مطلب:
ضرورت مند ئي ھنرمند جو ڏَسُ پڇائيندو آھي.
5.4 جھڙو مرض، تھڙو علاج. (لاڙ، پھاڪو)
هر مرض لاءِ پنھنجو مخصوص علاج آهي. هڪ مرض جي دوا، ٻئي مرض لاءِ تشخيص نه ڪبي آهي. ڪنَ جي سور لاءِ، ڏندن جي سور جي دوا نه ڏبي آهي. ٽنگ جي سور جي دوا دل جي مريض کي نه ڏجي. دل جي عارضي لاءِ، ٻانھن کي ڏنڀ نه ڏبو. البته هر مرض، بيماريءَ لاءِ مخصوص علاج آهي. پوءِ اها بيماري جسماني هجي يا روحاني. ان جو اهو ئي علاج ڪبو.
مطلب:
ڊگهو مرض، ڊگهو علاج.
جھڙو سمو، تھڙي سامگري.
جھڙو منھن، تھڙو موچڙو.
جھڙي ڪچھري، تھڙو گفتو.
ڀيٽيو؛ ۱۶.۵ هر ڪنھن بيماريءَ جو علاج ساڳيو ناهي.
5.5 جيڪڏهن ڪو مريض ئي ڪونھي ته حڪيم ڇا ڪندو؟ (سرو، پھاڪو)
حڪيم به علاج ان کي ڏيندو، جيڪو بيمار هوندو. سگهي ماڻھوءَ کي خواه مخواه ته سيون نه ٽنبيندو.
ڪنھن علائقي ۾ ڪو به مريض ناهي ته پوءِ حڪيم اتي رهي ڇا ڪندو؟ يا حڪمت جو ڌنڌو ڇڏيندو يا جوءِ مٽيندو. آخر کيس پيٽ به ته پالڻو آهي. اهڙي علائقي ۾ ڊاڪٽر جي نه هجڻ جي شڪايت ڪرڻ اجائي آهي.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۵.۳ جاتي کير، تاتي کنڊ.
5.6 جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ. (سرو، پھاڪو)
گيھ، جسماني طاقت بخشيندڙ آھي. جسم ۾ طاقت ھوندي ته محنت يا دفاع ڪري سگھبو. جيڪڏھن طاقت نه ھوندي ته دفاع نه ڪري سگھبو. پنھنجي جسم جي طاقت جتي ڪم ايندي، اتي پيءُ ماءُ به ڪم نه ايندا.
مطلب:
گيھ، طاقت بخش غذا آھي.
5.7 ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻڌا چڱا. (ساهتي، چوڻي)
وائرل انفيڪشن (Viral infection) کان بچڻ لاءِ، ڦَٽَ کي ٻڌڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ڄٽ، اڻ پڙهيي، جاهل، ظالم کي اختيارات نه ڏجن. هٿائين کيس ان کان پري رکجي ته جيئن سندس ڪُڌن ڪرتوتن کان ٻيا ماڻھو محفوظ رهن. جنھن کي اختيار استعمال ڪرڻ جي صحيح سُڌِ ناهي، تنھن کي انھيءَ کان باز رکڻ ۾ ئي حڪمت آهي.
مطلب:
ڀولڙي جي هٿ ۾ تلوار ڏيڻ ۾ ڪابه عقلمندي ناهي.
ظالم کي قيد ۾ بند ڪرڻ ۾ چڱائي آهي.
هٿُ، ڄٽُ، ڦٽُ، سَرُ ۽ سوئر پنج ئي ٻڌا چڱا.
ڀيٽيو؛ ۵.۱ اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ.
5.8 چڱي دوا، ڪڙي ٿيندي آهي. (انگريزي، پھاڪو)
مرض، بيزار ڪندڙ ٿيندو آهي. ان کي دفع ڪرڻ لاءِ ڪابه مٺي دوا نه هوندي آهي. زهر، زهر کي ختم ڪندو آهي. ان ڪري بيماريءَ کي دفع به ڪوڙي دوا ڪندي آهي. ان کان ڀڄڻ نه گهرجي. بيماريءَ سبب ٿيل بدني بيزاريءَ کان بچڻ لاءِ، وه جو ڍڪ ڀرڻو ئي پوندو آهي.
مطلب:
فائدو ڏيندڙ دوا، ڪؤڙي ٿيندي آهي.
زهر، زهر کي ختم ڪندو آهي.
لوھُ، لوھَ کي ڪٽيندو آهي.
ڀيٽيو؛ ۱۳.۱۱ ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟
5.9 ڇتي ڪتي جي دوا، ٻه ڀتر/ ڀاڙِ (سرو، پھاڪو)
ڇتي ڪتي، جيستائين چڪيو ناهي، تيستائين کيس ڀڄائڻ لاءِ ڀتر ڪافي آهن. يا جنھن ڀاڙِ تي هريل آهي، سا کيس ڏيڻ ڪافي ٿيندي. ان جي برعڪس جيڪڏهن چَڪي وڌائين ته پوءِ وڏي خفي، علاج ۾ پئجي وڃبو. بھتر آهي ته حملي کان اڳ دفاع ڪجي.
مطلب:
اولارڻ واري کي، وهائي ڪڍجي.
ڪئي جي مھماني، ٻه پير.
گدري جي چور کي ٻه لپاٽون.
ڀيٽيو؛ ۲.۳ اڳ اپاءُ وٺجي، علاج کان بچجي.
5.10 رب ٿئي راضي ته ڌوڙ چپٽيءَ مان به شفا ڏئي. (ساهتي، چوڻي)
ضروري ناهي ته هر بيماريءَ مان، لکن روپين جي دوائن کائڻ کانپوءِ ڇوٽڪارو ملي. خدا تعالى ان ڳالھ جو محتاج ناهي. سندس آڏو امر جي دير آهي. ڌوڙ کي امر ڪري ته ان مان به شفا ملي پوندي ۽ لاعلاج مرض به دفع ٿي ويندو.
هر بيماريءَ کي دفع ڪرڻ لاءِ ٽِڪو پنجو ڪجي ۽ شفا لاءِ خدا تعالى ۾ اميد رکجي.
مطلب:
اصل شفا، اللھ وٽان آھي.
5.11 سر کان پوءِ سج اڀري ته واه، نه ته ٻي جھاني. (هندي، پھاڪو)
هڪڙو شخص رات جو بيمار ٿي پيو. طبيب کيس دوا کارائڻ کانپوءِ ٻڌايو؛ “جڏهن سج اڀرندو، تڏهن ان جي سوجهري تي دوا اثر ڪندي!”
حڪيم دوا ڏئي هليو ويو. بيمار دوا کائي سج اڀرڻ جو ڏاڍو انتظار ڪيو پر مرض کيس سج اڀرڻ تائين مھلت نه ڏني ۽ راهِ عدم ڏانھن راهي ٿي ويو. جڏهن سج اڀريو ته ان جو اڀرڻ، کيس ڪم نه آيو.
مطلب:
سر کان پوءِ سج اڀري ته واه، نه ته ڇٽو.
نه عراق کان ترياق ايندو، نه نانگ ڏنگيل بچندو (فارسي)
نه نَوَ َ مڻ تيل ايندو، نه ئي راڌا نچندي (هندي)
نه ئي پرڻ ۾ پاڻي پوندو، نه وري ڌوڙ جون ڌاڻيون وٽبيون. (ساھتي)
سمو گذرڻ بعد، پئسا/ ڪپڙا/ کاڌو ڪھڙي ڪم جو.
عيد کان پوءِ ڪپڙا ڪھڙي ڪم جا.
پِٺي کانپوءِ، ڪپڙن کي ڏي باھ.
5.12 صوف صبح جو سون، منجهند جو چاندي، شام جو پتل. (سنڌ، چوڻي)
صوف کائڻ سان هاضمو درست رهي ٿو. ان لاءِ به ضروري آهي ته صبح جو نيراني کائجي. صبح جو کاڌل صوف، جلد هضم ٿيو وڃي ۽ جسم کي گهربل طاقت بخشي ٿو. منجهند جو کائڻ سان، رات تائين هضم ته جيئن تيئن ٿيو وڃي پر ايڏو فائدو نه ٿو رسي، جيترو صبح جو کائڻ سان پھچي ٿو. ان جي برعڪس شام يا رات ڌاري کاڌل صوف، نه هضم ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري منجهانئس فائدو رسي ٿو. هٿائين هاضمي جي خرابيءَ جي شڪايت رهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته کاڌو/ علاج، وقتائتو ۽ حڪيم جي ڏسيل هدايت مطابق کائجي.
مطلب:
غذا سان، صحت حاصل ٿئي ٿي. ان لاءِ به ڪي فطري اصول مقرر ڪيل آهن. مٿن عمل ڪرڻ ۾ ئي حڪمت آهي.
An apple a day, keeps a doctor away
5.13 علاج؛ دوا جو نالو وٺڻ سان نه، پر کائڻ سان آهي. (سنڌ، پھاڪو)
دوا به تڏهن اثر ڪندي، جڏهن حڪيم جي ٻڌايل هدايت مطابق، وقت ۽ وزن آهر کائجي. نالو اچارڻ سان فائدو ڪين ڏيندي. جيئن باهه جو نالو وٺڻ سان وات ڪين ٿو سڙي، پاڻيءَ جو نالو وٺڻ سان اڃ ڪين ٿي لھي ۽ کاڌي جو نالو وٺڻ سان بک ڪين ٿي لھي، تيئن دوا جو به نالو وٺڻ سان مرض نه ٿو لھي.
مطلب:
دوا جو نالو وٺڻ سان، طبيعت ڪين سڌرندي.
اَنَ پاڻيءَ جو نالو وٺڻ سان، بک ڪين لھندي.
5.14 گرمي ڇڏي جهَڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زَر ڪنگر سان. (هندي، چوڻي)
جسماني طور تي ٻن قسمن جون بيماريون لڳنديون آهن. هڪڙيون گرميءَ جي اثر ڪري ۽ ٻيون سرديءَ جي اثر ڪري. گرميءَ جي اثر وارين بيمارين جو لسيءَ جي ڪينگر/ لوٽي پيئڻ سان علاج ٿيو وڃي. جڏهن ته سيئاندي جھڙي بيماريءَ ۾ مرض کي گرم رکڻ لاءِ اوچين دوائن سان علاج ٿيندو آهي. جنھن ۾ سچا موتي وغيره پون. جيڪي مھانگا ٿين. ان لاءِ ائين چوڻ ته سردي ڇڏي زر جي ڪينگر/ لوٽي سان يعني تمام گهڻن پئسن خرچ ڪرڻ سان سردي ڇڏيندي آهي.
مطلب:
بيماري، تمام گھڻا پئسا خرچ ڪرڻ سان لھندي آھي.
5.15 ليس تپ لنگهڻ، اک ڦٽ ٻڌڻ. (سنڌ، چوڻي)
ليس ۽ تپ/ بخار ۾، کاڌو گهٽ وڻندو آهي. ان ڪري بک ڪاٽڻ به علاج آهي. اک ۽ ڦٽ ٻڌل هوندو ته هوا کان بچاءُ ٿيندو ۽ جلد ڇٽي ويندا.
مطلب:
ليس ته لنگهڻ، اک ته ٻڌڻ.
ڀيٽيو؛ اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگھڻ.
5.16 ماکي ناهي مٺاڻ، ليمون ناهي کٽاڻ. (هندي، چوڻي)
ماکيءَ جو اثر مٺي شيءِ وارو ناهي. ذيابيطس جو مريض کائي ته کيس نقصان نه پھچندو. اهڙيءَ طرح، جنھن کي کٽاڻ جي رک آهي، ان کي ليمون نقصان نه پھچائيندو. ڇو ته ليمون في نفسه، کٽاڻ ناهي.
مطلب:
ماکيءَ ۾ مٺاڻ وارو ۽ ليمي ۾ کٽاڻ وارو اثر ناھي.
5.17 هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي. (ساهتي، چوڻي)
آڳاٽي زماني ۾ هڪڙي ٻھراڙيءَ جي ٻڪرار جي ڪھاڙي، منجهند ڌارا اس ۾ پئي هئي، جنھن سبب تپي باهه ٿي وئي. جڏهن ٻڪرار اچي کيس هٿ لاتو ته ڪوسي هئڻ سبب سمجهيائين؛ ”ڪھاڙيءَ کي بخار ٿي پيو آهي.“ ڪھاڙي کڻي ڊوڙندو طبيب وٽ پھتو ۽ سھڪندي کيس چيائين؛ ”طبيب! ڪھاڙيءَ کي تپ ٿي پيو آهي، ان جو علاج ڏي!“
طبيب کيس چرٻٽ سمجهي، ڪھاڙي سندس سامھون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٿڌي ڪئي ۽ کيس واپس ڏيندي چيائين؛ ”هاڻي تپ لھي ويو اٿس! کڻي وڃ!“
ٻڪرار کي بخار جي علاج جي خبر پئجي چڪي هئي.
هڪ ڏينھن سندس ڪراڙي ماءُ کي بخاري ٿي پيو. دل ۾ چيائين؛ “امڙ کي اجايو حڪيم ڏي رلائڻ مان بھتر آهي ته ڪھاڙيءَ جي علاج وانگر سندس علاج ڪري ڇڏيان.”
اهو سوچي ماءُ کي سيني وٽ رسو ٻڌي وڃي کوهه ۾ لاٿائين. ماڻس ڪراڙي هئي سا پھرئين ئي گهوتي ۾ هلي پئي. جڏهن موت سبب ماڻهس جو وات ڦاٽي ويو ۽ ڏند ٻاهر نڪري آيس ته پٽ خوش ٿيڻ لڳو ۽ ماءُ کي مٿان ئي چوڻ لڳو؛ “ڏس بخار لھي ويئي، تڏهن ته کلين ٿي.”
جڏهن کوهه کان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائينس ته ماڻس مري چڪي هئي. پر هاڻي هانءَ-ڦاٽيون دانھون ماڻس جي ڪنھن ڪم جون ئي نه هيون.
مطلب:
سور اک ۾، ڦوڪ پئي اچي ڪن کي.